سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون مئي-جون 2026ع

باب:

صفحو:3 

زاهده ابڙو

عورتن جي قيادت ذريعي، مستقبل جي تعمير

 

 

2026ع جي ورلڊ بينڪ جي انگن اکرن مطابق، هن وقت دنيا جي ڪل آباديءَ ۾ عورتن جو حصو لڳ ڀڳ 49.7 سيڪڙو آهي، پر ان هوندي به عورتون اڃان تائين، پنھنجو پاڻ کي مڪمل طور تي سماجي، سياسي ۽ معاشي طور آزاد نه ڪري سگهيون آهن. جنھن جو سبب اهو آهي ته صدين تائين عورت کي پابندين هيٺ رکيو ويو، عورت آزادي ڏيڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي مقصد کان ڪڏهن روڪيو ويو ته ڪڏهن ڪڏهن  ٿو ڪيو ويو. ٻين مسئلن سان گڏوگڏ، پاڪستان ۾ هن وقت، 2 ڪروڙ 60 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، جنھن ۾ تقريباً هڪ ڪروڙ  40 لک ڇوڪريون آهن، ته پوءِ عورت اڳتي ڪيئن وڌي سگهندي! پر هاڻي وقت اچي ويو آهي، جو دنيا کي اهو احساس ٿيو آهي ته عورت کي نه صرف آزادي ڏيڻ جي ضرورت آهي، بلڪه مستقبل جي تعمير، عورت جي هٿن ۾ هجڻ گهرجي ۽ عورت کي برابري واري دنيا ڏانھن سفر طي ڪرڻ لاءِ هڪ رهبر طور بيھارڻ جي گهرج آهي.

اهوئي سبب آهي جو گڏيل قومن جي اداري 2026ع لاءِ عورتن جي ڏينھن جو موضوع ”عورتن جي قيادت ذريعي، مستقبل جي تعمير: هڪ برابريءَ واري دنيا ڏانھن سفر“ رکيو آهي، جنھن ۾ عورت کي سماج جي هر فورم تي آزاد، خود مختيار ۽ تعليم يافته ڪري، ان کي قيادت ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عورت کي اها آزادي هڪدم نٿي ملي سگهي. ان آزاديءَ جي حصول ۽ ان ڪردار کي ادا ڪرڻ لاءِ اڃان عورتن کي هڪ طويل سفر طي ڪرڻو آهي.

عورت جي اندر ڪيترائي گڻ موجود آهن، جن ۾ هڪ گڻ صبر ۽ ٻيو هڪ ئي وقت ڪيترن ئي ڪمن جو گڏجي ڪرڻ جي صلاحيت آهي، جيڪا خوبي مرد ۾ گهٽ نظر ايندي آهي.

هن ڏينھن جي شروعات 1908ع-1909ع نيويارڪ ۾ 15 هزار عورتن جي پنھنجي حقن جي احتجاج سان ٿي. جيڪا پوءِ اڳتي هلي 1917ع جي انقلاب دوران، عورتن جيBread and Peace جي نعري تي ختم ٿي ۽ اتان کان 8 مارچ جو بنياد پيو.

عورتن لاءِ هي ڏينھن، تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. ڇو ته هن ڏينھن تي سڄي دنيا جي عورتن جو گڏيل آواز، هڪ ئي ڏينھن تي بلند ٿئي ٿو، جنھن کي ڪابه رياست، ڪوبه طاقتور طبقو نظر انداز نٿو ڪري سگهي. هي ڏينھن، عورت جي عزم ۽ حوصلي، شعور ۽ بيداري جي ورجاءُ جو هڪ ننڍڙو ڪورس هوندو آهي. ان ڏينھن تي اسان جي نوجوان نسل جي نارين کي سکيا به ملندي آهي ته اهي ڪمزور نه بلڪه مضبوط آهن. وقت سان گڏ، عورت، اهو سکڻ ۾ ڪامياب ٿيندي پئي وڃي ته سندس خوبصورتي ظاهري يا جسماني ڏيک نه بلڪه سندس فطرتي حُسن آهي، جيڪو قدرت کيس تخليقي صلاحيتن ۽ ممتا جي صورت ۾ عطا ڪيو آهي. عورت جي اندر اهي ٻئي خوبيون پيدائشي طور تي موجود هونديون آهن. ممتا جو مطلب هرگز اهو ناهي ته هوءَ صرف ماءُ بڻجي ممتا جو اظھار ڪري ٿي. عورت جي اندر جيڪا محبت ڇوليون هڻي ٿي، جيڪا کيس نرمي عطا ڪري ٿي، اها محبت جڏهن رشتن ۾ تبديل ٿئي ٿي، ته پوءِ ان کي مختلف نالا ڏنا وڃن ٿا، پر حقيقت ۾ اها ممتا آهي، جيڪا عورت کي سندس حُسن جو جوهر عطا ڪري ٿي.

عورت جو حقيقي حسن، سندس سچائي، فڪري صلاحيتون ۽ ممتا آهن، جيڪي کيس مرد کان جدا ڏيکارين ٿيون ۽ کيس ڪائنات ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور هستي بڻائين ٿيون. عورت پنھنجين انهن ٻن صلاحيتن جي بنياد تي دنيا جي اڳواڻي ڪري امن قائم ڪري سگهي ٿي. فطرت، جنھن دنيا کي سونهن ڏئي پيدا ڪيو، مردن جي لالچ ۽ مادا پرستي، هن دنيا کي تباهيءَ جي ڪناري تي پھچائي ڇڏيو آهي، جيڪا اڄ اسان جنگ جي صورت ۾ ڀوڳي رهيا آهيون.

هاڻي ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته رهبري عورت جي هٿ ۾ ڏني وڃي ته جيئن عورت پنھنجي تخليقي صلاحيتن ۽ ممتا جي احساسن سان جتي جتي بيٺل آهي، پنھنجون صلاحيتون استعمال ڪري، رهبري ڪري سگهي ۽ دنيا کي ان سفر ڏانهن وٺي وڃي، جتي دنيا ۾ رهندڙ هي ٻئي صنفون برابريءَ سان اڳتي وڌي سگهن، پر ان ڳالھه جو به شڪ آهي ته عورت کي وقت سان گڏوگڏ، ڪرپٽ ڪري سگهجي ٿو. مٿس مفاد پرستيءَ جو اثر غالب اچي سگهي ٿو. کيس پنھنجي فطرت ۽ پنھنجي ممتا واري حسن کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي. ان لاءِ ضروري آهي ته عورتون، هر سال، اهو وچن دهرائين ته هو پنھنجي فطري سونهن، جنھن ۾ تخليقيت به آهي ته ممتا به، ان کي ڪڏهن به وڃائڻ نه ڏينديون ۽ پنھنجي انهيءَ طاقت سان، هن دنيا کي اها خوبصورتي ۽ فطري سونھن عطا ڪنديون، جنھن سان هڪ خوبصورت دنيا تعمير ٿي سگهي.

اهوئي سبب آهي جو گڏيل قومن جي اداري، هن سال هڪ اهڙو موضوع چونڊيو آهي، جنھن سان عورت کي اها ذميداري ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته هوءَ اڳتي وڌي، دنيا جون واڳون سنڀالي ۽ اها ذميداري عورت صرف پنھنجي خوبصورت صلاحيتن سان ئي سنڀالي سگهي ٿي. ان لاءِ کيس تعليم جي ضرورت سڀ کان وڌيڪ آهي. اهڙي وقت ۾ رياست پاڪستان ۽ سڀني صوبائي حڪومتن جي ذميداري آهي ته اهي عورتن جي تعليم جي باري ۾ سنجيده رويو اختيار ڪن ته جيئن عورت، تعليم ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي زيور سان گڏوگڏ، پنھنجي فطرتي حسن جو به ڀرپور اظھار ڪري سگهي.

 

ماروي سنڌو

 

جديد سنڌي شاعريءَ ۾ مرد ۽ عورت جي

ٻوليءَ جو نفسياتي جائزو

 

انساني سماج کي جڙڻ ۾ ڪيترائي مرحلا پار ڪرڻا پيا آهن. سڀ کان پھرين انسان، جانورن وانگر غارن ۽ جھنگلن ۾ رھندا ھئا، ڳالھائي نه سگھندا ھئا، پر اشارن ذريعي يا نشانين ذريعي، پٿرن تي شڪليون ٺاھي اظھار ڪندا هئا. پر وقت جي تقاضا سان جڏهن، ھنن کي سمجهه ۽ شعور آيو ته ھڪٻئي سان ڳالھائڻ جي ضرورت محسوس ڪيائون. روزمره جي زندگيءَ ۾ گذرندڙ فطري لقائن ۽ واقعن مان ھنن ڳالھائڻ سکيو. ھڪٻئي سان گڏجي رھڻ لڳا ۽ رابطو شروع ڪيائون. اتائين ٻولي جنم ورتو.

ٻولي، انساني سماج ۾ فرد ۽ قوم جي سوچ ويچار جو وسيلو ۽ باھمي رابطي جو ذريعو آهي. ٻولي، فطرت جي طرفان، انسان لاءِ انمول سوکڙي آهي، جيڪا نه صرف ھر قوم جي ثقافت جو اھم جزو آهي، بلڪه انسان جي تخليقي آبياريءَ جو اھم وسيلو به آھي. انھي ٻوليءَ کي ڳالھائڻ لاءِ سماج جو ھجڻ لازمي آھي. ٻولي سماج سان ۽ ماڻھن سان وابسته ھوندي آھي. سماج جي اندر مختلف مخلوق سان گڏ ٻه مختلف جنسون مرد ۽ عورت رهن ٿا، جنھن جا ڪم ڪار، نفسيات ۽ سماجي رويا الڳ ٿلڳ آھن. ائين چئجي ته سماج، انھن کي ذميواريون به ورھائي ڏنيون آهن. تنھنڪري انھن جي نفسيات ۽ رويا ھڪٻئي کان جدا آھن، جنھن جو فرق، ھنن جي ڳالھائڻ ۽ اظھار ٿيل ٻوليءَ مان ئي لڳائي سگھجي ٿو. اھو سڄو معاملو، علم لسانيات سان وابسته آهي.

 

        جديد طرز فڪر سان ٻوليءَ جو سائنسي طريقي سان مطالعو ڪيو ويندو آهي، جنھن کي لسانيات چئبو آهي. جنھن ۾ ھر ٻوليءَ جي ڍانچو، آوازن، لفظن، جملن جي جوڙجڪ الڳ ھوندي آھي. جنھن کي اسان، ان سماج جي ثقافت، تھذيب ۽ تاريخي طور الڳ الڳ شاخن ۾ ورھائي، ان ٻوليءَ جي صنفي فرق ۽ نفسيات کان واقف ٿيندا آھيون.

سماجي لسانيات، اھو علم آھي، جيڪو سماج ۽ ٻوليءَ جي تعلق جو مطالعو ڪندو آهي. ڇاڪاڻ ته ٻولي، انسان جي نفسياتي، جذباتي ۽ سماجي سڃاڻپ جو سڀ کان اھم اوزار آهي.

جديد سنڌي شاعريءَ جو زمانو فڪري، سماجي ۽ نفسياتي تبديلين جو زمانو سمجهيو وڃي ٿو. ھن دؤر ۾ مرد ۽ عورت شاعري ذريعي، پنھنجي احساسن، تجربن، ۽ مشاھدن کي ٻوليءَ جي مختلف اندازن ۾ پيش ڪيو آھي.  ڇو ته ٻولي رڳو اظھار جو ذريعو نه، پر نفسياتي سڃاڻپ، سماجي ڪردار ۽ ذاتي تجربن جو آئينو به آهي. سنڌي سماج اندر مرد ۽ عورت جو سماجي ڪردار ۽ نفسياتي دٻاءَ مختلف آھن. تنھنڪري مون، ھن موضوع تي تحقيق ڪرڻ لازمي سمجھيو ۽ پنھنجي استاد سر ڊاڪٽر ڦلو سندر مينگهواڙ جي رھنمائي سان، ھن تحقيق کي پايئه تڪميل تائين پھچايو.

ھن تحقيق جو موضوع، اڻ ڇُھيو ھو. خاص ڪري سنڌي ٻولي اندر مون کي گهڻيون ڏکيايون پيش آيون، مواد گڏ ڪرڻ ۽ حوالا کڻڻ ۾ انگريزي ٻولي ۽ انگريزي ٻوليءَ جي مقالن ڏانھن واجهائڻو پيو.

انڪري تحقيق گهڻ پاسائتي ٿي وئي، جنھن ۾ لسانيات، جيڪو پنھنجو پاڻ ھڪ خشڪ موضوع آهي ۽ ان ۾ وري نفسيات به شامل ٿئي ته گهڻي ذھني ولوڙ ڪرڻي پوي ٿي.

مون پنھنجي تحقيقي مقالي کي پنجن بابن ۾ ورهايو آهي. جنھن جو پھريون باب تحقيق جو طريقيڪار ٻيو باب سماجي لسانيات جو پسمنظر، جنھن ۾ سماجي لسانيات جي وصف، عنصر، ٻولي ۽ سماج، وسعت ۽ ڪارج وغيره اچي وڃن ٿا. باب ٽيون ۾ ادب ۾ جنس جي اظھار جو نفسياتي جائزو کي ٿلھي ليکي بيان ڪيو ويو آهي. چوٿون باب جديد سنڌي شاعريءَ ۾ مرد ۽ عورت جي ٻوليءَ جو نفسياتي جائزو، جيڪو تحقيقي مقالي جو مُک باب آھي. جنھن ۾ ٽن شاعرن: اسحاق سميجو، ادل سومرو، ايوب کوسو، ۽ ٽن شاعرائن: مريم مجيدي ، گلشن لغاري، روبينا ابڙو جي شاعريءَ جي ٻوليءَ جو نفسياتي جائزو ورتو ويو آهي ۽ آخري پنجين باب ۾ تحقيق جو نتيجو ۽ ببلوگرافي ڏني وئي آهي.

ھن تحقيق ڪرڻ دوران، مون تمام گهڻو ڪجهه سکيو. ٻولي ھجي يا لسانيات، نفسيات ۽ جديد سنڌي شاعريءَ ۾ مختلف نظرين کان پڻ واقف ٿيس.

مان اڳتي تحقيق ڪرڻ وارن کي ايتري صلاح ضرور ڏينديس ته پنھنجي تحقيقي موضوع جو دائرو ھميشه محدود (narrow) ٺاھيو ته جيئن پنھنجي تحقيق سان پورو ايمانداري سان نڀاءُ به ڪري سگھو. جيڪي موضوع اڻ ڇھيا ھجن، انھن تي تحقيق ڪري ٻين لاءِ وڌيڪ تحقيق جا رستا هموار ڪيو ته ھو اهڙن موضوعن تي سوچن.

اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۽ لسانيات تي تحقيق ڪرڻ کان گھڻو لنوايو ويندو آهي. سو ائين نه ڪيو، اھي ئي موضوع، توھان کي گھڻو ڪجهه سيکاريندا ۽ توھان جي تحقيق، پنھنجي ماءُ ٻوليءَ جي ترقي ۽ ترويج ۾ حصيدار پڻ سمجهي ويندي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4   
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org