شھناز
راهو
آخري نياپو
جنوري جي
(سرد
موسم
دل تي
ڇانئجي وڃي ٿي)
سترھين سانجھي
دل تي
اداسي جو تڏو
وڇائي ٿي
نياپو اچي ٿو
شھناز
پٽ
!
تنھنجي بابا گهرايو آهي
ڳوٺ هلو
آڏو ماما عظيم جون
جھڪيل نگاهون
خير ته آھي نه!
ڳلو گھٽيندي
وسوسن پڇيو۔
طبيعت ٺيڪ نه
آهيس
(ڀوري
هيس ڪيڏي
نه سمجھيم
نياپو وڇوڙي جو
)
ڇا ٿيو آهي بابا کي
ڪراچي ڇو نه
ويو
(ڊاڪٽر
کي ڏيکارڻ)
ڪيڏي هيس اڻ ڄاڻ
نه
سمجهيم
نياپو ناھ جو
هي وڇوڙي جو نياپو
)
ڪراچي به
ويندو پر
اوهان کي گهرايو آ
ڀوري هيس ڀلياڻ
نه
ڄاتم سڏ
وڇوڙي واٽ جو
رستا ها سارا ويران
شھر
سارا سنسان
اڻ ڄاڻ اندر ۾
ھو گهڻو پري
تصور جي
انتھائن
کان اڳتي
درد جو آڙاھه
دکيل ڪوئي
قھر
لٿو هو
راهوڪي تي
ساهه
ها ساڻا
۽ انبوھه
ويڳاڻا
اوڇنگارن الا ڇڏيا ٿي
رات تتي هئي
روئي رني هئي
ڀريل وجود پانھنجو
ميڙي ڪيئن الائي
(جڏھن
راهوڪي ۾ ماڻهن جا انبوهه
ڏٺم ڪجهه سمجھه نه آيو)
پهتيس جتي
بابا منهنجو
نياپو آخري موڪلي
ابدي سمهي پيو هو
ڪري پيس مان
سندءِ
سيني مٿان
ريٽي چنڊ مک
چانڊوڪي مٿان
هٿن پيرن ڇهاءُ
۽ ڳاڙھو اهو گھاءُ
تازو آ اڄ ڀي
بابا جو آخري
نياپو آيو آ
اڄ ڀي....!

امداد
سروري
تو آ ڪٺي نياڻي
تو آ ڪُٺي نياڻي،
آهي اکين ۾ پاڻي،
ڪيڏي نه هئي ساڻي،
جنھن زندگي نه ماڻي،
وڏو انقلاب ايندو،
توسان حساب ٿيندو.
ڇو خون ٿو لڪائين،
شيطان ڪيڏو آهين،
نياڻين کي ٿو ستائين،
انسان تون به ناهين،
توتي عذاب ايندو،
توسان حساب ٿيندو.
اڃا قلم مس کنيائين،
منزل پنھنجي ڏٺائين،
ڪيڏي خوشي ڪيائين،
ٿي چاهه مان چيائين،
هٿ ۾ ڪتاب هوندو،
توسان حساب ٿيندو.
ڪاغذ قلم هٿن ۾،
رڳو مرڪ هئي لبن ۾،
ڇا ڇا نه هو ذهن ۾،
گولي لڳي بدن ۾،
ڪو ان جو جواب ڏيندو،
توسان حساب ٿيندو.
پاڙي ۾ خون ٿيو آ،
ڪنھن کي خبر نه پئي آ،
هيءَ ڳالھه اتي هُلي آ،
هن خودڪشي ڪئي آ،
ڪونه ڪامياب ٿيندو،
توسان حساب ٿيندو.
در ۾ امڙ نھاري،
ان کي جدائي ماري،
انصاف لاءِ پڪاري،
سا ڌيءَ کي پئي ساري،
اکين مان آب ايندو،
توسان حساب ٿيندو.
”امداد“ ڇا لکان مان،
خيالن ۾ گم ٿيان مان،
ظالم کي ڇا چوان مان،
ڪيڏا ظلم ڏسان مان،
اڳتي جواب ڏيندو،
توسان حساب ٿيندو.
(نورين مھر ٽيچر جي قتل تي لکيل)


جيمس
ڪليئر/فضا قريشي
سچو پچو مڙس ماڻھو
جيڪڏهن
انوقت جڏهن تنھنجي چوڌاري
سڀ ماڻھو، پنھنجا حواس وڃائي ويھي رهن
۽ سڄو ڏوهه توتي مڙهين
تون پنھنجا هوش حواس سلامت رکين.
جيڪڏهن
انوقت جڏهن
سڀ ماڻھو، توتي ڀروسو نه ڪن
تڏهن تون پنھنجو پاڻ تي ڀروسو قائم رکين
۽ سندن شڪن شبھن لاءِ کين ڏوهه نه ڏئين.
جيڪڏهن
تون انتظار ڪري سگهين
۽ انتظار ڪندي ڪندي ٿڪجي نه پوين
ڪوڙيون ڳالھيون ٻڌي ٻڌي،
تون پاڻ به ڪوڙن هڻڻ ۾ نه پئجي وڃين.
جيڪڏهن
نفرت نه ڪرڻ لڳين
۽ ان چڱيءَ سوچ سبب
پاڻ کي اجايو نيڪ نه سمجهڻ لڳين،
اهڙيون ڳالھيون نه ڪرڻ لڳين
جن مان ڏاهپ جو ڪوڙو ڏيکاءُ نظر اچي
جيڪڏهن تون خواب لھي سگهين
۽ خوابن کي پاڻ تي سوار نه ڪري ڇڏين.
جيڪڏهن
تون سوچي سگهين
۽ رڳو سوچيندي ئي رهڻ کي
پنھنجو مقصد نه بڻائي ڇڏين.
جيڪڏهن
تون سوڀ توڙي شڪست سان ملين
۽ ٻنھي ٻھروپين سان هڪجهڙي هلت هلين.
جيڪڏهن
تون اها ڳالھه برداشت ڪري سگهين
ته تو جيڪو سچ ڳالھايو آهي،
تنھن بدمعاش ماڻھو ٽوڙي مروڙي
ان مان احمق کي برغلائڻ لاءِ
ڪوڙڪي بڻائي ڇڏين.
جيڪڏهن
تنھنجي ڏسندي ڏسندي
اهي سموريون شيون ۽ ڳالھيون
جن کي ٺاهڻ ۽ بڻائڻ لاءِ
تو پنھنجي سموري زندگي ڏني آهي،
سي سڀ ڀڄي ڀور ڀور ٿي پون
۽ تون هيٺ جهڪي، پنھنجي گٺل ۽ پيٺل
اوزارن سان انھن کي وري اڏي وجهين.
جيڪڏهن
تو زندگيءَ راند ۾ هيستائين
جيڪي به ڪجهه کٽيو آهي،
ان سموري کٽئي کي گڏي سڏي
ان کي هڪڙي داءَ تي لڳائي ڇڏين
۽ هارائي وجهين!
۽ وري الف کان وٺي نئين سري سان راند شروع ڪرين
۽ ڪنھن سان به پنھنجي ان نقصان بابت
ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍين.
جيڪڏهن
تون پنھنجي دل کي، پنھنجي اعصابن کي
۽ پنھنجي بدن جي مشڪن کي
مجبور ڪرين ته اهي جڏهن صفا
ختم ٿي ويا هجن
۽ جڏهن تو ۾ سواءِ مضبوط ارادي جي
جيڪو توکي پيو چوي ته:
”متان هٿ ڪڍين!“
تو وٽ رتيءَ جيتري به پھچ نه رهي هجي
تڏهن
جيڪڏهن
تنھنجو چيو مڃي، تنھنجي دل، تنھنجا اعصاب
۽ تنھنجون مشڪون
جنھن شيءِ کي مضبوطيءَ سان جهلڻو آهي
تنھن مان هٿ نه ڪڍين
۽ ان کي چھٽا پيا هجن.
جيڪڏهن
تون جڏهن ماڻھن جي ميڙاڪن سان ڳالھائين
تڏهن پنھنجون شرافتون برقرار رکين.
جيڪڏهن
تون بادشاهن سان هٿ ۾ هٿ ڏيئي گهمين
۽ مسڪينن سان ياري قائم رکي سگهين.
جيڪڏهن
توکي نه دشمن،
نه پيار ڪندڙ دوست
ڪو دلي صدمو ڏيئي سگهن،
جيڪڏهن
هڪڙي بخش نه ڪندڙ منٽ
۾ ڊوڙ پائي
تون ان ۾ سٺ سيڪنڊن جي ملھه جيترو
فاصلو طي ڪري سگهين
ان منٽ کي سئو سيڪڙو سجايو ڪري سگهين
ته پوءِ هيءَ ڌرتي تنھنجي آهي
۽ ان ۾ جيڪي ڪجهه آهي، سو تنھنجو آهي.....
***

طارق
امام جوڻيجو
غزل
ڪيئن پيار مِڙي ڪو گلشن ۾،
گلُ ڪيئن ٽِڙي ڪو گلشن ۾.
هر باغ ٿا ڀيلن خود مالھي،
ڪٿِ غير گهڙي ٿو گلشن ۾.
هر وقت کُليل درَ دل آهن،
پوءِ ڇونه گهڙي ڪو گلشن ۾.
مالھيءَ کان چمن هي خالي آ،
ڪيئن گل کڙي ڪو گلشن ۾.
ٿو وس ڪجي سڀ راضي رهن،
”طارق“ نه چڙي ڪو گلشن ۾.

 |