سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون فيبروي-مارچ-اپريل 2025ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: گلبدن جاويد مرزا

 

 

سوچ ويچار

 

 

 

 

 

پروفيسر رشيده ڀٽي

 

زيتون ۽ صحت

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ڇا توهان پنھنجي جسماني صحت ۽ جسم جي اندروني عضون کي چاق و چوبند رکڻ لاءِ زيتون/ يا اُن جي پنن منجهان ڪو فائدو حاصل ڪيو آهي؟ اچو ته اڄ اسان زيتون جي پنن (Guava Leaves) جي چانھه جا صحت کي قائم رکڻ لاءِ فائدا بيان ڪيون.

زيتون جي پنن کي صاف پاڻيءَ سان ڌوئي ڪري پنن کي اوٻاري قھوه وانگر، ڇاڻي نيم گرم، پيئڻ سان پيٽ جي ڪيترين ئي عارضي تڪليفن کان جند آجي ٿي سگهي ٿي. زيتون جي پنن جي قھوه منجهه، هڪ اهڙي ته خاص خوشبو پيدا ٿئي ٿي، جنھن سان انسان جي موڊ تي نھايت خوشگوار اثر پوي ٿو. پنن جي خوشبو يعني ته (delightful Aromatic) اثر جي ڪري، نھايت خوشبودار بيوريج طور اداس چھري تي تازگي پيدا ڪري ٿو. جنھن کي اسان عام طور تي بيڪار زيتون جا پن سمجهي ضايع ڪري ڇڏيندا آهيون، سي نھايت ئي پراثر، خوشگوار، تازگي بخشيندڙ، صحت لاءِ نھايت ئي معجزانه فائده ڏيندڙ ثابت ٿيندا آهن. اچو ته اڄ انھن فائدن منجهان ڪجهه اسان به پڙهون ۽ عمل ڪري ڏسون. هنن پنن يعني (Guava Leaves) منجهه روايتي طور ٺھندڙ، جڙي ٻوٽين جي منجهان، جيڪي گهريلو طور تي هلڪيون ڦلڪيون، ڦڪيون، دوائون ۽ قھوه وغيره ٺاهجي ٿو، اُهو پيٽ جي ڪيترين ئي عام رواجي تڪليفن کي دور ڪرڻ لاءِ نھايت مفيد ثابت ٿئي ٿو. پيٽ جي عام بيمارين مثال طور: قبض (Constipation) ختم ڪرڻ، يعني نظام هضم لاءِ بھترين آهي. سڀ کان پھريان اسان زيتون جي پنن کي اُس ۾ سڪائي، خشڪ ڪري، قھوه جي طور تي استعمال ڪرڻ جا فائده بيان ڪنداسين. هن قھوه (Guava leaf tea) کي روزمره جي زندگيءَ ۾ شامل رکڻ سان، اسان پيٽ جي ڪيترين ئي بيمارين کان پاڻ کي بچائي سگهون ٿا.

 

(1) قدرتي طور نظامِ هضم کي فائدو پھچائيندڙ زيتون جا پن، نھايت ئي گهڻي وافر مقدار ۾ فائبر سان لبالب ڀريل هوندا آهن. (They are filled with high levels of ditary fiber),

زيتون جي پنن کي استعمال ڪرڻ سان، اسان جي وڏي آنڊي ۽ ننڍي آنڊي جو نظام دُرست رهي ٿو، جنھن جي ڪري ضروري حاجت جا ٽائيم سيٽ رهن ٿا ۽ قبض جي شڪايت بلڪل ختم ٿي وڃي ٿي. (Leaves, helps to regulate bowel movements and Prevent constipation)

زيتون جي پنن اندر، اينٽي بيڪٽيريا جي موجودگي پڻ کاڌي جي ناليءَ اندر موجود بيڪٽيريا کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ٿين ٿا. جنھن جي ڪري کاڌي جي ناليءَ اندر موجود اِنفيڪيشن تي پڻ سڌوسنئون اثرانداز ٿي ڪري، اُن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا.

(leaves can help combat bacteria in the gut, reducing the risk of gastrointestestinal infectios).

طاقتور ۽ صحتمند، هاضمي جي سرشتي کي قائم دائم رکڻ لاءِ زيتون جي پنن جي چانھه جو هڪ ڪوپ به هڪ وڏي نعمت آهي، کاڌي کائڻ کان پوءِ هڪ ڪوپ قھوه جو، اسان جي معدي کي صاف سٿرو ۽ طاقتور بڻائي، آنڊن جي نشوونما کي بھتر بڻائي ٿو ۽ اُن جا مثبت اثرات، نظامِ هضم يعني ته (Digestive Health) کي تقويت بخشين ٿا. زيتون جي پنن جا ٻيا به ڪيترائي فائدا آهن، جيڪي هن ريت آهن:

 

(1) ڪوليسٽرول ليول کي گهٽائن ٿا.

(2) وزن کي گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا.

(3) ڊائريا، دستن جي علاج ۾ مدد ڪن ٿا، ڇو ته پنن اندر موجود ٽينن (Tannin) ۽ ٻيا ضروري تيل، جيڪي منجهن موجود هوندا آهن، سي بيڪٽيريا جي واڌ کي گهٽائي، دست روڪڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

(4) زيتون جا پن، معجزاتي طور پاڻ ۾ اهڙيون خصوصيات رکن ٿا، جن جي ڪري ڊاءِ بٽيز ٽائيپ ٽو (Dibetes type two) تي سڌو سنئون اثرانداز ٿي ڪري، فائدو پھچائين ٿا، ڇو ته هنن پنن اندر (ڪيٿيسن) جي موجودگي، رت اندر گلوڪوز جي ليول کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي. ڪيٿيسن جي موجودگي جي ڪري، زيتون جا پن هائيپوگلاسِمڪ تاثير رکن ٿا.

(5) هڏن/ جوڙن/ سنڌن جي سور ۾ پڻ فائدو پھچائين ٿا، هنن پنن جي اندر موجود (ڪيورسيٽن) هڏن اندر موجود تڪليف ۽ سور کي گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. ڪيورسيٽن جي موجودگيءَ جي ڪري، هڏن جي سور/ سَنڌن جي سور ۾ ڪمي واقع ٿئي ٿي ۽ انفڪيشن کي پڻ گهٽائڻ ۾ مددگار ٿين ٿا.

(6) ڪينسر جي بيماري ۾ پڻ بچاءُ ڪن ٿا. هنن پنن جي اندر موجود اينٽي آڪسيڊنٽ جيئن ته ڪيورسيٽن، لائيڪوپين ۽ وٽامن سي (C) جيڪي تمام گهڻي مقدار ۾ زيتون جي پنن اندر موجود هوندا آهن، سي ايپوٽوسس کي وڌائڻ ۾ حصو وٺن ٿا.

(7) ڏندن جي سور گهٽائڻ ۾ پڻ بيحد فائدو ڏين ٿا.

(8) اکين جي نظر کي وڌائڻ ۾ مددگار ٿين ٿا.

(9) وڌندڙ عمر سان، چمڙيءَ کي تازو توانو رکڻ ۾ مدد ڏين ٿا.

(10) اِميونٽي پاور کي وڌائن ٿا.

(11) هاضمي جي سرشتي کي بھتر بڻائڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

(12) دل کي مضبوط بڻائڻ ۾ حصو وٺن ٿا.

(13) وزن گهٽائڻ ۾ ڀرپور حصو وٺن ٿا.

(14) چمڙيءَ جي گهنجن کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

(15) ڪوليسٽرول ليول کي ڪنٽرول ڪن ٿا ۽ اُن کي گهٽائڻ ۾ پڻ مدد ڪن ٿا.

زيتون جي پنن جي قھوه/چانھه جا بيشمار فائدا آهن، جن جو ترتيبوار بيان هيٺ ڏجي ٿو:

(1)نظام هضم، يعني ته هاضمي جي سرشتي کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو، مثال طور صحتمند نظام هضم کي مزيد توانائي بخشي ٿو، قبض، دست ۽ پيچش وغيره کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو.

(2) ذيابيطس کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مددگاري ڪري ٿو، بلڊشگر يعني ته رت اندر موجود وڌيل کنڊ کي ڪنٽرول ڪري ٿو.

(3) دل کي مضبوط بڻائي ٿو. منجهس موجود اينٽي آڪسيڊينٽس سوزش کي گهٽائي ٿو، ۽ خراب ڪوليسٽرول ليول کي (LDL) پنن جي چانھه پيئڻ سان بيحد فائدو حاصل ٿئي ٿو. زيتون جا پن خراب ڪوليسٽرول ليول کي گهٽائي ڪري، سٺي ڪوليسٽرول ليول کي وڌائڻ ۾ مدد ڪن ٿا، گڏوگڏ، دل جي دوري ۽ ٻين بيمارين کي پڻ گهٽائڻ ۾ مدد ڪن ٿا، زيتون جا پن، هر طرح جي دل جي تڪليف کان بچائڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

(4) چمڙيءَ جي صحت کي برقرار رکڻ ۾ پڻ زيتون جا پن سٺو ڪم ڪن ٿا. زيتون جي پنن ۾ موجود اينٽي آڪسيڊينٽس ۽ اينٽي بيڪٽريل خصلتن جي ڪري، چھري تي داڻن کان بچائڻ ۾ مدد ڪن ٿا، ڪيل مھاسن کي گهٽائين ٿا ۽ چھري تي نڪتل ڪارن داڻن کي پڻ ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا. ۽ چمRيءَ کي تازو توانو کنن ٿا.

(5)  وزن گهٽائڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿين ٿا ۽ (Weightloss) ۾ مدد ڪن ٿا. ڪاربو هائيڊريٽس کي کنڊ بڻجڻ کان روڪڻ ۾ مدد ڪن ٿا. ميٽابولزم کي نارمل بڻائڻ سان گڏوگڏ، هروڀرو يا اجائي بک کي پڻ گهٽائين ٿا. يعني ته (Unhealthy food craving) کان روڪين ٿا، مطلب ته زيتون جي پنن جي استعمال سان، نھايت ئي عمده ۽ سُٺا نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا.

 

 

علي دوست عاجز

 

امان سانئڻ

 

سانوڻيءَ کان اڳ ۾ ئي،

ڪارڙا ڪڪر ٿي ويون!

ماءُ جا پٿر ٿي ويون!

هي ننڍڙو نظم، مون رفيق سيال سان، سندس امڙ جي وفات تي تعزيتي پيغام طور لکي موڪليو هو.

ڪيترو به حَسين نظم، ڪنھن امڙ جي جُتيءَ جو مَٽ نٿو ٿي سگهي! جيستائين ڪنھن ٻار جا، ماءُ جي چولي ۾ هٿ هوندا آهن، هو ڪڪرن سان گڏ پيو اُڏامندو آهي....!

آءٌ اڌ ڇورو ته اڳ ۾ ئي ٿي چڪو هوس، امان وئي ته پورو ڇورو ڪري وئي!

شاهه گودڙئي واري مقام تي اَبي، امان جي قبرن جي وچ واري وٿيءَ ۾ وِکون کڻندي، مون سوچيو: زندگي، اَبي جي قبر کان وٺي، اَمان جي قبر تائين جو فاصلو آهي....!

هتي ايندي هئي ته ٿورا ڏينھن ترسندي هئي، ڳوٺ لاءِ آتي!

چوندو هومانس:

”امان! توکي ڌيئون وڌيڪ پياريون آهن!“

آگسٽ 2017ع جي 23 تاريخ کان هڪ ڏينھن پھريان آئي، دير تائين، ٻارن سان ويٺي رهي. وڏي اسُر جو اٽيڪ پئجي ويس، اسپتال تائين به نه پھتاسين.

ڊاڪٽرن ٻه سال اڳ ٻڌايو هو، دل گهٽ پئي ڪم ڪري! هن جو بلڊپريشر شايد ئي ڪڏهن نارمل رهيو هجي!

جيڪو اسان ٻارن کي به ورثي ۾ مليو!

منھنجو ميڊيڪل بورڊ پئي ٿيو، بلڊپريشر 220...!

 

هفتو پمز اسپتال ۾ رکي ڇڏيائون....!

ڪڏهن جذباتي ٿي ويندي هئي، نه ته کير جو گهڙو....!

هڪ دفعي اسان، ٻارن سان گڏ، وسڪار کان پوءِ ٿر لاءِ تيار ٿياسين. گاڏيءَ ۾ جاءِ نه ٿيڻ ڪري، رهجي ويل ماڻھو، اڳ ۾ ئي منھن خراب ڪيو ويٺا هئا! امان ڳوٺان اچي نڪتي. مڙيئي صلاحيوسين:

”امان! هلندينءَ!“

سڀ سمجهي پئي.

چيائين: ”ابا! توهان پاڻ ۾ ئي پورا نٿا پئو سو، مان ڪيئن هلي سگهنديس....!“

ڪڏهن به واندي نه ويھندي هئي، ٻيو نه ته به رليون ويٺي سبندي هئي، هتي به!

اڃا سُئيءَ ۾ سڳو، بنا عينڪ جي وجهي سگهندي هئي.

پڙهيل ايتري، جو رڳو قرآن پڙهي سگهندي هئي.

قِرئت اهڙي ترنم سان ڪندي هئي، ڄڻ ڏُک ٿي پڙهي....!

ڊرائنگ روم ۾ سلائي، ٽوپي لاءِ وڇايل رليون، پکڙيل ڌاڳا، رئڪ تي ٽڪيون، معنيٰ امان آيل آهي!

پاسپورٽ ٺھرايائين عمري لاءِ!

پر وئي اوڏانھن، جتي ڪا ويزا ڪو پاسپورٽ گهربل ناهي هوندو....!

قميص جو بٽڻ ٽُٽي پوندو هو ته اڻ تڻ لڳي ويندي هئس.

اڄ زندگيءَ جي چولي جو ٽڳو اُڊڙي چڪو آهي، پر سنڀاليو نٿو ٿئي!

شيون ايتريون ته الجهي ويون آهن، جن جي سلجهڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي....!

فرش تي رلي پئي هئي،

 

 

 

 

 

 

مقبول انجم ميمڻ

 

 

غزل

چيز هر ڪنھن کان مٿي آهي مٺا هي زندگي،

مان ته توکي زندگي کان ڀي مٺو ڀانيان پيو.

 

جڳ چيو آهي حياتي کان مٿي ٻي شي نه ڪا،

مان ڇڏي جڳ کي تنھنجي چاهه کي چاهيان پيو.

 

تو ڪيو جو واعدو توڻي اهو پورو نه ٿيو،

پوءِ به مان تنھنجي پرين سان ڳالھه ٿو ڳايان پيو.

 

تون ئي منھنجي زندگيءَ جو بس سھارو آن سڄڻ،

انڪري هر هر اچڻ لاءِ واٽ واجهايان پيو.

 

ياد تنھنجي دل کي آٿت آسون بنجي ٿي ڏئي،

پنھنجي من کي رڳو ورهين کان ريجهايان پيو.

 

سونھن جا سردار هڪڙو عرض ’انجم‘ جو به ٻڌ،

مند آئي آ ملڻ جي ڳالھه ورجايان پيو.

 

 

الوداع 2024ع! تون زندگي گروي رکي حسين پل ڳڙڪائي وئين

(ڊائريءَ جو نوٽ، نئين اميد سان)

ايڊووڪيٽ خالده سحر

May be an image of 1 person and smiling

 

 

 

 

 

 

 

 

May be an image of 1 person and smilingڪمري ۾ ھلڪڙي روشني هئي، ۽ هڪ پراڻي ڊائري کلي پئي هئي، جنھن تي گذريل ڪيترن ئي سالن جي وقت جا ڳرا نشان هئا. ڪجھه خالي پنا، سڏي رھيا ھيا. شايد 2024ع سان گڏ، ھوءَ به مون کان موڪلائڻ گهري ٿي، يا شايد ھوءَ به ھاڻ مون ۾ تبديلي ڏسڻ گهري ٿي! ڪمري جي ننڍڙيءَ دريءَ وٽ رکيل ٽيبل جي ڀر ۾، مان ويٺي هئس ۽ منھنجي هٿ ۾ قلم هو. رات جي خاموشي، گهڙيال ۾ وقت 11: 50 ٿيو هو. دل تيز ڌڙڪندي رھي، اوچتو آتش بازيءَ جي آوازن، ڄڻ سانت کي ٽوڙي ڇڏيو، جيئن درياهه ۾ ڪو پٿر ڦٽو ڪرڻ سان، ان ۾ دائرا ٺھڻ لڳندا آھن، ائين ئي منھنجي ذهن ۾ گذريل سال جي اھم واقعن جا دائرا ٺھي ڊھڻ لڳا. مان انھن کي لفظن ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئس. آسمان تي رنگين آتشبازيءَ جون روشنيون پکڙيل هيون، پر منھنجي دل ۾ هڪ بيچيني ھئي، ھرسال، سال جي آخري رات، مون کي اھا بيچيني ورائيندي آھي، ڇا حاصل ڪيو؟ ڇا وڃايو؟ ڇا اھو سال، اسان جي اميدن تي پورو لٿو؟ يا ھر سال جيان ھي به ائين ئي گذري ويو، جيڪي منصوبا، ھن سال جي شروع ٿيڻ سان جوڙيا ھئاسين انھن تي عمل پيرا ٿياسين يا نه! پنھنجي اندر ۾ اُڀرندڙ سوالن، مون کي منجهائي ڇڏيو ھو. انسان جي وس ۾ ڪجھه آھي به يا نه! بلاشڪ اسان انھن منصوبن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، پر تقدير اسان جي وس کان پري ٿي رھي، اھا ڪھڙي وقت، اسان جي منصوبن ۾ اچي، اسان کي منجهائي ٿي ڇڏي، خبر ئي نٿي پوي! اسان جا منصوبا رڳو اسان سان وابسته ڪٿي ٿا ھجن، انھن ۾ تقدير، ڪٽنب، حالات، دنيا ۾ رونما ٿيندڙ واقعا، موسمن جو مٽجڻ ۽ ملڪي لاھا چاڙھا، سڀ پنھنجو پنھنجو ڪردار ادا ڪن ٿا، جنھن جي نتيجي ۾، شايد اسان جا منصوبا، مڪملتا جو سفر اڌ ۾ ئي ڇڏي ڏين ٿا! 2024ع پنھنجي آخري پساهن ۾ ھيو ۽ مان ان لمحي ۾ گم ٿي وئي هئس.

اي 2024ع! تون، جنھن روشنيءَ سان، دنيا جي گولي کي چمڪايو، اها روشني، منھنجي اندر پڻ لٿي، منھنجي روح کي هڪ نئين سمت ملي. اهو لمحو، جڏهن مون سيھڙ“ شھر جي ڇوڪرين سان، تنھنجي پھرين ڏينھن کي ملھايو، ايس.آءِ.ايف سان گڏ ڪم ڪندي، مون کي اھو ڏينھن مليو، محنت جي اس ۽ ڳولا جو پاڇو گڏوگڏ هئا، جيئن زندگيءَ جي هر ڪاميابيءَ ۽ ناڪاميءَ جو رنگ، هڪ ئي ڪينواس تي پکڙيل هجي!

 

تنھنجي ڪڇ ۾ جيتري محنت ڪئي، مسلسل امتحانن، انھن نتيجن جو آڏو ٿيڻ، مون لئه ھمت ۽ استقلال جي تصوير بڻجي ويو. هڪ تخليقي سفر جو آغاز هو، جتي مون پنھنجي صلاحيتن کي ٻيھر جنم ڏنو، اهو پڻ سچ آهي ته هر پل پنھنجو پاڻ کي وڌيڪ تخليقي بڻائڻ جي ڳولا، هڪ مسلسل ڳرو عمل آهي، جيڪو ڪڏهن به نٿو رڪجي. منھنجي زندگيءَ سان گڏ، ڏيھه جي ھر ڪنڊ ۾، اھڙن ئي لاھن چاڙهن جون ڳالھيون ڦھليل هيون. ڪٿي خوشيءَ جا رنگ هئا، ته ڪٿي غم جا پاڇا- يورپ ۾ جنگ جا زخم اڃا تازا هئا. يوڪرين جي زمين، گولين ۽ بمن سان ڏڪي رھي ھئي.

فلسطينين جا فرياد، ڪنھن ٻڌڻ واري جي انتظار ۾ هئا، ۽ اسرائيل جي ڀت مان، انسانيت جو خون وھي رهيو هو.

آفريڪا جي ڪجھه حصن ۾ ڏڪر جو سلسلو شروع ٿيو ۽ آمريڪا ۾ خوابن جي پويان ڀڄڻ وارن ماڻهن مان ٿڪاوٽ جهلڪي رھي ھئي!

مون قلم کي ٿورو روڪي ڇڏيو، مون کي حوصلي جي ضرورت محسوس ٿي :

اهو نڀاڳو، درد سان ڀريل ڏينھن، جنھن اسان جي زندگيءَ کي زور سان پڪڙي، ائين زمين تي اُڇليو، جو اسان جا وجود، ذرا ذرا ٿي وکرجي ويا. اپريل جو ڏينھن، جڏهن غم جي ڌوڙ، اسان کي پنھنجي گرفت ۾ وڪوڙي وئي. اهو لمحو، جڏهن ستار جي ڌيءُ ڊاڪٽرن اڀاڳن جي غفلت جي ڪري، ھن کان سدا لاءِ جدا ٿي وئي، ھو سراپا احتجاج بڻجي ويو، جو احتجاج، ھن جي اندر هڪ نئين جنگجو روح جي تخليق جو سبب بڻيو. ان جي ڪرب، ھن کي ۽ هن جي حوصلي کي پھاڙن کان وڌيڪ پختو ڪري ڇڏيو، اهو صرف هڪ فرد جو غم نه هو، پر پوري سماجي عدم انصاف جو چھرو بڻجي چڪو هو. اي 2024ع! اھو ڏوھه تنھنجي پيشانيءَ تي داغ بڻجي زنده رھندو !

مون به واپس ورڻ جو فيصلو ڪيو. ٽاڪسڪ روين ۽ انھن جي ماحول، مون کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سچ! جڏهن مان ان جي روشني ۾ واپس آيس، مون محسوس ڪيو، ڄڻ مان نئون جنم وٺي رهي آهيان.

نئين جنم مان ياد آيو 1947ع ۾ جنم وٺندڙ گهر؟ ھا، جنھن ۾ اسان گڏ رھون پيا، پر نفرتن سان گڏوگڏ، جنھن ۾ مساوات ناھي، بنيادي حق ناھن، راءِ رکڻ جي آزادي ناھي،  ھن ڪجھه به نئون نه سکيو، ساڳئي ماضيءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل رهيو.

لاهور، ڪراچي، اسلام آباد جا رستا، احتجاجن سان گونجندا رھيا. نوجوان، روزگار جي خوابن سان دربدر ڀٽڪندا رهيا ۽ عورتون پنھنجن حقن لاءِ آواز بلند ڪنديون رهيون. سنڌ جي زمين تي پاڻيءَ جي گهٽتائيءَ جي ڪري، ھارين جي چھري تي ڏک جا نشان ھيا، سنڌو سڪائڻ ۽ ان جي وجود ۾ ڪئنالن جون سيون چڀائيندا رھيا۽ بلوچستان جي جبلن ۾ انسانيت جا حق، مرڻ جو هڪ دفعو ٻيھر مشاهدو ڪيو ويو.

ايس.آءِ.ايف جو ايوارڊ ۽ سورمي ايوارڊ جي نامزدگي، مون کي اھو اعتماد ڏنو، جنھن جي مون کي ضرورت هئي. آرٽس ڪائونسل جو پروگرام، جتي شيخ اياز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو، اهو هڪ اهڙو لمحو هو، جنھن منھنجي خودشناسيءَ کي وڌيڪ گهرو ڪيو. اهي سڀ لمحا، منھنجي لاءِ هڪ مسلسل ارتقا جون نشانيون آهن، جيڪي مون کي منھنجي اندر جي طاقت ۽ خود اعتماديءَ سان روشناس ڪرائين ٿيون.

ڪورٽ جي دنيا، جيڪا منھنجي سڃاڻپ کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿي. ڊسٽرڪٽ بار لاڙڪاڻو جي ساليانين چونڊن ۾ ،جڏهن مان ووٽ ڏيڻ لاءِ ويس ته، اها دنيا هڪ مختلف حقيقت بڻجي، منھنجي سامھون آئي. اها دنيا، جتي منھنجا قدم، پُر اعتماد ٿي اٿندا آھن. جتي ڪنھن جي ماتحت ھجڻ جو تصور به ناھي ھوندو، اتي منھنجي نالي سان ايڊووڪيٽ لفظ، منھنجو ڪنڌ اوچو ڪري ڇڏيندو آھي.

وقت، هڪ عجيب ڳجهارت آهي. اسان هڪ سال کي الوداع چوندا آهيون، پر ڇا اهو واقعي ختم ٿي وڃي ٿو؟ 2024ع صرف هڪ عدد ناهي، اهو لکين ڳالھيون آهن، ڪروڙن لمحن جون، جيڪي هاڻي ماضيءَ جي مڌم صفحن ۾ لڪجي وينديون. وقت جا اهي ڌاڳا، اسان جي يادگارن سان ڳنڍيل رهندا آهن. اسان کي بدلائي ڇڏيندا آهن. اسان کي سکڻ جو ڏانءُ ڏيندا آهن.

آئي.آر.پي جي ميدان، مون کي اهو سيکاريو ته هر انسان، هر ادارو، هر ڪم، هڪ ئي فطرت جو ناهي. اھي ھاڻي ماضيءَ جو ھڪ قصو بڻجي چڪا آھن ۽ ستار چوندو آھي ته: ماضي مئل ڪُتو آھي. اھو ڪڏھن به چڪ ناھي پائيندو، سو مون، ان کي وساري ڇڏيو آھي ۽ ٻيھر ھڪ نئين سفر جي شروعات شروع ڪئي آھي.

سي.آر.ايس جي آڇ، منھنجي خواهشن کي حقيقت ۾ بدلائڻ جو دروازو کولي ڇڏيو ۽ پوءِ اهي لمحا آيا، جڏهن موهن جي دڙي جي مٽيءَ سان ڪجھه پل گڏجي، خوشيءَ جا گذاريا. اها خوشي، جيڪا غم جي ڌوڙ ۾ ڌنڌلائجي وئي هئي، اسان ٻيئي ٻيھر کلياسين .

مون پنھنجي ڊائريءَ جا آخري لفظ لکيا:

اي 2024ع! مان توکي الوداع چوندي، توکي ٻڌائڻ چاھيان پئي ته تو اسان کي غم ڏنا، پر اسان، انھن غمن ۾ به مسڪرائڻ سکيو. تو اسان کي ڏيکاريو ته دنيا ڪيتري غير يقيني آهي، پر اسان اميد کي پنھنجو سھارو بڻايو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org