سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون فيبروري- مارچ- اپريل 2024ع

باب:

صفحو:3 

 

 

 

 

 

 

شوڪت حسين شورو

نيٺ بھار ايندو

 

اسان جو هڪڙو باغ آهي، اجڙيل ۽ ويران باغ... پر ڪنھن وقت، وڏا ڳالھيون ٿا ڪن، اسان جو باغ اهڙو سرسبز ۽ آباد هو، جهڙي جنت. باغ جي وچ ۾ صاف شفاف پاڻيءَ جي هڪ ڍنڍ هئي، جنھن ۾ هنجهه ترندا رهندا هئا. اسان جي باغ جي سونھن جي پري پري هاڪ پکڙيل هئي. ڪٿان ڪٿان ٿڪل ٽٽل، اڃايل بکايل مسافر هتي اچي ٿڪ لاهيندا هئا، مٺا مٺا ميوا کائي، ڍنڍ جو ٿڌو پاڻي پي وسرام ڪندا هئا. اسين ڀائر اهي ڳالھيون ٻڌي چوندا آهيون: جيڪر اسين به ان وقت هجون ها! منھنجي دل ڏک وچان ڀرجي ايندي آهي. اهڙي سھڻي باغ جي سونھن آخر ڇو کسجي ويئي؟ مان سڄا سڄا ڏينھن هن ويران باغ ۾ ويٺو، اهو ئي ويچاريندو رهندو آهيان. مون کي الائي ڇو هن باغ جي سڃ ۽ ويرانيءَ سان به بي انتھا پيار آهي. هن جي سونھن ۽ سوڀيا جي اهڃاڻن ۾ ايڏي عظمت آهي جو ماڻھو ڏسندو ئي رهي. هن جي سڪل، جهونن وڻن ۾ به ايتري پنھنجائپ هوندي آهي جهڙوڪر اسان جا وڏا پريا مائٽ. جيڪر هنن وڻن کي زبان هجي ته مان کانئن پڇان: هوندا... ڪويل جون ڪو ڪو، مورن جا ناچ، هنجهن جون هيجون، اهي سڀ ڪيڏانھن ويون؟“ پر افسوس وڻن کي زبان ڪانھي، هوا هنن سان ٽڪرائجي، ٿڌا شوڪارا ڀريندي لنگهي ويندي آهي. منھنجن سوالن جو جواب فقط ڪانون جي ڪان ڪان آهي، ڳجهن جون مردار رڙيون آهن، ۽ چٻرن جون ڀوائتيون چيخون آهن. مان جڏهن به باغ ۾ ايندو آهيان ته هڪ جهور پوڙهي وڻ وٽ وڃي ويھندو آهيان. هن جي ويڪري ٿڙ سان ٽيڪ ڏيئي، ليٽي، پنھنجي باغ تي سوچيندو رهندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ننڊ کڄي ويندي آهي ته عجيب عجيب سپنا ڏسندو آهيان. هڪڙي عجيب ڳالھه آهي: اونھاري جي مند ۾ سخت گرمين ۽ ڪاڙهن ۾ به جڏهن ماڻھو هن ويران باغ ۾ ايندو آهي ته فرحت وٺي ويندي آهي. مان ته سخت گهُٽن ٻوساٽن ۾ ڏينھن جا ڏينھن، هن وڏي ۽ جهوني وڻ سان ٽيڪ ڏيئي ويٺو هوندو آهيان. منھنجو هن پوڙهي وڻ سان عجيب دلي لڳاءُ ٿي ويو آهي.

هڪ ڏينھن ائين اکيون پوري، خيالن ئي خيالن ۾ باغ کي سرسبز ۽ آباد ٿيندو ڏسي رهيو هوس. حد نظر تائين چھچ سائي ڇٻر پکڙيل هئي، جنھن تي مور ٽلي ۽ نچي رهيا هئا. سڪل وڻ ساوا ٿي ڦولارجي ويا هئا. ڪويل جا مٺا مٺا گيت، مون کي لوليون ڏيڻ لڳا.

تڏهن اوچتو اتر کان هڪ طوفان ڌوڪيندو آيو. رڳو جهڙ ۽ انڌڪار ئي نظر ٿي آيو. ويجهو آيو ته مون ڏٺو:  ڪانون ۽ ڳجهن جو هڪ ڪٽڪ هو، جيڪو اک ڇنڀ ۾ سھڻي سرسبز باغ تي ماڪڙ وانگر ڇانئجي ويو. ڪويل جا گيت، ڪانون جي ڪان ڪان جي شور ۾ دٻجي بند ٿي ويا. مور ڊڄي ڀڄي وڃي ڪٿي لڪا، ۽ هنجهه ته هميشه جي لاءِ اڏامي ويا. ڏسندي ڏسندي باغ جي سموري سونھن ۽ سوڀيا برباد ٿي ويئي. مان ان پوڙهي وڻ وٽ حيران ۽ پريشان بيٺو هوس. تڏهن اوچتو ڪٿان ڪنھن مور رڙ ڪئي. هن جي رڙ ۾ اهڙي سورهيائي ۽ جوش هو جو منھنجي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويئي. ڪانون جي ڪان ڪان، ڳجهن جا رڙاٽ گهڙي کن جي لاءِ بند ٿي ويا، ڪير هو، اهو مور!

”اڃا سورهيه مور جيئرا آهن، اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي...“

مون ڇرڪي  پٺيان نھاريو. هي ته اهو ئي جهوني وڻ ڳالھائي رهيو هو. مون ڊوڙي هن جي ويڪري ٿڙ کي ڀاڪر پاتو. هن ٻاجهه ۽ پيار سان ڀريل آواز ۾ چيو: ”گهٻراءِ نه پٽ! همت نه هار، تنھنجي لاءِ برابر هيءَ هڪ نئين آفت آهي. مون ته باغ تي ڪئين وڏيون وڏيون آفتون ڪڙڪندي ڏٺيون آهن، پر اهي سڀ نيٺ فنا ٿي ويون. هي باغ لازوال آهي پٽ....“

مون چيو، ”مون کي هن باغ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌاءِ، بابا. هن تي ڪھڙا وَيلَ وهيا.....“

هن وراڻيو، ” مان تو کي ضرور ٻڌائيندس، پٽ. هيءَ ڪھاڻي هڪ سٻاجھي ۽ تمام مظلوم قوم جي بيحد غمناڪ ڪھاڻي آهي. دنيا جو ڪوبه ظلم ستم، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ اهڙو نه آهي، جيڪو هن ۾ نه هجي، ان هوندي به هن جي پڄاڻي ڪا نه ٿي آهي. هيءَ ڪڏهن نه کٽندڙ ڪھاڻي آهي....

” هن لافاني باغ جي ڪھاڻي، ان وقت کان شروع ٿي ٿئي، جڏهن کان دنيا وجود ۾ آئي. وڏا چون ٿا، ته هتي هڪ سھڻي ۽ سرسبز ماٿري هئي، جنھن ۾ وڏا گهاٽا جهنگ، ساوڪ ڀريا ميدان ۽ هڪ خوبصورت ندي هئي، جنھن جو پاڻي امرت هو. هيءَ ماٿري، ان وقت به اهڙي ئي آباد هئي، جڏهن سڄي دنيا تي اوندهه انڌڪار ڇانيل هو. ان وقت جي ڳالھه آهي: ڪي پکين جا ولر وڙڪندا وڙڪندا هتان اچي لنگهيا. هنن کي اها ماٿري اهڙي وڻي جو اڳتي وڃڻ جو ارادو لاهي، ان کي پنھنجو ديس بڻائي رهي پيا. هي پکي تمام سياڻا ۽ محنتي هئا. هنن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته جڏهن اسين هن ماٿريءَ کي پنھنجو ديس بڻائي چڪا آهيون ته اسان تي فرض آهي ته ان کي سھڻو ٺاهيون جو دنيا ڏسي ته حيرت ۾ پئجي وڃي. پوءِ هنن کلئي ميدان تي هڪ تمام عجيب باغ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو.  پکين ڪٿان ڪٿان جاکوڙ ڪري گلن ڦلن ۽ وڻن ٽڻن جا ٻج آڻي ڪٺا ڪيا. ڏسندي ڏسندي هنن جي ان لاڳيتي اُدم ۽ اتساهه سان هن ماٿريءَ تي هڪ نھايت ئي سھڻو ۽ حيرت جهڙو باغ پيدا ٿي پيو. وري باغ جي هڪ حصي ۾ هنن هڪ اهڙو خوبصورت چمن ٺاهيو، جنھن جو اڄ تائين دنيا ۾ ڪو مثال ڪونھي. سڄي دنيا ۾ ان لاثاني چمن جي هاڪ هُلي ويئي. ڪٿان ڪٿان جا پکي هاسيڪار، ان کي ڏسڻ، گل ڦل، ماکي ميوا وٺڻ، ۽ ڀوءنر واس وٺڻ جي لاءِ ايندا هئا. اهو وقت هن ماٿريءَ جي سھاڳ جو سمو هو. تڏهن سج هتان ئي اڀرندو هو، ۽ اتان ئي روشني، سڄي دنيا ۾ پکڙبي هئي. دنيا جا پکي پري پري کان ڪھي هتي جي پکين کان سکڻ ۽ پرائڻ ايندا هئا. هو سندن عقل ۽ ڏاهپ جي ساراهه مان ڍاپندائي ڪونه هئا. اڄ دنيا ۾ جيڪا ڏاهپ، عقل ۽ علم، ۽ سونھن ڏسين ٿو، سو سڀ پھرين هتي ئي پيدا ٿيو ۽ هتان ئي سڄي دنيا ۾ پکڙيو. ٻين هنرن ۽ حرفتن سان، گڏ لاتيون لنوڻ، نچڻ ڳائڻ ۽ جشن ملھائڻ ۾ به ٻيا هتي جي پکين جهڙا ڪونه هئا. پر هو جهيڙي جهٽي ۽ لڙائي جهڳڙي کان اهڙا اڻڄاڻ هئا جو ٻيا پکي کين سڏيندا ئي هئا، سٻاجهڙا پکي! هنن وٽ پيار کان سواءِ ٻي ڪا وائي ڪانه هئي. جيڪر سڄي دنيا جا پکي اهڙا هجن ها!

دنيا ۾ ڪي پکي اهڙا به هئا، جيڪي پيار محبت جا دشمن هئا، سواءِ رلڻ ۽ وڙهڻ جي ٻي ڪنھن ڳالھه سان سندن پوندي ڪانه هئي. ٺاهڻ ۽ سڌارڻ بدران، ڊاهڻ ۽ ڦٽائڻ گهڻو وڻندو هئن. هڪ دفعي، پري کان ڪي اهڙا ئي ڀٽڪندڙ، بي گهر ۽ ويڙهاڪ پکي رلندا رلندا، هن باغ مٿان اچي ڪڙڪيا. باغ جي سانت ۽ سڪون، پيار ۽ محبت واري وايو منڊل ۾ مارا ماري ۽ تباهي مچي ويئي. سٻاجھڙن پکين به ڪا لڙائي ڪانه ڏٺي هئي. نه وري کين خبر ئي هئي ته لڙائي ڪيئن لڙبي آهي. رولو پکين جو ته جهيڙي جهٽي ۽ مارا ماريءَ ۾ ڪو مٽ ڪونه هو. هنن اچڻ شرط باغ جي بي مثال ۽ سھڻي چمن کي تباهه ڪري ڇڏيو. سٻاجھڙن پکين سالن جا سال جنھن اَدم ۽ اتساهه سان هي مانڊاڻ منڊيو هو، سو سڀ هنن رولو پکين ڊاهي ناس ڪري ڇڏيو، ويتر سٻاجهڙن پکين کي اڻ سڌريل ڪري ڪوٺيائون!

خوشيءَ جا سمورا خزانا لٽجي ويا. ماٿريءَ جو سھاڳ اجڙي ويو. جيڪا روشني پھرين پھرين هتان ڦٽي هئي، سا الائجي ڪيڏانھن گم ٿي ويئي. باغ جي عظمت جو سج هيڪر لٿو ته پوءِ الائجي ڪٿان ٻي هنڌان وڃي اڀرڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن واٽ ڀلجي سج هتان گذريو ٿي ته سٻاجهڙا پکي، خوشيءَ وچان نچندي ٽپندي ٿڪائي نٿي. پر سندن خوشيءَ پل کن مس ٿي جٽاءُ ڪيو. اوچتو ئي اوچتو سج کي الائجي ڪھڙن خوفناڪ ڪڪرن ڍڪي ٿي ڇڏيو. پوءِ اهائي اونده انڌڪار.....

وقت گذرندو رهيو. باغ اهو ئي هو، پر وري ڪڏهن اڳوڻي اوج کي نه پھتو. باغ جون واڳون هنجهن وٽ هيون. اهي ڏاڍا سورهيه ۽ سچار هئا. آزادي، جرئت ۽ بھادري، ننگ، ناموس ۽ غيرت سان سندن رت رنڱيل هو. باغ جي محبت ۽ آزاديءَ جو جذبو ته سڀني پکين جي لنئون لنئون ۾ سمايل هو. هنن ڪڏهن به ڌارين لوڪن جي غلاميءَ کي نه سٺو. جيستائين سندن سرير ۾ ساهه هوندو هو، ديس جي ويرين جو مقابلو ڪندا رهندا هئا. ڪئين تيز هوائون، لڪون ۽ جهولا سهندا رهيا. سخت پارا پيا، سرءُ آيو ته باغ جا سمورا پن سڙي ويا، پر ساڳئي اتساهه سان بھار جي مند ۾ سڀ پکي گڏجي، جشن ملھائيندا هئا. ڪويلون مٺن سرن ۾ راڳ ڳائينديون هيون ۽ ٻيا ننڍڙا ننڍڙا پکي جهمريون پائيندا هئا. سندن مٺي رسيلي ٻولي ٻڌي، ٻين هنڌن جا پکي ساڻن ريسون پيا ڪندا هئا. ڪي ته وري سندن باغ تي قبضي ڪرڻ لاءِ گهاٽ گهڙيندا رهندا هئا. ڪيترائي ڌاريا، باغ جي شادابي ڏسي، هتي اچڻ تي حرصيا، پوءِ ڪي ان کي ڦري لٽي موٽي ويا ٿي ته ڪي وري رهي پيا ٿي ۽ موٽي وڃڻ تي دل نٿي ٿين.

هتان کان گهڻو پري باز رهندا هئا. هنن کي ٻين پکين جي ديسن تي قبضي ڪرڻ جو ڏاڍو حرص اچي پيدا ٿيو هو. بھانا ٺاهي پراين ديسن تي ڪاهي وڃي قبضو ڪندا هئا. هنن جي نظر جڏهن هن باغ تي پيئي ته ان کي به هٿ ڪرڻ لاءِ سٽاءُ سٽڻ لڳا. پوءِ هڪڙو ڪو بھانو ٺاهي ٻه ٽي ڀيرا ڪاهي آيا. پر بھادر سٻاجهڙن پکين اڳيان ڦٻي ڪونه سگهيا. تڏهن وري هڪ زبردست لشڪر سنڀاري چاڙهي آيا. رولو پکين جي ڪاهه کان پوءِ سٻاجهڙن پکين اهڙي ٻي خوفناڪ ڪاهه ڏٺي هئي. ائين ٿي لڳو، ڄڻ سڄو باغ ڪڪرن سان ڇانئجي ويو آهي. باز خوفناڪ رڙيون ۽ واڪا ڪندا آيا. سٻاجھڙن پکين اڳيان وڌي مقابلو ڪيو. وار مٿان وار ڪيو، ڳچين ڳچ اڏاڻا، ڌڙ ڌڌڙ ۾ ڦٿڪڻ لڳا. ڏينھن گذريو، اچي شام ٿي. تڏهن ڄڻ غلاميءَ جي رات اچي ويئي. باغ تي بازن جو قبضو ٿي ويو.

پوءِ به وقت گذرندو ئي رهيو. ڪئين مندون آيون، پر بھار جي اچڻ تي ڄڻ بندش پئجي ويئي هئي. بھار ته رڳو آزاد فضائن ۾ ئي ايندو آهي. باغ اهو ئي اجڙيل ۽ ويران ويران رهيو. هاڻي ته هر ڪو ورهيه واگهه بڻجي ٿي آيو. هيڪر ڦرڻ لٽڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته لاڳيتو هلندو ئي رهيو. هڪڙا ڦورو ڪمزور ٿي ويا ٿي ته انھن جي جاءِ وري ٻين ٿي اچي والاري، ڄڻ ته نڌڻڪو باغ هو، جنھن کي جتان اچي، سو تتان ڀيلاڙ ڪري وڃي! باغ انھن جي بي رحم قبضي هيٺ اچي ويو، جيڪي ڌاريا ئي ڌاريا هئا، باغ سان هنن جو واسطو رڳو ڦرڻ لٽڻ تائين هو. جڳن جا جڳ سٻاجهڙا پکي، غلاميءَ جو ڳٽ پنھنجي ڳچيءَ مان ڪڍي ڪونه سگهيا. جن جي وات ۾ رڳو قرب ۽ پيار جي وائي هوندي هئي، جيڪي ٻاهران آيل هر مهمان جو دل کولي آڌرڀاءُ ڪندا هئا، سي سواءِ ڪنھن ڏوهه جي صديون عذاب ۽ پيڙا ۾ مبتلا رهيا.

هنجهن جي طاقت ته بنهه ختم ٿي چڪي هئي. اهي ٿورائي ۾ اچي ويا، هاڻي باغ جي پکين مان مور ئي اهڙا هئا، جن ۾ آسون هيون. ڌارين کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ، خود مختياري ۽ خودداريءَ کي قائم رکڻ لاءِ، هو پاڻ پتوڙيندا رهيا. مورن مان ڪئين اهڙا سورهيه ۽ سورما پيدا ٿيا، جن سرن جا سانگا لاهي، ننگ ۽ آزاديءَ جي لاءِ ويرين سان جنگ جوٽي ۽ سر ڏيئي سرها ٿيا.  جڏهن به ڪنھن سورهيه مور، ديس تان سر صدقو ڪري، آزادي ٿي آندي ته ٿوري وقت لاءِ ئي سهي، آزادي پنھنجي جهوليءَ ۾ خوشيءَ ۽ سونھن جا خزانا ڀري ٿي آئي. ڪيڏو نه خوشيءَ ۽ اُتساهه ڀريو سمو هوندو هو اهو! اهڙي ڪا دل ڪا نه هوندي هئي، جيڪا اکٽ خوشيءَ وچان جهومندي نه هجي. پر افسوس، انھن سورهيه مورن جي پوين، ڀيري ڀيري سان تخت ۽ تاج تان پاڻ ۾ وڙهندي، هٿ وٺي، ٻاهرين دشمنن کي باغ تي قبضي ڪرڻ جو هڪيو تڪيو وجهه کڻي ٿي ڏنو. پوءِ ته وري ٻيهر غيرن جي غلاميءَ لاءِ باغ جو رستو کلي ٿي ويو.

رکي رکي باغ تي هڪٻئي پٺيان وڏيون وڏيون آفتون اينديون رهيون. انھن لڳاتار ڌڪن سٽن سببان بدنصيب باغ، اهڙين آفتن ۾ گهيرجي ويو جو رڳو جيئرو رهڻ به هڪ ڪارنامو، هڪ معجزو هو. مان توکي ڇا ٻڌايان ته هن باغ ڇا ڇا سٺو آهي! هن ئي باغ جي افق تي ابدال جو شڪرو نامراد ۽ مردار خان شڪرو، باه ۽ خون جون نديون وهائيندا ڇانئجي ويا هئا. سندن خوفناڪ چھنبون ۽ خوني چنبا، معصوم سٻاجهڙن پکين جي رت ۾ ٻڏي ويا هئا. مردار خان ته جتان به ٿي لنگهيو، اتي قيامت جا ڪوڪرا مچي ٿي ويا. هن آکيرن جا آکيرا ويران ڪري ٿي ڇڏيا. اهڙي تباهي ته اڳي ڪڏهن به ڪانه ٿي هئي. پوءِ ته باغ ۾ اهڙو خوفناڪ ڏڪار پيو جو وڏن پوڙهن، ڇا پکين، ڇا وڻن به پنھنجي ڄمار ۾ نه ڏٺو هو، نه ٻڌو هو. جيڪو باغ ساري دنيا جي لاءِ امن ۽ سلامتي جي جاءِ هو، ان جو آکيرو آکيرو لٽجي ويران ٿي ويو. سٻاجهڙن پکين سان اڳي ئي گهٽ ڪلور ڪونه ٿيا هئا، پر هينئر باغ تي جيڪا وڄ ڪري هئي، تنھن جي آهيءَ ۾ هو ڪڏهن به سنئين لڱين ڪونه ٿيا...“

رات جي سنساهٽ ۽ خاموشيءَ ۾ اوچتو ڪنھن ڳجهه خوفناڪ رڙ ڪئي. موٽ ۾ ڪٿان ڪنھن چٻري رڙ ڪري، ڄڻ ڳجهه جي خوشامد ڪندي، ها سان ها ملائي. ٻڍڙو وڻ خاموش ٿي ويو هو. هوا، هن وٽان سون سون ڪندي، ٿڌا شوڪارا ڀريندي لنگهي ٿي ويئي. منھنجي دل ڀرجي آئي. چوڻ چاهيم، ”پوءِ ڇا ٿيو بابا!“ پر نڙيءَ ۾ ڪو ڳوڙهو اٽڪي پيو هو، آواز نڪري نه سگهيو. هن هڪ ڊگهو ساهه کنيو، پوءِ پاڻهي چيائين، ”اڄ انھن ئي سٻاجهڙن پکين کي چيو وڃي ٿو ته اوهان سست ۽ ستل آهيو، بي همت ۽ جاهل آهيو، اوهان جو رت ٿڌو آهي.... پر ڪنھن هنن جي ماضيءَ ۾ جهاتي پائي ڏٺو آهي! لڳاتار وسندڙ برسات وانگر، هنن تي جيڪي قهر ڪريا، جيڪي هاڃا ٿيا، تن تي ڪنھن ويچاريو آهي! ڪنھن اهو به سوچيو آهي ته آخر هنن ۾ اها ڪھڙي قوت آهي، جنھن جي ڪري ايڏن قهرن ۽ هاڃن کان پوءِ به هو زندهه رهيا آهن! هن ڌرتيءَ جي مٽي ڪا اهڙي مضبوط ڄميل آهي، جو هزارين طوفانن ۽ زلزلن کان پوءِ به اکڙي ڪانھي. شايد انھن ئي ’سست ۽ ستل‘ سٻاجهڙن پکين جي اتساهه، اورچائي ۽ جاکوڙ جي ڪري، باغ جي عظمت جون پاڙون ايتريون اونھيون هليون ويون آهن جو انھن کي دنيا جي ڪابه هستي پٽي نٿي سگهي...“ هن ٻاجهه ڀري آواز ۾ چيو، ” تون ٿڪي ته نه پيو آهين، پٽ!“

مون يڪدم وراڻيو، ”نه بابا، ننڊ ته منھنجي اکين کان ايترو پري آهي، جيترو هن باغ کان بھار.....“

هن ڳالھه شروع ڪندي چيو، ”مردار شڪري جي تباهي کان پوءِ ائين ٿي لڳو، ڄڻ باغ ۾ ست سريو راڪاس ڦري ويو آهي. چوڌاري رڳو سڃ ۽ ويراني هئي. دنيا آهي ساوڪ ۽ سرهائي جي، ويرانيءَ ۽ سڃ سان، هن جو ڇا! پر سٻاجهڙن پکين جو ته باغ سان ازلي نينهن هو. هنن چيو، ’جنھن ڌرتيءَ تي اسين ڄايا ۽ نپنا آهيون، جتي اسان جا مٽ ۽ سنگتي هھڙن سڪل وڻن ۾ به آکيرا اڏيو ويٺا هجن، جنھن جي لاءِ اسان جي سورهيه وڏڙن، سرن جا سودا ڪيا آهن، جنھن مان اسان کي چوڻو پاڻي ملندو هجي، ان جي لاءِ فقط جاهل، بي ايمان ۽ بيغيرتن کي محبت ڪانه هوندي.... اسين جيءَ کان وڌ مٺڙي باغ ۾ وري ساوڪ ۽ سرهائي آڻينداسين ۽ سندس آزاديءَ جي تاڪائن جون اسين اکيون ڪڍي ڇڏينداسين. پوءِ هو ويرانيءَ سان ڀريل آزاديءَ کي گلي لڳائي، باغ کي سنوارڻ ۾ لڳي ويا. باغ اجڙيل، ويران ۽ لڳاتار لڙاين جو ماريل هو، پر آزاد ته هو....!

”دنيا ۾ آزاديءَ جهڙي ڪا ٻي نعمت آهي ئي ڪونه. غلاميءَ جي ڍئو کان آزاديءَ جي بک ڀلي. آزادي روشن ڏينھن آهي ته غلامي ههڙي اونداهي رات. ويچارا سٻاجهڙا پکي، چار ڏينھن آزاد ٿي رهيا ٿي ته وري غلاميءَ جي رات اچيو ٿي ويئي. پر هنن چئن ڏينھن جي آزادي به وئرٿ ڪانه ٿي وڃائي. هنن غلاميءَ جي سمورن نشانن کي مٽائي، آزاديءَ جي ساوڪ ۽ سرهائي آڻي ٿي ڇڏي. هينئر به جڏهن کين وجهه ملين ته هرڪو پکي پنھنجي آزاد باغ کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ ۾ لڳي ويو. ان وقت تمام پري کان سمنڊن جي ديس جا پکي، سڄي دنيا گهمندا ڦرندا باغ ۾ اچي پهتا. هنن کي اڇا سامونڊي پکي سڏيندا هئا. هو وڻج واپار ڪندا هئا. ڪٿي جون شيون ڪٿي کڻي ويندا هئا. هو جڏهن باغ ۾ آيا ته باغ جون شيون شڪليون ڏسي، اميرن کان اتي رهي، وڻج واپار ڪرڻ جي اجازت گهريائون. اميرن باغ جي ڀلائي ڏسي، هنن کي رهڻ جي موڪل ڏني. پوءِ ته هو ويا وڌندا. هو نه رڳو باغ ۾ پر آسپاس جي ٻين ٻاهرين پکين جي ديسن ۾ به پکڙجي ويا. اڇا پکي، ڏاڍا حرفتي، چالاڪ ۽ چالباز ۽ نيت جا خراب هئا. پوءِ پنھنجي چالبازيءَ کان ڪم وٺي، چوڌاري نفاق ۽ فتني جو ڄار پکيڙڻ شروع ڪيائون.  ان نموني ڪن پکين جي ديس تي قبضو پڻ ڪري ويهي رهيا. باغ جي اميرن کي اها خبر پئي ته سندن ڪن کڙا ٿيا، پر اڇن پکين هنن سان سنهن قسم کڻي ۽ انجام اقرار ڪري، کين چپ ڪرائي ڇڏيو. هو ڏينهون ڏينھن ويا زور وٺندا ۽ آسپاس جا ديس قبضي ۾ ڪندا. نيٺ اچي باغ جي پکين سان به کونس ڪئي. تڏهن باغ جي اميرن پشيمان ٿي چيو ته پاڻھي نانگ پنھنجي ڳچي ۾ وڌوسين. باغ جي پکين وڏن سورن ۽ سهمن کان پوءِ آزاديءَ جا چار ڏينھن سک سانت سان گذاريا هئا. غلامي ته ڄؤر وانگر، هنن جو سمورو رت پي چڪي هئي. پر تڏهن به هنن چيو، ”هيءَ ڌرتي اسان جي ماءُ آهي، هن ڌرتيءَ مان، اسان جو باغ ڦُٽو آهي. هن مان سوين رنگين ۽ خوشبودار گل اسريا آهن، انھيءَ ماءُ  کي اسين ڌارين جي حوالي ڪيئن ڪري ڇڏيون!“هو پنھنجي رهيل کهيل طاقت سان اچي هڪ هنڌ گڏ ٿيا. دنيا ۾ احسان جو بدلو ڪيڏو نه برو ٿو ڏنو وڃي. سٻاجهڙن پکين کي ڪھڙي خبر ته اسين نانگن کي کير پياري وهُه ٿا پاليون. اڄ اهي ئي کانئن، سندن مٺڙو باغ کسڻ جي لاءِ ڪاهي آيا هئا.

”هڪڙي سورهيه مور زور سان نعرو هنيو: ”مري وينداسين باغ نه ڏينداسين.“ پوءِ ڇتي جنگ ڇڙي پيئي. اڇن پکين جي وڙهڻ جا طريقا، اهڙا ته حرفت ۽ چالبازيءَ وارا هئا جو سٻاجهڙن پکين کي انھن جي ڪل ئي ڪانه هئي. پوءِ به هو سرن تان آهو لاهي ائين وڙهيا جو خود اڇن پکين کي چوڻو پيو، ”هي ته ائين ٿا وڙهن، ڄڻ کين پنھنجين حياتين کان به وڌيڪ پياري شئي ڪا ٻي آهي، جنھن جو بچائڻ زندگيءَ کان وڌيڪ اهميت وارو آهي.“ اڇن پکين جڏهن ڏٺو ته هنن جي جذبي ۽ جوش اڳيان، اسين پڪ هارائينداسين، تڏهن هنن دغا ۽ فريب کان ڪم ورتو. مکر ڪري پوئتي هٽڻ لڳا. سٻاجهڙن پکين جو لشڪر ان چالبازيءَ ۾ اچي ويو ۽ نيٺ ويرين جو شڪار ٿي ويو. ان سان گڏ، باغ جي آزادي به هميشه هميشه جي لاءِ ختم ٿي ويئي.....“

ان وقت رڃ مان مور جي ازغيبي وڏين رڙين جو آواز آيو. ڄڻ چئي رهيو هو:”غلط آهي... باغ جي آزادي ڪير به هميشه جي لاءِ ختم نٿو ڪري سگهي...“

ٻڍو وڻ، جيڪو مور جي رڙين تي خاموش ٿي ويو هو، تنھن چيو، ”مان هاڻي ڪِرڻ جي ڪنڌيءَ تي آهيان، پر هن مور جون رڙيون ئي مون کي ڪِرڻ کان روڪي بيٺيون آهن. سوچيندو آهيان: ڇا سچ پچ اسان کان آزاديءَ هميشه جي لاءِ کسجي ويئي آهي. پوءِ زنده رهڻ مان ڪھڙو فائدو! ان وقت هن مور جون رڙيون، منھنجن ڪمزور پاڙن جي لاءِ وڏو آٿت بڻجي اينديون آهن.

”اڇن پکين جو هاڻي چوڌاري راڄ هو. زمانن جا زمانا، سندن راڄ هليو ۽ اٻوجهه پکين کي گهڻو ئي ڦريائون لٽيائون. هنن جو وڇايل فتني ۽ نفاق جو ڄار مضبوط ٿي ويو هو. پوءِ اهڙو ڪو واءُ اچي وريو جو ڇا مان ڇا ٿي ويو. زمانو ئي ڦري ويو، پکي ئي مٽجي ويا. قرب، پيار ۽آزاديءَ جو جذبو، آهستي آهستي ويو فنا ٿيندو. اُهي سٻاجهڙا پکي، جيڪي ڪنھن به شئي کان ايڏي نفرت ڪانه ڪندا هئا، جيترو غلاميءَ کان، تن مان گهڻن غلاميءَ جي پڃري کي خوشيءَ سان قبول ڪري ورتو!  شايد اهو ٿيڻو ئي هو. هنن تي صدين کان جيڪي وهيو واپريو هو، تنھن جو نتيجو اهو ئي نڪرڻو هو.

هنن غلاميءَ ۾ جيڪي سالن جا سال گذاريا، تن سندن ذهنن کي به آهستي آهستي زنگي ڇڏيو. منجهائن ڪئين اهڙا غدار پيدا ٿي پيا، جن پاڻ کي نئين غلاميءَ ۾ پختو ڪري، نون حاڪمن سان خوشامد ۽ صلح سازيءَ ۾ رهي، وڏا وڏا فائدا حاصل ڪيا. هنن ۾ ديس سان محبت ۽ غيرت جو ڪو به لڇڻ ڪونه هو. منجهن لنڊي خوشامد ۽ پڇ لوڏ گهر ڪري ويئي هئي. هو پنھنجن آقائن کي خوش ڪرڻ جي لاءِ، غريب، اٻوجهه پکين جو رت ۽ ماس پيش ڪندا هئا. افسوس! غريبن جي محنت تي مارو ڪندڙ ۽ پنھنجن آقائن جي اڳيان مطلب خاطر پڇ لوڏ ۽ لنڊي خوشامد ڪندڙ پکين جي انھيءَ طبقي، ٽڪر ڀور تي پنھنجي سموري غيرت، عزت ۽ آزادي هميشه جي لاءِ وڪڻي ڇڏي... اڄ معصوم سٻاجهڙن پکين جا اهي رت پياڪ به اهڙا ويري آهن، جهڙا ٻاهريان.

ان وقت باغ ۽ ٻاهرين آسپاس جي پکين جا چار قسم گهڻائي ۾ هئا: باغ جا خاص پکي ته مور ۽ هنجهه هئا. پاسي وارن ديسن ۾ ڪانءُ، ڳجهون ۽ ٻيا پکي رهندا هئا. باغ کانسواءِ هڪ ٻيو ديس به اهڙو هو، جتي هڪ تمام وڏي ڍنڍ هئي، ۽ اتي باغ کان به گهڻا هنجهه رهندا هئا. پر باغ جي هنجهن جو هنن سان ڪو به تعلق ڪونه هو. هو باغ جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي، اتي رهندا آيا هئا. باغ ئي هنن جي ماءُ هئي ۽ باغ جا پکي سندن ڀائر. باغ جي طاقت مور هئا، ته ان جو دماغ ۽ عقل هنجهه هئا. مورن ۽ هنجهن جو رشتو، اهڙو مضبوط ۽ گهرو هو، جو ٽٽڻ جوئي ڪين هو. پر اڇن پکين جي چالبازيءَ ۽ فتني، هنن ۾ نفاق پيدا ڪري ڇڏيو. اڇن پکين کي ڊپ هو ته جي هو گڏجي، اسان جي خلاف اٿي کڙا ٿيا ته پوءِ اسان کي هڪالي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا. هنن مورن کي چوريو ته اوهان جا اصلي مائٽ ۽ خيالن وارا ڪانو ۽ ڳجهون آهن، هنجهه اوهان جا دشمن آهن!  اڇا پکي، ان ڳالھه ۾ ڪامياب ٿي ويا، هنن صدين جي ميلاپ کي ٽوڙي ڇڏيو؛ پر پوءِ سندن راڄ به گهڻو وقت جٽاءُ ڪونه ڪيو. پکين ۾ هنن جي لاءِ نفرت ۽ ڌڪار ويئي ڏينهون ڏينھن وڌندي. هنن جڏهن ٻيو ڪو چارو نه ڏٺو ته نيٺ آزادي ڏيڻ قبول ڪيائون. پر پڇاڙيءَ ۾ وڃڻ وقت به ساڙ ۽ ڪاوڙ وچان، آسپاس جي سڀني ديسن جي پکين کي پاڻ ۾ هميشه جي لاءِ وڙهائي، هڪٻئي جا دشمن بنائي ويا. پوءِ ته جيڪو هو ڏاڍو،  سو گابو.... جنھن جي هٿ ۾ لٺ هئي، تنھن آزادي جي نالي ۾ ڪمزور ۽ معصوم پکين تي لٺ سان راڄ ڪيو....“

جهوني وڻ جو آواز ڍرو ٿيندو ويو. هوا صفا بند ٿي ويئي هئي. مون هن جي خاموشيءَ کان ڊڄي، يڪدم پڇيو، ”بابا، ڇا پوءِ سٻاجهڙن پکين کي به آزادي ملي ويئي؟“

ڪيتري دير تائين، هن جو آواز مون کي سمجهه ۾ نٿي آيو. هن جي آواز ۾ ايترو درد ۽ پيڙا ڀريل هئي جو لفظ ٽٽي ٿي پيا. مون ڪن لائي، پورو ڌيان ڏيئي ٻڌو. هو چئي رهيو هو:

”اهڙي آزادي آئي، جيڪا غلاميءَ کان به بدتر هئي. ڳجهن ۽ ڪانون، مورن کي چيو ته اسين هڪٻئي جا مائٽ ۽ هڪڙي ئي خيال وارا آهيون! اسان کي گڏ رهڻ گهرجي. هنجهه ٻي قوم جا آهن، هنن کي باغ مان ڪڍي ڇڏيو ته وڃي پنھنجن ڀائرن سان گڏ رهن. سنوان سادا مور هنن جي ڳالھه تي ڀنڀلجي ويا. ڪنھن ڪنھن نڀاڳيءَ گهڙيءَ، عقل تي ۽ دلين تي پردا پئجي ويندا آهن. جنھن باغ کي هنجهن رت ست ڏنو هو، تاتيو سانڍيو هو، ان کي ڇڏڻ وقت، سندن دلين جي ڪھڙي حالت هوندي! هو رت روئندا. پنھنجو مٺڙو باغ، پنھنجا آکيرا، پنھنجي سدا سھڻي ندي ڇڏي ويا. هنن جي جاءِ ڪوڙن ڪانيرن اچي والاري، ۽ اک ڇنڀ ۾ باغ جو وايو منڊل  ئي ڦري ويو. جتي مٺڙيون لاتيون لنونديون هيون، اتي ڪانون جي ڪان ڪان جو گوڙ مچي ويو. سٻاجهڙن پکين، آيلن جو آڌرڀاءُ ڪندي، کين پنھنجا ٺهيل جڙيل آکيرا رهڻ جي لاءِ ڏنا، ۽ جيڪي ڪجهه کانئن پنو، سو ڪيائون. سندن سھڻو صاف باغ، سڄو گندو ٿي ويو، تڏهن به ڪي ڪين ڪڇيا. هڪ ڏينھن ڳجهن  ۽ ڪانون پاڻ ۾ ڪو سٽاءُ سٽي مورن کي چيو،“ اسين پاڻ ۾ ڀائر آهيون، انڪري اسان جي هر ڪا شئي گڏ هئڻ گهرجي. اسين هڪ آهيون، انڪري اسان کي هڪ ٿي رهڻ گهرجي...“
ايئن ڪندي، هو مورن کان سڀ ڪجهه کسيندا ويا. ڪجهه وقت گذريو ته وري چيائون. ” اوهين جاهل، سست ۽ ڪمزور آهيو، راڄ اوهان کان هلي ڪونه سگهندو. ڪانءُ تمام سياڻا ۽ هوشيار آهن، ڳجهون تمام طاقت واريون آهن، انڪري راڄ هنن کي ئي هلائڻ کپي.“پوءِ ڳجهن، باغ کي پنھنجي سڄي ۽ ويران برپٽ ۾ ملائي ڇڏيو.

”مور اهڙا ويچارا ٿي ويا هئا جو ٻڙڪ به ٻاڦي نه سگهيا. ڪانون ۽ ڳجهن کي جيئن ٿي من ۾ آيو، تيئن ڪندا ويا. هڪ ڏينھن ڪانون حڪم ڪيو، ’ته اسان جي ڪان ڪان تمام سولي ۽ هر ڪنھن جي سمجهه ۾ ايندڙ آهي، تنھنڪري هاڻي باغ ۾ ڪان ڪان کانسواءِ ٻي ڪنھن به ٻوليءَ جي ضرورت ڪانھي.... اڄ کان وٺي، مور پنھنجي ٻولي ختم ڪري، ڪان ڪان ۾ ڳالھائين!‘

”هنجهه ته اڳي ئي هليا ويا هئا، پر مور پنھنجي ئي باغ ۾ بي گهر ٿي ويا. هنن کان ٻيو ته سڀ ڪجهه کسجي چڪو هو، پر هاڻي سندن ٻولي به بند ٿي ويئي. بيغيرت ۽ خوشامدڙيا مور، جيڪي اڇن پکين جي اڳيان پڇ لوڏ ڪري هري ويا هئا، تن ته پنھنجي فائدي جي لاءِ ساڳيءَ ريت ڪنڌ جهڪائي جي حضور ڪيو، باقي غيرت وارن جي لاءِ عزت سان گڏ، جان بچائڻ به مشڪل ٿي پيئي.

”اهو اڳوڻو باغ، ڄڻ اکين کان ئي گم ٿي ويو. ان کي ڏسڻ جي لاءِ اکيون سڪن ٿيون، روح رڙيون ڪري ٿو، پر ڪنھن کي چئون؟ ڪنھن کي دانھن ڏيون؟ ڳجهون سڄو ڏينھن پيون باغ جي مٿان لامارا ڏينديون آهن ته ڪو مور هٿ اچي ته ان کي کائي کپائي ڇڏيون. ڳجهن جي خوني چيخن ۽ ڪانون جي شور ۾ مورن جي لاءِ جيئڻ ئي وهه ٿي پيو. مور ڀڄي وڃي، جهنگن جهرن ۾ لڪا. اسان جا روح مورن جي مٺڙين رڙين جي لاءِ سڪندا ٿا رهن... سوچيون ٿا: ته جي روح ائين سڪندي سڪندي مري ويا ته پاڙون ڪيئن بچنديون! اهي به سڙي خاڪ ٿي وينديون، ۽ اسين سڀ ڪِري پونداسين. پر ڪڏهن رات جي سناٽي ۾ رڃ مان هڪ ديواني مور جون رڙيون، اسان جي پياسي ۽ سڪندل روحن جي لاءِ امرت بڻجي اينديون آهن. خبر ناهي هي ديوانو مور ڪير آهي؟ هن رڃ ۾ ڇو رهيو پيو آهي؟ شايد باغيچو روح آهي. هن جون سورهيائي ۽ جوش سان ڀريل رڙيون ٻڌي، اسين هوا جي سرگوشين ۾ هڪٻئي کي چوندا آهيون: ’اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي.... اڃا سڀ مور ڪونه مئا آهن....‘ اهو سوچي هڪٻئي کي ڏڍ ڏيندا آهيون ته قدرت هن باغ جو ماضي نھايت شاندار ڪيو هو، ڪڏهن نه ڪڏهن هن جو آئيندو به اهڙو ئي روشن ٿيندو...“

اوچتو ان وقت ڪانون جي ڪان ڪان جو زوردار شور اٿيو ۽ پوڙهي وڻ جو آواز ان ڪان ڪان ۾ دٻجي ويو.

مان ڇرڪ ڀري اٿي ويهي رهيس. مون کي ڪيتري دير تائين هوش ئي ڪونه آيو. ذهن  تي ان عجيب خواب جو اڃا اهڙو ئي اثر هو. مون ٻڏل رڙيون ڪري چيو، ” پوءِ ڇا ٿيو بابا! تون چپ ڇو ٿي وئين.... مون کي ٻڌاءِ نه! پوءِ ڇا ٿيو؟ ... تون خاموش ڇو آهين...“ ڪانون جي ڪان ڪان، منھنجن ڪنن جا پردا ڦاڙي رهي هئي. مون چوڌاري چتائي ڏٺو. سج جو سمورو تيج ختم ٿي چڪو هو، اونداهي رات اچڻ واري هئي. مون کي ستي تمام گهڻي دير ٿي ويئي هئي. منھنجي مٿان جهوني سڪل وڻ تي ڪانون جو هڪ ڪٽڪ ڪان ڪان جو شور مچائي رهيو هو. پريان الائي ڇو ڳجهن جو ميڙ لڳيو پيو هو. هو اڏنديون، خوفناڪ چيخون ڪري رهيون هيون. مون وڻن ڏانھن نظر ڪئي: هر وڻ تي ٽي ٽي چار چار ڳجهون ويٺيون هيون! ان وقت منھنجن ڪنن ۾ مور جون ازغيبي رڙيون گونجڻ لڳيون: ’آسمان گجي گجي نيٺ وسندو.... ڌرتي تپي تپي نيٺ ڦاٽندي..... ۽ اي لافاني باغ! تون نيٺ آباد ۽ سائو ٿيندين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4   
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org