سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون فيبروري- مارچ- اپريل 2024ع

باب:

صفحو:2 

 

 

 

نسرين قريشي

چين جو سفر

 

جيئن ته مان توهان کي پنھنجي سفرنامي ۾  چين جي خوبصورت سفر جي باري ۾ ٻڌائي چڪي آهيان، پر ادي گلبدن جي صلاح ۽ حوصلا افزائي ڪرڻ تي، توهان کي مان پنھنجو چين جو خوبصورت سفر، جيڪو تقريباً اٺن نون مھينن جو هو، ان جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌايان ٿي ته مون ڪھڙا ڪھڙا هنڌ ڏٺا ۽ گهميا ۽ ڪيئن محسوس ڪيو.

اڄ منھنجو، چين ۾ ڏهون ڏينھن آهي. عامر ۽ مان تيار ٿي ويزا آفيس روانا ٿياسين، ڇو جو منھنجي ويزا جو مدو ٽن مھينن جو هو، هتي اچڻ کان پوءِ عامر مون کي اڃا هتي رهائڻ چاهيو پي، سو عامر ۽ مان نڪري پياسين، ويزا آفيس لاءِ. مان پنھنجي نظر سان توهان کي ويزا آفيس جو پسمنظر ٻڌايان ٿي. اسان صبح جو ست بجي ويزا آفيس پھچي وياسين، جيڪا زنگ ڇنگ جي علائقي ۾ هئي. حيرت واري ڳالھه مون کي اها لڳي ته اڃا صبح جا ست ٿيا آهن ۽ هر پاسپورٽ ضرورتمند هتي موجود هو، پر ان کان به وڌيڪ منھنجي لاءِ عجيب ڳالھه اها هئي ته ويزا آفيس جا ملازم پڻ پنھنجي عھدي جي ذميداري محسوس ڪندي، پنھنجي نوڪري ايمانداريءَ سان نڀائي رهيا هئا. وقت جو قدر ڪندي ۽ اها آهي وڏي ڪاميابي، جو چين اڄ سڀني ملڪن کان وڌيڪ ترقي يافته سڏيو وڃي ٿو ۽ ورلڊ ليول تي هي ملڪ، امپورٽ اينڊ ايڪسپورٽ ۾ ڪامياب آهي.

اسان به پنھنجو ٽوڪن وٺي، پنھنجي سيٽ تي ويٺاسين ۽ پنھنجي نمبر جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳاسين، سڀ آفيسر به پنھنجي پنھنجي سيٽ تي ڪم ۾ مشغول هئا.

چين ۾ وقت جي پابندي قانون جي پاسداري ۽ ”پاور آف جسٽس Power of Justice“ سان اتي جي هر آفيس ۾ ڪم هلي ٿو. اتي قانون جو احترام  آهي. جيڪا ڳالھه آفيسرن کي قانون جي دائري کان ٻاهر لڳي ٿي، ان تي هي جلد ايڪشن کڻن ٿا ۽ ان کي رجيڪٽ ڪندي، ڪيٻائين ڪونه ٿا. اسان جي جڏهن واري آئي ته اسان کي سڏيو ويو. اسان جا ڪاغذ Documents پورا هئا. ان آفيس جي ماحول کي ڏسي، هڪ خواهش منھنجي به دل ۾ اڀري ته اسان وٽ به اهڙو ماحول ٿي سگهي ٿو، پر ڪن ڪوتاهين ۽ گهٽتائين جي ڪري، اسان دنيا کان ڪافي پوئتي رهجي ويا آهيون.

 

 

پوءِ ان ماحول تي هڪڙي حسرت ڀري نگاهه وجهي، اسان به ان آفيس مان اٿياسين ۽ ٻيو پروسيجر اڃا وڏي آفيس مان ٿيڻو هو.

هڪ ننڍي ڪيفي تي ناشتو ڪرڻ لاءِ اچي ويٺاسين، چين ۾ اڪثر روڊن تي ننڍا ننڍا ڪيفي موجود نظر اچي رهيا هئا، جيڪي چين جا عام ماڻھو، پنھنجي خاندان جي مدد سان هلائيندا آهن. ناشتي ۾ چانورن جي اٽي ۽ انڊي مان ٺھيل ناشتي جو عامر آرڊر ڏنو، مان مسلمان هجڻ جي حيثيت سان هميشه عامر کي چوندي هئس ته عامر کاڌي جو خاص خيال رک.

ناشتو ڏاڍو لذيذ هو. ڪيفي تي هڪ مرد ۽ عورت ڪم ڪري رهيا هئا. عورت، ڪمزور ۽ ضعيف نظر اچي رهي هئي، جنھن ڪيفي ۾ ناشتو پئي ڏنو.

مون عامر کي چيو ته هنن کان پُڇ ته هنن جو پاڻ ۾ ڪھڙو رشتو آهي. عامر منھنجي چوڻ تي، ان عورت کان انگريزيءَ ۾ پڇيو ته توهان پاڻ ۾ ڇا ٿيو؟

عامر ٻڌايو ته هي پاڻ ۾ ماءُ ۽ پٽ آهن. مان توهان سان ڳالھه ڪئي آهي ته هتي جا ماڻھو پنھنجو پاڻ ۾ ملي ڪري ڪيفي وغيره هلائيندا آهن. ان ڪاروبار مان جيڪو پيسو ڪمائن ٿا، هو پنھنجي ٻچن تي ۽ گهر تي خرچ ڪن ٿا ۽ پنھنجي سٺي زندگي گذارن ٿا.

اسان جو سماج ڪجهه ڳالھين ۾ ته تمام سٺو آهي، پر ڪجهه اوڻاين جي ڪري پوئتي آهي، انڪري ڪن ڳالھين جو نتيجو سٺو ۽ ڪن جو خراب نڪري ٿو. جيئن ته هتي هڪ ڪمزور ۽ ضعيف عورت به پنھنجو ڪم پاڻ ڪرڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏئي ٿي. ان پسمنظر ۾ عورت ۽ مرد گڏ ڪم ڪن ٿا ۽ وڌندڙ عمر جي ڪري، هو پاڻ کي ناڪارا نٿا محسوس ڪن. پاڻ کي مصروف رکن ٿا ۽ گهر جو خرچ سڪون سان هلائين ٿا.

عامر ناشتو ڪرائي، مون کي گهر ڊراپ ڪيو، ۽ پنھنجي روٽين مطابق، روزگار تي نڪري ويو.

حقيقت ۾ انسان جي زندگيءَ جو مقصد، وقت جي پابنديءَ سان جڙيل آهي. پر اسان وٽ، وقت جي پابنديءَ جو قدر نه رهيو آهي. شايد انڪري به اها قوم يا ملڪ ترقيءَ کان پري رهي ٿو. جيڪو وقت کي بادشاهه نٿو مڃي!

***

اڄ مان توهان سان ان ايريا جي ڳالهه ڪندس، جتي اسان جي رهائش هئي، جيڪو (گوانگ) شھر جو هڪڙو ننڍڙو علائقو ’زنگ چن‘ جي نالي سان هو. هتي اها ڳالھه مون ڪٿي به نه ڏٺي ته ننڍڙو علائقو آهي ته ان ۾ ڪا به سھولت نه هجي، جھڙوڪ: پاڻي، گيس، رستا، صفائي وغيره، هتي ڪنھن به ايريا ۾ اهو محسوس نه ٿيو ته هتي حڪومت جي ڪا نگراني ڪانه آهي، هتي جي هر ڪنھن علائقي جو ڏيک سٺو ۽ سھڻو لڳندو. سو مون ڳالھه پئي ڪئي پنھنجي ايريا جي، جتي 30 فليٽن جا بلاڪ هئا، ۽ ۾ هر ڪنھن بلاڪ ۾ 27 يا 25 وڏيون وڏيون عمارتون، جيڪي هر سھولت سان مڪمل هيون، هتي وڏا وڏا شاپنگ مال ۽ مارڪيٽون، اسڪول، لائبرري، زو، فش ايڪيوريم جا انتظام هئا. هتي سوئمنگ پول ۽ پارڪ به جام هئا. هتي اهو محسوس نه ٿيو ته هي علائقو، هڪ وڏي شھر جو ننڍو علائقو آهي.

جتي اسان جي رهائش هئي، ان ۾ 30 فليٽ هئا، جنھن کي بائونڊري وال ڏنل هئي. هتي باغ ۽ ٻارن لاءِ گيمون پڻ رکيل آهن ۽ سڄي باغ ۾، بينچون پڻ رکيل آهن. هتان جا ماڻھو، شام جو تفريح لاءِ اچن ٿا ۽ ٻارن کي پڻ راند کيڏائڻ لاءِ وٺي ايندا آهن.

ماڻھن جي تفريح لاءِ وڏا وڏا پارڪ ۽ اندر ڪالونين ۾  ننڍا ننڍا پارڪ هئا ۽ هرهنڌ ساوڪ جام آهي، تنھنڪري هتان جي موسم به لاجواب آهي. اسان واري ڪالونيءَ ۾ ٽي گيٽ هئا، جيڪي ٽنهي طرفن کان لڳل هئا، جيڪي آٽوميٽڪ نموني سان ڪارڊ جي ذريعي کلندا هئا، اسان جي فليٽ جي چاٻيءَ سان گڏ ڪارڊ به هوندو هو، پر جيڪڏهن ڪارڊ وسري وڃي ته گيٽ وٽ چوڪيدار به بيٺل هوندا هئا. جن جي ڊيوٽي ڏينھن رات هوندي، هڪ ٿلھو چوڪيدار هو، جيڪو صبح جي ڊيوٽي ڏيندو هو، جيڪو ڪجهه سنھو هوندو هو، اهو رات جي ڊيوٽي ڏيندو هو، اهي هر طرح جي نگھباني به ڪندا هئا. ائين ٽنھي گيٽن تي چوڪيدار هوندا هئا.

اتي اسان جي فليٽن جي هيٺان واري ايريا جيڪا ٻاهرين طرف هئي، اتي به هڪ گيٽ لڳل هو، جيڪو گاڏين جي آمدورفت لاءِ هو، اتي هڪڙي طرف گاڏيون بيھنديون ۽ ٻئي طرف اسڪوٽرن جي جاءِ هئي، جتي ماڻھو پنھنجا اسڪوٽي ۽ موٽر سائيڪلون بيھاريندا هئا ۽ موبائل چارج ڪندا هئا ۽ فليٽن جي هيٺان هڪڙي سائيڊ ۾ بئنڪ هوندي هئي، ۽ اي.ٽي.ايم مشينون پڻ لڳل هيون ۽ ٻي سائيڊ ۾ ننڍا ننڍا دڪان هئا، جن ۾ آن لائن گهرايل شيون رکندا هئا، جيڪي اسان وڃي کڻي ايندا هئاسين، جو هتي گهڻي قدر هر شيءِ جو آن لائن جو سسٽم هلي ٿو. ٻيا وري ننڍا ننڍا دڪان، جيڪي هڪ ڪمري ۽ بورچي خاني تي مشتمل هئا، جتي چوويھه ڪلاڪ سروس ۽ کاڌو تيار ملي ٿو.

اسان جا فليٽ جيڪي 18 ۽ 25 منزلن تي مشتمل هئا، سي 30 بلاڪ هئا، سي سڀ آٽوميٽڪ گيٽ سان هوندا هئا. اتي هڪ هال به هوندو هو، جيڪو فئشن وغيره لاءِ ڪم ايندو هو ۽ اتي ٻه لفٽون هونديون هيون، جيڪي 24 ڪلاڪ چالو هونديون هيون ۽ مون، انھن کي، اٺن مھينن ۾ هڪ دفعو به بيھندي نه ڏٺو، ڪالونيون، جن کي هتي ڪميونٽي پڻ چوندا آهن، اهڙيون ڪالونيون هرهنڌ، توهان کي ڏسڻ اينديون، جن ۾ چوويھه ڪلاڪ گيس، پاڻي رهي ٿو. جنھن ڏينھن ڪو ڪم ٿيندو هو ته انھيءَ لاءِ اڳواٽ ئي مين گيٽ تي نوٽس هڻي ويندا آهن، پر ائين تمام گهٽ ٿيندو آهي.

اسان واري فليٽ جي هيٺان هڪڙو ماڻھو پاڻيءَ جو وڏو ٽينڪر کڻي بيھندو هو، جنھن کان ماڻھو پاڻي وٺندا هئا، ٽي رپيار (اتان جا) وڏي بوتل 18 ليٽر واري ۽ ننڍي بوتل هڪ رپيو، اهو سڄو ڏينھن بيھندو هو ۽ وچ ۾ لنچ بريڪ ڪندو هو. ان کي هڪ بيماري به هئي. جنھن کي اڌ رنگ جو هڪڙو قسم چئي سگهجي ٿو، هن جو اڌ پاسو ڏڪندو هو، پر پوءِ به بيڊ تي سمھڻ کان وڌيڪ محنت کي وڌيڪ ترجيح ڏيندو هو. اها به هتي جي ماڻھن جي هڪ خوبي آهي، جو هتان جا ماڻھو، هر عمر ۾ ۽  هر حال ۾ محنت ڪن ٿا.

اسان جي فليٽن جي اندر واري ايريا ۾ باٿ روم به هوندا هئا، جن ۾پاڻي ۽ صفائيءَ جو خاص خيال رکيو ويندو هو، ۽ روز صفائي ٿيندي هئي ۽ ڊسٽ بن جي صفائي به روز جي بنياد تي ڪئي ويندي هئي، نلڪا ۽ واش بيسن به لڳل هوندا هئا.

اسان واري ايريا ۾ هڪ سوئمنگ پول پڻ هو، جنھن کي سخت گرمين ۾ پاڻيءَ سان ڀريو ويندو هو، باقي ڏينھن خالي رهندو هو. انھيءَ جي صفائي لاءِ به هڪ مشين هوندي هئي. مطلب ته هتي انسان جي زندگيءَ جو خاص خيال رکيو وڃي ٿو ته جيئن اهي ڪنھن به پريشانيءَ جو شڪار نه ٿين ۽ ماحول به صاف سٿرو رهي، جيتري آبادي آهي، ايتري سهولت ۽ صفائي جو به انتظام آهي.

*****

مان اوهان کي،اسان جي ايريا کان ٻاهر وارو نظارو ڪرائيندس، جيڪو اسان جي فليٽن جي پٺيئن پاسي هو، اتي مين روڊ هئا، جيڪي اولھه طرف هئا، اهو اسان جي فليٽن جو پويون پاسو هو، ان روڊ تي هڪ ننڍو مال پڻ هو، جنھن جو نالو زنگ ڇن مالٽ هو، جيڪو منھنجي ڪمري جي دريءَ کان نظر ايندو هو. مان جڏهن اڪيلي ٿيندي هئس ته دريءَ مان،ان مالٽ کي ڏسندي هئس، سڄو ڏينھن اتي ماڻھن جي رش هوندي هئي.

پھرين رات جڏهن مان پنھنجي ڪمري ۾ هنڌ تي سُتس ته اهو بيڊ مون کي ڏاڍو سخت لڳو. تنھنڪري منھنجو پٽ ۽ ان جي زال مون کي ان مالٽ ۾ وٺي ويا، اتان منھنجي لاءِ هڪ سوفٽ پٿراڻي ورتائون، پوءِ مان انھيءَ مالٽ مان وڃي روزمره جي گروسري ڪندي هئس، اهو مالٽ هئو ته ننڍو، جنھن کي عامر چچو مالٽ چوندو، پر اتي هر ضرورت جي شيءِ رکيل هوندي هئي، جنھن ۾ ڀاڄي داليون، تيل وغيره هوندا هئا. مالٽ پھرين منزل تي هيو، هن مالٽ ۾ هر شيءِ رکيل هوندي هئي، ٻارن لاءِ گيمون وغيره پڻ هونديون هيون. ڪپڙا جوتا ۽ ڪمبلن جا دڪان پڻ هوندا هئا، جتان اسين پنھنجي ضرورت جو سامان وٺندا هئاسين. مالٽ ۾ شام جو ٻار اچي راند روند ڪندا هئا ۽ ٻي سائيڊ تي کاڌي جا اسٽال وغيره هئا، اتي آچر جي ڏينھن ننڍيون ننڍيون ڇوڪريون اچي ڊانس ڪنديون هيون ۽ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪنديون هيون، ڏاڍي رش ٿي ويندي هئي. ماڻھو به لطف اندوز ٿيندا هئا، مان به ڪڏهن ڪڏهن گهر ۾ هوندي هئس. اسان به تفريح لاءِ ڇنڇر ۽ آچر تي ڪيڏانھن نه ڪيڏانھن نڪري ويندا هئاسين.

اسان جي فليٽن جي ساڄي پاسي ۾ هڪ وڏي بازار هئي، جتي به هڪ ننڍڙو مالٽ هو، جنھن ۾ به مان سامان وٺڻ ويندي هئس، جو اهو مون کي ويجهو ۽ سولو لڳندو، مون کي عامر پئسا ڏئي ڇڏيندو هو، اتي گهڻي قدر هر دڪان تي عورت ويٺل هوندي هئي. انھن دڪانن ۾ گوشت، مرغي، ڀاڄيون، ڪپڙا ۽ پردا سبڻ جا دڪان به هوندا هئا، جنھن ۾ عورتون ڪم ڪنديون هيون، انھن دڪانن تي سوئر جو گوشت ۽ مرغي ڪٽڻ جو ڪم پڻ عورتون ڪنديون هيون، اها مارڪيٽ ڪافي وڏي هئي. اتي پنسار جا دڪان، ميڊيڪل اسٽور، هول سيل جا دڪان، تيل جا دڪان، فروٽ ۽ ڊرائي مڇيءَ جا دڪان پڻ هئا، اتي کاڌي جا اسٽال پڻ هوندا، جن تي پڻ عورتون ڪم ڪنديون، اها مارڪيٽ ڄڻ سڄي عورتن جي مارڪيٽ هئي ۽ ڪافي وڏي مارڪيٽ هئي.

مون کي هنن جي ٻولي سمجهه ۾ ڪانه ايندي هئي، مالٽ ۾ سڀني شين تي قيمتون لکيل هونديون هيون تنھنڪري مان انھن تي لڳل قيمتن کي ڏسي، شيون وٺندي هئس، باقي جيڪو سمجهه ۾ نه ايندو هو ته اتي ڪم ڪندڙ ڇوڪرين کي پئسا ڏيندي هئس، هو ان مان سامان جا پيسا کڻي باقي سامان جي رسيد ۽ پيسا واپس ڪنديون هيون. اتي ڀاڄيون چين جي رپئي جي مطابق سستيون هيون. رپئي ۾ اڌ ڪلو پالڪ، اڌ ڪلو واڱڻ، اڌ ڪلو ڪدو ملندو هو، جو اتي ڪلو جو حساب ڪو نه هو. اتي اڌ ڪلي جي حساب سان شيون ملنديون هيون، تنھنڪري منھنجو سو رپئي جو نوٽ ڪافي ٽائيم تائين هلي ويندو هو. مان صرف ڀاڄي وٺي ايندي هئس. باقي سامان اٽو چانور گوشت مرغي مڇي عامر آن لائن گهرائيندو هو. منھنجي وندر ۽ ورزش لاءِ عامر مون کي ڀاڄين ۽ دالين وغيره لاءِ پئسه ڏيئي ڇڏيا هئا. جيڪي مان وڃي وٺي ايندي هئس ۽ ان سان منھنجي تفريح به ٿي ويندي هئي.

ڪائونٽر تي بيٺل ڇوڪريون مون کي ڏسي، مسڪرائينديون هيون. ڇو جو مون کي انھن جي ٻولي سمجهه ۾ نه ايندي هئي. هڪڙي ڏينھن عامر مون سان سيڌو سامان وٺڻ لاءِ هليو ته ڇوڪرين، عامر کان منھنجي باري ۾ پڇيو. عامر کين ٻڌايو ته هيءَ منھنجي ماءُ آهي. هنن جي مسڪرائڻ ۾ به هڪڙو ادب ۽ احترام هوندو هو، جيڪو هنن جي تھذيب ۽ تمدن ۾ آهي ۽ هتي جا ماڻھو گهڻي قدر ادب ۽ لحاظ وارا آهن. ڪنھن سان هروڀرو جهيڙو ڪو نه ڪن، پر ڪڏهن ڪٿي ڪٿي اهو به ٿيو وڃي، جو اهي به انسان آهن، پر هنن ۾ برداشت آهي.

 

 

 

 

 

گلزاراحمد درس 

 

فروا سحر سنڌ جي بھترين شاعره!!

 

ادب ۾ عورت جو اھم ڪردار رھيو آهي. سماج ۾ تبديليءَ لاءِ، جن عورتن به قلم کنيو آهي، تاريخ ۾ انھن جو نالو، سونھري اکرن ۾ لکيو ويندو. بي حس سماج ۾، جتي عورتن تي تشدد ٿئي ٿو. جتي عورتن کي ڪارو ڪاري جي الزام ۾ ڳڀا ڳڀا ڪيو وڃي ٿو، اهڙي سماج ۽ ھڪ عورت، انھن ظلمن خلاف مزاحمت ڪندي،  قلم کڻي ٿي، يقيناً اھا عورت جس لھڻي! ظلم خلاف آواز اٿارڻ به ھڪ جھاد آهي. ظلم جون ڪاريون راتيون ھجن، جتي اکين ۾ لڙڪ واري بڻجي وڃن، جنھن سماج ۾ حق ۽ سچ جي واٽ تي پٿر وڇايل هجن، ان سماج ۾ سچ وڏي واڪي چوڻ ھمت ۽ بردباري آهي.

اھڙي ئي سماج ۾ جنم وٺندڙ  فروا  سحر، پنھنجي تعليم BA تائين، شاھه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪئي. سندس اَباڻو شھر کهڙا تعلقه گمبٽ ضلع خيرپور ميرس آهي. فروا لکڻ جي شروعات 2015ع کان علم عروض تي لکڻ کان ڪئي. 2017ع کان شاعريءَ جون صنفون غزل گيت وائي چئوسٽو تي طبع آزمائي ڪئي آهي.  فروا سحر، سماج جي ھٿ ٺوڪين ريتن کان بغاوت ڪندي لکي ٿي :

لکين لُڙڪَ ڪَڙڪيا اکين جي وَطن تي!

رَهيا ٽَھڪَ  ناهِن ، اسان  جي چَپن تي!

اُٿو سِنڌ واسِي ڇڏيو ننڊَ گهري،

رکيا پيرَ ظالم  وري هن دَڳن تي!

اسان پيٽ خاطر ڪيا خوب پورهيا،

لڪيرون لِفون ٿيون نه ميندي هَٿن تي!

مِٺي ماءُ ناهي، مِٺو مال جن کي،

کپائن ٿا ڌرتي  وڏيرا  ٽَڪن  تي!

ڀلا ائين ڇو آ سنڌي قوم سان هت!

لڳن روز ڌاڙا اسان جي حَقن تي.

نٿو ڪوبه هِتڙي ڏِئي ڏَڍُ ڏُکيءَ کي،

ڇَٽي لُوڻُ  ٿو  لوڪُ  ”فروا“ ڦَٽن  تي!

فروا سحر، آڌيءَ جي اوجاڳن ۾ لڙڪ پوئي، سماج جي مسئلن جي عڪاسي، پنھنجي شاعري ۾ ڪئي آهي. فروا سحر بغاوتن جي ڀوائتين راتين ۾ جگنو بڻجي، جرڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سماج ۾ سوجھري جي تمنا کڻي، مايوسين جي موسم ۾ توڙي جو ٽھڪ ھن لاءِ ٽانڊن مثل آهن، پر ھوءَ مسڪرائڻ  ٿي چاھي، انھي لاءِ جو مايوسيءَ جو تاثر ھار کائڻ برابر آهي. فروا سحر جي قلمي پورھئي جو قدر ٿيڻ گھرجي. فرواسحر، ان ظالم سماج ۾ جنم ورتو آهي، جنھن سماج ۾ اکين جي ڳالھه، زبان سان ڪرڻ ڏوھه ليکيو وڃي ٿو.

فروا سحر ھڪ خوبصورت تخليقڪار آهي، جنھن پنھنجي شاعري ۾ ڪيئي رنگ ڀريا آهن.

 ھن آسمان جي ستارن کي ڏسي، آسمان تي چڙھڻ جي سوچ نه ڪئي آهي، پر اھو چنڊ بڻجڻ جي تمنا ضرور ڪئي آهي جو روشنيون پکيڙي. جاڳو جاڙيجا سما سک م سمھو.

توڙي جو ھن جا خواب، ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ آهن، ڌرتي لاءِ آهن، پر ھوءَ چاھي ٿي ته جنھن واٽ تي ھن جو  سفر آهي، اھا واٽ ڇڏڻ مھڻو آهي بقول مرشد لطيف جي ته: وٺيو وڃج واٽ، ڪنڌ نه ڦيرج ڪيڏھين. سو ھوءَ تخليق جي سفر تي روان دوان آهي، جيڪو مشڪل ضرور آهي، پر ناممڪن ناهي. سندس تخليقن ۾ ڌرتيءَ ۽ دل وارن جون ڳالھيون نظر اينديون .

جيئن ھن تخليق ۾ فروا سحر ڀٽائي آڏو لڙڪ لاڙيندي چوي ٿي:

کائي  ٿو  هي  سورُ  ڀٽائي،

ناهي   ڪو  دستورُ  ڀٽائي.

سنڌڙي  جھڙي ديس سندي ۾،

ھر  ڪو   آ    مجبور   ڀٽائي.

روز  اکين  سان  ظلم ڏسان ٿي،

آھـــيان  چڪنان  چورُ ڀٽائي.

ويلي جي هڪ ماني جي لئه،

جـــيون آ نــــــــــاسور ڀٽائي.

فروا  پنھنجي  حال اندر ۾،

ماڻھو  هن  بي   نورُ  ڀٽائي.

مون فروا سحر کي پنھنجي قلم ذريعي، ھميشه جھيڙيندي ڏٺو آهي.

اڄڪلھه سنڌي ادب کي اھڙي مزاحمتي تخليقڪارن جي ضرورت آهي. فروا سحر پنھنجي زندگيءَ ۾ جتي سک ڏٺا ھوندا، اتي درد به سندس پلئه پيا ھوندا. پر پنھنجن دردن کي نظر انداز ڪندي، ھوءَ ٻين جا درد لکي ٿي، اھا وڏي ھمت جي ڳالھه آهي، اھي ماڻھو، جن کي ڪارو چشمو پيل آهي، اھي سوچيندا آهن ته سوجھرو  ڪٿ به نه آهي، پراھو تاثر غلط آهي، جيڪڏهن ھڪ جگنو به سوجھرو  ڪري سگھي ٿو ته سوجھري جي اميد ڇو ڇڏجي؟ ڇو اونداھين سان نه جھيڙجي؟ ھڪ تخليقڪار، جڏهن زماني جون ستم ظريفيون پنھنجي اکين سان ڏسي ٿو، ڪوڙ دوکا فريب اکين سان ڏسي ٿو ته ھو  اندر ۾ ٻوسٽ محسوس ڪري ٿو.

فروا سحر، ھڪ حساس دل رکندڙ آهي، سو سندس شخصيت توڙي تخليقون، ھن سماج جي اردگرد ٿيندڙ واقعن ظلمن منفي سماجي روين سان لاڳاپيل موضوعن تي آهن. اکين ۾ کوڙ سپنا کڻي، فروا سحر اڻ ٿڪ جدوجھد تي نڪتل آهي ھو با ھمت، باڪردار آهي. انڪري ٿڪي ٽٽي، ھو ماٺ نه ويھندي! درد جي دڳن تي سندس مسافريون توڙي جو ڪنڊن سان ڀريل آهن، پر رت ھاڻن پيرن سان، ھوءَ اڳتي وڌڻ ٿي چاھي. فروا سحر چوي ٿي:

ويندي ڏانھن پرين، جتي جات نه پايان، وارو ڀرم قائم رھي.

اھو به چوي ٿي: سرتيون دعا ڪجان ته ڀرم ڀاروڙي رھي.

آئون اھو چوندس ته فروا سحر تنهنجون آڱريون ٿڪ نه ڀڃن: تون هميشه لکندين رھين. ھن سماج جي ڏتڙيل مظلوم عورتن لاءِ تون لکندي رھين، ھر ان لڙڪ لاءِ جيڪو دل جي پني تي رت بڻجي لٿو آهي، تون مرڪندين رھين، تيستائين، جيستائين  سماج جاڳي پوي، تنهنجي تخليقي سگھه اڃان به اعليٰ ٿئي. تنهنجي قلم کي روانيءَ جارنگ لڳن، تون مظلوم ماڻهن جو آواز بڻجي، ڏاڍ جا ڏونگر ڪيرائي وجھين، سنڌي ادب ۾ تنهنجو پورھيو شال اڃان به مڃتا ماڻي.

 

 

 

 

فوزيه سنديلو

مون سين هلي سا......

 

May be an image of 2 people, people smiling and scarfهن سان، سڪ وارو روحاني رشتو ته تڏهن کان جڙيو هو، جڏهن هن جا مظلوم عورتن تي لکيل ڪالم ڪاوش ۾ ڇپبا هئا. مان اهي ڪالم پڙهي ڪٽنگ ڪري، پاڻ وٽ محفوظ ڪري رکندي هيس.هن سان ملڻ جي اميد ڪيترائي سال، دل اندر ڌڙڪندي رهي. ايئن ئي هڪ ڀيرو 2005ع جي هڪ رات اينٽري ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ مان جڏھن ماروي هاسٽل ۾ رهي هيس ته، اتي موجود ڇوڪرين کي هن سان ملڻ لاءِ چيم. رات جا ٻارنھن پئي ٿيا، انھن اهو چئي، مايوس ڪري ڇڏيو ته هينئر ته ٽيچرس هاسٽل جا دروازا بند ٿي چڪا هوندا. رابطي جو ڪو ذريعو نه هو. وري هڪ سال کان پوءِ، يعني سال 2006ع ۾، قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد پڙهڻ ويس ته، هن سان تعلق emails ذريعي جوڙي ورتم. هوءَ، جيڪا پنھنجي ڊگهن ڪالمن ۾ عورتن/ ڇوڪرين جي درد ۽ المين جي اکين جي ڏٺي شاهد هئي، انھن جو درد، هوءَ دل جي گهرائين ۾ محسوس ڪندي هئي! اهائي شخصيت منھنجي ideal  هئي. هن جون emails اچي وينديون هيون ته مون کي بي انتھا خوشي محسوس ٿيندي هئي. ڪجهه ادبي ڪھاڻيون ته ڪجهه عورتن جون درد ڪھاڻيون ونڊي وٺبيون هيون. هوءَ ان وقت به پنھنجي لفظن جھڙي معصوم لڳندي هئي. رابطو جڙي وري ٽٽي ويندو هو- وچ ۾ ڪافي عرصو گذري ويندو هو. هڪ ڏينھن سنڌ يونيورسٽي وڃڻ ٿيو، هن جي آفيس ۾ ويٺي، هن جو انتظار ڪيم. هن کي ته ڪو اطلاع به ڪونه ڪيو هيم. ايئن ئي بس ويٺي رهيس، خبر پئي ته هوءَ موڪل تي آهي. نه ملي سگهڻ جو ڏک دل ۾ کڻي مان واپس هلي آيس.

هن کي سامھون ڏسڻ ۽ ملڻ جي خواهش نيٺ جنوري 2022ع جي، ان سرد ڏينھن ۾ پوري ٿي، جڏھن منھنجي ڀاءُ ڊاڪٽر نويد سنديلي جي ڪتاب فلسفي جي تاريخ تي ”آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻو“ ۾ مھورت رکيل هئي. رات جو خوشيءَ ۾ ننڊ گهٽ آئي. ننڊ به ڪيئن اچي ها! 1996ع کان هن سان ملڻ جو ڊگهو انتظار ختم ٿيڻ وارو هو. نيٺ اهو خوبصورت ڏينھن به آيو، منھنجي اڳيان سنڌ جي سگهه ۽ صوفياڻي طبيعت رکندڙ پياري ميڊم امر سنڌو بيٺي هئي. ڄڻ ته هوءَ پنھنجي لفظن مان ٻاهر نڪري آئي هجي. ان مھل منھنجي لاءِ حقيقت خواب بڻجي پئي هئي! اهي مختصر ۽ سھڻا پل جلدي گذري ويا، هوءَ آئي ۽ هلي به وئي، پر دل ته خوشيءَ سان چمڪي پئي هئي! هوءَ هميشه عورتن جي ساٿاري رهي آهي. شايد اهو ئي سبب آهي، جو عورت دشمن، ٿوري ٿوري عرصي بعد، هن خلاف مھم هلائيندا رهن ٿا.

عورت دشمن ماڻھو، هر دفعي مون ڏٺو آهي ته، انھن عورتن خلاف اُٿندا آهن، جيڪي سماج ۾، پنھنجو اهم مقام رکن ٿيون.  اسان جون خواتين خاص ڪري ميڊم امر سنڌو ۽ ڊاڪٽر عرفانه ملاح سنڌ جو روح آهن. سنڌ جي سگهه آهن، مظلوم عورتن جو سھارو آهن. هو عورت مارچ کان وٺي، اياز ميلو تائين، ادبي طور سڀ کان وڌيڪ سرگرم رهندڙ، سنڌ جون سورميون آهن، جن لاءِ لطيف چيو آهي:

سڌائتي سڀ ڪا، بک نه باسي ڪا،

جيھي تيھي ذات جي، جنبش ڪانھي جا،

مون سين هلي سا، جا جيءُ مٺو نه ڪري.

 

فروغ فرخزاد/ علي آڪاش

 

خواهش

 

 

آئون خواهش ڪريان ٿي ته آئون سرءُ وانگي هجان

آئون سرءُ وانگي شانت ۽ درد ڀري هجان

منھنجين آرزوئن جا پن هڪ هڪ ٿي پيلا ٿيندا رهن

منھنجين اکين جي نظر ٿڌي ٿيندي رهي

منھنجي سيني جو اڀ درد سان ڀرجي وڃي

اوچتو ڪنھن غم جو طوفان منھنجي روح کي رهڙي وٺي

منھنجا ڳوڙها مينھن وانگي منھنجي راهن کي رڱيندا رهن

الا ڪيڏو نه چڱو ٿئي آئون رڳو ئي سرءُ هجان

وحشي ۽ شور ڀري ۽ رنگ گاڏڙ هجان

ڪو شاعر منھنجين اکين ۾ پڙهي.... هڪ آسماني نظم

منھنجي پھلوءَ ۾ ڪنھن عاشق جي شعلي جيئن ڀڙڪندڙ دل هجي

ڪنھن لڪل درد جي چڻنگن ۾ منھنجو گيت

ڀڳل کنڀڙاٽين سان گهلندڙ هوا جي گيت وانگي

نٻل دلين تي درد جو عطر ڇٽي

مون اڳيان: جوانيءَ جي سرد موسم جو تلخ چھرو

مون پٺيان: ڪنھن اوچتي عشق جي اونھاري جو تابستان جو آشوب

 

 

 

 

نوشين اڄڻ

هڪ ملاقات

 

 

زندگيءَ ۾ اسان جي اردگرد ڪيترائي ماڻھو آھن، جن سان اسان جو ٿورو گھڻو واسطو پوي ٿو . جيڪڏھن اسان گهر کان ٻاھر نڪرندڙ آھيون مطلب ته پڙھڻ يا پڙھائڻ ۽ ٻين سرگرمين جي ڪري، ته اسان جي سڃاڻپ جو دائرو وڌيڪ ھوندو آهي. يقين ڄاڻو ته اِھا وڏي خوشنصيبي آھي، جو توھان کي ماڻھو، توھان جي ڪم سان سُڃاڻن. بلڪ فقط توھان جي پنھنجي نالي سان سڃاڻن ۽ پڪارن.

ميڊم گلبدن مون کي منھنجي نالي سان سڏيندي چيو، ”دل خوش ٿي وئي، اڄ تون آئينءَ، ميڊم لعل خاتونءَ سان منھنجو تعارف ڪرائيندي، ميڊم چيو، ”اسان فقط نوشين کي سڃاڻون ٿا، ان جي ڪم جي ڪري.“

ھن وقت اسان وٽ سينئر ۽ جونيئر جو مسئلو عام آھي، جنھن جو ذڪر مان ڪيترين ئي جاين تي ٻڌو آھي، ۽ ڪنھن مون کي به چيو هو ته:

ھي سينئر ڪڏھن نه چاھيندا ته جونيئر اڳيان اچن“.

ڪنھن چيو ته، ”سينئر ھاڻي پنھنجون جايون خالي ڪن ته جونيئر سنڀالن.

مان ان قسم جي موضوع تي ڪڏھن به ڪنھن سان بحث ڪرڻ مناسب نه سمجھندي آھيان. ان جو سبب، اھو ٿي سگھي ٿو ته منھنجو ان ڏس ۾ ڪو تجربو نه ھجي يا ڪو ٻيو ئي سبب هوندو!

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

خير گھڻا ئي زندگي جا مرحلا آھن، جنھن وقت محسوس ٿيو ته اھا ڳالھه محض رڳو ان فرد جي غلط فھمي آھي يا ته ان جو ٻيو ڪو سبب ھوندو جو ان کي ائين لڳندو ھوندو ته سينئر نٿا چاھين ته جونيئر اڳتي اچن يا ترقي ڪن.

ان ڳالھه جي پڪ ان ڏينھن به ٿي وئي، جنھن ڏينھن مان اوچتو ميڊم گلبدن سان ملڻ سندن آفيس ۾ ويس.

ميڊم تمام سھڻي انداز ۾ مون سان ملڻ کان پوءِ ، منھنجي خاطر تواضع ڪئي. اسان جي وچ ۾ جڏھن ڪچھري شروع ٿي ته وقت جي خبر ئي نه پئي. ڪچھري جا موضوع، گھر، اسڪول، يونيورسٽي، سماج کان وٺي، مختلف سماجي مسئلا ۽ ڪجهه پراڻيون يادون رھيا.

ميڊم گلبدن ۽ ميڊم لعل خاتون سان ڪچھري ۾ وقت جو اندازو ئي نه ٿيو ته ڪو اسان جي عمر ۾ ايترو فرق آهي يا جونيئر ۽ سينئر جو ڪو مسئلو ھجي! ھونئن به مان سمجھان ٿي ته ھڪ ڪامياب انسان جي طبيعت ۾ اھا ڳالھه ھجڻ لازمي آھي ته ھو ننڍن سان ننڍو، وڏن سان وڏو ۽ ٻارن سان ٻار طور پيش اچي.

ميڊم گلبدن جي ڳالھين ۾ لفظ لفظ منھنجي لاءِ اتساھ ھو. ميڊم سرتيون رسالي جا ٽي شمارا مون کي ته تحفي طور ڏنا ئي، پر ڇھه رسالا وڌيڪ ڏئي، ميڊم چيو، ”جن ڇوڪرين جو سنڌي پڙھڻ ۾ چاھه ھجي، انھن کي ڏجانءِ.

ايتري سٺي ماحول ۾ ڪچھريءَ ۾ وقت ڪيئن گذري ويو، خبر ئي نه پئي.

 

خوشبو بلوچ

نظم (پورهيت)

 

جڏهن به

سانوڻ جي برسات

پنھنجي پوري جوڀن سان

ماحول کي مھڪائيندي آهي،

تڏهن منھنجو ڌيان

هميشه توڏانھن

ڇڪجي ويندو آهي

خبر اٿم،

هي برساتون،

هي خوشيون،

سڀ وڏن ماڻھن جا چونچلا آهن

تو ۽ مون جهڙا ماڻھو

خوشين کان اڻڄاڻ،

پيٽ پوڄا ۽ وقت جي،

ضرورت کي منھن ڏيڻ لاءِ

پيا جيئندا آهيون،

اڄ به برسات جي پھرين بوند سان،

منھنجو خيال

توڏانھن ٿي ويو هيو،

خبر هيم ته:

هھڙي برسات ۾

آلين ڪاٺين تي سانجڻ ڪرڻ،

ڪيڏو ڏکيو هوندو آهي،

پر پوءِ

مون کي خيال آيو ته:

سانجڻ ڪرڻ لاءِ

سيڌي جي ضرورت پوندي آهي.....

اهو سوچيندي اکيون ڀرجي آيون هيم

۽ لڙڪ بي اختيار

منھنجا ڳل پسائي رهيا هئا،

صرف اهو سوچيندي ته:

اي پورهيت!

اڄ به توکي ڪٿي ڪا،

ڏهاڙي نه ملي هوندي،

اڄ به تنھنجي گهر،

آلين ڪاٺين جي باهه نه ٻري هوندي

اڄ به تنھنجا ٻار

بکئي پيٽ ڪيڏو نه رُنا هوندا

 

 

 

 

 

منھنجو سينو: پيڙا، درد ۽ بد

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org