سنڌي بيت
محبت ۽ مجاز
دل جي درد فراق جي، ڪهڙي ڳالهه ڪريون،
پوري ٿئي نه لکڻ سان قلم ٿا به ڌريون،
لکيون لوح قلم جون، ڳالهيون سڀ پريون،
”حسن بخش“ وريون، قصا ڪرين ٿو ڪهڙا.
قصا ڪرين ٿو ڪهڙا، ماٺ ڪرڻ گهرجي،
وهڻ مون کي وهه ٿيو، پاس پرينءَ پُرجي،
ڪاغذ ڪميڻيءَ جو، پهتو وڃي ڌُر جي،
پرين مَن پُرجهي، حال ته ”حسن بخش“ جو!
حال ته ”حسن بخش“ جو، هيڻو هاءِ ٿيو،
ساري سُپرين کي، پچڻ پهه پيو،
ڦوڙائي فراق جي، نهوڙي نيو،
اندر آڙهه عشق جا، اُٿن اُڌميو،
اچي هادي هٿ ڏيو، هاڻ ته ”حسن بخش“ تي.
هاڻ ته ”حسن بخش“ تي، ڪا ٻهڳڻ ڪريو باجهه،
وڏا وڌم واجهه ملڻ لاءِ تو محب جي!
مِلڻ لاءِ تون مُحب جي، فالون وجهان فال،
ساريو توکي سپرين، جر وهايون جال،
جُدا جانبن کان، جيئڻ آهه جنجال،
سر پڻ توتان صدقي، هي مڏيون ڇا مال،
راتون ڏينهان روح ۾، تنهنجي محب مقال،
سُڻي سائل جا سوال، ٿي حامي ”حسن بخش“ سان.
ڏورين ڇو ٿو ڏور، هو ورنهه اٿئي ويجهڙو،
سڄڻ ساهه پساهه ۾، دلبر ناهي دور،
ووڙي ڏس وجود ۾، نرمل سندو نور،
”حسن بخش“ حضور،مري جيءُ ته ماڻئين.
صورت سپرين جي، جهڙو چوڏهينءَ چنڊ،
محبت سندو منڊ، هنيو هوت ”حسن بخش، چئي.
هنيا هوت ”حسن بخش“ چئي، ڪشي قهري ڪان،
مليا محبوبن مٽان، سورن جا سامان،
نيڻين نير و هائيان، ساريو سونهن سندان،
موٽي ملن مان، هي هي، هوت ”حسن بخش، چئي!
عاشق آجل سامهون، اچن اُڏاڻا،
هڪڙيون لوپون لوڪ جون، ٻيا مُحبن جا ماڻا،
جهجها ڦٽ فراق جا، ڳڻتيون ڳاراڻا،
وحدت جي وهنوار ۾، هو وتن وڪاڻا،
پُورن آهن پاليا، سورين ساماڻا،
کورن ۾ کاڻا، هي هي، ”حسن بخش“ چئي!
سر سسئي
اديون، مون سان ڊوهه ٿيو، ڦُر جي آءٌ ويٺياس،
کهنبي رتا ڪپڙا، ڦاڙي لير ڪندياس،
هيءَ وهي سُهاڳ جي، آءٌ ڪنهن سان ماڻيندس،
هاڻي هيڪاندي ٿيندس، هوتن سان ”حسن بخش“ چئي!
جيل جهاڳي جيڏيون، وندر آءٌ ويندياس،
درد پنهنجي دل جا، وڃي دلبر کي چيندياس،
نيائون هوت حڪم سان، ڏوهه نه ڪنهن ڏيندياس
وٺي راهه رڙيون ڪري، پيرين پريندياس،
هاڻ هيڪاندي ٿيندياس، هوتن سان ”حسن بخش“ چئي.
هوتن سان ”حسن بخش“ چئي، ٿيان هيڪاندي هاڻي،
ڏسان ڪو هيارل ڪيچ ڌڻي، مُلڪ ماڻي،
سُک ناهي سيد چئي، خاوند ٿو ڄاڻي،
هاڻي نه ڄاڻي، ڪيئن ڏينديس هوت ”حسن بخش“ چئي!
ڪيئن ڏسنديس هوت ”حسن بخش“ چئي، ڪامل ڪيچ ڌڻي،
”وتعز من تشاءُ وتذل من تشاءُ“ جيڪا واحد کي وڻي،
قدمن تان قربان ٿيان، آهيان پيرن جي پڻي،
جيجان جوش جٽن جي، ڪيو اند، اَڌ هڻي،
آهي گوليءَ کي گهڻي، حُب هوتن جي ”حسن بخش“ چئي!
حُب هوتن جي ”حسن بخش“ چئي، اٿم اساٽ ۽ اڃ،
هاڃو ٿيو هيڻيءَ سان، من ساڙي ڪيائون مُڃ،
سڄڻ ڌاران سيد چئي، سڀئي ڀانيان سُڃ،
اهي عاشقن اُهڃ، هوتن بنا ”حسن بخش“ چئي.
هوتن بنا ”حسن بخش“ چئي، حاڻ وڃايم حال،
ساجن ڌاران سرتيون، مور نه گهرجي مال،
اَٺ ئي پهر آريءَ جو اٿم، زوران زور خيال،
پنهل ٻاجهان پريشان ٿي، ساعت ڀانيان سال،
ٻي نه اُڄي ڳالهه، هوتن ري ”حسن بخش“ چئي.
هوتن ري ”حسن بخش“ چئي، ٿو اندر مون آٽي،
بندي برهه بلوچ جي، قلب وڌو ڪاٽي،
آريءَ جي عشق ۾ وڌس، ورهه وهاٽي،
دانهون ڪيو درد سان ڦڦڙ ٿو ڦاٽي،
ڏکيءَ کي ڏونگر ۾، وڌو اُڃ اُڃاٽي،
هوءَ جا وڌي اُس اوساٽي، تنهن کي رسج هوت
”حسن بخش“ چئي.
تهنهن کي رسج هوت ”حسن بخش“ چئي، جا ڪستان ڪري
ڪاهون،
هاڻي وندر وچ ۾، ڏئي ويچاريءَ واهون،
دلبر جي درد جون، ڪنهن کي ڏيان دانهون،
اچج او راهون، نه ته مران ٿي هوت! ”حسن بخش چئي.
نه ته مران ٿي هوت! ”حسن بخش“ چئي، پُنهون!
مُئيءَ جا خان،
جانب، منهنجي جُدائيءَ جا، مون کي قهري ڪان،
زورؤن زور وٺي ويا، ڏيئي سورن جا سامان،
کڻنديس پير پنهونءَ جو، سرتيون وڃائي شان،
وري ملن مان، ساڳيا هوت ”حسن بخش“ چئي.
ساڳيا هوت ”حسن بخش“ چئي، جيئري شال ڏسان،
جيءُ جنين لاءِ جوڳي ٿيو، وڃي پرين سي پسان،
ڇڏيائون نماڻي ننڊ ۾، ويا مون نه وسان،
آيم بوءِ بهار جي، گؤنرن جي گسان،
پوءِ جانب چوندم جسان، حب ۾ هوت ”حسن بخش“ چئي
حب ۾ هوت ”حسن بخش“ چئي ڏسان شال وري،
نه ته عشق جي اندو هه ۾، وينديس ماءُ مري،
هنيون هوت هڻي ويا تڏهن چاڪن ڪيس چري،
سيڻن سوا سُک جي، ساعت ڪين سري،
اها اٿم ڳالهه ڳري، ٻاجهون هوت، ”حسن بخش“ چوي.
ٻاجهون هوت ”حسن بخش“ چوي، اچي نه آرام،
ٻانڀڻ کي ٻروچ ري، ڪاري آهه قيام،
وٺي ور ولايت ويا، گؤنرا ڀري گام،
جيڪو سور سڄڻ جو، سو آڇيان کڻي عام،
وارو ڪج وريام، هردم هوت ”حسن بخش“ چئي.
هر دم ”حسن بخش“ چئي، سپرين ساڻ هيام،
تڏهن کلي گهڻي خوشيءَ سان،پلنگين گلم وڌام،
کيس وڇائي چاهه مان، سيج بند ٻڌام،
ڪُل پڻ ڪا نه پيام، ته ڪو نيندا هوت، ”حسن بخش“
چئي.
نيندا هوت ”حسن بخش“ چئي، ٻاروچل ٻڌي،
جي خبر پوي ها کوٽ جي، ته ڪا اٿن من مندي،
ٻڌي
هوند
قابو ڪر هي کي ڪيان، جوڙي جوپ ،
ڊوڙي پُوريم در کي، وجهي وک وڌي،
آءٌ بيشڪ برهه بندي، منهنجو نيائون هوت ”حسن بخش“
چئي.
نيائون هوت ”حسن بخش“ چئي،چائت ڪري چوري،
گڏي ويا گوند رين، سا برهمڻ ڀوري،
تي، اها ڇپر ۾ ڇوري،رمي
ٿي رند
،نيائون هوت ”حسن بخش“ چئي.
لڳائي لوري
يئون هوت ”حسن بخش“ چئي، مون کي ويا ماري،
ڏُکي ڏير ڪري ويا، گهنگهر ٿي گهاري،
ڀي ننگا بلوچ ها، جي ويڙا وساري،
ڀينر! برهه بلوچ جو، ٿو ڳاراڻو ڳاري،
اندر آڙهه عشق جا، وڏا وڌا ٻاروچل ٻاري،
ڏاتر ڏيکاري، مون کي ساڳيو هوت، ”حسن بخش“ چئي.
ساڳيو هوت ”حسن بخش“ چئي ، ڏاتر! مون ڏيکار،
ڏوري جنهن ڏسڻ لاءِ، ٿي برهمڻ بيقرار،
ماري حُب هوت جي، برن ۾ بسيار،
پاهڻ ۾ پٿون ٿي، جت ڏسان جيڪار،
هلي پهچ هيڪار، هوتن کي ”حسن بخش“ چئي.
چوان هوتن کي ”حسن بخش“ چئي، ساري سڌ سچي،
سپيرين جي سڪ ۾، ويس پتنگ جيئن پَچي،
ويا ڏير ڏکيءَ جا، ڪريو ڪيچ ڪچي،
بس رهيو ساهه بچي، هوتن لاءِ ”حسن بخش“ چئي.
هوتن لاءِ ”حسن بخش“ چئي، چريو چِت ٿيوم،
جاڳي جهاڳي حب ۾، وڏو وس ڪيوم،
رائي پير رت ڪيا، حُسن حال ويوم،
ڏوريندي ڏونگر ۾،پرو ڪو نه پيوم،
جڏهن هٿان هوت ويوم، تڏهن هنجون هاريان ”حسن بخش“
چئي.
هنئين ۾ هوت لاءِ، گوندر ڪيڙا گَسِ،
آڻي آگ عشق جي، ٻَڌ هُل هنبس،
ههڙو حال حيران ٿيو، ويا سڀئي وس،
پُڇي ڏهاڙي ڏس، هوتن جا، ”حسن بخش“ چئي.
سسئي ڇڏي سُک، هلي هوت پنهونءَ ڏي،
مليا معذوريءَ کي، ڏاج، ڏونگر ۽ ڏُک،
پياسي پنهونءَ لاءِ، باسي هلي بُک،
نڪا سڪاٽي سيءَ ٿي، نڪا لڳيس لُک،
اَياڻيءَ اَهُک، لکيا لوح قلم جا.
سسئ کڻي سُور، هلي هوت پُنهونءَ ڏي،
بندياڻي بلوچ لي پئي پچائي پُور،
ماري محبوبن جي، مُونجهاري معذور،
چاڪن ڪِيڙي چُور، هَي هَي! ”حسن بخش“ چئي.
سسئي سوُر کڻي، هلي هوت پنهونءَ ڏي،
ڏاڍايون ڏير ڪري، ويا هوت هڻي،
ووڙيندي وڻڪار کي، پُرزا ٿي پڻي،
لکين جيت جبل ۾، هيءَ تان هڪ ڄڻي،
سندي گهوٽ گهڻي، هُيس حُب ”حسن بخش“ چئي:
سر مارئي
قسمت قيد ڪياس، نه ته ڪير اچي هن ڪوٽ ۾،
لکئي لوح قلم جي، بندي آءٌ بند ياس،
رحم ڪندو رحمان ڌڻي، شل ڏوٿين کي ڏسند ياس،
درد پنهنجي دل جا، قريبن ساڻ ڪندياس،
وڃي مارُن کي ملندياس، هيڪر ”هسن بخش“ چئي.
هيڪر ”حسن بخش“ چئي، شل مارن کي ملان،
رويو رت اکين مان، ٿي جهانگين ڪاڻ جلان،
جيڪي سُور سانگين جا، سي ڪنهن سان ڪين سلان،
ويڙهيچن ڏيولان، هيڪر ”حسن بخش“ چئي.
هيڪر ”حسن بخش“ چئي، ڏوٿي شال ڏسان،
جن جي فڪر فراق ۾، ويس آءٌ وَسان،
موٽي ماڙيچن سان، هادي شال هَسان،
سي پنو هاريون پَسان، هيڪر ”حسن بخش“ چئي
هيڪر ”حسن بخش“ چئي، ڏوٿي ڏسان شال،
ماروئڙا ملير ۾ مرڪيو چارين مال،
هنيون هت حيران آ، جُسو منجهه جنجال،
ساري سانگيڙن کي، هيڻا ٿيڙم حال،
جيڏيون جهانگيئڙن لاءِ، جر وهايم جال،
سڪندي سنگهارن لاءِ، سيد چئي ٿيا سال،
هاڻي ڀلا ڪر ڀال، ته ملان ماروئڙن کي.
ملان ماروئڙن کي، قيد قفس ڪاٽي،
اديون اباڻن لاءِ، اندر ٿو آٽي،
عمر اندي اوچتي، جهنگ منجهان جهاٽي،
جا سُور وڌي ساٽي، سا موٽي شال ملير ڏي.
موٽي شال ملير ڏي، هيءَ بندياڻي بيواهه،
چِڀڙ چوڙيلين سان، وڃي چُوپيان منجهان چاهه،
ٿڌي واري ٿر جي، سيباڻي کي ساهه،
وُٺا مينهن ملير تي، گسين ڦُٽا گاهه،
عمر! لڳ الله، موٽائج ملير ڏي!
سر ڌنا سري
درد هن دلگير جا، ڪر دفع دستگير!
ٻاجهه ڪر ٻانهيءَ تي، محي الدين مير!
جيلاني جهانگير! ٿي حامي ”حسن بخش“ سان.
حامي ”حسن بخش“ سان، ٿي جيلاني جوان!
توتي آهن توڙ کان، آگي جا احسان،
اسان اٻوجهن جي، تو ريءَ ڪنڌي ڪان،
ميٽ مدايون مون سنديون، مرشڪ مهربان!
دُهرا ڏئين دان، داتا! دران پانهنجي.
داتا دران پانهنجي، دهرا دان ڏيار،
پُر ڪش تون پيار، هٿين ”حسن بخش“ کي.
دليون دستگير کي، چئو سوالي ڪري سڏ،
گوهر ٿيندس گڏ، هڪل ۾ ”حسن بخش“ چئي.
ميران! مدد ٿيءُ، مشڪل ۾ مُريد جي،
حال پَلي هيءُ، ٿي هامي ”حسن بخش“ سان.
ميران! مددي ڪر، مُشڪل ۾ مريد جي،
عاجز اپر آهيان، آءٌ نماڻي نڌر،
گتل گناهن ۾، ۽ ڏوهن جا ڏونگر،
تون پيارو پيغمبر جو، ۽ داور جو دلبر،
گيلاني گوهر! ٿي حامي ”حسن بخش“ سان.
|