سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام حسن بخش

صفحو :2

سنڌي ڪافيون

(1)

[روپ ڪلياڻ ــ تين تال]

                     گهِڙي منجهه عشق جي دريا، هلڻ هُن پار مشڪل آ،
                      لنگهي تنهن حَد لا حد کان، ٿيڻ مُختيار مشڪل آ.
1 ــ       ڪري دُنيا تَرڪ يارو! ڪڍي سٻي لُنگ لانگوٽيا،
                      ڇڏي سِر ساهه جو سانگو، اچڻ اِظهار مشڪل آ.
2 ــ       لاڳاپا لوڪ جا لاهي، ڇني سڀ يار! يارانا،
                     نڱئون نڪري ٿيڻ نانگو، نسنگ نِروار مشڪل آ.
3 ــ       ڏِسي سٻي ڇوهه، ڇولين جا، پَوَڻ ڪاهٻي اِنهيءَ ڪُن ۾،
                     بحر منجهه موج مستيءَ جي، سَٽڻ سر يار مشڪل آ.
4 ــ       ناهي ڪو ٻانڊ، نا سيڻهه، نڪا دُونڊي ملاحن جي،
                     توڪّل جي بنا ترهي، ترڻ سو تار مشڪل آ.
5 ــ       ”حسن بخش“ ! هوش جون ڳالهيون، ڦٽا ڪو ڦَند فڪرن جا،
                     بنا سودي صفا سِر جي، ڏسڻ ديدار مشڪل آ.

 

(2)

[روپ ڪلياڻ ــ تين تال]

 

                        عشق عُقاب، شتاب مون کي،

                       باز وانگي اَچي جهَٽيو آ.

1ــ  چستؤن چڙهي ويو، چرغي وانگر،

                      چنبو سينٻي ۾ سَٽيو ا.

2ــ لُوهون ڏيئي لغڙن واريون،

                     هانءَ ڦَڦڙ کان پَٽيو آ.

3ــ سينو اُمانڪ زوران زوري،

                       اَندر اسان جو ڦٽيو آ.

4ــ  بيشڪ  ڏسي اِهي باشا بحري،

                      ڪين ”حسَن بخش“ هٽيو آ.

(3)

[روپ ڪلياڻ ــ تين تال]

 

اهڙا اِنصاف عاشقن جا،

سهن سر سوز، صُوفِيڙا!

1 ــ     نه ڪيائون ناز نصرت جو، نه دُنيا دَور ڪثرت جو،

               حُزن تن روز هسرت  جو، لاهوتي لال لُوفيڙا.

2 ــ  جگر جن جوش جلايا، هَمَه دَم عم سان ملايا،

               زهر پُر جام پلايا، ناهن سٻي جُوان جُو فيڙا.

3 ــ سامين نا سُور سَلايا، نيزن تي سِر هلايا،

               مانجهين ميدان مَلهايا، سُڃاڻن راز روفيڙا.

4 ــ      ”حسن بخش“ ! عشق ساڙايا،گهاڻٻي منجهه گهوٽ پيڙايا،

               سوُلِيءَ سَردار چاڙهايا، خَيال الخاص خُوفَيَڙا.

(4)

[روپ سهڻي  ــ دادرا]

               عشق کي اُستاد وٺ ڏي جان کي جفا،

                تهَ حاصل تو حضور ٿئي، لهين نُور جا نفعا.

1 ــ شِمر تنهن شيطان کي، هَڻ ڏيل ۾ ڏڦا،

                ماري نفس نادان کي، ڪر سينو پنهنجو صفا.

2 ــ انجام جو الست جو، ڪر هِت نه بيوفا،

               پَڙهه تسبيح تحليل جي ته، ٿئي وعدو وفا،

3 ــ  ذڪر ذاتي ۽ صفاتي ڪر دم ۾ ڪئين دفعا،

             ڇڏ مڪر جا مارڪا، ڪُوڙاخيال ٻيا خَفا.

4 ــ حامي ”حسن بخش“ سان ٿيندو ماڙ ــ مصطفيٰ،

            هلِي حَشر هُل ۾ ڪندو، شافع پاڻ شفا،

 

(5)

[روپ سهڻي ۽ ڀيروي ــ دادرا]

 

                 هن عشق جي آراه، ڪئين هزار ٻهڳڻ ٻاريا،

                 هر ڪو جهان، نينهن جي نشي، جوڳي جُنگ جيريا،

1 ــ  بره باب جي عتاب، ٻيا ڪتاب ڪُل وساريا،

                 ڪئين جوان منجهه طوفان، ڪن جا ڏيل ڪرٽ ڏاريا.

2 ــ ڪربلا قرب ڪبريا، قهري قتل ڪار يا،

                 اُهي مير مُڙيا ڪينيڪي، جن جي موُڙ سر ملاريا،

3 ــ مجني مير اَمير تي، بر ۾ گل بهاريا،

                 جنهن کي ليليٰ هڪڙي لاڏ سان، سَوسَبَق سُو رسيکاريا.

4 ــ مَچ عشق جي محال ”اَنا الحق“ اُجاريا،

                  منصور جهڙا مُنصف، تن سوريءَ سِر سينگاريا

5 ــ چاڪ، صاحب تخت ني، اَسباب ڪُل اُڏاريا،

              جهنگ سيال جي خيال، رانجهن ڀاڻ ٻُهاريا

6 ــ ”حسن بخش“ عاشقن لئي، هَي هَي لُڙڪَ هاريا،

               قربان تن جي نام تان، جن قَول قالُوا جا پاريا.

(6)

[روپ ڀيروي ــ تين تال]

 

ٻُڌي ونَحنُ اَقرب جا نيشان،

آد،يٰـــســيــن آرام ڦِـــٽــايــا.

1ــ حق سُڃاني، حق ڏي هليا،

                  دور دُنيا جي ڪهين نه جهليا،

                جيئن فرمايو فرقان، سامين ڪيڙا پنڌ سجايا.

2ــ صــفاتي مـــنــجهــان ذاتــي ٿــيــڙا،

                نفي، سري، اثباتي ڪيڙا،

                لاهوتي لامڪان، ويراڳين وجود وجايا.

3ــ ”مُوتُو اقبل ال“ مري ويا سي،

                  ”اَن تمُوتُو!“ جيئرا ٿيا سي،

                هردو منجه جهان، پيچ پرين سان تن ڪي پايا.

4ــ  ”حسن بخش“ رک تون ڌيان اندر ۾،

              سوجهي لهه تون نور نظر ۾،

                نه ٿي رُڳو نادان، سڀ وڃن پساه اجايا.

(7)

[روپ ڪلياڻ ــ تين تال]

 

جُو دئُون جهاتي جنين پاتي،

ويــراڳــي واٽ نڄڄا ورنــدا.

1 ــ    سامين کي سور سامايا، گُروءَ جي گهور هڪ گهايا،

                  رانول جي رمز ريجهايا، کوري ۾ خان سٻي ٻَرندا.

2 ــ   چڙهيا سِر نينهن نظاري، سسيون سردار سينگاري،

                پُوري ڪيئون پرت سا پاري، تنهين جا قول سڀ سر ندا.

3 ــ آديسي عشق آڌوتي، لنگوٽيا لال لاهوتي،

               جفا ڪيئون جان جبروتي، سامين جا ڪاڄ سڀ سرندا.

4 ــ  ”حسن بخش“ عشق ۾ آٽن، ڦڦڙ، جيرا اُنهن ڦاٽن،

                 ڪُلهن کان ڪنڌ ٿا ڪاٽن“ سوليءَ منصور نا ٽرندا.

        (8)

[ڪلياڻ ــ تين تال]

                       وٺي ويا واٽ وحدت جي،

                         جلالي جُنگ جو ڳيڙا.

1 ــ ڪاهي آيا مٿي ڪثرت،

                        وٺي وادي، سندي وحدت،

                        ڏٺائون حق جي قدرت،

                       ڇڏي ٿيا ٺاهه، ٺوڳيڙا.

2 ــ نچايا نينهن ناسوتي،

                          ڪيائون سَير ملڪوتي،

                      ڏٺائون ڏيهه جبروتي،

                     رڱيا رس رنگ روڳيڙا،

3 ــ هئا جي صاحب عظمت،

                     هلايا حڪم يا حشمت،

                   هَلي تن جي نه اُت حُجّت،

                   ڪيائين ڪئين عشق اوڳيڙا،

4 ــ ”حسن بخش“ حال سي ڄاڻن،

                   ”مُو تو اقبل ال“ مري ماڻن،

                   الستي واري، اُهڃاڻن،

                   ڀڃن ڀَو ڀول ڀوڳيڙا،

(9)

[ڪڌارا ــ تين تال]

 

             جن  کي لڳو آهي، خبر اُنهن کي،

                اهڙو نيڻن جو ناتو آ.

1 ــ ”فاذ ڪُمروني اَذڪر ڪم“ ٿي،

              سڄڻن پاڻ وڃاتو آ،

2 ــ غيبئون عيب عيوب  ويڙا،

                  ڄاڻ اُنهن سڀ ڄاتو آ.

3 ــ ”صم بُکم عمي“ ٿيڙا،

                     بره ٻوڙو، عشق ٻاتو آ.

4 ــ هوش ”حسن بخش“ تن جو يوڙو،

              جن پيچ پرين سان پاتو آ.

(10)

[ججو نتي ــ تين تال]

سِڪندي سَڙيءَ کي سال لنگهي ويا،

جوڳي زوراور ذات ــ اَلا.

1 ــ ڏينهن سڄو مون ڏک ۾ گهاريو،

روئان اُٿيو اڌ رات ــ الا!

2 ــ روئندي روئندي رين وهاڻي،

پوءَ پرهه ڦٽي پرڀات ــ الا!

3 ــ ويا سنياسي ماري مئيءَ کي،

برهه وسائي برسات ــ الا!

4 ــ ماري مُون معذور کي،

مُحبن ڪيڙو مات ــ الا!

5 ــ شاهه گداگر گولا سونهن،

برهه، سڻائي بات ــ الا!

6 ــ ترڪ ڪرائي توشا تڪيا،

طلب ڪرائي تات ــ الا!

7 ــ درد منجهاران دانهون ڪريان،

هي هي ڪيو هيهات ــ الا!

هر دم ”حسن بخش“ هوت پنهل ري، *18

ٻي وائي ناهي وات ــ الا!

 (11)

[لوڙائو ــ تار دادرا]

                عمر! ياد آهين، مون کي اباڻا،

                وساريان نه وسرن، ڏوٿي ڏاڏاڻا،

1 ــ وڻن ڪين ماڙيُون، هنڌ طُول وهاڻا،

               اصلئون اسان جا، واريءَ تي وڇاڻا.

2 ــ پڪا ڪِرڙ پَٽَن تي، سَڱرَ، ڪرنگهه، لاڻا،

           کائن کاڄ کُنڀيون، مکڻيون مانڌاڻا،

3 ــ ماڙيچا ته مُئيءَ لاءِ، وتن ويڳاڻا،

             سَدا مارُو ساريان ٿي ، سانگي سياڻا.

4 ــ ”حسن بخش“ مارُن جا سوين سُور ساماڻا،

          جيئري جيڏين سان هيءَ گڏبي نه ڄاڻا.

(12)

[ڪوهياري ــ ڏيڍو تار]

                 منهنجا اٺيڙا اڌ رات يار،

                  ماري ويا مسڪين کي.

1 ــ پُنهل وٺي ويا پاڻ سان،

                  جت زوراور ذات،

2 ــ ويا ڇُلائي ڇپرين،

                  ڪُهي ويڙم ڪات.

3 ــ جان جاڳان تان جانب ناهي،

                پره ڦُٽي پر ڀات.

4 ــ هر دم ”حسن بخش“ ٿو ڪري،

              هاءِ هاءِ هيهات

(13)

[تلنگ ــ تين تال]

 

منهنجا محب مٺا منٺار يار!

آءُ اسان وٽ دوست، دلبر!

1ــ  مُحب ماڻا ڇوڪرين ٿو؟ دل ڌتاري نئي ڌرين ٿو:

             آءُ اڱڻ هڪ وار يار، ٿين گوندر سگ گُذر.

2 ــ  باهه برهه جي آتش لائي، جيءَ جگر، جندجان جلائي،

            تنهنجي موهيا حسن هزار يار! دانهه دلبر ڌيانُ ڌر.

3 ــ  نين سڪيلا جڏهن ڏيکاريئي، راهه مسافر يار ماريئي،

            ڏي دلاسو دلدار يار! هميشھ آهيون مجھه حشر.       

4 ــ سيد تو کي سدائين ساري، درد غم ۾ ٿو گذاري،

            ”حسن بخش“ هر وار يار! صاف صورت سر بسر.

(14)

[روپ ججهٽي ــ تين تال]

ڪونه اهڙو ٻيو ڏٺم،

جهڙو عشق جو آواز يار.

 

1 ــ  نا طبيبن ڪو ڇڏيو، برهه جو بيمار يار.

2 ــ  شاهه گدا گر ٿو ڪري، گولا گنهگار يار.

3 ــ  شاهه، سيد راؤ راجا، سڀ برهه جا بردار.

4 ــ              هر دم ”حسن بخش“ عشق جو، آهي ٻانهو ٻهاريدار يار

ڪونه اهڙو ٻيو ڏٺم ...

(15)

[عشق ڀاڳ ــ تين تال]

 

                عشق جي چاڙهي چڙهي،

                 جُنگ جوڳي ويا جبروت ۾.

1 ــ نينهن جي نيزي نظاري، نانگا نيا ناسوت ۾،

              بيت الااقصيٰ جا، اُنهن جي فوق جي فلڪوت ۾.

2 ــ معمور مان مخمور ٿيا، مذڪور تن ملڪوت ۾،

               منصور سي مغفور مالڪ، لامڪان لاهوت ۾.

3 ــ رکي حب ”حسن بخش“ حيدري، هو و يا ها هوت ۾،

            ڪري بيک رنگي پُوربي، خائف ٿيا خلقوت ۾.

(16)

[ڀيروي ــ تين تال]

 

جڏهن عين عجب ٿو چائين، لاڏ ڪيوني مواريان ــ

هڪ لاڏ ڪيو لک ڊاهين.

1 ــ ڪٺين منصور چڙهايو سولي،

ڪئين تو ڪرٽ چيرائين،

”وُنَحنُ اَقرَب“ يار اصل کان،

ساراهيو ٿو سُڻا ئين.

2 ــ کول لقابا، مُنهن اکيون ني،

گهونگٽ گهنڊ تو پائين،

ڪئين ته گهوٽ گهايو ڪامل،

قابل سڀ ٿو ڪنبائين.

3 ــ ”اَلانسان سري وَ اَنا سره“

ڳجهه اندر ٿو ڳالهائين،

مُنصف ٿي ميدان محبت،

ڪربل قتل ڪرائين.

4 ــ ”العشق نارُ الله“ اندر ٿي،

آڙهه مچ مچائين،

”فَاذ ڪروني اَذڪر ڪُم“،

”حسن بخش!“ فائق اِيئن فرمائين.

 


 

 

(17)

[روپ ڪارايل ــ تين تال]

                                عشق اچڻ سان هنيو کڻي نعرو،

                               باهه برهه جو وڄي ويو نقارو ــ

                                                                                       ٻڌي حرص ٿيو حيران.

1 ــ عشق اچڻ سان ڪيا اوتارا،

                               خيال خوشيون سڀ ويا ويچارا ــ

                                                                                       ٿيو سوُرن جو سامان

2 ــ عشق اصل کان اهڙو آهي،

                                علم و عقل جي حاجت ناهي ــ

                                                                                       مُنجهي ويو مروان.

3 ــ حضرت عشق جڏهن جِت آيو،

                              شُوم شيطان تڏهن سيڌايو ــ

                                                                                         نفس ٿيو نادان.

4 ــ ”حسن بخش“ جن کي عشق اِلاهي،

                          وِسري تن کان ٻي سڀ وائي ــ

**                              تن دهرو ملندو دان.

(18)

[ڪوهياري ــ ڪلوڙو]

 

وري شال اَچن الا،

ٻروچل ڀنڀور ۾.

1 ــ آيل! آڙهه عشق جا، هينئڙي مچ مچن.

2 ــ  جيرا  ڦڦڙ،  بُڪيون،  پُنَهل لاءِ  پچن.

3 ــ     هاڙ هٻي جن جو هوت ويو، سي ور ري ڪيئن وهن؟

4 ــ  عاشق انهيءَ آگ تي، ٿا پتنگ جيئن پچن.

5 ــ   جن کي مرض مجاز جو، سي بنهه ڪين بچن.

6 ــ    ملندو و هوت ”حسن بخش“ چئي، سبب ساڻ سچن.

(19)

[ڪوهياري ــ ڪلواڙو]

 

دم دم درد وارن کي،

دلداريون ته ڏجن.

1 ــ عشق آ جن جي اندر ۾ سي آڙاهه منجهه آٽن.

2 ــ فرق جن کي فنا ڪيو، سي ٻيو ڪين ٻجهن.

3 ــ برهه جيڪي بيمار ڪيا، سي پير ڀري پڇجن.

4 ــ سُڌ تنين کي سُورَ جي، جن جا هيَ هي هوت وڃن

5 ــ ”حسن بخش“ هوتن جا، ٿا پلپل پُور پون،

 

 

(20)

[ڪلياڻ ــ تين تال]

 

جوڀن جنسار جانب جو،

تُفنگ تلوار، ڦهه ڦهه ڦهه!

1 ــ ڪُنڊا ڪاڪل، قفس قهري، خطرو خمدار، صف سحري،

             زوراور زلف زور زهري، حسن هٻڪار، ٻهه ٻهه ٻهه!

2 ــ منور پاڪ پيشاني، ۽ ابرو قوس ڪرماني،

            به ترڪش تير مزگاني، چشم چمڪار، چهه چهه چهه!

3 ــ مُنهن مهتاب مهنداري، عجب آ انف اَسرا ري،

            دندان لب لعل مرواري، گوهر گفتار ٽهه ٽهه ٽهه!

4 ــ ”حسن بخش“ هوت کي هيڪر، ڏسي جيڪو، جلي جيڪر،

             شاهي شرطاً نذر ڏيڪر، پون پاشاهه پهه پهه پهه!

 

(21)

[ڀيروي ــ ڏيڍو تار]

 

                          قاصد! نام خدا، چئو يرا بيپروسهه کي،

                          هيءَ سڪايل ٿي سڪي، جنهن جي سوگهو ڪيئي ساهه کي.

1 ــ  رات ڏينهن آرام ناهي، اُڪنڊ آ ارواح کي،

                          ناله فرياد و فغان، منهنجي آههِ بالا آهه کي.

2 ــ   ياد ڪيو يوم الوصلي، رويو ڏسان تنهن راهه کي.

                        معاف ڪر منهنجا مٺا، هن گوليءَ جي ته گناهه کي.

3 ــ     ڪيئن ڪيان، ڪاڏي وڃان؟ هن عشق جي آڙاهه کي ــ

                       نحر قُلزم نا وسائي، بِرهه جي هن باهه کي.

4 ــ  هئي ”حسن بخش“ ناوساري، دلبر دلخواهه کي،

                         اڄ اڱڻ منهنجي مٺا، اََچي واه ٿي بيواهه کي.

(22)

[روپ جو جوڳ ــ چئنچل تار]

 

                وڇوڙي جا ڏينهن شال ويڙا،

                هُجان هوتن سان هيڪاندي!

1 ــ خدا منهنجو يار آڻيندو،

                 مزا هيءُ من ماڻيندو،

                اَچي دُشمن ساڙيندو،

               ڏئي مون ڏينهن جي ٿيڙا ــ

ناهيان پل ورهه کان واندي!

2 ــ جدائي جن ساندي ماري،

ڏاتر سي شال ڏيکاري،

ڪُٺل دل روز ڪو ڪاري،

نهوڙي نينهن جي نيڙا ــ

آهن سي برهه جا باندي!

 وينديس مان ڪيچ ڏي ڪاهي،-2

               لاڳاپا لوڪ جا لاهي،

              ڀُوري در گهر سڀئي ڊاهي،

              جنين مُون سان قول ها ڪيڙا ــ

پُڇايان تن سندا پانڌي!

قبر منهنجي ڪيچ ۾ ٿيندي،-3

               اَديون آءٌ اوڏهين ويندي،

              مٽي ته مُور نا کيندي،

             ”حسن بخش“ سام جي پيڙا ــ

ٿئي نصيب پيراندي!

(23)

[ڪوهيار ــ ڪلواڙو]

 

پنهنجي خان پُنهل لاءِ،

آهيان کورن منجهه کاڻي!

1 ــ برههبندي ته بلوچ جي، ڪيس بيحد بندياڻي.

2 ــ لڳم آرهه عشق جو، هيءُ آگ نه اُجهاڻي.

3 ــ خبر نه پيم خريب جي، آءٌ آهيان آنڄاڻي.

4 ــ رسيج مئيءَ کي رُڃِ ۾، پنهون پاڻ سڃاڻي.

5 ــ پنهل ڏسجان پاڻ ڏي، آءٌ آهيان عيبن هاني.

6 ــ ڇڏج ڪيم ڇپر ۾، آءٌ ڪريان ڪيئن هاڻي؟

7 ــ هڪلڙيءَ کي حب ۾، اچي سيد، ٿج ساڻي!

8 ــ ايندو هوت ”حسن بخش“ چئي، منهنجو اَديون آرياڻي.

(24)

[آسا ــ نيت تال]

 

                          منهنجا ڪيچي ويڙا ڪيچ ڏي،

                          هتان لنگهيا ڪي ڪالهه ڙي؟

1 ــ ستي سار، نه مئي کي ٿيڙي،

                           ڪل ڪيچين جي ڪانه ڪا پيڙي،

                           ڳالهه سورن جي ڪريان ڪهڙي،

                           ور وٺي ويا ويل وڏي ــ

جو وهايم جال ڙي!

2 ــ ڀينر، باهه ڀنڀور کي لايان،

                            ڪيچ ڪشالا بهٽر ڀانيان،

                           واٽ وندر جي واري وسايان

                           ڏس ڏيرن جو، ڪا مون ڏي ــ

                                                 ڪري ڀلايون ڀال ڙي!

3 ــ هر هر هوتن لاءِ حيراني،

                            هت ڀانيان ٿي سڀ ويراني،

                            دوست مٿاهون دل قرباني،

                           ڇوري ڳيڙا ڇپر ڇڏي ــ

                                                                      تن لاءِ ٿيس بيحال ڙي!

 

4 ــ بيهوشپليد کي پرور پليو،

                          ور ولهيءَ کي واٽ تي مليو،

                           کارئون، کير کنڊ ٿي کليو،

                           ڏنا ”حسن بخش“ سيد سڏي ــ

                            دين ايمان جا مال ڙي!

 

(25)

[سُر آسا ۽ مانجهه ــ تين تال]

ڪاپڙي وينڙا ڪان هڻي،

چوري، هينئڙي چاڪ ڙي،

ويا غم ڏئي غمناڪ ڙي!

1 ـ دونهان درد جا روز دُکائن،

رهر پيلا پلٽيو پائن،

نانگا نشي مخمور ڪيا هن،

اَنگ ڀَڀُوتي بيک بڻي،

ڦٽيا ڦت فراق ڙي!

2 ــ   ڪنٺا، ڪُلا لابا، ڪمريون ٻڌائون،

چوتا چاڙهي ڪستيون کنيائون،

بڻڇيون، بيراڳڻيون هٿ ۾ ڪيائون،

رکيئون روح ۾ ڌُر ڌڻي،

پُو رب پيڙن هاڪ ڙي!

 

3 ــ لال لنگوٽيا لُنگ ڪڍن ٿا،

جوڳي، جبروتي پنڌُ پُڇن ٿا،

جيرا تن جا جوس جلن ٿا،

گُر ڏنين ڪا گهور گهڻي،

کامي ٿيڙا خاڪ ڙي!

4 ــ هليا هيرا ڪئين سامي ساڙي،

ساهه سيد چئي، سوليءَ چاڙهي،

تن لئي ”حسن بخش“ ڳوڙها ڳاڙي،

ويا ويچاريءَ ونگ وڻي،

ڄاڻي هڪ رب پاڪ ڙي!

 

(26)

[ سُر آسا ۽ مانجهه ــ تين تال ]

              لاهوتي ويا دلڙي لُٽي،

               ڪنهن کي سُڻايان حالُ ڙي؟

1 ــ ڳانا ڳچيءَ ۾ ڪڻٺا پائن،

نانگا نفيلون ويٺا وڄائن،

ڪاٽيون پنهنجا ڪنڌ ڪپائن،

گهاون وڌا گهوٽ گهٽي ــ

ڏاڍي خوب خيال ڙي!

2 ــ بابو هليا، بر چتائي،

رام پنهنجي سان رمز رلائي،

تاج توڪل جو سر پائي،

وڌا سناسي سُور سٽي ــ

مور نه موهيا مال ڙي!

3 ــ کَل کلاني، ويا ڪنهن ولايت،

حاصل ٿيڙن حق هدايت،

ڪري مون سان عين عنايت،

ڪاپڙي دل جا درد ڪٽي ــ

ڪندا بيراڳي ڀال ڙي!

 

 

4 ــ شامل شريعت شير شڪر ۾،

طالب طرقت، جهم فڪر ۾،

حال حقيقت ذوق ذڪر ۾،

لاڳاپا سڀ لوڪ لٽي ــ

سڪان ”حسن بخش“ سال ڙي!

(27)

[آسا ــ تين تال]

سامين ري منهنجي ڪين سري،

ويهي وهايم رات ڙي!

آٿم طلب اُنهن جي تات ڙي!

1 ــ جُوءِ ڇڏي ويا جوڳي جيئي،

الله آڻيندو ساڳيا سيئي،

حال ڪنديس آءٌ تن سان ويهي،

ماري ميڙم مات ڪري،

برهه وسائي برسات ڙي!

2 ــ ڪابل ڏي ويا ڪاپڙي ڪاهي،

اُڃ اندر ۾ تن کي آهي،

لوڪ لباس اُنهن جو ڇاهي،

مُنهن مُونن تي وهن ڌري،

ذاتي سڌائون ذات ڙي!

3 ــ رُوحيءَ سان جڏهن رُوح رتائون،

خوب خفيءَ سان خيال ڳُتائون،

سريءَ ۾ سر صحيح سڃاتائون،

دوزخ تن کان ڏور ڏري،

ڏاتر ڏنين ڏات ڙي!

4 ــ هاڻِ ”حسن بخش“ اِيندم اوراهان،

پُرب ويڙم جي ته پراهان،

ڪاڻ اُنهن جي ڪنديس ڪاهان،

ماندي هيءَ جن لاءِ مري،

سُڻان سندين شل لات ڙي!

(28)

[ آسا ــ تين تال]

لئي سنياسين ساهه سڙيو، ٿيم اندر ۾ ارمان ڙي ــ

             ڏسي سامين جا سامان ڙي!

1 ــ ڳالهه نه چون حال جي،

پنهنجي خوف خيال جي،

مور نه تن کي مال جي،

ڪفر ڪڍن ٿا ترت تڙيو ــ

مڃي فائق جا فرمان ڙي!

2 ــ ڪاهي آيا منجهه ڪثرت،

وٺي وادي سندي وحدت،

ڏٺئون قادر سندي قدرت،

اَندر آديسين اَلف اَڙيو ــ

ڪُسي ٿيا قربان ڙي!

3 ــ الف احمد جو لاٿئون اولو،

رُوح پنهنجي مان ڪڍيئون رولو،

ڀڳو آديسين ميم جو ڀولو،

پون شيطان سان لال لڙيو ــ

ماريو تن مروان ڙي!

 

4 ــ طلب، توڪل، تن جو توشو،

”حسن بخش“ مايا کان ڪن موشو،

گلا غيبت کان ڪن تا گوشو،

پنو صبر جو تنين پڙهيو ــ

ٿيا حيرت مان حيران ڙي!

(29)

[روپ ڪلياڻ ــ تين تال]

جنين جي جان ۾ آيو،

آ حضرت عشق اِثباتي.

1 ــ ڇڏيويائون نفس کي نائي،

ڪاتي سا ”لا“ سندي لائي،

خفيءَ سان خيال ني پائي،

اَٿن رُوحي سندو رايو،

وڃي ٿيا ذات ۾ ذاتي.

2 ــ آڌوتي الک سان اورن،

ڪلهن کان ڪنڌ ٿا ڪورن،

ويٺا پنهنجي ڏيل ۾ ڏورن،

مٿ مُونن مٿي پايو،

رکن رند رمز ڏيهان راتي.

3 ــ نفي ثابت جن ڪيڙو،

صغريٰ سير تن ٿيڙو،

پرو ڪبريٰ اُنهن پيڙو،

”مُوتُوا قبل ال“ جي چايو،

نه ٿيا سي مرد مماتي.

4 ــ جڏهن هي ڄاڻ ڄاتائون،

ڀلو سڀ بره ڀاتائون،

اَلک سان پيچ پاتائون،

تنين کي گهر هڪ گهايو،

ڇني تو ڇوه مان ڇاتي.

5 ــ ”سِريءَ“ ۾ سُڃاتائون،

”حسن بخش“ ڄاڻ ڄاتائون،

اُتي وڃي نينهن لاتائون،

جِتان وري ڪونه ڪو آيو،

وڌئون ”وَجھ َحق“ جهاتي.

(30)

[روپ ڀيروي ــ تين تال]

هن محبت جي مذڪورن جي،

ڪهڙي ڪريان ڳالهه سوُرن جي!

1 ــ برهه بندي مون کي ڪيو آ بيراني،

دلڙي کي ويو دلبر جاني،

پهه ته پرين جي پُرن جي!

2 ــ درد منجهاران ڪريان دانهون،

اَچن اَندر مان عشق جون آهون،

گهاءَ چشم جي گهورن جي !

3 ــ عشق اَندر ۾ آگ مڇائي،

جوت جانب جي جان جلائي،

کاڻل آهيان کُورن جي !

4 ــ هوت ” حسن بخش“ نور نوراني،

آهي پرين جي پاڪ پيشاني،

ڏسي سُرت وئي سڀ حُورن جي !

(31)

[ڪلياڻ ــ تين تال]

منهنجو منٺار، ڏسي سردار،

سڀڪنهن چيو ته، هي، هي، هي!

1 ــ قمر ۽ شمس شر مانا،

ملائڪ، جن اِنسانا،

حُورون ۽ پريون حيرانا،

سِڪن سهڻي يارلَي، لَي، لَي !

2 ــ شفيع تون شاهه شاهاني،

ٻيا سڀ شاه قرباني،

ساري هند سنڌ درباني،

چيو راوَن ته رَئي، رَئي، رَئي، !

3 ــ جيڪي ڪافر مدعي منڪر،

گرا، گبر، خچر، خَنزر،

ڏسي ڏورئون پيو تن ڏر،

ڀڳا بي ايمان ڀَي، ڀَي، ڀَي!

4 ــ ”حسن بخش“ يا حبيب الله،

هيڻن حامي رسول الله،

پڙهن ڪلمو جي ”اِلا الله“

ڪندو تن شاهه، شَي ، شَي، شَي !


*         آلودي خان شيراڻي واري نسخي ۾  : ”حسن بخش“ هر دم آهي هيئين ۾، وائي ويراڳين وات الا.

**اڳيان

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org