نعت ۽ منقبت
(1) نعت
[ڀيروي ــ ڪلواڙو]
مير مٺا سائين عربي ڄام،
تنهنجو ثاني ٻيو ڪونه ٿي ڄاڻان.
1 ــ ”رب هَب لي اُمتي“ ٻڌوسون،
شاهه شفيع جو شوق وڌيون سون،
دل ته جهلي اِن دام،
لائق، ته در ٿي ليلايان.
2 ــ مرسل، مئيءَ جي ڪج ڪا قسمت،
مير مڪي جا، هاشمي حضرت:
ورنهه وير و ريام،
عرب اُچڻ لي والي، واجهايان.
3 ــ مُئيءَ کي مديني احمد آڻي،
پاڪ حرم جو ڀريان پاڻي،
خاص پين سڀ عام،
سيد تو در سگ سڏايان.
4 ــ جاءِ اسان جي جنت البقيا،
اُتي اسان جا تهدل تڪيا،
”حسن بخش“ سيد سام،
پارس باند، ڳچيءَ ڳل پايان.
(2) نعت
[روپ ڪلياڻ ــ تين تال]
اسان جي شاهه جو ثاني،
نه ڪو ڄمندو، نه ڪو ڄايو،
1 ــ شهنشاهه شاه شريعت جو، توڪل ۽ طريقت جو،
هميشھ حال حقيقت جو، معرفت مرد مرڪايو.
2 ــ سيد آهي سخاوت جو، دولهه درياءُ رحمت جو،
قطب ڪامل آ وحدت جو، سو مرسل مي سامايو.
3 ــ هادي مرشد هدايت جو، والي، ورنهه ولايت جو،
آير پاران عنايت جو، سيد اچي دين سمجهايو.
4 ــ ”حسن بخش، مرد موچارو، آهي ڪُل پير پاڳارو،
قادر آ قرب ڪروارو، اَلِف جنهن لام سان لايو.
(3) نعت
[ڪلياڻ ــ تين تال]
گنهگارن گُناهين کي،
اَوهان جو آسرو آهي.
1 ــ پيغمبر پير تون پارس،
اَجهو آهين ونهيون وارث،
ڏهاڙي ڏينم ڏاتر ڏس
ڌڻي توريءَ ٻيو ناهي!
2 ــ مٺا مُرسل، تون سُڻ آهون،
منجهان دل درد جون دانهون،
ٻُڏن ڏي ٻاجهه جون ٻانهون،
ٻاهر ڪڍ جان سگهو ساهي.
3 ــ مُرسل مير مهرباني،
پسان اوهان جو جسم جاني،
پسايو پاڪ پيشاني،
وهم دل جا وڃو لاهي.
4 ــ ”حسن بخش“ آهي بس هيڪس،
رسول الله، رهبر، رس،
قلب منهنجي جي لاهيو ڪس،
ڇُٽائڻ تو اڳيان ڇاهي.
(4) منقبت امام حسن حسين
[ڪونسيو، تار ڏيڍو]
سادت سونهارا يارا،
فرزند حيدر پير جا.
1 ــ سي ڀلي ڄاوا ڀلا را، موليٰ بئي مقبول ڪيا،
جنتي جايون جڙيون، جهوٽن هند ورا هير
جا!
2 ــ عرب ۾ آڳي اُپايا، آل احمد ڄام جا،
درد ۽ دُک سڀ ويا، سارا سورو يا ته
سرير جا!
3 ــ ڪُفر ڪافر ويا سڀئي، پرڪت سان پنجتن پاڪ جي،
دين مذهب خير ٿيا، سڀ غم ويا غمگير جا!
4 ــ حشر ۾ منهنجي سفارش، مير مرسل کي ڪجو،
هٿين ”حسن بخش“ کي پياريو، شڪر پيالا
سير جا!
(5)مرثيو امام حسين
[روپ تلنگ ــ تين تال]
آيُم اکين مان آب وي، ميان!
ڳلهه ٻُڌم، جڏهن ڪربلا واري!
1 ــ شاهه نبيءَ کي شهيد ڪيائون،
ڪري ته ڪڇن ۾ ڪتاب وي، ميان!
هئا ته قُران جا حافظ قاري!
2 ــ ڪلمي گو فاسق ته ڦري ويا،
ڪونه ڪيائون حجاب وي، ميان!
حُب هُنن حسنين جي هاري!
3 ــ ڪربل جي ميدان ۾ آيا،
بيڏوها بيحساب وي، ميان!
فوج مسافر مير جي ماري!
4 ــ ”حسن بخش“ چئي، حسن حسين جي،
سُڻي شهادت شتاب وي، ميان،
نيرُ نيڻن مان ٿيڙم جاري!
(6) منقبت امام مهدي
[ ڀيروي ــ ڪلواڙو]
آءُ سگهو تون سيد امام،
رويو تو لاءِ هنجو ويٺي هاريان!
1 ــ ور، ولهيءَ کي ڪيم وسارج،
قول ڪيل تون پنهنجا پارج،
جيڪي ڪيئه ته انجام ــ
سيد، توکي سدائين ٿي ساريان!
2 ــ سيد! سڪني سال لنگهي ويا،
درد وڇوڙي جا ورهه ونگي ويا،
ٿيا تيرهن سان تمام ـــ
قُربئون تولي ڪانگ اُڏايان!
3 ــ ڪين وڌائج، ڪُفر ڪنبائج،
مُوذي مُنڪر ماري منائج
اُچن منجهه اسلام ـــ
روز اوهان جي راهه نهاريان!
4 ــ ايندو ”حسن بخش“ مهدي مالڪ،
رحم ڪندو، رب راحم رازق،
سڙي ويندا خر خام ــ
گوهر تولي گهنگهر ٿي گهاريان!
(7) مرثيو، پير پاڳارو شاهه حزب الله شاه
[ڀيروي ــ چئنچل تار]
شاه حزب الله جو ساري ملڪ ۾ ماتم ٿيو.
1 ــ مي محبت جو پيالو، ڪوثر پُر جام ٿيو،
سان پيڻ تنهن جام جي، اثبات هي
الزام ٿيو.
2 ــ سيد عالي مڪان، سو شھ شهيد امام ٿيو،
عرش ڪُرسي زلزلو، آرض و سما ۾ قيام
ٿيو.
3 ــ ماڻهن جنن، حُورن پرين کي زهر ترتئون طعام
ٿيو،
سيد سندي سڪ سوز ۾، سڀني سُمهڻ حرام
ٿيو.
4 ــ ”واحسرا وا“ ڪيو جيئن ڪربلا ۾ قتلام ٿيو،
تيئن ڏک پاڳاري پير جو، اچي سوزمن ۾
مدام ٿيو!
5 ــ تن تي لعنت رب جي، جن خسرن کا خُلام ٿيو،
شاهه شهادت کي رسي، وڃي ڄامن سندو
ڄام ٿيو.
6 ــ هاڻ ”حسن بخش“ درد دلرب جو ته صاح و شام ٿيو،
درجو شاه حسين جو اُن عاشق کي ته
انعام ٿيو. |