سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام حسين بخش

صفحو :1

ڪلام حسن بخش

عارف لاموليٰ

ڪتاب جي باري ۾

(از موءلف)

1900ع جي شروعات ۾، سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ، محترم محمد ابراهيم صاحب جوبي،جو مونکي خط پهتو ته ”سنڌي ادبي بورڊ، سائين حسن بخش جي ڪلام ڇپائڻجو فيصلو ڪيو آهي“. سنڌي ادبي بورڊ وارن جي سنڌي ادب نوازيءَ جو هيءُ مثال ڏسي، خوشيءَ جو اٿاهه سمنڊ منهنجي من ۾ موجون مارڻ لڳو. الحمدلِلِّھ، جڏهن اسان جا اهڙا سٻاجها سڄڻ موجود آهن، ته اسان جي ادب کي لهر نڪو لوڏو!

هنن ڏکن ڏوجهرن جي ڏيهه ۾ ، ره ڪو پنهنجين پنهنجين ڳڻتين ۾ ڳتو پيو  آهي ــ ڪير ٿو ڪنهن جي اوکي اونائي ؟ پر کيرون کٽيون ادبي بورڊ وارن، جن جي ادب نوزي ۽ همت افزائي، اسان جي مئل ادب ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو آهي.

مون به آمنا صد قنا چئي، ڪلام ڪٺو شروع ڪيو؛ پر افسوس، جو هن روشن دل، مرد مڻيادار جو ڪلام تمام ٿورو هٿ آيو آهي. ڪجهه ڪلام ته مون وٽ اڳ ئي موجود هو، پر وري به جتي ڪو سائينءَ جو ساٿاري صحبتي سجهيو ٿي، اتي پاڻ وڃي ، يا ماڻهو مودلي، مشڪل سان چاليهه پنجاهه ڪافيون پنجاهه کن بيت هٿ ڪري سگهيو آهيان ــ جي اهڙي زنده دل، مست، ملنگ شاعر اڳيان تمام ٿورڙا آهن پر جيڪي به حاصل ٿيو آهي، سو ماڻڪ موتين کان وڌيڪ مهانگو ۽ مڻيادار آهي ــ ”جي ماسو ملي مال، ته پوڄار پُر ٿئين!“ (شاهه)

تازو هاڻي شير لغاريءَ جي ڳوٺ ۾، الودي خان جي ڪتبخاني مان، سورهن بيت سسئيءَ جا هٿ آيا آهن. اهڙيءَ طرح اڃا به ڪوشش هلندڙ آهي جيڪڏهن اڃا به ڪلام هٿ لڳو، ته ٻئي ايڊيشن ۾ پيش ڪيو ويندو. خدا ڪري، شال، سڄڻ اڳيان هيءُ اڻپور پورهيو ساب پوي!

ــ عارف الموليٰ

 (1)

 سائين حسن بخش جي زندگيءَ جو احوال خاندان ۽ حسب نسب.

سائين حسن بخش کي اڪثر ”هادي سائين“ ڪري سڏيندا هئا. سندن وڏا، برهانپور مان لڏي، اچي سنڌ ۾ رهيا. سنڌ ۾ سندن پهريون ڳوٺ، قاضي احمد جي ڀر سان، پکرين لڳ ٻڌل آهي. ان بعد سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سندن فيض ۽ اولاد پکڙيو. ڪن ڇتن شاهه ۾ خيما کوڙيا؛ ڪن تعلقي حيدرآباد ۾ گهوٽاڻن شهر ۾ پڳهه هنيا؛ ته ڪن وري ڊُٺڙي ءٌ احمد آباد کي وسايو ــ مطلب ته هر ڪو پنهنجي سٺي سهي آهر ويو ورسندو.

سائين حسن بخش جي نسب جو سلسلو جناب حضرت پير دستگير، سيد عبدالقادر جيلانيءَ سان وڃي ٿو ملي. انهيءَ نسبت سان پاڻ ۽ سندن خاندان جيلاني سيد سڏبا آهن.

ولادت ۽ تعليم ۽ تربيت.

سائين حسن بخش، غالباً 1262 هجريءَ ڌاري، ڳوٺ ڊُٺڙي،  تعلقي شهداد پور، ۾ پنهنجي ناني پير سبحان علي شاهه ”کير پياڪ“ وٽ تولد ٿيا، سندن والد شريف، پير گلزار علي شاهه، تعلقي حيدرآباد ۾، شهر گهوٽاڻن جي لڳ، پير ڀاون شاه جي ڳوٺ ۾ رهندو هو، ۽ اُتي ئي سندن آخرين آرامگاهه آهي.

        سائين حسن بخش، اُن وقت جي عام دستور موجب، پنهنجي ناني جي سر پرستيءَ هيٺ، عربيءَ ۽ فارسيءَ جي چڱي تعليم حاصل ڪئي. مون پنهنجي والد مرحوم جي زباني ٻڌو ته سائين حسن بخش کي مطالعي جو  ايترو شوق هوندو هو، جو پاڻ پنگهي ۾ پيا لڏندا هئا ، ۽ چو طرف ڪتاب پکڙيا پيا هوندا هئا: پاڻ ڪتابن ڏانهن اشارو ڪري، چوندا هئا ته ” ابا! سترهن ديوان هي آهن، ۽ هڪ ديوان هيءَ بندو آهي“.

        جيئن ته تازو تراقم الحروف کي، مرحوم، رئيس حڪيم آلودي،خان شيراڻي لغاري ءَ جي ڇڏيل ڪتابن ڏسڻ جو موقعو مليو، جنهن ۾ هڪ طبي نسخي جي مٿان ڄاڻايل هو ته ”از کتبخانه پير حسن بخش جيلاني ڊٺڙه“ ــ انهيءَ منجهان پوري ساک ملي سگهي ٿي ته سائين حسن بخش وٽ هڪ شاهي ڪتبخانو هو.

جواني جو زمانو ۽ مجاز جي چوٽ.

”جواني ديواني آهي“ــ ان وقت ڪيترا پنهنجي حال ۾ مست ٿي وڃن ٿا. سائين حسن بخش وٽ به جيئن جواني آئي، تيئن اَرڏائي ۽ بيپرواهيءَ سان گڏ، سورن جا سامان کڻي آئي. جيتوڻيڪ سندن چهري ۾ رعب، اکين ۾ ڏيا، ۽ جسم ۾ بيباڪي ۽ بھادري سمايل هوندي هئي، پر اهڙيءَ  زبردست طبيعت کي به مجازي محبت هڻي موهي وڌو، ۽ عشق جا انگور، سِڪ ڀرئي سيني مان سرجڻ لڳا.

        هڪ حسين نينگري سندس محبت جي دنيا ۾ داخل ٿي ــ پر ظالم زمانو ٻن دلين کي ڪٿي ٿو هڪ ٿيڻ ڏئي؟ نيٺ اَها محبت جي ماريل مائي، دنيا وارن جي ظلم و ستم کي به پنهنجي دوست جي ديدن جي دوناليءَ جو گهاءُ تصور ڪري، ھميشھ لاءِ وڃي سُک ۽ آرام جي ننڊ سُتي.

اُن مائيءَ جي ناگهاني موت سبب، سائين حسن بخش جي ته دنيا ئي بدلجي ويئي؛ ۽ مجازي محبت مان، حقيقي عشق جو عقاب، کين چنبن ۾ چائي ويو.

”عشق عقاب، شتاب مون کي، باز وانگي اَچي جهٽيو آ“.                                                                                  (حسن بخش)

عام مشغوليون.

سائين حسن بخش کي ملاکڙن جو خاص شوق هوندو هو،  ۽ سندن اِنهيءَ شوق جي ڪري، تر ۾ وڏا وڏا پهلوان پيدا ٿيا؛ جهڙوڪ جمال سريوال، وغيره. کين شڪار جو به شوق هوندو هو. پاڻ بندوق جا سٺا تو بچي هئا، ۽ باز ۽ باشي جو شوق رکندا هئا. جيئن ته پاڻ هڪ عاشق مزاج ۽ دکويل دل انسان هئا، تنهنڪري راڳ سان خاص اُنس هوندو هون، ۽ سندن محفل ۾ هر وپت ڳائڻا ويٺا هوندا ــ جهڙوڪ ڪوٽ ــ ڌڻي بادشاهه پير صاحب پاڳاري جو خاص نوازيل گويو، آچر ميراثي، ڪافين جو سدا سگهڙ نورشاهه وغيره، جي ٿورن ٿورن ڏينهن کان پوءِ وَر وَر ڪيو پيا اچي سلامي ڀريندا هئا. مطلب ته وٽن سدائين سگهڙن جو سئون، ۽ قربن جو ڪچهريون لڳيون پيون هونديون هيون.

شادي ۽ اولاد.

سائين حسن بخش شاهه پهرين شادي، مون راقم الحروف جي پڙ ڏاڏي پير علي بخش جي دختر سان ڪئي، جنهن منجهان هڪ فرزند به تولد ٿيو، پر ٿوري وقت کان پوءِ وفات ڪري ويو. پوئينءَ عمر ۾، اولاد ٿيڻ لاءِ پنهنجن دوستن ۽ مائٽن جي گهڻي اصرار تي، اُڏري لعل جي ڀر سان، سيدن مان ٻي شادي ڪيائيون، پر ان منجهان به اولاد پيدا ڪونه ٿيو، ۽ پاڻ پنهنجي ڀاڻيجي ــ يعني هن راقم الحروف جي والد ــ پير ڏنل شاهه کي پنهنجو موبي پٽ ڪري سڏيائون.

وفات

چون ٿا ته ملڪ ۾ وبا پکريل هئي ۽ عام جام ماڻهو مري رهيا هئا. هڪ ڏينهن صبح جي وقت ڳوٺ شاهن رند، تعلقي سنجهوري جي هڪ بلوچ عورت اچي عرض ڪيو ته”قبلا، منهنجو ٻچو سخت بيمار آهي، خدا جي واسطي ان کي هلي ڪا دعا ڪريو ۽ دوا دارون ڏسيون“. پاڻ چيائون ته ” بابا! صدقي وڃان ڌڻيءَ جي نام تان، هل ته هلون“. پاڻ  هڪدم وڃي اتي پهتا؛ ڇوڪري لاءِ دعا ڪيائون ۽ دوا دارون ڏسيائون. ڇوڪري گهڻي دير کان پوءِ ڳالهايو  ۽ اک پٽي، پر سائين حسن بخش جن ڦاڻ اتي جو اتي بيمار ٿي پيا. پوءِ پاڻ اتان پينگهي ۾ کڻائي، پنهنجي ڳوٺ ڊُٺڙي پهتا؛ ۽ ستين جمادي الاول، سن 1318 هجري، صبح جي وقت، هن فاني دنيا مان ھميشھ لاءِ برقعو مٽايائون، ۽ بقا جي ملڪ ۾ وڃي آرامي ٿيا ــ ”اِنَّا لِلّٰھ ِ وَ اِنَّا اِلَيھِ رَاجِيعُونَ!“ اهڙي ماڻڪ موتيءَ جي وڃڻ ڪري، ملڪ ۾ مانڌاڻ مچي ويو.اوسي کاسي وارا اورنڀا ڪري رنا، وقت جي شاعرن مرثيا پڙهيا. رمضان فقير واڍي ته هيئن اوساريندي چيو:

آڏا ڏونگر لڪيون، سوڙها ڙي سوڙها،

مرون گهاٽي جهنگ ۾، جوڙا ڙي جوڙا،

ويو وَر ”واڍو“ چئي، گهوڙا ڙي گهوڙا،

ڏير ملن، ذاتر ڪري، ڏوڙا ڙي ڏوڙا،

روثان رت ”رمضان“ چئي، ڳوڙها ڙي ڳوڙها،

هاڻ ٽڪر ۽ ٽوڙا، مون نماڻيءَ نصيب ٿيا!

حليو ۽ پوشاڪ.

سائين حسن بخش کي جن ڏٺو هو، تن جو چوڻ آهي ته ”سائين حسن بخش نهايت ملاحت ۽ صباحت جو صاحب هو. سندن تصوير موهيندڙ، ڏيادار ۽ ڪڻڪ رنگي هئي. اکيون وڏيون، گلابي؛ نڪ ڊگهو، ڪنڍو پيشاني ڪشادي؛ وار ڊگها؛ شهپر گهاٽا، وڏا ۽ رعبدار؛ سونهاري پوري ڪينچيءَ تي ورتل، جنهن کي پيريءِ  ۾ ڪڏهن ڪڏهن ميندي به لڳائيندا هئا، نه ته گهڻو ڪري سفيد هوندي هين؛ قد پورو، ڊگهو، سئين ڪاٺي؛ سينو موڪرو؛ چيلهه سنهي؛ ڪاريون گول، ڪاراين جا وار اُبتا؛ جسم ڀريل؛ ساجي پير جون ٻه آڱريون ٻٽيون، جنهنڪري سنڌي جتي پائڻ ۾ تڪليف ٿيندي هين: مطلب ته سندن صورت نهايت دلڪش ۽ رعبدار هوندي هئي. جوانيءَ ۾ ريشمي لونگيءَ جي دستار ٻڌندا هئا؛ سنهو ريشمي پهراڻ ۽ مخمل جو سائو ڪوٽ پائيندا هئا؛ پيرن ۾ گهڻو ڪري ملتاني سليپر هوندو هون، ۽ ڪڏهن ڪڏهن جوتو يا بوٽ پائيندا هئا. سندن تندرستي سٺي، ۽ طبيعت تواني هوندي هئي.

 

اخلاق ۽ عادتون.

سائين حسن بخش پنهنجي وقت جو وڏو سخي مرد هو. ننگر خانو هميشھ پيو هلندو هون. پاڻ رات جي ماني گهڻيءَ دير کان پوءِ کائندا هئا؛ ڇاڪاڻ ته خيال هوندو هون ته متان ڪو لڙيو کڙيو مهمان نه اچي وڃي. پر جيڪڏهن ڪو بيوقتو مهمان اچي ويندو هو، ته اُن کي پنهنجي رکيل ماني ڏياريندا هئا. ۽ پاڻ بُک ۾ سُمهي پوندا هئا. پاڻ سدائين ”اڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏيهاڙي سومرا“ جي مصداق رهيا. نه دنيا جا طالب هئا، نه دنيا کي گڏ ڪيائون، ۽ هميشھ توڪل جي ترهي تَرندا هئا.

        هڪڙي بوز دار بلوچ کين زمين جو سڄو ڪڙيو ننگر جي خرچ لاءِ ڏنو؛ اُن وَقت ئي هڪ سواليءَ اچي سوال ڪيو؛

جنهن تي پاڻ اُهو سڄو ڪڙيو اُن کي بخش ڪري ڇڏيائون. وفات وقت پنهنجي ڀاڻيجي، يعني منهنجي والد صاحب کي وصيّت فرمايائون ته ”اب اَسان وٽ ملڪيت ڪانهي، متان اُنهيءَ جي آسري ۽ ماڻهن جي چوڻ تي کڏون کوٽين: اسان وٽ الله جو نالو آهي، جو سدا شاهوڪار آهي ــ پاڻ چار ڪوڏيون اسان جي فرض جون ڏجانءِ“

(2)

سائين حسن بخش جي شاعري

جيئن ته اُن سنڌ ۾ ڪافيءَ جي صنف عروج ته پهتل هئي، ۽ غزل جو دور نئون شروع ٿيو هو، تنهنڪري سائين حسن بخش غزلگوئيءَ ۾ تمام ٿوري طبع آزمائي ڪئي آهي؛ باقي ڪافي ـ گو شاعرن ۾ هو هڪ ممتاز حيثيت جا مالڪ، ۽ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. سندن ڪافيون وقت جا ڳائڻا سوکڙيءَ طور ياد ڪري، پنهنجي ڳوٺن ۾ وڃي ڳائيندا هئا. اُن وقت جا ڪافي ـ گو شاعر مصري شاهه، مهدي شاهه، خير محمد فقير هيسباڻي، سليمان شاهه، بيڪس، مخدوم امين محمد، رمضان فقير، سانگي، صاحبڏنو شاهه، ۽ ٻيا مشهور هئا. سائين حسن بخش پنهنجي وقت جو يگانو گو هر هو. سندن ڪلام جو  نمونو ڪيترن کان نرالو آهي. جيڪو رچ، رس يا رنگ سائينءَ جي ڪلام ۾ نظر اچي ٿو، سو ٻئي ڪنهن شاعر جي ڪلام ۾ ورلي نظر ايندو.

        سائين حسن بخش نه رڳو شاعر هو، پر هڪ دردمند دل رکندڙ درويش به هو. سندن هر هڪ لفظ ۾ سوز سمايل آهي، ۽ سندن هڪ هڪ ڪافيءِ ۾ توصوف ۽ توحيد جا چشما اُڌما کا.يندي نظر اَچن ٿا. هو فصاحت ۽ توحيد بلاغت جو درياء آهي. سندن ڪلام ۾ ڪيتريون شاعرانه خوبيون نظر اِنديون ــ ڪٿي سوزو گداز جا سُر منڊل وڄندي نظر اڳندا، ته ڪٿي ” همھ اوست“ جا نعرا؛ ڪٿي ذاتي ۽ صفاتيءَ جا راز سمجهايل هوندا، ته نفي ۽ اِثبات جا اسرار ــ مطلب ته سندن سڄو ڪلام عشق و محبت ۽ سوز گداز سان ڀرپور نظر اِيندو.

ٻين شاعرن جو اثر ۽ تتبع.

ماضيءَ جو اثر حال تي پوڻ ضروري آهي ــ پوءِ اُهو چاهي اَدب هجي، يا زندگيءَ جو ڪو ٻيو پهلو. هر هڪ شاعر ڪنهن نه ڪنهن اڳوڻي شاعر کان ضرور متاثر ٿيندو آهي، ۽ ٿيڻو به ضروري آهي. اهڙيءَ طرح، سائين حسن بخش تي به اُستاد شاعرن جو ڪافي اثر چڙهيل ٿو ڏسجي. کين ڀٽائي صاحب جي رسالي سان دلي محبت هوندي هئي، ۽ انهيِءَ طرز تي سُرن وار ڪافي بيت چيل اٿن.

حمل فقير ۽ سائين حسن بخش.

حمل فقير هڪ ذهين، هوشيار ۽ سگهڙ  شاعر ٿي گذريو آهي. حمل فقير جي رنگين شاعريءَ سنڌ ۾ چڱو چهچٽو ۽ چَس چاهه پيدا ڪيو. حمل فقير پيرسن هو، جو ڊُٺڙي جي قريب، جعفر خان لغاريءَ جي ڳوٺ ۾ گهڻو ايندو ويندو هو. سائين حسن بخش اگرچ اُن وقت جوانيءَ جي سرڪش ڪيڪان تي سوار هو، ته به سندن سليم طبع ۾ اهڙن سالڪن سگهڙن جي صحبت جي سِڪ هئي. انهن ڏينهن ۾، لعل بخش خان لغاري، جيڪو هڪ وڏيءَ سُڌ ٻڌ وا وِ شخص ٿي گذريو آهي، ۽ ٻيا ڪيترا جهونا جهونجهار حمل فقير جا صحبتي هوندا هئا، جن سان حسن بخش شاهه جن جون رس رهاڻيون ٿينديون هيون. اهي ماڻهو، جي سائين حسن بخش جي محفل جا مڻيا هئا، تن جو چوڻ آهي ته ”اسين حمل فقير سان گڏجي ، سائين حسن بخش حمل فقير جي اچڻ جو ٻڌي، پاڻ به اچي محفلن  ۾ شرڪت ڪندا هئا. حمل فقير جي صحبت جي ڪري، سائين حسن بخش سرائڪيءَ ٻوليءَ ۾ به چڱو شعر چيو آهي. حمل فقير جي تتبع تي، بحر طويل ۾ چيل، سندس هيٺيون ڏوهيڙو گهڻو مشهور آهي:

          محبوب مٺا منٺار ميڏا ميئن روز ويکان تيڏيان راهين ــ

آءُ ڪڏاهين!

سـوز فـراق دي سـور ســڻـاونــيــن، دل انـدر ديـن دانـهيـن ــ

آءُ ڪڏاهين!

دل جو ش تيڏي، بيهوس ڪيتي، چوڌار برهه ديان باهين ـــ

آءُ ڪڏاهين!

آهم حال ٿيوين هڻ نال ” حسن بخش “ ، ٻهگڻ ٻاجهه نه لاهين ــ

آءُ ڪڏاهين ــ

سائين حسن بخش جي طبيعت ۾ اهڙي رواني هوندي هئي، جو خيال اچي ويو، ته ٻه ٽي ڪافيون لڳو لڳ چئي ويندا هئا. الله بخش فقير، سندن حاضريءَ جو خاص ماڻهو، مَس قلم موجود رکندو هو ۽ هڪ ٻه ڪافيون لکي وٺندو هو. ڪا مصرع ڪنهن ياد ڪري ورتي ، ته ڪا ڪنهن : اهڙيءَ طرح هن مهراڻ جي موج مان جيڪي موتي هٿ آيا، سي پلئي پيا، ۽ ٻيا ڪيترا رهجي ويا، طبيعت توڙي شعر جي لحاظ سان، پاڻ مذهبي مونجهارن کان هميشھ پري رهندا هئا، ۽ با مسلمان الله الله، يا برهمن رام رام“ واري اصول جا قائل هئا.

” بيدل“ جي وفات 1289 هجريءَ ۾ ٿي آهي. پاڻ ان وقت ويهن بنجويهن سالن جي عمر جا هئا، تهنڪري، بيدل جي تتبعي تي به ڪيتريون ڪافيون چيون اٿن ــ جيئن ته

بيدل:

ڪو نه ڏٺو سين جڳ منجهه جيڏيون، عشق جهڙو آزار ميان! سائين حسن بخش:

ڪونه اهڙو ٻيو ٻيو ڏٺم، جهڙو عشق جو آزار، يار،

اهڙي طرح سائين حسن بخش ٻين هيٺين شاعرن جي تتبعي تي پڻ ڪلام چيو آهي:

(1)               مخدوم امين محمد (ولادت 1254، وفات 1303 هجري):

هالن جي مخدومن منجهان هئا. سائين حسن بخش جا نزديڪي همعصر ۽ همخيال شاعر هئا. هڪ ٻئي جي تتبعي تي تمام گهڻيون ڪافيون چيون اٿن ــ جيئن ته جنين کي عشق جو آهي، نشو نروار اثباتي .............

1 ــ کنيئون هٿ نرهه جا ڀالا،      رسيا عبديءَ ڪنا اعليٰ،

ڪنين ويراڳ جا والا،   وڌائون فڪر کي ڦاهي:

سا لائي ”لا“     سندي ڪاتي!

2 ــ کٽي سا راند ٿيا راسا،    پئون ٻارهن پئي پاسا،

خفيءَ ۾ خان ٿيا خاصا،    ڇڏيئون گهر ڍاوَ جا ڊاهي:

رکي هڪ رمز          ڏينهان راتي!

3 ــ اُندر ۾ عشق جا کورا،    مڃيائون محب جا ٿورا،

پڃي ڪئين بت ڪيئون ڀورا،       تنين جي شرج شڪ ناهي:

ڪين ظاهر         ذات ۾ ذاتي!

4 ــ ”اَمين محمد“ اُهي آندا،     جي ”هو“ ۾ هوءِ هيڪاندا،

نه هڪ دم ورھه کان واندا،     ٿي ماريا موت مت ڇاهي:

م چئو سي      مرد مماتي!

ـــ (مخدوم امين محمد)

سائين حسن بخش:

جنين جي جان ۾ آيو،    آ حضرت عشق اثباتي...

1 ــ ڇڏيائون نفس کي نائي،    ڪاتي سا ”لا“ سندي لائي،

خفيءَ سان خيال ئي پائي،    اٿن روحيءَ سندو رايو:

وڃي ٿيا     ذات ۾ ذاتي!

3 ــ نفي ثابت آ جن ڪيڙو،      صغريٰ سير تن ٿيڙو،

پرو ڪبريٰ اُنهن پيڙو،   ”موتوا قبل ال“جنين چايو:

نه ٿيا سي        مرد مماتي!

4 ــ جڏهن هي ڄاڻ ڄاتائون،    اَلک سان پيچ پاتائون،

ڀَلو سڀ برهه ڀاتائون،    تئين جي گور هڪ گهايو:

ڇني ٿو ڇوهه        مان ڇاتي!           

5 ــ سري ۾ سر سڃاتائون،      ”حسن بخش“ ڄاڻ ڄاتائون،

اُتي وڃي نينهن لاتائون،    جتان وري ڪو نه ڪو آيو:

وڌئون ” وجھ حق“ ۾ جهاتي!

(2)سليمان شاهه، ولد محمد شاهه، لڪياري، ڳوٺ بودنو ڏاهري، تعلقو نوشهرو فيروز، پير صاحب حزب الله شاهه پاڳاري جو مريد ۽ سائين حسن بخش جو همعصر هو. هڪ ٻئي جي تتبعي تي گهڻيون ڪافيون چيون اٿن ــ جيئن ته بنا لشڪر خزاني جي، ٿيڻ سلطان مشڪل آ

1 ــ دم دم ۾ دل هميشھ، خفا دلدار جي ٻاجهان،

             گهڙي هڪ يار کان پاسي، منهنجو گذران مشڪل آ.

2 ــ   اگر ڪنهن چيز کي هڻجي، ڪسي ڪو ڪان اٽڪل سان،

          لڳي ڪنهن ريءِ ڏسڻ ٻاجهان، چٽڻ نيشان مشڪل آ،

3 ــ لڳي ”سليمان“ کي عبرت، ڏسي انصاف قدرت جو،

            بنا جهڙ جي منجهان آسمان، وسڻ باران مشڪل آ.

سائين حسن بخش:

          گهڙي منجھه عشق جي دريا، هلڻ هن پار مشڪل آ،

          لنگهي تنهن حد لا حد کان، ٿيڻ مختيار مشڪل آ،

1 ــلاڳاپا لوڪ جا لاهي، ڇني سڀ يار يارانا،

            نڱئون نڪري ٿيڻ نانگو، نسنگ نروار مشڪل آ،

2 ــ ڏسي سي ڇوهه ڇولين جا، پوڻ ڪاهي انهيءَ ڪُن ۾،

         بحر منجهه موج مستيءَ جي، سٽڻ سِر يار مشڪل آ،

3 ــ ناهي ڪو ٻانڊ، نا سيڻهه“ نڪا ڪشتي ملا حن جي،

          توڪل جي بنا، ترهي ترڻ سو تار مشڪل آ،

4 ــ ”حسن بخش، هوش جون ڳالهيون، ڦٽا ڪر ڦند فڪرن جا،

         بنا سودي صفا سر جي، ڏسڻ ديدار مشڪل آ.

(3) ڪمال فقير:

                ڏي سگهو ساٿي وڃي، نازڪ نياپو يار کي:

(4) صاحبڏنو شاهه:

                قاصدا، نامِ خدا، ڏي نياپو يار کي!

(5) ڪمال فقير، ٻيو:

پلڪ ۾ پانڌي! وڃي چئو حال، حيدر شاهه کي،

مرتضيٰ، موليٰ علي، هيڻن سندي همراه کي.

1-  ٻانهون ٻڌي ٻهڳڻ اڳيان، وڃ درد سان دل خواه کي،

           پارت پورهيت جي ڪجانءِ، وڃي مومئن جي ماه کي.

2- اکڙيون عرب جي پار ڏي، رويو نهارڻ راه کي،

          بي وسيلن جا وسيلا! واه ڏي بيواه کي،

3- ”ڪمال“ کي حُسب ڪربلا جي، اڪنڊ آ ارواح کي،

          سِڪ اٿم سيني ۾ گهڻي، شاه نجف جي شاه کي.

سائين حسن بخش:

          قاصدا! نامِ خدا، چئو يار بيپرواه کي،
                            هيءَ سِڪايل ٿي سِڪي، جهنه جي سوگهوڪيڙ ساه کي.
1ــ        رات ڏينهن آرام ناهي، اُڪنڊ آ ارواح کي،

                           ناله، فرياد و فغان، منهنجي آههِ، باليٰ آه کي.
2 ــ       ياد ڪيو يوم الوصال، رويو ڏسان ٿي راه کي،
          معاف ڪر منهنجا مٺا! هِن گوليءَ جي ته گناه کي.
3 ــ       ڪيئن ڪيان، ڪاڏي وڃان؟ هن عشق جي آڙاه کي،
                           بحرِ قلزم نا وسائي، برهه جي هِن باه کي.
4 ــ       هي ”حسن بخش“ نا وساري، دلبر دل خواه کي،
          اَچ اڱڻ منهنجي مٺا! اَچي واه ٿي، بيواه کي.
 (6)خير محمد فقير هيسباڻي:

انهيءَ سيف اَبرو جي سوين، مانجهي هزارين ماريا

1- ڪئين ماريا ڪئين جياريا، ڪئين عشق جا آزاريا،

             انهيءَ شوق شيرين جي سبب، فرهاد ڏونگر ڏاريا. 

2- ڏنو تخت کي رانجهن ترڪ، ٻيا اسباب ڪُل اڏاريا،

             رنگپور جي رهاڻ لئي ٿي چاڪ وڇڙا چاريا.

3- صنعان جهڙن سالڪن، تقويٰ جا ورق وساريا،

               انهي زلف جي زنجير ۾، ڪاڪل ڪمڙا ڪاريا.

4- سني ”خير محمد“ ايءَ خبر، ورد و وظائف واريا،

              جيڪي عشق آدم سين ڪيا، سي قول پنهنجا پاريا.

سائين حسن بخش:

هن عشق جي آڙاهه ڪئين هزار ٻهڳڻ ٻاريا،

هر دو جهان نينهن جي نشي، جوڳي جنُگ جياريا.

1 - برهه باب جي عتاب ٻيا، ڪتاب ڪُل وساريا،

             ڪئين جوان منجهه طوفان، ڪن جا ڏيل ڪرٽ ڏاريا.

2- مجني، مير امير تي بَر ۾ گل بهاريا،

              جنهن کي ليليٰ هڪڙي لاڏ سان ، سَوَ سبق سور سيکاريا.

3- ڪربلا قوب ڪبريا، قهري قتل ڪاريا،

                اهي مير مُڙيا ڪين، جن جي موڙ سر ملهاريا.

4-  چاڪ، صاب تخت جي، اسباب ڪل اُڏاريا

                 جهنگ سيال جي خيال، رانجهن ڀاڻ ٻهاريا،

5-  ”حسن بخش“ هوتن لئي، هَي هَي لڙڪ هاريا،

                 قربان تن جي نام تان، جن قول ’قالوا‘ جا پاريا.

مطلب ته سائين حسن بخش جي زندگي، شاعرن ۽ درويشن جي صحبت کان ڪڏهن به خالي نه رهي آهي. سندن ڪلام ۾ هر هڪ نغمو سوز ۽ ساز جو مجموعو نظر اچي ٿو، ۽ هر هڪ شعر ۾ حقيقت جو جام لبريز آهي.

        جيڪڏهن ڪو ماڻهو، ڪنهن زنده ڪل شاعر جي زندگيءَ کي ان جي صداقت ڀر ئي ماحول ۽ پاڪ جذبن جي روشنيءَ ۾ ڏسڻ چاهي ٿو، ته مناسب آهي ته سندس ڪلام جو مطالعو ڪري: ڇاڪاڻ ته ڪنهن به شاعر جو ڪلام، خالي ڪلام نه هوندو آهي، بلڪ ان کي انهيءَ شاعر جي زندگيءَ جو سچو پچو آئينو سڏجي ٿو، جنهن منجهان سندس لافاني تصوير جا خط ۽ خال بلڪل چِٽا ۽ نمايا نظر اچن.

        اهڙيءَ ريت، سائن حسن بخش جو ڪلام به انسانيت جو مجموعو، اخلاق جو گلدستو، فطرت جو ڪرشمو، عشق جو سيلاب، روحاني انقلاب جو درياءُ، حقيقت جو نقش، قدرت جو آواز، صفات ۽ ڪمالات جو مظهر، ادبيات جي جان ۽ ٻوليءَ جو سچ پچو روح آهي. انهيءَ چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي، ته سندن حقيقي جمال ۽ڪمال کي به سندن اشعار فيض آثار جي حقيقت نما آئيني منجهان تمام چٽيءَ طرح ڏسي سگهجي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org