سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات حاجي خانڻ چنجڻي

صفحو :5

سيفل جو وڏي بيابان ۾ پهچڻ

اڳون بَيبانُ آيُس، نَظَر ڏاڍا،

اِرَم دي پارِ، سَيفَلَ روُح ڪاڍا ،

کَوي سَؤ سَؤ رُلاڪي، رات ڏِينهان،

اَڳُون آوِن مِروُن، پَٽِ واتُ وِيهان،

نه رَهندا دَم گهَڙي، نِتُ آبُ هاري،

ڏيون ڀِڪَ ڀِيڙَ، ڏُکَ شَہ ڪُون دُوباري،

هَنجُون هاري ، اُساري نا وِساري،

موهي دِلُڙِي، مُٺي ڪُون مار ماري،

ڀِني شِہ دي، عجب رُخسار گُلزار،

ڪَڍي، قَدّم قَدّم، ٻہۡ يار دي پار،

ڪُٽي سينا، بَدَن وُه وَرۡهَ ڪيئي،

سَيفل دي آ ٿئي، ڏُک ڏاج ڏيهِي،

کُلي وَل وا، ڏِوي سَهسين سِلامَان،

آکي مَحبُوب ڪُون، زاري غُلامان،

آکِس تَين ڪاڻ، ٿيا سَيفل سودائِي،

سُدائِي دا ٿِيوين، آ حال ڀائِي،

ٿِيا غمناڪ، نا طاقتَ بدنَ ڪُون،

مِٺا ٻہۡ ٻولِ آ، چولي لبن ڪُون،

عاشِق ڪُون عشق آتش، تَنَ لَڳائي،

لَڙَن جَنهِن نالِ، ٿَئِي تنهِن ڪُون جُدائِي،

ٿِئيس تَين ڪاڻِ، مَين جوڳِي بِراڳِي،

جِگر جِندُ جانِ ڪُون آ آڳِ لاڳي.

 

سيفل جو ملڪان (ملڪہ) سان ملاقات ڪرڻ

گُذارِئي سالَ پَنجَ، شَجران دي وِچ،

صفا سَيفل ڏِٺا، بَيبانُ دي وِچ،

چاوي، قَدّم اُٺاوي، گام جَلدِي،

ڪِوين وڃ شاه دي، اُٿ رَمز لادِي ،

ڏيکي چوَتارُ ، ڦِر ڦِر بَندِخانِي،

ڪَري آوازُ بارِي، دَر لِسانِي،

ڏِتا پيا طاقُ، ڪَڙَا ڪُلفُ قَابُون،

اَڃا اَلّہَ رَکيَا، سَيفل عَذَابُون،

جَڏَان آوازُ اَندِروُن، ڪونُ آيا،

تَڏان وِک مارِ، سيفل گامُ چايا،

ڪِتُس ڪاوَڙ، تي مارِيُس دَستُ باري،

زمين تي آ، ڪِتِي دَڙّ دَهڪارِي،

تڏان سَيفل، صُفي وِچ پيرُ پايا،

سويا  سَيفل ڪُون، آدَم نَظَر آيا،

سُتا پيا سيجَ تي، دَر زَر وِڇاڻي،

سَيفل کُڙڪي ڪِتي ، دَر دِل پُڇاڻي،

آکِيا دِلڙِي نَقابُون پانَدُ لاهي،

نه ڪَر ڪُجهه خَوفَ، اُٿلايُس ٻلهائي .

 

سيفل جو ملڪہ کي سجاڳ ڪرڻ

لاٿُس شَہ پاندُ، رُخ تَون، شَہ پَرِي دا،

بَديِعل دا سَيفل، ها مُلهه خَرِيدا،

ڏِٺُس، مُورَت، مَيڏا مَحبُوب ناهِين،

ٿِيا غَم ناڪُ دِل، سَيفل تَڏاهِين،

عَجَب مُورَت، ڪَري صُورت صَفائِي،

صَفائِي هي، صَفائِي وَه! صفائي،

پَري ڪُون سيجَ تي، اُٺِلا ٻِلَهاوي،

ٻِلهاوي، نا ذَرا ڪُجهه، نا اَلاوي ،

بُلَند آوازُ ڪَر، وَلۡ وَلۡ سڏيندا،

سَڏيندا يارَ ڪُون، دَم دم وَتيندا،

ڄاتا سَيفل، پَرِي اَت فَوت هوئِي،

ڏِٺُس جالي اَندَر پيا، تَخۡتُ ڪوئي،

اَهَس تختي اُتي، اوهُ تَخۡتُ اَپڻَان،

لِکيا اَصلي نَهين، ڪَنهِن هَٿّ ڇَپڻان،

تَخَت والي ڏِٺا، اوه تَختُ سوئِي،

سِحِر جادُو پَڙهئي، ايههِ گُم هوئِي،

وَلايا پَلنگ پاسا، شاه پَرّي،

لُونِگي تي لَعِل جهُوڙا، زَرّ زَرِي،

سهِي سَيفل ڪِتا، ڪَنهِن جادُو لايا،

ٻلهاڪي شَہ پَرِي ڪُون، شَہ ٻُلايا .

 

سيفل ۽ پريءَ جو پاڻ ۾ گفتگو ڪرڻ

آکيا شہَ ڪُون پَري تون ڪَونُ هويا؟

نِڪِل ٻاهَر، نه ڏيکَئِي ديوُ سويا ،

مُلڪ محلي، ديوانۡ دي، ڪِيوين آيا؟

ڏِکالي مُنهُن نه ڪو آدم دا ڄايا ،

اِجهو آوي، مَهَل آپہ دَيوُ ويرا ،

ڏاڍ ڪِيتيءِ، مَين ڄاڻان جِگر جيرا،

سَيفل آکي، مَين هان عاشِق اُداسِي ،

پِياسِي هان، پِياسِي هان، پِياسِي.

 

سيف الملوڪ جو ملڪہ کان حال پڇڻ

اول تون آکِ، اَپڻان حالُ سارا،

هيڪَل هُوندي، اِٿان اُوندَه انڌارا،

ڄاڻان ڪَنهِن ڦَندَ وِچ، تون بَندِ هوئِي،

مَيڪُون ڏَس نامُ، هُڻ نَسّبَ سڀوئي،

ڪِٿان تَيڏا پِدَر، مادَر گُذاري،

ڪِٿان هي مُلڪ تَيڏا، ڪِٿ اُتاري؟

 

ملڪہ جو سيف الملوڪ کي حال ڏيڻ

پَرِي ٻوليا، پدَر هي مَلڪ اَعظم،

رهن بادشاهَ آدَم، خَاصُ خادِم،

سَوين چاڪَر سپاهِي، دَر سلامِي،

چَندِيڻ گهوڙي، شُتُر ڪوهِي مُدامِي،

جُڙايا باغُ راوَل ڏي خَزانا،

گهِميُس مَين ويسُ ڪَر زُمره زنانا،

آيا ناگَہۡ اُٿون، سِرُ ڏي اُلارِي،

جَهڙَپۡ ڏي چا، اُڏايُس قَسَم بارِي،

هُيا ايہِ ديوُ، ايہ محلا تَنهِين دا،

رَکي ايہ دِيوُ، نا غَرّضُ ڪَنهِين دَا،

ڏِکالِيُس ڏيہُ مَيڪُون، ڏيہُ ڇوڙيُم،

آهَس تين گُل تي عاشقِ، زورُ ڊوڙِيُم،

اَلَہ آندا هي، مَيڏي بَخت ڀاڳَين،

مَيڏِيان اَکيان ڇُٽِيان، ڪَنّون اُجَاڳين،

ڪيتُس مَيڪُون، اَندر در قَيدِخاني،

مهيني بعد آوي، محل خاني،

ٿِيُس مَين بَندِ، بي ناحَق بِگاني ،

بَرَس پندرهن ٿَئي، اي شَہ سيلانِي.

 

ملڪہ جو سيف الملوڪ کان حال پڇڻ

آکيا شَہ ڪُون پَرِي، ڪر تون حِڪايت،

تَيڪون ڏيسِي، نبي حضرت ڪفالتَ،

سَيفل، مَلڪہ ڪُون، ڳَل وَه وه! سڻاوي،

سُڻاوي تان ويکو، مَطلوب پاوي،

پِدَر ميڏا مِصِرۡ وچ، مُلۡڪُ نُورِي،

اِسِم عاصم سَندا هَي، تَنهِن مَشهُورِي،

زوراوَر هي، زَبرۡ والا مُدامِي،

زَمِين دي شاهَ، سَڀ تَنهن دي سَلامِي،

وِکايُس، کول ڪَڍ، ڪَپڙا زَرِي دا،

ڏِٺُم جَلوا جِسمۡ، جادوُگِرِي دا،

بَدبِعَل، شَہ پَرِي، بادَل بَدَل هَي،

مُلِڪۡ ايرَم اُتي، تَنهِن دا طَبل هَي ،

اَهِي تَصوِير ايہِ اَڪسبِرُ والِي،

لايُس تَنُ تيخُ بَڙڇِي بِره والِي،

عجب دُختر پَري، شَهپال شاهِي،

وَطن ڪُون رَم ٿِيُس، واهي بَراهَي،

ڇوڙيُم مادَر پدر، ڪُون بي گُناهِي،

مِصِر ڪُون ڇوڙُ، ڪِيتُم اَلَہ واِهِي ،

چَڙهيُس ٻيڙي اُتي، ڪَر اَلَہ ٻِيلي،

آئِي دَردين اَندر، ايہِ دِل اَڪيلِي،

سَوين اَسباب شاهِي، مَين چَڙهائي،

سَوين سينگِي سَڄَڻ، وِچ آب آئي،

ٿِيا طُوفانُ تي، تَخَتا تَوائِي،

عذابين دي اَنَدر، ايہِ جانِ آئِي،

زَنگي جَنگِي، مَيڪُون گهِنِ، گَهِرّ آئي،

اُسِي بدَ قومَ تَون، پَروَر ڇُڙائي،

پِڇي مَيڪُون، پَکِي ڪورَن اُڏايا،

اُسۡدي چَنبين ڪَنُون، خاوَند بَڇايا،

آکيُس ناگَہ ڏِٺُم، باندَر خِرُس ڪُون،

ٿِيُس پَروَس ڏَسين اُٿ حال ڪِسۡ ڪُون ،

ڇُڙايا رَبُ مَيڪُون، نِڪتُس اَڪيلا،

ٿِيا مَلڪہ، پِڇِي تَين نالِ ميلا ،

خُداوَندا، جي خانَڻَ، يارُ ميلين،

اُنداهِي ڪُون، ڪَرين روشن سَويلين ،

آکِيا مَلڪہ، ڀَلِي آيُئين ڀَلارا،

بَديعل دا ڪَريسان حالُ سارا،

سَيفل آکي ٿِيوان قُربانُ تَين تَون،

ڪَريسان مَين صَدَق، جِندُ جانِ تَين تَون.

 

ملڪہ جو سيفل کي حال احوال ڏيڻ

ڏِوين دَرمَل دُکِي ڪُون، شہ هزارِي،

اَجُر ڏيوَئِي اَلَہ، سُڻ فرياد بارِي،

اَصُل دِي ڳالِهه، چا مَلڪہ سُڻاوي،

ٻيٺِي دِلَ ريش ڪُون، بُلبُل ٻهلاوي،

مَيڏي مادَر دا نان هَي مام خاتُون،

پدرَ هَي شاه اعظم، سُڻ صِفاتُون،

مَيڏي ڪارَڻ، بَڻايُس اُتّ جائين،

رَنگي محلي چَمُن، ڪِيا ڪِيا سُڻائين،

اُنهِين وِچ آ پَرِي، ڪَنهِن گَام پايا،

عَجَب اَلفاظ ايہِ، دانا سُڻايا،

مَيڏِي دُخترَ، عَجَب هَي گَلّ لالا،

پدَر شهپالُ آکان، عَظُمَ والا،

پَرِي پيارِي، چَمن بُستان بي رنگ،

ڏِتي خاوَند اَسان تُون، ڪَر نَنگي نَنگُ،

ويندِي هان سَيرَ تي، سُڻ مام مائِي،

نَهِين نيوَڻ، بَدِيعَل ڪُون چَڱائِي،

چَڙهيندِي هان بَديِعَل، مام پالي،

بَدِيعَل، مَلڪَہ تُون، گَڏ ٻِهالي ،

پِلاوِين شِيرُ، پيارِي ڪُون پاروَن،

مَنا مَين لَکّها ٿوري هَزاروَن،

بَدامِيان شِيرُ، دَر آَمِيز هووِن،

پَريان گڏ سيجَ تي، وَڃ رَينَ سووِن،

ڪَرين اَحسَن ڀَلائِي، نال مَيڏي،

ڳويسان مَين، لَکين اَحسانَ تَيڏي،

ڳئِي مُڪلاء، دُخترَ ڇوڙ جائِي،

بَديِعل، مام پالِي، وَرهَ ڍائِي ،

اَڍائِي وَرهَ تَون، وَل آپُ آئِي،

بَديعَل نالِ گهِن، مُلڪين سِڌائي ،

اَلَہ ڄاڻي، سَيفل، تَيڪُون مِلائين،

مَين بَندِيوانِ ڪُون، دَربَندِ ڇُڙائَين،

ٿِيا خوش مَرد اوهُ، سُڻ خَبرَ خاصِي،

پِياسِي ڪُون پِلايا جامُ پياسِي،

سَيفل، شُڪّرُ گُذارئي، شادماني،

نه مانِي ڪُون، سو مانِي، آپُ مانِي.

 

سيفل ۽ ملڪہ جي وچ ۾ ديو مارڻ جي گفتگو

سُڻيان سَيفل، جو ڪَجهه مَلڪہ آلايا،

لِکيا اَزّل بَندي دي، بابِ آيا،

ٻُلاوي شَہ پَرِي ڪُون شَہ پِياسِي،

ڪيهي ڳالهئين ٿيوين، قَيدي خُلاصِي؟

ڏِتا جَوّابُ، جَلدِي مَلڪُ زادِي،

سُڻاوي حال اَپڻا، ڪَر فَريادِي،

دَٻايا ديوَ مَيڪؤن، دَر اُنداهِي،

رَکي اُس قَيد تَون، شالا اِلاهِي،

جَهڙَپ ڏي، چا اُڏايُس، چاه ڪِيتُس،

قابُو ڪُرمش، اَندرَ ني ساهُ ڪِيتُسَ،

تَيڏي مَيڏي، زَرِي زيوَر هزارين،

پئي جِندُ جانِ، مَلڪہ دِي آزارين،

ڪَبُوتر ڪَر ٻلهايُس، شاه مَيڪُون،

سُڻاوان بُوالۡهَوَس ، دِي وَصف تَيڪُون،

ڪِتس پِڃرَي اَندَر، مَين جِندُ جانِي،

رَکايُس بَحر وِچ، اي شہ سو داني،

ماري اُس ديوَ ڪُون، سو مَرد غازِي،

سُڻي تان ڳَل سُڻاوان، اي فَياضِي،

جيڪو وينڊا، سُليمانِي وِکاوي،

ماري اُس ديوَ ڪُون، مَيڪُون نِڪالي،

پاتِي هي شَہ سُليمان، ڀي وَفاتِي،

ڇُٽَڻ مُشڪلّ ڄاڻان، وِچ حَياتِي،

وَرهَ نَوَ سَو گُذارِيُم بَندِ خانا،

تَيُڪون پُرحال دا ڪيتُم بَيانا.

 

سيفل جو ملڪہ کي وينڊي بابت ٻڌائڻ

ٿِيا خُوش آپُ سَيفل، راز کولي،

ڪِيوين مَلڪہ اُتون، جِندُ جانِ گهولي ،

آکِيُس مَين هَٿ، سُليمان دا وِينڊا هي،

نَڪو غم وَهم، نا خَطرا ٿيندا هي،

مَريسان، مَين مُنافِق ديوُ ڪالا،

مَدد مَين نال، هَردَم حقُ تعاليٰ،

خانَڻَ، جيڪي خُدا دي، خاصُ بَندي،

تِنَهان دي مَرُ، مَرَن مَدخواه مَندي،

چَلئي بَحرِي ڪِناري، رَلّ ڏوُهين ،

آهَن اُس جاءِ دي، ڏوُهِين نه سُونهين .

 

سيف الملوڪ جو پڃري کي ڀڃڻ

ڏيکو قُدرت والي، دِي ايہِ ڪَمائِي،

نِڪِل ٻَاهر ڪِتِي، پِڃري چِٽائي،

لَکان لَک ديوَ ڪُون، شَہ موت ماريا،

اُٺا مُردار دا مُلڪ مين غُبَارا،

ڪَنُون ڌَڙ دي، سِسِي ڪُون ڌار ڪِيَتُس،

ڦٽِي شِڪّم نُون، آپي آپُ سِيتُس ،

ڇُڙايا مَرد، مَلِڪَہ نُون مَتاري،

مِلَڻ مَحبُوبُ دا، نا وَسَ وِچاري،

آکِيا مَلِڪَہ، مَيڪُون ما پِيُو مِلاوين،

جيڪَر نَزديڪ تُون، مَطلُوبُ پاوين،

ڪَران تِيڏي، هيڪر هُوندَ ڪار سازِي ،

اَلَہ ڄاڻي نِهين، ڪو ڪُوڙُ بازِي،

ڪَرين اَحسن، نِماڻِي نالِ سائين،

تَيڏِي دِلڙِي اُڃايَل، مَين پِلاَوِين،

شَهَنۡشَہ ٻوليندا، مَين گهولُ ٿِيوان،

مِلي جانِي گُلِ دِل، ڍول ٿِيوان،

لَکين لائِق تَيڏي، احسانَ ڀانوان،

مُلِڪ هَر تي، لَنگها ٿِي ڳُڻّ ڳاوان،

مارِيا شَہ ديوُ، ٿِيا دانا رَوانا،

مَلۡڪَہ نالِ اوهُ ڇَوِڙيُس مَڪانا،

ٻَڌِي تُرَها تَوَڪَّل، دا ڪاهِيوني،

چَڙِهئي زورَق اُتي، ميوي ڇِنونِي،

چلئي ڏُوهِين، چَلڻ هاري اُداسِي،

اَلَہَ ميلي، جَنان دَر دِل پياسِي،

اَڳوُن بَيبانُ بَرُ، هِڪ نَظَر آيوني،

تَنِهين تي سالُ سارا گُذِريوني،

ويندي ڪَهَندي مُسافِر، راتِ ڏِينهان،

ڏِتيان ڏاڍِيان، سَيفل ڪُون پِيڙپِيهان ،

اَچانَڪ آ اَڳوُن ، آدم مِليوني،

تَنِهين ڪُون مُلڪ دِي، سَرحد پُڇيوني،

ڪَنهِن دا هي مُلڪُ، مَعلُوم ديس ناهين ،

ڏُکيا رَستا بَتايا، کولِ ڏاهين ،

شَهَرَ هي واسِطا، تي تاجُ سلطان،

لَکين لَڳّن جَنِهن دي، گهَڙيال نِيشان.

 

سيف الملوڪ جو واسطي شهر ڏي وڃڻ

سُڻايُس حالُ مَلَڪہ، ڪُون سَڀوئِي،

خَبَر سُڻ شاه دِي، خِوشنُود هوئِي،

خَبَر سَيفل سُڻايُس، تاجُ والي،

شَهَرۡ واسِطي سَندي، پَتشاه والِي،

اَتي چاچي دا مُلِڪۡ سارا نِظارا،

ڪَري پَنڌَڙا، وَڏي مُشڪِل پَسارا ،

چِٽا سُڻُ نانءُ، چاچي دا پَئِي روءِ،

شَلا هَر دَم هَميشہ، شالَ خُوشِ هوءِ،

آکِيا مَلڪَہ، مُلِڪۡ چاچا نِماڻي،

مِلي مَيڪُون مِيان، مَطلُوبُ هاڻي،

مِٺا نالا سَڏِيندا، تاجُ مُلّوُڪُ،

تَنهِين دي دَر پَلي، هَر ذاتِ مَخُلوقُ،

هَڪَل ڪَرِ جُوانَ، جَلدِي سَنجهه صُباحِين،

ڪُلِي مَطلَب ٿِيِسۡنِ، جُلسِي اُٿانهِين،

اَڳوُن تَين تي ڪَريسِن، لُطَفُ شالا،

ڏيکين تَنهن دي، شَلا جِسّمۡ جَمَالا،

شَهَر اَندَر آيا، پَر وَس پيارا،

سَوين کاڳِيا ٽُلاڪي شَہ هَزارا،

لِکايُس ٻَهۡه عَرِيضا، ڳالهِه والا،

جو ڪُجهه مَلڪہَ دي ڪان ڪيتُس ڪَشالا،

لِکيان اُستادَ ٻَهۡه، رنگيينِ ڳالهِين،

ٿَوري محبُبوب دي، خانڻ سَنڀالين ،

مُتُس مُلّوُڪَ ڏي لِکَ حالُ سارا،

ڏِتا سَيفل صَنَم ڪُون بَخت وارا،

سَڏايا شاه سَيفل، آپُ ويندا،

هَزاران دِيان پُشاڪان، پَهۡرِ ويندا .

 

تاج الملوڪ جو سيفل کان حال پڇڻ

ٻِلَهايُس تَخت تي، ٿِيُس بَختُ شامِل،

ٻِيٺا مَوجان ماڻي، هُڻ مَرد ڪامل،

ڪَلِي مَذڪور ڪَر، ڪَڍ حُضُور ٻَهندا،

ٿِيُس دِل چُورُ، دِل مَسرُور ڪَرندا،

مُلڪ مُلّوڪَ نُون، وَه وَه سِبائي،

مَلڪَہ ڪُون چاڙِه، ڏولِي مَحل آئي،

مِليان دايان تي مايان، نالِ پيارِي،

صَدَق سَيفل اُتُون، ٿَئي خَلۡقَ سارِي،

پَرِي ڪُون نال پياري، گهِنّ آيا،

مَحَل اَندر شَمانا، شَہ اَڏايا،

صَدَق سَوبَار ٿِيوي مُلڪ والِي،

پَٺِيُس خَط ڀاءُ ڏَنهُن، جَلدي ٽَپالِي،

پِدَر مادَر ڪَنُون، مَلڪَہ مِلاوي،

لَکين لَشڪَر، اُنهَان ڪُون چا دِلاوي ،

سِينگاري، شاه سَيفل، ڪُون سِينگاري،

ڏِتيانِس نال سَيفل، يار پِياري،

مُدَمّغ فَوج جلَدي، مَوج لائِي،

شُترُ گهوڙي چَلَن، وِک تيز چائِي،

لَکين لَشڪَر، هَزارين هيٺ تازِي ،

ٿِيا عاشِق نِماڻي، اَلَہ راضِي،

آئي سَرانديپ ڪُون، نِزديڪَ نيڙِين،

وِنَگي ڏِنگي ڏيوِن پيچين اَنگڙين،

ٿِيا مَلڪَہ دي، ماپِيءُ دا وَسِيلا،

ماڻي مَوجان، شَلا سَيفل طُريلا .

 

اعظم شاه جو ملڪہ سان ملاقات ڪرڻ

آڳُون وَل شاه اَعظم، چَڙِه آئي،

ڪِوين وِڇڙِئين نُون، چا خاوَندُ مِلاوي،

لٿا رِندُ راهَ وِچ، اوهُ شَاهُ اَعظم،

لَٿي سِپّہ لَکين، تَنهِن نال آدَم،

مِليا مَلڪَہ دي، نالِ پدّر پِياسِي،

مِلِئي وِڇڙِئي پڇي، وَڻڪار واسِي،

مِليا دُختر ڪُون، پِدّرپَاءِ ڀَاڪُر،

ٻَهون سَيفل پيا، تَنهِن شُڪر شاڪِر،

مِليا مُلّوڪَ سي، ڪَرڪي نِيازِي،

ڏيکو سَيفل اُتي، ٿِيا اَلَہ راضِي،

مَلِڪ، مُلّوُڪَ ڪُون، گهِنِ گهِرّ آيَا،

جو اَعظم شاهَ نُون، سَيفل سِبايا،

مِٺا محبُوبُ سَيفل، مَطلُوبُ والا،

ٻَڌُس سِر تي، محبّت دا دُوشالا،

مَدَد جِيلانَ والا، ٿِيُسِ وَسِيلا،

بَديِعَل نالِ، شَل ٿِيسِي رَسِيلا ،

آيا گهِنِ شاه اَعظم، شهر ڌِي ڪُون،

ڇُڙا سَيفل آيا، جادُوگِري ڪُون،

مِلي ماء مام، مَلڪَہ نَالِ رووي،

پُڪاري، لُڙڪ ڌووي، نَيۡنَ سوئي.

 

ملڪہ جو پيءُ ماءُ سان ملي حال احوال ڏيڻ وٺڻ

ٿَئي ميلاپُ، ڳئي ڏُکَڙي ڏُکان دي،

پِدَر مادَر، سِڪايَل مَلِّڪان دي،

آهي ماندِي، مَلَڻ دي ڪاڻِ مائِل،

سِڪايَل تي، سِڪايَل تي سِڪايَل،

مِلِي آ پِدَر، مادَر نالِ مَلڪان،

ڏيکَڻ دي ڪاڻ آوِن، مِلّ خَلۡقان،

جِيندي اَڪثر مِلَن، هووي حَياتِي،

ڪِسِي ڪُون، ڪَن نه آوي ڦِر مَماتِي،

مِلَن چِيندي، توڙي صَد سال ٿِيوِن،

ڏِکئين والي شَلا، خُوش حالُ ٿِيسِن،

ڏيوان قُربانۡ پَردا، شَہ پَرِي ڪُون،

ڪَري ڪَڍِ ويسُ ڳهڻي زَرزَري ڪُون،

ڪِتِي مَجلَس ٻيٺِي، هِڪُ دَم نه واندِي،

سَيفل دِي ڳالهه، هَر هِڪ ڪُون سُڻاندِي،

پِدَر مادَر سُڻن، ڪَرگوش ڳالهِين،

آکي مَلڪَہ، لکان توڙي سَنڀالِين،

مَيَڪُون سَيفل ڇُڙايا، دَست ديوي،

شَلا ايهڪُون، اَجُر خاوَندُ ڏيوي،

نِهوڙِيُس نالِ وِينڊي، خبّر خُونِي،

مُٺا مَردود ٿِيا، آخر زَبُونِي،

ڪيتُس ڌَڙُ، سِسِي نُون ڪُٽ ٻاهَر،

تَنهِين دا ڪِيا ڪَرين، انصاف ظاهر،

رکِيُس مَيڪون، مِٺي ڀاءُ ڀيڻ وانگي،

نِهوڙِيا نِينهَن، سَيفل ڪُون اَڻاگي،

ٿِيا مُشتاقُ عاشِق شَہ پَرِي دا،

مُلِڪ ماءُ پيءُ ڇوڙِيُس، ٿِيا جَريدا ،

اَلَہ اُمۡيدَ، عاشِق دِي پُڄاوي،

شَهرَ سَرانديپ ڪُون، سَيفل سِباوي .

 

اعظم شاهه جو سيفل کي سروپا ڏيڻ

ڏِتِيان شَہ اَعظم، شَهزادي پُشاڪان،

ڏِوي دَم دم دِلاسي، لَکّ آکان،

ڏِوي رَنگُ تي، چَڱي بَنگُلي بَنائِي،

ٿِيُس وَه بَختُ، مِلِيُس تَختُ شاهِي،

تَخَت والِي ٻيٺا، اوُه تَخۡتُ ماڻي،

آخر مِسِڪين ٿَئي، عاشِق اُڪاڻي ،

ڏيکي سَو لوڪُ، سَيفل ڪُون ڏِهاڙِي،

حُسُنۡ دِي آگِڌِي، سَيفل مُهاڙِي ،

شَمَع روشن ٿِيا، سَيفل صفوانِي،

ٿِيُس مالِڪ سَندِي، سِر مهربانِي،

اَيان مَلڪَہ ديان، مِلَّڻ هَر سَهيليَان،

آهَن جيڪي سَدا، شَہ اَرِّبيليان،

حَرم هَر شهر دي، تي مام مائي،

ٻيٺي هَرڪا پُڇي ڳَلِ حالُ ڀائِي،

ڪِٿان؟ ڪَنهِن ديسُ ٿي؟ ڪيئن ٿِيوُءِ گُذارا؟

ڪِتهءِ ڪِيئن؟ پِدَر مادَر دا وِسارا،

آکيا مَلَڪہ سَيف الملّوڪ سائِين،

ڏِکايُس ماءُ پِدَر دِيان، آڻِ جائِين،

مارِيا راڪاس، زوراور ديوُ ماري،

سَيفل دي دَستِ وِينڊا ڪَلان دارِي،

ٿَئِي مَلڪَہ، قبيلي نالِ مَسرُور،

مُلِڪ ديوانۡ دي، ٽُر ڳِيا شاه مَخمُور.

 

سيفل ۽ ملڪہ جي گفتگو

پَري دي نالِ ڪِيتُس، گفتگوئي،

وِسارِيُئي ڀِي مَيڪُون، مُلڪِي ڏِٺوئي،

تَيڏي بِن ٻِيا وَسِيلا، ڪَونُ ڀَاوان ،

مَحَض نالي خُداوَند، ڪَرَ ڀَلايان،

ڏِٺُئي ماپِيُو، مَيڪُون وِسّارِ ڇوڙِيُئي،

مَيڏي ڪَم جوڙُ، جيوين رَبّ جوڙِيئي،

نَهِين بي وَس دا، ٻِيو ڪوئِي وَسيلا،

شَلا ٿِيوي، مُدَعِي دا مُنهُن پَسِيلا،

ڪَري زاري ملڪَہ، پاڳَلّ ڳارِي ،

رُني ڏُکُ ڏيکِ، شَہ دي اوُ وِچاري،

آکِيُس جِندُ جانِ مَيڪُون، يار هوسِي،

ڪَنَيزَڪ ٿِي، لَکين ٿوري مَنيسي ،

مَين ڀي قُربان، تُسان ڏي نام هوسان،

يَقِين ڄاڻي، ڪَنِيزڪ حالُ هوسان.

 

ملڪه جو سيف الملوڪ کي بديعل جي اَچڻ جا دلاسا ڏيڻ

اِرَم دي طَرَف ڏَهُن، آخبار آئي،

پَري ڦِيسِي، اِٿان آ حالُ ڀائِي،

ڏِهاڙي ڏُون ، وِچون هِن، شاهزادا !

فَضَلُ شَامِل ٿِيسَئِي، شَل آ خُدا دا،

ويَسِي اَت مَين، مِليسان نالِ تَيڏي،

ڪِتي لائِق جَهۡڙي تَئين نالِ مَيڏي ،

آسِي مَيڪُون مِلَڻ، سِينگارُ ٺاهِي،

ڪَري شَل باغَ، تَنهِن دي شاهُ شاهِي،

ڪَريسان پيش، تَنهِن دي تيزُ ڳَالِهِين،

اُميدان ايہ سُخُن، تَين نالِ پالِين،

ٿِيا خُوش مَردُ، ٿِيا دِل ڪُون دِلاسا،

اُداسِي ڪُون ڏِوي، شَل يارُ پاسا.

 

بيان اعظم شاه جو

سَيفل دي ڪولِ، اَعظم شاهُ آوي،

ٻيٺا سو دَرد دِي دَرمَلّ اَلاوي،

آکي احسانَ تي ٿوري مَنيوسي،

هِمَت تَيڏِي، پِيارِي سي مِليوسي،

ڪَران قُربانُ ايہِ، جِندُ جانِ سارِي،

مِلي مَلڪَہ، تيري لائق هَزارِي،

شُڪُرُ اَلحمد لِله، پاء نُورِي،

اَڱَڻ آيا، اَسان ٿوري غَفُورِي،

ڏِٺوسي نُورُ تَيڏي، دِي تَجَلِّي،

جَلايا طُورسينا ڪُون بِجِلّي،

ڏِٺوسي نُورُ، تَيڏي دِي روشِنائِي،

ٿِيا دِيدارُ آئي، سَڀئين صَفائي،

خُورَش خوراڪ، سَيفل ڪُون دِلاوي ،

قِيمي قِشمِش، قُرُصۡ ڪَبّابُ کاوي،

لَکين پَڪوانُ، پُر خُنچي پُلاوي،

ٿِيوي شَب روزُ شَہ، شَہ دي ستاهي،

سِپاهِي لَکَ ڏِوي، سَيفل سِياڻي،

ڪَشالي، ڪَنهِن شَلا رَبُ، پيش ناڻي ،

اَعظم آکي، سِپاهِيوُن ڪُون مُدامي ،

مَنون دِن رَينِ سَيفل دِي غُلامي،

هووِن دَم دَم سَڄَڻ دي، سي مُلاقي،

ڏيوو دَرمَل دُکِي ڪُون، هَي فِراقي،

سَيف الملّوڪَ تَون، جِندُ جانِ گَهولِيان ،

گهُمو کائو صَنمَ دي نالِ ٽوليان،

ڪَرو شِڪّارُ، شِڪريان دا شهانا،

مَتان ڏيوي، اَسان ڪُون لوڪُ طعنا،

لَغڙ باشي رَکو، هَٿِ باز بَحرِي،

ڪَرو سينگي، سَڄَڻ سُهڻي ڪَچَهرِي،

دُوناليان، دِلُربا دي نال ڏيسان،

ٽوپي داريان تي، چَقَمقّيان پَٺيسان،

ساٽريان گازريان سندي، سِيلهي سِينگارو،

مِروُن مُرغين سَندي، شِڪّار ڪارو،

سَيفل دي نالِ، لَکَ لوڌِيان گهُمائو،

تازِي تُرّي تي زُرّي، نالِ چائو،

ٻَهَڙي تي ٻاڻ، لَکَ باندَر بِلوري،

گهُمو هَٿِ ڪَرّ، ڳِل ريشَم دِي ڏوري،

مُساڳي ڀَنؤرُ، ڪَڪّڙ رنگّ شِينهين،

پَلنگ پِستي، پَٽولي لَکّ وِيهينَ،

ٿِئي مَجمُوع ڪُل، سِپّاهُ سَارِي،

ڪَري شڪّار دِي، سَيفل تيارِي،

ٿِيا فَرمان، سِپاهِيان تي سَويلا،

آ سَڏ تي گڏُ ٿَئي، سَڀ ڪَرڪ ميلا،

آئي بازِدار گهِنِ شهباز آکان،

کَڙي ميدانُ ملِ، سَهسين اُطاقان،

چاياني نالِ لوڌِيان، ٿَئي رَواني،

تُفنگُ هَٿ ڪَر، ڄُلَن وَه نالِ ٻانِهي،

ڳِڌياني راهَ، بازَر دِي سُڻاوان،

عَجَبِ سينگارُ، ڪَر ڪيتي سِپاهِيان،

ڳِڌِي بازار، شَہ سَيفل سُونهاري،

هَمَہ مَخلُوُق، مُلَڪ نُون نَه وبَهاري.

 

سيفل الملوڪ جو سعد وزير کي ڏسڻ

آيا دَرنِيم بازَر دي رَنگينا،

سُڃاتُس يارُ اَپڻا، دِل نَگينا،

سهي ڪِيتُس، سُڃاتُس سعد سوئِي،

ايجها آدم نه ڄاڻي، اوَر ڪوئي،

ٻيٺا ٻالَڻ ٻَليندا، قوتُ ڪارَڻ،

خُدا دي وَسِ اَها، ٻوڙِڻ تارَڻ،

ڪالي اَنگارَ ڪَڍِ، ٻاهَر وساوي،

خاڪِي ڳَل دِي ڪَفَن ڪُون سو جڳاوي،

رَکيُس ڪَچڪول، ڪولون ميلِ ڪِيتِي،

سَيفل دِي دِل، هَئِي حَيرانَ خَستِي ،

ڏيکو ڪِوين مِلَن، وِڇِڙئي فِراقِي ،

صِدِق والان پِلاوي، سرڪَ ساقِي،

آکيا شاطِر ڪُون، شَهزادي شُعُورِي،

اِهو آدَم آڻو هُڻُ، گِهِن ضرُورِي.

 

سيفل جو وزير کي سعد جي آڻڻ لاءِ چوڻ

دِلاسا دِلبَرِي ڏي، گهِن تو آئو،

جَلد بَٺَ تَون، اِهو آدَم اُٺائو،

چائوس ڪَچڪولُ تي، ڏيوو دِلاسا،

جِوين رَنِج نارَهي، دِلبَر شناسا،

اُطاقي گهِنۡ وَڃون، دُرويش جوهُنا،

نَهِين پوشَاڪَ، ڳَل وِچ هي زَبُونا،

اَسان اَئوُن شِڪارون، جَلَد جَلدي،

سُڃاتُس سَعدَ ڪُون، شَہ جانِ ڳَلدِي،

ڳَئي وَزّيِر، گهِنۡ سو مَرد باغين،

ڏِٺِي بُلبُل، مَچائِي ڌُمّ زاغين ،

وليا شِڪّار توَن، سَيفل شِتابِي ،

عُظَم ڪِيتُس سِپاهَان، چون گُل گُلابِي.

 

سيفل جو سعد کي پاڻ وٽ گهرائڻ

آڻو گهِنۡ اوه مسافِر، تخت زُودِي،

سُڃاتا سَعد ڪُون، وه دِل شُنُودِي،

اَصُل آهَسِ سَعدُ، غُلاّم ساڳا،

پَيا مَقبُول سَيفل دا اُجاڳا،

ٻِلَهايوني اَڳُون آ، اوهُ نِماڻا،

ٻيٺا مِسڪِينُ ٿِي، اوڳا وِڳاڻا،

ڏِٺُس بادشاه دا، هي عُظۡمُ بارِي،

ويتر ٻَہ سَعد ڪُون، ٿِي ڳَئِي مُنجهارِي،

ڇُڙايُس يارَ وَل، اَغيار دستَون ،

ڏيکي خُودِ حالُ،آوندا مَستُ مَستَون،

پُڇي ٻَہۡ يارَ ڪَنّان، شاهُ خَبران،

ڪَريسِي سَعد ٻَهَه، پُر زيِر زَبران ،

آکِيُس ڏَسِ نام، نَسبَون ڪَونُ هوتا؟

ڪِوين ڏُکُ سَعدُ، سَيفل نال روتا،

سُڻِي بِيمار تَون، اوهُ حال جوسِي،

ڏُکان دِي ڳالِهه ڪَرڪَر، سَعدُ روسِي،

اَڳُون سَيفل دي، ٻولِيان سعد باتان،

سهي ڪَر وات ٻَہ، پَڙُهدا صَلواتان.

 

سعد جو سيفل کي حال احوال ڏيڻ

مِصِر دا شاه عاصِم، مَرد دانا،

پِسَر تَنهِين دا آکان، ياقُوتُ دانا،

صالِح وَزّيِرُ، شَہ دي پيش پياري،

مَين هان تَنهِن دا، پِسر عاجِز بچاري،

سَيفل، گُل باغ تي، گُلشن بَهارِيا،

وَسَون مَيڪُون، نَهِين سَيفل وِسارِيا،

اَها گُل آپُ، بُلبُل مَين سَڏايا،

اَصُل ڪَنّوُن ، صَنَم مَيڪُون وَڏايا ،

آها مَحبُوبُ چاندُ، اَسّي سَتاري،

ڏِٺُس تَصويِرُ تي، ٿئِي مُنجهَه مَتاري،

پَرِي دي ڪاڻِ ٿِيا، مَجنُون موالِي،

لَڳُس تَنَ تيغَ، بَڙَڇِي بِرهُ والِي،

ڇوڙِيُس ماپِيُو ، بِرادر زَر خَزانا،

سَوين اَسبابُ شاهِي، گُن شَهَانا،

عَزم ڪِيتُس، اِرَم تي، اَلَہ ڄاڻي،

شَلا سَيفل صَنَم، مَطلُوبُ ماڻي،

چايُس دوَلت خَزانا، بي نَظِيرِي،

ڀَرا ٻيڙي، سَنگت سُهڻِي اَمِيرِي،

سوين نَوڪَر سِپاهِي، خاصُ گولي،

ڏِتِيانِس ماءُ پيءُ ڪُون، رَنج رولي،

ڄُلِيا مُڪلاء، سَيفل مَرد غازِي،

ٿِيا طُوفانُ، گُم ٿَئي، سَهۡس غازِي،

ٿِيا ڪَڙڪاٽُ، ڏيکِيُم رَنگُ رَبانَا،

جَڏان ڪَر سَعد، اِٿِ آندا بَيانا،

ٿِيا بي هَوش سَيفل، وَهم يارِي،

اَکِئين تي وَل ڳُيُس  ، اُوندَه اَنڌاري،

ٿِيا بي تابُ، تي روئِي پُڪاري،

آزارِي ٿِي، رَڙان ڪَر ٿَئي آزاري،

اُٿِئي نامَرد ناڪَس، زوُد جَلدي،

تَڙيوني، سَعد ڏيوي ڪانه وَلدِي،

نِماڻي ڪُون تَڙيوني، مارِ چُڪّي،

ڪِتا دوبار ڏاڍا، ظُلۡمُ ڪُتّي،

آيا جَڏ هَوش وِچ، ڪَرّي نِگاهان،

ڏِٺا نا سعد، مَجلس شاه شاهان،

پُڇي ڪيڏي ڳَيا،گُل باغ چَمّن،

ڏِتِي خُوشِبُوءِ، خُوبان خاصُ دَهّن،

آکِيوني اوهُ تَيڏا، بَدخواهُ آها،

اَسان تَنهِن ڪُون جَلد، تَختَون تَڙايا،

تَخَت تَون شاه لَهه ڪَر، آپُ ڊوڙيا،

رَنجِي ٿِي شَہ، تِنان تَون رُوءِ موڙِيا ،

نِڪِل ٻاهَر مِليا، وِڇِڙئي نُون ٻاهَر،

ڪِوين ڏِيوَنِّ، وِڇڙئي ميلِ قادِر،

شَلا نارَبُ ڪَڏان، ڪَنهِن ڪُون وِڇوڙي،

گهَتئي ڳَل سَعد ڪُون، ڀاڪُر وَڪوڙي،

مِلائي رَب جَڏان، وِڇِڙئي ڪَسابِي ،

آکِيا سَيفل، تيڏا مَين، يارُ ساڳِي،

تون هَئِين ساڳِي صَنَم، مَطلُوبُ مَيڏا،

مَيڏِي دِل ڪُون، اَصُل هي داغ تَيڏا،

تَيڏي ٻاجهَون، سَڄَڻ هُيَڙس اُداسِي،

اَلَہَ ڄاڻي، اَهَم دِلڙِي پِياسي.

 

سعد ۽ سيفل جو پاڻ ۾ ملاقات ڪرڻ

پِيارون سَعدُ، پيرين سِرنِما ڪَر،

گهَتَن وَل وَل ، پِياري يار ڀاڪُر،

آندُس گهِنِ سعد ڪُون، بَر تَخت خاني،

عَطر عَنبَر لُٽايُس، زَر خَزاني،

پَهَرايُس ڪَر پُشاڪان، ڪَر خُوش حالِي،

سُنهَرِي سَبۡزُ، چِيري بي مِثالِي،

اَلَہ جوڙي، ڏُنان دي ڪَم ڪَشالي،

سُونهِن وَهُ بُلبُلان، تي گُلّ لالي،

جوڙڻ والا جُڙيندا ڪَم سويلي،

ڏُنان دي چا ڪِتانِس آپُ ميلي،

مِلِئي، ڏوڙا ٿِيا، اَحسَن رَبانِي،

کُلاوي سعد نُون، سَيفل ڪَهانِي،

ڪِٿان دلبر گُذاريُئي؟ هَفِت ماهين ،

اَوَل ڏَسِ تون، پِڇي تَيڪون سُڻائين ،

حِڪايَت سَعدُ، سَيفل پيشِ پَڙُهندا،

اَصُل دِي ڳالههِ چولِي، جو وِڇُڙَندا،

 اَمُرُ حَق پاڪُ دي، ڪِيتا وِڇوڙا،

سَڄڻ سائِين، کاڌا مَين، دَرد ڏوڙا،

آيا تِختا ميڪون، دَر دَست بالا،

لَڳِيان لَهرِيان، بَحَر ڏيوي ڪَشالا،

بَحَر وِچ ڏينهَن مَين جالِئي اَڻانگي،

مَهِينا ايڪِ، تَين مَحبُوبَ سانگي،

ٽَڪَر دي نَالِ وَڃ، ٽَڪِريُس جَڏاهِين،

نِڪِل ٻاهَر ڪِناري، پيُس تَڏاهِين،

ٿيُس بي تابُ، بُکايَل حالُ ڀائِي،

کَجِيان دِي اُٿِ، نَظر گُلزار آئِي،

چَڙهِيسُ جَبّلَ اُتي، شَجّر لَتاڙِي،

ڏَسِي مَيڪُون، عَلّي، حَسنَين چاڙِهي،

پَڪي وَڻ سَوَ کَڙي هِنۡ، سَبز ميوي،

چُنگي ڇن آپُ کاڌُمَ، ڪَونُ ڏيوي،

آئي بَد شَڪلِ بَدّو، بَيابانِي،

ڪَتوني قَيدِ، جَلدي يار جانِي،

قابُو پِڃري اَندَر، مَيڪُون ڪِتوني،

ڏورا گهَتِ بي ڏوهِي،کَڙّا ڪِتوني،

ٻَڌوني ورک وِچ، ڏورا تَنهِين دا،

نَهين خاوَند بِنا، ڪوئِي ڪَنهِين دا،

آڻيندي قُوتُ، ڪَپ ڪپ گاهَ سَاوي،

شَلا آدَم، بَدُو دي هَٿ نه آوي،

ڪَران فرياد، آکِن خُوشَّ ٿِيندا،

اَندر مَسروُر هس نا آبُ پِيندا،

کاون هميشہ ڇِنِ، هَردم ڇُهاري،

گُذَر ڏوُن ماه ڳَئي، آخِر وِچاري.

. ڪاڍو، ڇِڪ. ڪشش.

. هنجون هاري =  لُڙڪ وهائي، ڳوڙها ڳاڙي.

. اساري = اوسارا ڪري. پٽي، دانهون ڪري.

. مٺي = مُٺل، ستايل.

. ڀني = ڀِنا، ڀِڳا، آلا ٿيا.

. چولي = چوري.

. شجران = وَڻَ.

. گام = وِک، قدم.

. لادي = لڳي.

. چوتار = چوڌاري.

. سويا = ستل، سمهيل.

. کڙڪي ڪتي = کڙڪا ڪيائين.

. اٺلا ٻلهاوي = اٿاري ويهاري.

. نا الاوي = نه ڳالهائي.

. سحر = جادو.

. ٻلهاڪي = ويهاري، ويهاري ڪري.

. بلايا = چيو.

. ديو سويا = سُتل ديوُ.

. ڏکالي مُنهن نه ڪو = ڪوبه منهن نٿو ڏيکاري يعني ڪوبه انسان هٿ ڪونه ڏيکاري ڏئي ٿو.

. آدم دا ڄايا = ماڻهوءَ جو ٻچڙو.

. ويرا = وير، وقت، مهل.

. اداسي = سڪايل.

. پياسي = اڃارو،

. چندين = ڪيترائي، گهڻائي.

. راول = رانول، شهزادو، محبوب.

. زمره = ٽولو.

. ناگہ = ناگاه، اوچتو.

. اُٿون = هُتان.

. بگاني = ڌاري، نا آشنا.

. برس = ورهيه.

. ڳل = ڳالهه.

. تنهن دا طبل هي = ان جو رعب آهي.

. تيغ = ترار.

. رم ٿيس = روانو ٿيم.

. الله واهي = الله جي آسري (موڪلائڻ جا لفظ).

. خرس = رڇ.

. پروس = لاچار، مجبور.

. ڪس ڪون = ڪنهن کي.

. پڇي.... ميلا = پوءِ تو سان ملاقات ٿي.

. سويلين = سويل ئي، جلدي، تڪڙو.

. دل ريش = دل ڦٽيل.

. نيون = نِيَڻُ، وٺي وڃڻ.

. ٻهالي = ٻلهائي، ويهاري.

. ورهه ڍائي = اڍائي ورهيه.

. ڍائي ورهه تون = اڍائي سالن کان پوءِ.

. نال گهن =ساڻ وٺي.

. سڌائي = رواني ٿي.

. بنديوان = باندي، قيد ۾ پيل، بند ۾.

. ڪبوتر ڪر ٻلهايس = ڪبوتر ڪري ويهاريائين.

. بوالهوس = هوَس رکندڙ، لالچي.

.  ڳل سڻاوان = ڳالهه ٻڌايان، حڪايت ڪريان.

.  گهولي = گهوري، قربان ڪري.

. رل = رَلِي، گڏجي، مِلِي.

. آهن = هئا.

. سونهين = واقف، سونها.

. اُٺا = اُٿيو.

. شڪم = پيٽ.

. سيتس = سبيائين.

. ماپيو = ماءُ پيءُ.

. ڪارسازي = ڪم.

. نال = سان.

. گهول = قربان.

. زورق = ٻيڙي.

. پيڙپيهان = تڪليفون.

. اڳوُن = اڳيان اچي.

. ناهين = نه آهي.

.  بتايا کول ڏاهين = ڏاهن کولي ٻڌايو.

. خوشنود = خوش، راضي.

. پتشاه = بادشاهه.

. پسارا = ڪم.

. شلا = شال.

. کاڳيا = کائي ويو، سهي ويو.

. ٽلاڪي = ٽلاڪا، تڪليفون.

. ڪان = ڪاڻ، واسطي، لاءِ.

. سنڀالين = ياد ڪرين.

. متس = موڪليائين.

. پشاڪان پهر ويندا = پوشاڪون پهري وڃي ٿو.

. شمانو = شاميانو، تنبو.

. دلاوي = ڏياري.

. تازي = تازي گهوڙا.

. سرانديپ = سلون.

. طريلا = طره وارو، ڪلنگيءَ وارو.

. جيلان والا = جيلان وارو يعني پيران پير حضرت عبدالقادر جيلاني رحه.

. رسيلا  = رس وارو، ميٺاج ڀريل، وڻندڙ،محبت جي سُرَ ۾  ٻڌل.

. جيندي = جيئرا، زنده.

. ڪري ڪڍ ويس = ويس وڳا ڪڍي ڪري ٿي.

. ڪرگوش = ڪنُ ڪري، ڪَنُ ڏيئي.

. جريدا = اڪيلو.

. سباوي = وڻي، پسند پوي.

. اُڪاڻي = اُڪاڻا، موڪلايو، روانا ٿيا.

. آ ڳڌي = اچي ورتائين.

. مهاڙي = مُهڙ.

.  بن = سواءِ.

. ڀاوان = سمجهان.

. مدعي = دشمن.

. پاڳل ڳاري = ڳچيءَ ۾ پلاند پائي.

. منيسي = مڃيندي.

. ڏهاڙي ڏون = ٻه ڏينهن.

. وچون = وچ ۾.

. تئين نال ميڏي = تو مون سان.

. درمل = علاج، دوا.

. اسان ٿوري = اسان تي مهرباني ڪري.

. طور سينا = جبل جو نالو، جنهن تي حضرت موسيٰ، خدا سان ڳالهايو.

. خورش = کاڌو، خوراڪ، غذا، طعام.

. دلاوي = ڏياري.

. قرص = ٽڪي.

. ناڻي = نه آڻي.

. مدامي = هميشہ. سدائين.

. دين رين = ڏينهن رات.

. گهوليان = گهور ڪيان، صدقي ڪيان.

. چاياني =کنيائون.

. خستي = ڦٽيل.

. فراقي = فراق وارا، عاشق.

. صدق والان = سچائي رکندڙ.

. سرڪ = سرڪي، چڪو. ڍڪ.

. زاغين = ڪانون، ڪانگن.

. شتابي = جلدي.

. اغيار دستون = دشمن جي هٿن مان.

. پُر زير زبران = زير زبر سان يعني سربستو احوال.

. نسبون = نسب جو، اصل نسل جو، بنياد جو.

. ڪوين = ڪيئن.

. اصل ڪون = اصل کان، شروع کان.

. وڏايا = تعريف ڪئي، ساراهيو.

. اسي = اسان.

. ماپيو = ماءُ پيءُ.

. ول ڳيس = وري ويس، اچي ويس.

.  روءِ موڙيا = منهن ڦيرايو.

. نون = ڪُون، کي.

. ميل = ملائي.

. ڪسابي = ڪسابن جا، سالن جا، گهڻي وقت جا.

. هيڙس = مان هيس.

. اهم = هئي، اهم دلڙي پياسي = دل سڪايل هئي.

. گهتن = وجهن، پائن.

. ول ول = وري وري، هر هر.

. پهرايس = هن کي پهرايائين.

. چيري = چيرو = ڪپڙو.

.  ڏنان دي = بنهي جا.

. ڏورا = ٻٽا، ٻيڻا.

. هفت  ماهين = ست مهينا.

. سڻائين = ٻڌايان.

. شجر = وڻ.

. چنگي = چنگا، ڇڳا، گهڻا.

. ڪتوني = ڪيائون.

. ڏورا =  ڏور، ڏوري.

.  ڏون ماهه = ٻه مهينا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org