داستان-5
ڪافي 1
ٿل: وچن ٿا ويراڳي، ويراڳي وطن تي،
ڪنهن نه جهليا، ڪنهن نه پَليا،
هِيتئون ويا ٿَم هاڻي.
1- هِتئون ويا ٿم هاڻي هَلِي،
تن جي ڳوليان ڪهڙي ڳَلِي؟
بَرن ٽَرن چُمان چَلِي،
تن سان روح رهاڻي.
2- هِٿئون ويا ٿم هاڻي هُوءِ،
تِن جي ڳوليان ڪهڙي جُوءِ؟
اهو سندن رخ نه رُوءِ،
مون وٽ هئا مهمَاني.
3- حاجي خانڻ مثل خواب،
ڪُسِي ٿي هت ڪباب،
آڏو ڏيندين ڪهڙو جواب؟
پرين پڇندءِ پاڻهي.
ڪافي 2
ٿل- ياد پَوَنِ ماروئڙا، وڃان جيئري شال وَري،
وڃان جيئري شال وري، ڏِسِي اکڙيون پون ٺري،
ياد پون ماروئڙا!
1- پَٽَ واريون، پَٽُ ڪِيئن ڪن، ٻَنِ پيو پَٽُ،
سونَ سَري،
زيبَ ڪَڙيَون زينتَ جون، زَهر ڀانيان ٿي زريِ،
ياد پون ماروئڙا!
2- گِلم، غاليچا، غُنچا،پَلگين پيا گُل پَٿرِي،
گل ڦل گولاڙن جا، ويون ولڙيون واڌ وري.
ياد پون ماروئڙا!
3- ڏُٿ ڏَونرا جن ڏٺا، ڦوڳن پاسي ڦِري،
سَڱر جي کائن سرتيون، تن آه ڳالهه ڳَرِي.
ياد پون ماروئڙا!
4- حاجي خانڻ حق مَؤن، پِيتَم ڪَيفَ ڪَڙِي،
پِرين مون کي مانَ مِلن، آهيان عيبن ڀَري.
ياد پون ماروئڙا!
ڪافي 3
ٿل- پلپل پَور وڃن دل پَليُون،
سانگي ڏٺي ٿِيم سالَ، گهاريان هِت نا گهڙيون.
1- عمر، مارن جي اٿم اور اندر ۾،
راتيان ڏينهان گامَ گُوندر ۾،
خيرِي لاهه جنجالَ، مڃان محبت مڙهيون.
2- انب انگوريا، جانب ايرُون،
مارن پاسي پڪڙا پيرُون،
ڳاڙهيون ڳاڱيون لالَ،لاڙي لامان پيڙيون.
3- چَندن ٻانهيون عاج جا چوڙا،
پائڻ ڪانڌَ بِنان هِت ڪُوڙا،
لوئي اباڻي لالَ، پائيندس پير نه ڪڙيون.
4- خانڻ خط لکي نه مان ڄاڻان،
مارن ريءَ ڪندي هي ڪنهن سان ماڻان،
مارن ڇيڙيا مالَ، چُونگارن ٿيون چَڙيون.
ڪافي 4
ٿل- هَي هَي هِيڻو ٿِيمُ حال،
مارن مان ڏَنهُن مُنهڙو مٽايو.
1- هَي هَي ڌارِي ڄَڻ ڌار ڪيائون،
ڪاٿي مارئي ويچاري، هيئن نه چيائون،
جا رَب ڪَئِي اِئين جال،
اهڙو اصل کون انهن جو رايو.
2- راهون رَندَ رڙيون پئي نهاريان،،
سانگِني سِڪ سدائين پئي ساريان،
ڪڏهن ڳاڙهيون لويُون هيون لال،
تنهن منجهه مائُلِ، ننڍڙي نپايو.
3- حاجي خانڻ هُو نه وِسارِن،
قول ڪَيَلَ ڪُل پنهنجا پاڙِن،
هن جا ٿِي قرب ڪمال،
صبر مَؤن ٿيندءِ ڪم سَجايو.
ڪافي 5
ٿل- مارن منجهه ملير، ڙي ادا!
گهايل دلڙي ڪئن هِت گهاري.
1- رويون رويون دل ڪري رِيهون،
مائٽ مُٺيءَ جا، ٿيا ڏک وِيهُون،
دردن ڪئي دلگير ڙي ادا.
2- رويون غم گِنديون پُسايم،
انگ لِکيو، رَنگ تيلَهن لايم،
توڙون هُئي تقدير، ڙي ادا.
3- قسمت قيد الماء جي ڪَيڙَس،
ڏک ڏولاوي تيلاهين پيڙس،
کَٽِي وڌ کَؤن کير، ڙي ادا.
4- حاجي خانڻ ڪَيَڙم حيلو،
رويون رويون رنگ ڪَيُڙم پِيلو،
ميلي پنهوارن، پِير، ڙي ادا.
ڪافي 6
ٿل- سانگن سانگيئڙا سيباڻا،
مارن ٻاجهُون هي هِت مُونجهه مري ٿي.
1- هن جو ملڪ ملير مدامي،
دلڙي تن ڪاڻ ٿي بي آرامي،
آيَلِ، ڏِنم اوراڻا.
2- کُهِه پَٽُ، پَٽِيُون، پَٽُيون وڻيون،
مون کائڻ کٽيون، کٽيون وڻيون،
مُحباڻا، من منهنجي هو ڀاڻا.
3- لاهي ليسُڙَ، سَڱر سيڪي کائِن،
پُسيُون هار پَٽيون پوئي پائن،
لوئي ٻانڌ پراڻا.
4- خانڻ، کُهِه سونيُون سَريُون ميون،
هي سڀ طرحون مون کي سُورن ڏَسيُون،
نه ته هي ڳالهيون نه ڄاڻا.
ڪافي 7
ٿل- اُٺا ماڳ مارن جا بَرڙا،
هُت گهَٽ گَهٽ ۾ ٿَن گَهرڙا.
1- گهٽيون گهير جتِ گَهٽ گهاٽا،
روز وِلوڙن هُتِ ماٽا،
هت ڏونگر ڏاڍا ڪَرڙا.
2- مارو مال ڇَپر ۾ ڇيڙين،
مڏيون مال ظهر هت ڦيرين،
ماريو ذوق انهن جا ذَرڙا.
3- سَٽي سونُ، پُسيُون ڪن پويون،
ڪُلهي اويُون، ٺهن پيون لويُون،
ڦَريُون ڦوڳُ کائن پيا ڦَرڙا.
4- حاجي حرف هُنن هڪ پاڙهيو،
انهيءَ ڪم جسم ڪُل ساڙيو،
دُک درد اندر ڪيم دَرڙا.
ڪافي 8
ٿل- ماري مارن جي ميار،
رويون رويون سانگي مون ساريا.
1- مان مارن گڏ ويڙيون واريون،
واروين اڳ ڪنهن اصل نه واريون،
ڏاڍي سائين جي سرڪار،
قلم قضا جي ڪيڏا ڪم ڪاريا.
2- مان مارن گڏ، موٺَ ميڙيا سي،
ڇيلا ليلا ڇَپرين ڇيڙيا سي،
لاهي ڏَورن جا وو! ڏار،
چَڱي طرح سان چِلر مون چاريا.
3- مان مارن گڏ اويون اوتيون،
هڪ بريون هڪ هٿ هن پوتيون،
پوئي پُسِن جا وو! هار،
سونَ رُپي کون وڌ مون سينگار.
4- مان مارن گڏ، کُٿيون رَتيون ڪيون،
پِيڙن پِيڙي پَتيون ستيون ڪيون،
ڏسي پهنوارن جا وو! پار،
هاجي آب اکين مَؤن هاريا.
ڪافي 9
ٿل- اهي الله ملائيندو آڻي،
جي سدا ساعت ساريان.
1- ڏِٺي ڏينهن جن جي ٿِيَڙا،
پَهَر ڏُور، وَسون نه پَيَڙا،
هاڻي خاوند ٿو هڪ ڄاڻي،
سر ساهه سندن ڪئَن واريان.
2- هو هوند يار مِلِي جَڏ هَسَندو،
ويران صحن ڀانيان، تَڏ وَسَندو،
مطلب من من ماڻي،
گَهڙِي يار بِنان ڪئَن گهاريان.
3- پَٽَ پوشاڪ پَتون زر زريون،
سڄڻ ريءَ ساڙيان سي سَريُون،
کَڻِي پيرَ پُڇن مَن پاڻهي،
هنجون هَي هَي ڪيون ويٺي هاريان.
4- حاجي هڪ هڪ پل لائِن،
گهُور ڪيون، غم وهم کي گهائن،
اهو گهونگهٽ گهَنڊ ڪو سڃاڻي،
مون جيها ڪَنبِي ڪن زاريان.
ڪافي 10
ٿل- منهنجون اکڙيون روئن، رات سانگن کي ساريو،
ماندو مَري مارن لئه، هينئڙو ويچارو.
1- مُجان مارن ڏي، ڏک جو ڏوراپو،
مُئي پڄاڻا، پوئتي ٿي، قبر انڌارو.
2- اڱڻ آيا مون پِرِين، دلڙي جن لئه ديواني،
پلپل پَون پُور پِرِين جا، مَن گهڻو ماندو.
3- ڪم ڪَچا ڪيم ڪيترا، هڪ وارُ نه آهيان واندو،
رکيم ڪَمَ ڪريمَ تي، منهنجو محمد مڃيندو.
4- هِتان ته هرڪو هليو ويندو، راهه وَٺيو رڙندو،
آهي ننگ ننگيءَ تي، ڪَلمي سان هلندو.
5- خانڻ فقير چوي، خوشيءَ مان، هتئون هرڪو هلندو،
سنگت ڀريندي سڀڪا، سرور سهنج ڪندو.
ڪافي 11
ٿل- جن سان منهنجو حال، تن کي مِلان شال،
هاڻي پَئِي وِٿِ وڏي، ساعت ڀانيان سال.
1- رويون رندَن تي، وَسَ ڪيان واڪا،
مَن ڪا ٻاجهه پوي، منهنجي سُڌ سائينءَ سا ڪا،
انهيءَ سُورَ جي گهوُرَ ۾ آئي ڪا ڪا،
جهڙي تهڙي تن جي، ڪندا ڀَلا ڀال.
2- ساهُه سِڪي سانگن کي ويٺي ساري،
جي جوڳي جن ڪاڻ، ويهِي ڪين وساري،
اديون اَيٽ اَتڻ سڀ ٻاري،
هَي هَي جدائي ٿي، جَرُ وهايان جال.
3- دردن دل داڳِي، دانهون ڪري دردي،
ڳُجهي ڀِڙَ پيڪن جي، گرمي نه سردي،
ڏِسان ڏيهه تن جو، ذرو ٿئي نه زردي،
سي ڪيئن وساريان، مرڻو اڳي حال.
4- حاجي خانڻ هاڻي رَب خداوند ڄاڻي،
ميلو مارن سان شل، ڪندو پاڻهي،
ڪِيئَن قَضا آنديَسِ هِن هنڌ آڻي،
ننگ پاڙيندا، نيٺ ٿيندي هي نهال.
ڪافي 12
ٿل- ويڙهيچا وس واهه، ڙي!
وَسؤن اباڻا، مون نه وساريا.
1- آهي اُميد نِڌَرِ کي نِيندا،
ڇورِي ڇِنِي ڪِينَ ڇڏيندا،
روئِي نهاريان راهَه، ڙي!
2- آسروندي آهيان،
لِيڙَ لوئي ڪيئن لاهيان؟
ڄاڻي شهنشاهه، ڙي!
3- مارُن لَئي آهه جهِڄَڻ جهورِي،
ظالمَ زابر ڪئي آهي زوري،
قادر بيپرواهه، ڙي!
4- حاجي، حال هيڻو ڪَيُم روئي،
مارُن ٻاجهُون نه منهنجو ڪوئي،
هِت هُت هو همراه، ڙي!
ڪافي 13
ٿل- ڏوٿي ٿيا ڏُور،
هَي هَي وڇوڙو وَرهه ٿي ڀانيان،
1- ڏُٿ ڏولاوي ڏوٿِي گذارِين،
ڦَرڙا ڦوڳ چِلڙ ۾ چارين،
هو هنڌ هنن جو حضور.
هَي هَي!
2- پُسيُون پُسيُون پَٽِيُون پِينِ هو،
کَٽيُون کَٽيُون وَهه جو کِينِ هو،
مون ڏَنهُن ڪُل قصور.
هَي هَي!
3- گهَٽڙا گهَٽِيُون گهِٽيون ويٺي ساريان،
پَٽيون پٽيون پَٽيون نهاريان،
چاڪَنِ ڪَئِي دل چُور.
هَي هَي!
4- حاجي هو پل، هو پل لڳڙو،
مون ڳل، مون ڳل، پيو هو وَڳڙو،
معنيٰ اِيها منڍ مُور.
هَي هَي!
ڪافي 14
ٿل- ڪانگ ڪالهاڪون ڪَيُون،
مون سان ملڻ جون ڳالهڙيون.
1- ڪانگ توتان قربان ڪريان،
سر سارو هوند پيش ڌريان،
نيٺ ڪندا قرب پِريان،
لائي ايندا لَبين لالڙيون.
2- سِڪ، صبر آرام نِيَڙُم،
حال ڀائي اڄ ڪانگ ٿِيَڙُم،
اڄ اُٿڻ سان وهم وِيَڙُم،
ورائي وِجهان ڪَنين والڙيون.
3- سِينڌ، سُرمو ڪُجل پايان،
هڪ جيڏين ۾ پئي سِيبايان،
ڳَلي ڳَلي ۾ ڳُڻ پَئِي ڳايان،
گهوري وِجهان مَڏيون مالڙيون.
4- حاجي خانڻ يار سان ناتو،
صحيح سمجهي مون سڃاتو،
پاڙي وارن هَي! نا ڄاتو،
ٿيون ڪميڻيون ڪالڙيون.
ڪافي 15
ٿل- جن جي آهيان جِيئَن، تن کي مِلان تِيئَن،
ماروئڙن ٻاجهون، ڀينر ڪيان ڪِيئَن.
1- ڪيان هار، سينگار، پَنڙن جو پويون،
ڪندي حال مارن سان، سانگن سان رويون،
پِيون رات ڏينهان، اوتيون آب اويُون،
وڃي ويٺِينءَ ڪوٽن ۾، هرڪو چوندو هِيئَن.
2- ڏينهن رات، تُنهنجي تات، وسري نه وائي،
ڪُٺي ڪات، ظُلمات، ٿريات ڄائي،
نڪا ذات ۽ صفات، اِيها اڳ آئي،
وَيَسِ اُتي اَڙجِي، جِتي سَنگ نه سِئَن.
3- حاجي هَلِي، هڪ ڳلي، ڪيان حال سارو،
جِيءُ جَلِي، وَيَسِ ڳَلِي، آيس بار سارو،
هن پَلِي، هت ٽِلي، ڄاڻي شاهه سونهارو،
کُہِ زَرِي زيوَر، کَٿِي وڻيج کِيئَن.
ڪافي 16
ٿل- سُتي پرايم سُور، ڙِي!
جاڳو جاڳو جيڏيون.
1- جاڳَڻَ سان مون جارُ نه ڪَيَڙو،
پَلَهءِ اوجاڳو تڏهين پِيَڙو،
مُحب ملاقي جن سان ٿِيَڙو،
حاصل ٿين حضور، ڙي!
2- نِنڊَ نِڀاڳي وِڌو نِهوڙي،
ڇورِي ڇُپَر ۾ ڇو ويا ڇوڙي،
قلم رَباني ڪيرُ جو موڙي،
ماريس انهيءَ مذڪور، ڙي!
3- اصل کان مان هُيَس اَلبيلِي،
سُورن جندڙي ڪئي اڪيلِي،
ڪَل نه لڌڙيم سُتيس سَويلِي،
آهي مون ڏَنهُن ڪُل قصور، ڙي!
4- حاجي خانڻ رک خيال هِڪوئي،
ناهي مثل محمّد ڪوئي،
حال ٻُڌايان ڪنهن کي روئي،
پون پِرين جا پُور، ڙي!
ڪافي 17
ٿل- نازَ وارن سان لڳو ناتو،
جَڏ گَڏ هو يار، مون نه سڃاتو.
1- جڏهن گڏيو، تڏهن سُڌِ پَئِي،
ٻُڌن عيبدارن جو عيب نه سوئي،
ناحق ڄايَسِ، مون نه ڄاتو.
2- اديون مون کي عقل نه آيو،
پاڻ ڏاڍي سان مون نِينهُن لايو،
پيچ وري مون، پنهل سان پاتو.
3- خانڻ هي حق وڻي ٿو تڏهين،
ٻَنڌڻَنِ لاڪُون مان هوس جڏهين،
پوءِ عشق پُورو ٿيو عقل پاتو.
ڪافي 18
ٿل- هالاڻو هَي هوتَ ڪري ويا،
هي هِت ٿي حيران، ڙي.
1- ڪيچن ريءَ ڪيئَن گذاريان،
روئين جا راهه نهاريان،
سِر جِند ڪيان قربان، ڙي!
2- مون نه سُڃاتا، ڪي سيڻَ مُئيءَ جا،
رِيجهَه هوندا، ڪي ڏينهن ڪُٺيءَ جا،
ڪو دم هئا مهمان، ڙي!
3- روئي رَندَن جي، پُٺيءَ آءٌ پوندس،
حال مِليا ته هيڪر چوندس،
ڄاڻي رَب رحمان، ڙي!
4- حاجي حال معلوم هت سارو،
مُئي سان ڪيو ڪونه پَسارو،
ڏوري مَنَ ڏسانِ، ڙي!
ڪافي 19
ٿل- منهنجو ڪيچ وارن سان ڪم ڙي،
پيسو ڪين ٽڪي ٿو دَمڙِي.
1- روپي حسن سڄڻ جي ماري،
پائي پاند، ڳچيءَ ڳل ڳاري،
ٿيون پاڻ ڪري سا پدمڙي.
2- آڌي ويل اُٿي ويا اوٺِي،
آنا واقف، هَنِ دل کوٽي،
ڏئي گوليءَ کي ويا غم ڙي.
3- آنا چار سنگت ۾ آڻيان،
ٻياني لوڪ، ٻيائي هاڻا،
اُٿِي پاڻَ اُٺايان قدم ڙي.
4- خانڻ کُهِه پيون کاڻيون کٿيون،
محبت منجهه ڏين جي متيون،
ڪُهي ڀَسم ڪيان قسم ڙي.
ڪافي 20
ٿل- جان جيئندس ساري سڀ ڄمار،
منهنجي بَس، ڀنڀور کون.
1- هَلَندسِ هوت ڏي، هي وِک واري،
جيئري ملان هوند شال جياري،
ملڪ الموت اڳي نه ماري،
پوئتي رَهَڻ ميار.
2- پيچ پنهونءَ سان پرت گهڻيري،
ڏيرَ سَويرَ ڇو ٿيا وِيري،
سورن جانِ ڪَئِي اٿم ڪيري،
هوتن جا ڳُڻَ هزار.
3- ڏونگر ڏاڍو ڏيرن واٽون،
نيڻن مَؤن پيون ڇُٽڪن ڇاٽون،
دردن دونهون، اندر ۾ لاٽون،
نڪري ٿيو نروار.
4- حاجي خانڻ هلبو هاڙهي،
سخت چاڙهاڪا سي رب چاڙهي،
ڳالهيون پاڙي، ڪندو پاڙهي،
سونهن ڀريو سردار.
ڪافي 21
ٿل- هاڙي ۾ پيو هُلُ،
ڪيچَ ڌَڻي، مُئي ماري هليو.
1- روئي روز ڇَپَر ۾ ڇاٽون،
وَهي رت روز، ڪيون ٿي واٽون،
ڀيري ڀيري کائِي بُلُّ.
2- رَڻَ ۾ روز، رُلي هي راهِي،
سسئي کي سڀ هُئي گهمراهي،
محبت جو ڪونهي مُلُّ.
3- جي گهَٽ گهيرَ، پنهل جا پيرا،
تن تي دُکِي دل، ڏِئي ڏَهه ڦيرا،
وري واءُ نه گهُلُّ.
4- خانڻ، خانَ پُنهل لَنوَ لائِي،
سسئي ڪاڻ سورن جي ڄائِي،
گهوري وِجهان ڪَم ڪُلُّ.
ڪافي 22
ٿل- ڏک ڏولا ڏاج،
ڏَئِي ويا ڏير ڀنڀور ۾.
1- ڀانيان گهَرَ ڀنڀور جا ڀيلا،
ويهي ڪيئَن گذاريان ويلا،
مولا محبن سان ڪندو ميلا،
ڪوڙين کڻي ڪيان ڪاج.
2- سَٽي ڀنڀور ڪيان بيزاري،
پنهل ڪري مَنَ ڪا پوئواري،
ڳل ڳچيءَ پائيندَسِ ڳاري،
هَٿون وَئِي ٿَم حاج.
3- جن جي آهيان، تن ڏي ڪاهيان،
سائِنِ جا ڳُڻَ ڪيئَن وساريان،
موڳي من کي ماريو ماريان،
نيٺ لائق رکندو لاج.
4- حاجي خانڻ انهن جي آهيان،
ڇوري ڇڏيائون، ته به نابر ناهيان،
آسَ اُميد اڃا نه ٿي لاهيان،
ملندو پنهل ڪندس معراج.
ڪافي 23
ٿل- ووڙي وِندر جي واٽ،
هن جا ڪوهيارا ڪالهه هليا ويا.
1- جي گهَٽ گهير پنهل جا پيرا،
تا تي ڏُکي دِل ڏِئي ڏَهه ڦيرا،
گهمي جبل گهاٽ.
2- سَسُئي سور ثَمر ٿي آيو،
پيچِي پيچ ٻاروچل پايو،
لَڳس چارن ۾ چاٽ.
3- پاهڻ پير پِٿون ڪيا ڇالُون،
هوت بنان ٿي هتي بي حالون،
ڳوڙهن ڀَريس ڳاٽ.
4- حاجي خانڻ حُب حق نيڙي،
ايندو پنهل شل، منهنجي ويڙهي،
جنهن جي جِيءَ جگر ۾ جاٽ.
ڪافي 24
ٿل- ڪي اچن، ڪي وڃن، ڪي پُڇن ڙي يار،
هل ٻيلي، هن جا ڏينهڙا ڏُوڙ ٿيا.
1- ڪُوڙيون نه هلنديُون ڪيچ ڏي وو!
سر ڏيئي ٻانهن سمهن، ننڊون ڪن، پون ڙي يار.
2- ڏکن واريون هڪ ڏينهن ۾ وو!
ڏکيا ڏونگر ڏِسن نه گُسن، رَسن ڙي يار.
3- هَٿين پيرين، مُونڙي، وو!
پَٽيُون پاڻ ٻَڌن، سَؤ ڦَٽن، پيا وهن ڙي يار.
4- خانڻ نَشو هو نِينهن جو وو!
جاڳايس نه جَتن، هَن، به مَنِ ڙي يار.
ڪافي 25
ٿل- آءٌ سانگي پنهنجا ويٺي ساريان،
جن سان وڃي، ڪي ٻولان ٻَڌيون.
1- آءٌ سُتَسِ سُک سيجَ تي، تيلَهون ويو هوم وَرُ
اَديون،
چُمي چايُم لوڪُ جُون جاڙَ جُٺيُون ۽ طعنا
بَديُون.
2- حيف مُئِي جي حال کي، هي ٻُڌنديون ڏُکَ
ڏَڌيُون،
هڪ روئڻ راتيان ڏينهان، ٻيو بيوس وَهَن نيڻَن
نَديوُن.
3- حاجي خانن نَنگَ وارو، نيٺ بخشيندو بَديون،
هُت وڻيون وَرَ کي سَدا، سِينڌ سُرما سي ڪنديُون.
ڪافي 26
ٿل- هڪ جيڏين مَؤن وِيَسِ اڙي، اڙي!
جهڙي تهڙي پنهنجي يارَ جِي.
1- جانب لاءِ جوڳياڻي آهيان،
نينهُن لڳو ته نِماڻي ناهيان،
روئِي ڳالهه ڪيان ڪنهن سان، رڙِي رڙِي.
جهڙي تهڙي!
2- ڪَيَمِ ڏوهَه، ڏوهارِڻِ ڏاڍي،
ڪاٿي يارُ لهان دِلِ ڪاڍي،
ڪنهن اِذۡنَ سان دِلِڙي، ڪڙي ڪڙِي.
جهڙي تهڙي!
2- وَٺِيون راهَه ڪيان ٿِي واڪا،
لِکي لوحَ قَلَمَ ۾ جا ڪا،
سِڪ سوزِ ۾ وَئِي دل، سڙِي سڙِي.
جهڙي تهڙي!
4- حاجي هِي سِرُ يارَ جي ليکي،
ڪهڙو قدر پوي هي ٻِئي کي،
جَڙَ جانبَ مون سان، جَڙِي جَڙِي.
جهڙي تهڙي!
ڪافي 27
ٿل- اڃا سُور پَئِي ٿي سَهي سَهي،
ته به مَري نه جِيئي ٿي جيڏيون.
1- اڱڻ يار جڏهن مون ايندو،
وهم ويچاريءَ کون تڏهن ويندو،
نَدِي نيڻَنِ واري نه ته وَهي وَهي.
ته به مَري!
2- ريءَ دلاسي کَپي کامي،
ڪُلئِي عيبَ بَديُون هِن مان ۾،
ڪنهن ڳالهه سان ئي من ٺَهي ٺَهي.
ته به مَري!
3- جاني يار جدا ٿيو ڇا کون،
سَوين سَهۡوَ پَئي آهي مان کون،
هڪ رات اچي مَن رَهي رَهي.
ته به مَري!
4- حاجي، هوتُ هُجي هِڪُ راضي،
ڏک ڏولاو ٿين ماضي،
ڪَلَ پار بِنان ڪير لَهي لَهي.
ته به مَري!
ڪافي 28
ٿل- منهنجو دوست مِٺو دلبند اديون،
اجهو ايندو، ويٺي راهَه نهاريان.
1- سَنگِيُنِ سَرتِيُنِ پيون پچارون،
درد دُکيءَ جو دلبرُ دارون،
ڪهڙو ڏينهن قيامت ڏَر، ڙي اديون،
حامي ٿيندو، روئي هنجون ويٺي هاريان.
2- لُنءَ لُنءَ، لَنئون ڪوهياري لاتي،
ڪَنبي ٿَڙڪي سينو ڇاتي،
هڪ يار اچي ٿو نظر، ڙي اديون،
وَٺيو ويندو سو، گوندر گهاريان.
3- ڏُکي، ڪاڻِ ڏکن جي ڄاڻي،
اندر عشق آريءَ جي آئِي،
اها دانهن ڏيان در – ڙي اديون،
لوهُو لَحم لِڱ ڳاريان.
4- حاجي خانن هيئَن نا اڳ آءِ،
رِيُهون روحُ پيو رڳ رڳ آءِ،
مَرُجان وَهي پيو جَرۡ، ڙي اديون،
دارُون ڏيندو، صحيح سڄڻ ساريان.
ڪافي 29
ٿل- زلف جي زنجير، قابو قيد ڪئي دلڙي هڻي،
ڇا ٻڌايان لوڪ کي، دلبر کي آهه اهڙي وَڻِي.
1- هڪ حسن ٻيو قهري ڪاڪل،
خوني ڪَجليون خُون ڪن،
چاهه زنخ منجهه جاءِ جوڙي،
بند ڪيائون سا مون بَڻي.
2- لال لب بي مثال،
بلبلان جان باتڙيون،
سِر چِيرو، ڇا سونَ زريون،
وَڌ ڏِٺم اک جي اَڻِي.
3- چشم چشمن سان لڙي پيون،
وَئي عقل جي باتِڙي،
هوش گم حيرت ۾ جو ويو،
ڄاڻ هي ڄاڻي ڌڻي.
4- مشڪ عنبر ريءَ بدن،
خوشبوءِ ۽ خوشنود چؤ،
چوٽو چندن ڪم نا ڪَلي،
ڳالهه هيءَ ڳاڻو ڳَڻِي.
5- ڇا ڪبڪ جي چال چوندس،
مَٽ مِٺي محبوب سان،
بي مثل بيچون بي رنگ،
تنهن وِڌِي ڦِڦڙَن ڦَڻِي.
6- وَنگ هڻي ويو ڏنگ ڏُکي کي،
ناز نيڻن جي بَڻي،
سو ڪُهي ويو قرب سان،
ڄَڻ نه هِي مايَل ڄَڻِي.
7- حاجي نيڻن جي نظاري،
پيو اُساري روز شب،
درد واري دانهن دلبر،
ڪن ڪندو،ڪندس گهڻي.
ڪافي 30
ٿل- عشق امالڪ آڻي آڻي،
هي سر سوريءَ چاڙهيو.
1- عشق عقل جون وڃايون سڀ ذاتيون،
ڪاتيُون وڙهن ٿيون واتيُون،
ڇَڄَ ڏين رت ڇاڻي ڇاڻي.
2- عشق جي اُلٽي، اُلٽي بازي،
ڪير سڃاڻن، رِند غازِي،
گهوٽ گهايا منجهه گهاڻي گهاڻي.
3- عشق اَڻانگي ڪيا سي اوتارا،
مارا اُتي، جاتي نيڻن نعرا،
موج اِها ڪوئي ماڻي ماڻي.
4- حاجي عشق حُسن جو ڌاڪو،
لامڪان اُتي آ اَلاّ ڪو،
هرجاءِ هادي هڪ ڄاڻي ڄاڻي.
ڪافي 31
ٿل- آءُ سڄڻ، دل سِڪي سِڪي،
سُڌ لَهِي وڃ سُورَ جي.
1- ويهي روز نهاريان راهان،
شال! سُڻي مون آهان دانهان،
دل ڏنم تو هِڪي هِڪي.
2- درد فراق ڪئي دل ماندي،
وِرهه وڪوڙيو، وارُ ناهي واندي،
لَئه لڳي ڪَيَئهءِ لِڪي لِڪي.
3- آءُ مِل يار، اُداسڻ آهيان،
هي سر، بي سر، نابر ناهيان،
چاڪُ ڏهاڙي چِڪي چِڪي.
4- حاجي حال همہ تو دانِي،
ذاتي نامُ ٿَئِي لاثاني،
نِيهُن ظاهر ڪَيَهءِ نِڪي نِڪي.
ڪافي 32
ٿل- ڏَس ڪانگَ سڄڻ ڪڏهن ايندو،
جنهن سان ڳجهيون ڳجهيون هيم ڳالهڙيون.
1- لَنئِي کيانتَل، لات سڻائي،
وطن ورڻ جي ڪا هُيَنِ وائي؟
اهو ڏينهن سدورو ٿيندو،
لالَڻُ لبين لائيندو لالڙيون.
2- مَن بيراڳي هوتن موهيو،
راتيان ڏينهان نيڻن جهُڙ جهويو،
لوهو هِجر پِي پيندو،
ڀَڄِي ڀُري ويون ڪَنَ جون والڙيون.
3- سُرت سَماءُ سک سڀ سارو،
سڀ وساريم ڏِسي نظارو،
ڏَسُ ڏينهنَ هي ڏيندو،
نِت اکيون هجن مون آلڙيون.
4- حاجي حال خيال سڃاتم،
گهمي لِڪِي جڏهن لِيئو ٿي پاتم،
ويو سلطان لَکَ موهيندو،
نڀائي دوست وجهي ويو دُوالڙُيون.
ڪافي 33
ٿل- ڏي ياري، دلداري، هڪ واري، ڙي يار!
تُنهنجا ڳُڻ ڳالهيون، سدا ساريان.
1- ڏُکن ڏُکائِي جندڙي، عمر سارِي ٻَلهارِي،
تو تاري، سُرت سنواري، ڙي يار!
2- سِڪان، سُک نه سَنڀران، آهي، منهنجي زاري،
ڳَلِ ڳارِي، تنهنجي خواري، ڙي يار!
3- چِڪا چاڪ چِڪيل جا،جَرح ٿيا جارِي،
ڦَٽَ بارِي، باهه ٻارِي، ڙي يار!
4- خانڻ سان رُسڻ ڇَڏ تون، تو ڌاري،
آهيان ڌاري، اڳوارِي، ڙي يار!
ڪافي 34
ٿل- تُنهنجي حُسن هزارين لَک ماريا، گُم شاهيون،
اسين ڇاهيون، وري ناهيون، ڙي يار!
1- جلوي حُسن جمالَ جي وو،
ڪِيَس ڪَرينِ، اهڙا ڪاهيون،
ڏِنَءِ باهُيون وري ٺاهيون، ڙي يار!
2- ڪن کي رچايُهءِ رنگ ۾ وو،
ڪن کي چاڙهيهءِ سر ڦاهيون،
سَرواهيُون، سَر لاهيُون، ڙي يار!
3- خانڻ عاصي، انهيءَ عيب ۾ وو،
مان جيڏيون سڀ ڏاهيُون،
ٻڌان ڳانهيُون، وَئين ڳاهيُون، ڙي يار!
ڪافي 35
ٿل- ڪونه ڏٺم يار جهڙو، دل ٺڳيندڙ چورُ ميان،
دل ٺڳيندڙ چور ميان، معشوقن جو مورُ ميان.
1- ڳجها ڳجها نيڻَ ٿو کڻين، سدا سڄڻ ساهه کي وڻين،
هڪڙا هَنيون، وري ٻيا ٿو هَڻين، جئن ڪُسي ڪو ڍورُ
ميان.
2- شاهن جو تون شاهه آن، صورت ۾ مثل ماهه آن،
تون ته بيپرواهه آن، شل نه وجهين شور ميان.
3- حاجي خانڻ لَکَ ڀلايون، ڪَرِ نه جِيئري يار
جدايون،
ڳَل ڳَلي ڳُڻ ٿا ڳايُون، مرشد منهنجو زور ميان.
ڪافي 36
ٿل- وڪوڙي وِجهي وئين، ڦِڪلَ ساڻ ڦاهي،
وٺي دل اسان جِي، ٿِئين راتِ راهِي.
1- قَدُرُ ڪونه پيڙءِ، نماڻيءَ جو ڪوئي،
شَهر بَحر تو لَئي، ڪريان جِستجوئي،
تُنهنجي دَرِ سوالي، سلطان سپاهي.
2- نِماڻِيءَ نِڌَرِ جو، نڪو ٻيو وَسِيلو،
سدا رَنَگَ ڀَريو تون، رانَول رسيلو،
مَلائِڪَ موليٰ دَرِ، ڏينداهيءَ اگاهي.
3- حاجيءَ جي حمايت ڪريو نَنگَ وارا،
سِڪن ٿا اوهان لاءِ، عاشق ويچارا،
آءٌ گولِي گداگَر، تنهنجو شانُ طاهِي.
ڪافي 37
ٿل- کسي دل کڻي وَئين، هنر ساڻ هاڻي،
قدر عاشق جو پِرين پاڻ ڄاڻي.
1- هِيڻو حالُ توريءَ جِهڄي ٿو، جهوريءَ ۾،
ڪَڙي يارَ قابو، ڏانءِ وَئين ڏورِيءَ ۾،
لهي سُڌ نه سڀڪو، سائين تو سَماڻي.
2- اچي ڪيا اندر ۾، تو دلبر اوتارا،
ڏيکارِيَوَ اصل ٿي نيڻن جا نظارا،
لنگهي سال ويڙا، وِلهِيءَ کي وڪاڻي.
3- لکين لطف تُنهنجا، لَنگهو ٿِي آءٌ ڳايان،
نوان ناز تُنهنجا، ڏهاڙِي ٿِي ڀانيان،
هَلِي آءُ هيڪر، ڀوريءَ جي تون ڀاڻي.
4- حاجي جو هميشه هُئين حالُ ڀائي،
اهڙي اَڳَهين تو ڪَئِي نا جُدائي،
ڪئِي مُلهه خريد، سڄڻ رِي ناڻي.
ڪافي 38
ٿل- زلف سلسل جي جنگ شاهي،
ڪيئِي سلطان ڪنبايا ٿي.
1- جنگ تُفنگ نيڻن جي جاٿي،
بِزَن بِزَن ٻُڌ تابش تاٿي،
عاشَق ماڻن سو هنڌ ڪاٿي،
ڪِيئِي ڪُهايا گهايا ٿي،
بيشڪ تن کي بي پرواهي.
2- شاهه حَسِينَن فَنا هت فاني،
سر جند گهَر تَڙ ڪيان قرباني،
يوسف ملهه خريد ڪِنعانِي،
ڪنهن ته گهٽي منجهه گهمايا ٿي،
گولو غلام ٿيو ڄڻ گاهي.
3- ويو منصور سورِي سِرانگي،
ڏَهه ڏهه ڦيرا ڏَنگ ملن جو ڏنگي،
’حق حق‘ حاصل معافي نه مَنگي،
سَڌڙيا بره ڀُلايا ٿي،
الانسان سِره اِلاهي.
4- حاجي جهڙا ڪيئي لَکَ گهايا،
يار سڄڻ جا ڪهڙا به رايا،
اڄ ته پيغام انهن جا آيا،
جني ڳڻ مون ڳايا ٿي،
غم وسواس رڙهي ٿيا راهي.
ڪافي 39
ٿل- اڄ ته صبح شام اٿم، يادگيري يار جي،
يادگِيرِي يار جي، پرين سندي پار جي.
1- باغ باغيچا ڇَپَر ڇانئون،
گُلن ڦُلن لَڌيُون لائون،
يار بِنان اُداسِڻ آهيان،
ڪِيئن ڪريان ڪم ڪار جي.
2- کلي کلي رُت بهار آئي،
گلن ڦلن رمز لائي،
هيءَ جدائي ڪَنهن نه آئي،
عشق جي آزار جي.
3- حاجي خانن حُجَڙِي ناهي،
هِتئُون نيِندَ ونڌَرِ ڪاهي،
خوف خدا جو دل ۾ آهي،
سڪ سچي سردار جي. |