ڪافي 59
ٿل- منافق مَرن مَڇر، مَرِي ٿِيَن خراب،
ڪيڏو مالَ، ماڻهن سان ڪن ٿا عذاب.
1- لوٺِيا لُڙ مچائن،
سُوئر وانگيان کائن،
چڱن کي چتائن،
جوڙي ڏين جلاب.
2- دُکَنِ توڙي دُونهان،
آهن اڳ جا سُونهان،
ڪَڍَنِ خت لُوهان،
لَڙن بي حجاب.
3- هُجي هَٿ ۾ پَکو،
آهي اُنهن جو ڏَکو،
وَڄن پيا اِيئَن ڪو،
جِيئَن وَڄي پيو رباب.
4- چَئي خانڻ جائِي،
موليٰ وِجهينِ ڦاهِي،
تون ئي يا الاهي،
آهين رَبُ وَهاب.
ڪافي 60
ٿل- ٻِيهَرَ ٻُڌ سائِل جا سوال،
حضرت شاه حمايت آهين.
1- ڏينهن جمعي جي سَڏَ سُڻيج،
وَنَحۡنُ اَقۡرب گڏ هجيج،
ڏوهه ڏِنگايون پڻ بخشيج،
سختي ٽال، سڪايل پال.
2- اڄ سڀاڻي، ڪر نه دير،
ڇَروُن وَهن، جئَن ڇِمڪن ڇير،
آنت اوهان، ڪَل لهندو ڪير،
عرض عشاقن تانگهه ٽپال.
3- نام اَلَهَه جي عرض اگهاءِ،
وري وري ڏوهن ڪِينَ وِجهاءِ،
سائو سَلو ڪين سڪاءِ،
نياز نِڌر جو ٻُڌ، ٿيان نِهال.
4- چوڏهن ڏينهن ٻڌي مَرُ لوڪ،
هيٺ مٿاهون، پَچي مَر پوک،
جمادالثاني وَهي مَر موڪ،
ساريون، تِر، مُڱَ، جوئر ٿئي جال.
5- تيرهن سَؤ پنجويهه شعر،
حاجي خانڻ ناهي ڦير،
داد سائين سُڻج، ڪج نه دير،
ننگ اوهان تي، تون ننگ پال.
ڪافي 61
ٿل- درياه شاهه دادلا، دير نه ڪجانءِ دَم،
رئيس وڏيرن راڄ مهاڻن، ڪُڙمن جا ڪج ڪم.
1- سيّد فقير سوالي تُنهنجا،
شافع رک شرم.
حضرت پِيران پِير جي،
آهي هٿ عَلم.
2- ٻيلو ٻوڙج، مُلڪ جوڙج،
ڪَجانءِ ڪجهه ڪرم.
ٻيڙو تارج، سيّد سنڀارج،
موليٰ جو ئِي قَسم.
3- واهُڙَ واهه، شهنشاهه،
تنهنجو تَن تي ڪُل قدم.
جلد جوڙي جام ڏجانءِ،
رونبو ساڳيءَ رِيت رسم.
4- جَهجِهي جوئر، مُڱ ۽ تِرَ،
باغن بلڪل گُل گلم،
وڪڙ وليون ٿين ڀليون،
ڇاهون راهون ڇَنان ڇم.
5- ساريُون ٻاريون حاجي خانڻ،
جوڙي وڌي ٿين جام جم.
سيّد جي هٿ ساري حاج،
نه ٿئَون شعر ۾ خام خم.
ڪافي 62
ٿل- بحر مَلهاري موجان لائن،
قادر ڪر ڪُلَئن جا ڪاج.
1- ڇنڇر ڏينهن درياه کي ڇوڙ،
ٻُوڙا ٻيٽ درياه جا ٻوڙ،
ڪر افلاڪي گاج گروڙ،
لاهج دل تان سڀ احتياج.
2- جمادالثاني سڏيم سوير،
حضرت محمد، ڪج نه دير،
لوڪ ڏسي، مَرُ ٿئي خوش مِهر،
سوال ڪندڙ ڪج نه محتاج.
3- آچر سومر ڪر برساتون،
ڳلي ڳلي ۾ مَر ٿين آباديون،
راڄ مهاڄڻ جي گهَر شاديون،
ڏَهه ڏَه ڀيرا گهرندس ڏاج.
4- سن تيرهن سَؤ پنجويهه چِٽو،
نام محمّد تُنهنجو مِٺو،
ڏوري ڏوري مون توکي ڏِٺو،
تنهنجي هٿ ۾ هرڪا حاج.
5- اُٺين ڏينهن ملي وڌائي،
ڳالهه عجب مون شاعر ڳائي،
وات وات اِها ٿي وائي،
لکين مَڻين پيو کپي اناج.
6- سنڌ ڪاڇي کي جوڙج هاڻ،
عيب ڪَڄِيندڙ پارس پاڻ،
ٻِئي دَر ڪنهن جِي ڪَڍوُن نه ڪاڻ،
بار کڻِندڙ، تون سرتاج.
7- گهاڙ وهائج، مَرُ ڏئي گوڙيُون،
هيٺ مٿاهين مَرُ ٿين ڇوڙيُون،
مينهِن کَرڪا رونبن جوڙيُون،
سر ڦر سهڻا رَڄ ٿين راڄ.
8- نارو واهه هڻي نت نعرو،
گهاڙ سدائين ٿئي سوڀار،
خانڻ ملڪ ٿئي خوش سارو،
لائقن ڀريا، توتي لاج.
ڪافي 63
ٿل- جهڙو چيٽُ تَهڙِي ڪَتِي،
اسان داوَن تنهنجي وَتِي.
1- سَرنهن، ڄانڀا ساوا سَلا،
هر ڪنهن جا ادا، ٿيندا ڀلا،
پائيءَ پسي لڳا پَلا،
پوءِ کارِي مڇيءَ جي کَتِي.
2- جوئر، ٻاجهر، آڀُون، ڳَنا،
پوک پَڪِيءَ تي آڀُون ڀُنا،
لائِي لاباري هَليُون رَنان،
پوءِ ڪاڻي ڪوجهي رَمتِي.
3- تِرَ، مُڱ پَڪا ٿِي موٺ،
توکي ڪاهي هلندا ڳوٺ،
اهو اَجهو تُنهنجِي اوٽ،
ٻِئي جي ناهي پَتِي،
4- حاجي خانڻ ساڻُ هَلِي،
هر ڪنهن جي ڪندو ڀَل ڀَلي،
هوندي جيڪا گَرِي گَندِي،
گَڏَهَه تَنهنجِي گَتِي.
ڪافي 64
ٿل- اهڙو سائين سبب جوڙ،
پچن لاڙيون، مٿي ٽوڙ.
1- ڌُمَ درياهه ڀي لايون ڌَڙيُون،
هَٿين مَٿي اَچي چڙهيُون،
ٻُڏن ٻيلا، دِڪيُون دڙَيون،
مَري مڇي کوڙ،
پچن لاڙيون؛
2- ڍَنڍين بِهَه، درياهين پَلا،
پوکُنِ راهُنِ جا، ٿِيَنِ ٿَلها،
ڀَرجَن ديري ديري گَلا،
ڪُم ۽ ڪُوڻيُون لوڙ،
پچن لاڙيون؛
3- رَئيسَ وڏيرن وَڏيون راهون،
ڪُڙمن ڇٽن آنهون ٻانهون،
لٽي ڇڏين وڏيون کاهون،
ننڍيون ڪن ڪروڙ،
پچن لاڙيون؛
4- هِندُو هَلن بَٽَئِيدارَ،
ٻاري ٻاري پوي ٻارِ،
ڳاهِنِ راهِن پيا هزارَ،
دايا اچن ڊوڙ،
پچن لاڙيون؛
5- پِيرَ فقير ٿِيَنِ راضي،
ٽويو وٺڻ اچن نمازي،
کَپَنِ ڪُهُرَ رِيءَ تَرازِي،
رجهي پَلي ٻوڙ،
پچن لاڙيون؛
6- حاجي خانڻ چيٽُ ڪَتِي،
تنهنجي شاهه، مون دامَن وَتِي،
روزِي کَڻِي، تو جا رَتِي،
سائِي ٿِي سڀ اوڙَ،
پچن لاڙيون؛
ڪافي 65
ٿل- مان آهيان انهن جي سارِي،
جو وَرُ جيڏيون، جَت وٺِي ويا.
1- ڪڻڪ ساٿ سَنجهي ناڪَيَڙِي،
هويم جوَ، پَڌر تَڏِ پِيِڙي،
اڄ ڌَڻڪِ بنان ٿِيَسِ ڌارِي،
مٽر آئِي ڙي، ڪنهن گهٽي ويا.
2- چڻو ڳالهه ته ڇو ويا ڇوڙي،
مڱ انهن جي، ڪِيئن مُنهُن موڙي،
مانهه محرم آيو ڄڻ مُهڙي،
ڪرنگهه جوڙي، جنگ کٽي ويا.
3- ٻاجهري پوک پوکڻ ڪيئن ٺاهي،
نانگِلي اصل کون ڄاڻي ناهي،
ڪري ٻِٽ پاٻوهون پنهل پياري،
پياري مون وِهه جي وٽي ويا.
4- اَلَک پوک پَچايم حاجي،
وحدت واري واٽ آ واهه جي،
سسئي جهڙا مرد مزاجي،
پير پُڇائي ڏيرن پُٺي ويا.
ڪافي 66
ٿل- آيا سونارا يار دا، هر رنگ وچ اسرار دا.
1- ڪوري دلبر، حال نه حيلا،
من موچي ٿيا شاهه وسيلا،
ٿِيوي سرازِي آپ رَسيلا،
گهايل هوت هٻڪار دا.
2- هر دم هِڪو خيال اهو ئي،
هووي ڪُنڀر وچ دور نه ڪوئي،
لڳا لٻاڻا شاهه دا سوئي،
سبق سکيا سردار دا.
3- هر درزي ٿي هوڪا ڏيسان،
ٿِي وڻجارا، ڳُڻ ٻَهه ڳئِسان،
تن من سرها مشِڪ مليسان،
ڳل چُهڙا لوهار دا.
4- ڏُور نه رولين خيال پيارا،
کٽي حاجي خانڻ مار نقارا،
ڳالهه اِهِيندا، ٻَهُون پَسارا،
حضرت دِي گفتار دا.
ڪافي 67
ٿل- ڪيسرو ڪين ڪيسرو ڪين،
ڏوڪڙ سان سڀ ڏيهه.
1- پيسو رکجانءِ تون گهڻو نه پيارو،
آنا ايندو تنهنجو وارو،
پوءِ وڻج واپاري ٿي ويهه.
2- ٻِياني ٻِيائي ڪم نه آئي،
چُواني هت وري ڪيئن آئي،
ڏئِي ڏِس ڇاتيءَ وارو ڇيهه.
3- آڌي ڀريل انهيءَ جي آهيان،
روپيو ڏسي ٿي روح ريجهايان،
رَسُ ماکيءَ واري آهي ريهه.
4- حاجي خانڻ سونُ پريئي،
پدم سچائي آءُ قدم ڀريئي،
وِچ پتنگن وانگي پيهه.
ڪافي 68
ٿل- ڏوڪڙ سان ٿِي ڏِينُهن ڪثير،
ڪِينَ ڪسيرو ڪين.
1- آنا تُنهنجو ايندو وارو،
پيسو رکج گهڻو پيارو،
دل کي ڪجهه آهي تسڪين.
2- ٻياني ٻاجهه نه ڪندي ڪائي،
چواني ڪنهن ڪم نه آئي،
ڏوڪڙ گهرجي ڪين.
3- روپيو جنهن وٽ آهي روڪ،
سارو جڳ توڙي پر لوڪ،
ڪنهن ڏانهن اک ڪري ڪين.
4- دنيا ڏاڍي آهي پياري،
هرڪو مٿس آهي هَنباري،
ڪنهن سان ڪُوڙِي هلي ڪين.
5- حاجي خانڻ مون پرين آ،
لَڪ لنگهي پير ڀري آ،
توکان سواءِ سَري ڪين.
ڪافي 69
ٿل- اُٿي ريلَ، هَلُ سويلَ، منهنجو مَنڙو اُداسي.
1- رڪڻ رنگي رنگ بڻايو،
بِيهِي باڊه، رک نه رايو،
صبح ڪجانءِ سيوهڻ سعيو،
محبن سان نَئِي ميل.
2- سيوهڻ شهر شَڪر ڄاڻان،
لَکَ لُٽايم نماءَ ۾ ناڻا،
آهن عشاقن مَنَ ۾ ڀاڻا،
ڏِسان حُسن وارا کيل.
3- ڳُڻ مٺايون تن جون ڳڻيان،
مون کي پنهنجا سڄڻ وڻيان،
تن جي طلب، تن ڏي تَڻيان،
سَڙي وَٽِ، ٻَري تيل.
4- حاجي خانڻ هيڪر حال،
صبح سڄڻ سان ڪندس قال،
وَهلو ٿِئي هاڻي وصال،
ٿيندو دل وارن سان ٻيل.
ڪافي 70
ٿل- هلو سيوهڻ هاڻي، کڻي کاڻِ ناڻي،
مِلي اڳيون مهلون، ماڻهن ساڻ ماڻي.
1- کَٽي خوش گذارن، اَڇا ڪَم اُجارن،
ٿُلهي سَنهِي ڄاڻن، ڏِيَنِ گهر اُماڻي.
2- موچِي مَر مَرڪن، جُتيون جن جون جرڪن،
پانجاري نه هَر ڪَن، روزي رب رساڻي.
3- لوهر ڊکڻ مُکي، ڪمائن ٿا حقي،
ڪيئي شوم شَقي، گهمائي منجهه گهاڻي.
4- ڪُنڀر ٺِڪر ٺوڪن، دانگيون جن ڊونڪَن،
مُدعي ڀَلِي ڀَونڪن، ٽَنگون پون تاڻي.
5- ڪمائن ٿا درزي، هلن پنهنجي مرضي،
عبادت جا فرضي، ڪوڙيُن مان ڪو ڄاڻي.
6- لڳو ميلو شاهِي، حُسن بادشاهي،
ڏسڻ ڏِس الاهي، مرد ڪوئي ماڻي.
7- قلندر قلندر، اَڙَل ٿَئِي بَندر،
مدعيءَ کي جَلَندر، ڏيندو پِير پاڻهي.
8- لائن رَنگَ روڏا، بِنان ترسِ توڏا،
گَسِي وَينِ گوڏا، سجدو سَنجهه سڀاڻي.
9- اُتي اسم ذاتي، ڪَنبائي ٿو ڇاتِي،
پَنجَن تَننَ جهاتي، انهيءَ هنڌ اُماڻي.
10- هڪڙا شاهه سهڻا، مِٺا مرد مهڻا،
قرب ساڻ ڪُهڻا، الله ميلي آڻي.
11- هڪڙا رئيس راجا، گهمن پيا سٻاجها،
گُهلي واءُ ڪا جا، چوڏهين سَن سَماڻي.
12- هڪڙا ٽُوٽَ ٽَرڙا، ڇڏيون وتن گهَرڙا،
لَٿن لَڄ ذرڙا، جن کي شيطان راڻي.
13- هڪڙا ٽُوٽَ ڀاڙِي، مُنائِن پيا ڏاڙهي،
وَٽين مُڇون لاڙِي، ٽَنگون پون تاڻي.
14- ڪمشنر ڪلڪٽر، ڪي ديوان دفتر،
ڪيئِي اچن اَفسر، سيّد جي سماڻي.
15- ڪٿي ڪَپتان ٿاڻو، بيٺا ڪن پُڇاڻو،
سياڻو نِماڻو، ڳاڻو ڇڏن ڳاڻي.
16- ڪوري ڪَن پَسارا، ڪَڍن هَٽَ هزارا،
لٿن غم غبارا، پسارِي ٿي پاڻهي.
17- حجم هٿ جوڙن، مُڇون مرد موڙن،
دشمن کي نهوڙن، لوهُو لحم ڇاڻي.
18- مِٺائي هَٽن تي، کُلِي پَئي کَٽن تي،
سُڃا سڀ سَٽن تي، اچن شام ٽاڻي.
19- هلي ريل آئي، انهيءَ لَنوَ به لائي،
سِگهي ڏي وڌائي، اَنڌِي مَنڊي ڪاڻي.
20- خانڻ بس آهي، چَيُئه شعر ٺاهِي،
تُنهنجو ٻين سان ڇاهي، سڀڪو پاڻ ڄاڻي.
ڪافي 71
ٿل- سگهو آءُ سهڻا، وري تون وطن تي،
چمي قدم تنهنجا، گهمايان اَکِن تي.
1- آسر وند آهيان، اميدان نه لاهيان،
واسي هنڌ وڇايان، کَٿوريون کَٽن تي.
2- توکي ساريون ساريان، هنجون روز هاريان،
رويون رند نهاريان، گهمان پئي گَسن تي.
3- تو لئي لڇان ٿي، پانڌي روز پڇان ٿي،
پتنگ جان پڇان ٿي، ڀڙڪي باهه بدن تي.
4- خانڻ توکي ساري، ڪڏهن نا وساري،
ايندو واڳ واري، سيّد منهنجي صحن تي.
ڪافي 72
ٿل- اها رمز ڍولڻ دِي عالِي هي،
هڪ حُسن، ته ٻي بي خيالي هي.
1- اول حُسن هَلان ڪر آندا هي،
جئن چرڳ هِلان تي پَوندا هي،
کنڀ کوهه، لَحم ڪُون کاندا هي،
جنهن ڪُون دام نه دَست دُوالي هي.
2- وه جانب جلوه دار جَنگي،
رُخ شَمس بِينا، وه روپ رَنگي،
مَين ٻَهون نِڌَر، نَگپال نَنگي،
مَن موهه گهَتي، جا لَب لالِي هي.
3- وه زلف سلسل وَل ڇَلڙي،
وه ديک تماشا، هل چل ڙي،
دُک دُور ٿيندا هي، هڪ پَلڙي،
وه ڪِيتِي عشق ڪمالِي هي.
4- حاجي خانڻ، اي احوال سارا،
رک اسم ذاتي وچ خيال سارا،
لوچ ته لَڀسِي لعل سارا،
اُت سوالي، نڪو هٿ خالِي هي. |