سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات حاجي خانڻ چنجڻي

صفحو :3

داستان -2

سيف الملوڪ

اَوَل تعريف، خاوَند دِي جُڳاوي ،

سَتاوي جو بندا، مطلوب پاوي ،

قادر ڪِيتا، مُلڪ مالِڪ محمّد،

ڪِيتا آپ، اَحد چُون چا جوڙُ احمد،

ٿِيا ظاهِر ظُهورا، نوُر اَثباتِ،

بَنايَسُ نُورُ چوُن، هرَ ذات دِي ڏاتِ،

رَلايُس نُور وِچ، نُورِي نظارا،

ڪِتُس آپ ڪُون، اُٿان اِظهارُ سارا،

الله سائين، ڪُلِي دي ڪَم جوڙي،

صَدق واليان دِليان دي، دانُ ڏوڙي ،

الله سائين، ”نَحَن اَقرَب“ جونيڙي ،

سَدا  وَسُدا عُشاقين، صَحنُ ويڙهي ،

الله سائين، نَهين ڪُجهه ڏوُرُ ڄاڻو،

ٿِيوو طالب، سَدا مَطلوُبُ ماڻو،

الله سائين، همه بَنّاء بَنايا،

زمِين و آسمان، پَل وِچ اَڏايا،

عجب قُدرت! ڪِيتُسُ ڪُن ڪُون اِشارا،

تَنهِين دا ڪِيا سُڻاوان؟ مَين شُمارا،

آکِيُس فَيَڪُونُ ڪُن وَه! لامَڪانون،

ڪِيتُس چا جوڙُ، ڪُل شيءِ جَهانَون،

پَرِيان، اِنسانُ، حوران، جِنُ اُپايُس،

ڪَنِي تي غم، تي هِڪڙيان غَمّ لاهِيُس،

ڳَڻَڻ دِي باتِ نَهِين، تعريف والِي،

وَسِيلا ڪَر ڏِتُس، شَفِّيعُ عالِي.

 

تعريف سرور ڪائنات

جِنِس خُود آپِڻِي، آپي رَليندا،

عَجَب طوطا، اِسم ذاتي ٻُليندا،

جوڙِيُس پِڃرا، صَنَم دا صاف سُبحانُ،

آنا احمد صه بُلايا، رَب رَحمانُ،

پيغمبر دي جِسِم، چِنسارُ لايا،

صِدِق سِيتي ، جَهان ديدارُ پايا،

مَحوُ مَجذوبُ، ٿَئِي صورت سِڪايل،

سي گهايل هِن، سي گهايل هِن، سي گهايل،

ڀَلاري يارَ چاري، مَنَ چُنِيدي ،

سُونهَنِ درگاهِ عالِي، نِتُ نبِي دي،

پيغمبر دي پِياري، يارَ چاري،

رَکِئي مَنظُورُ نظّر، شَہ سُونهاري،

صديق، عُمر، عثمان، شاهُ عَلّي،

سدا مَين هان، تَنهِين دا سَگّ ڳلِي،

اُميدان هِمِ شَلا ، ديدارُ پَيسان ،

عِجِز شَہ دي اڳُون، ڪَر ڪَر سُڻيسان ،

جِنَهان ساجَنُ صَنَم، سَچ ڪر سُڃاڻان،

تِنهان ڪَونَين دا، مطلُوب پاڻان،

نه ڏيسِي رَبُ تِنان ڪُون، رِزقُ تنگِي،

هميشہ سي رهن، نَنگِپالُ نَنگِي،

نه ڏِيسي رَبُ تِنان ڪُون، دَردُ ڪوئي،

جِنهان ڪُون هي، صنم دِي جُستجوئِي،

مَيڻِينِ مُحبُ، سي مطلوب پَيسِنِ،

خودِي ڪُون مارِ ڌَڪُ، اُلٽي وَڌيسِن،

مَيڻِينِ مُحبُ سي، مِل خاڪ ڌُوڙي ،

پڪڙ نِيسِنِ تڏان، خود مِلڪ مُوڙي .

 

قدرت الاهي جي بيان ۾

اَلَہ دي ڪَمَّ هِنُ، نِت نِت نِرالي،

گدا ڪُون تَختُ ڏي، شَہَ ڪُون اَٽالي،

گدا ڪُون بادشاهي، چا دِلاوي،

شَهان دي فرزندان نُون، چا رُلاوي،

شهان دي فرزندان نُون، چاه گهَتِيُس،

عجب ڪم هَر جَبارِي، آپ ڪِتُس،

ڪِنان ڪُون چا ڏيوي، مِلڪ تي گَنجُ،

ڪِنان ڪُون چا ڏِيوي، سِر ستم ٿي رَنجُ،

ڪِنان ڪُون چا ڏيوي، هر مُلڪ شاهِي،

ڪِنان ڪُون چا ڏيوي، شهري گَدائِي،

شَلا هووي هميشہ آپُ راضِي،

بَنائِي هِسِ عَجَب، اسرار بازِي،

اَلَہ ڄاڻي نهين ڪجهه ڪُوڙ بازي،

ڪوڙي ڪافر، ڪيتي شہ عشق ماران،

ڪيتا صَنعان ، ڳُل زُنّار تاران،

ڏِتيان ڏاڍِيان، تنهِين ڪُون عِشق بازي،

ڪِيتا عَطّار ڪُون، شہ عشق مارا،

ڪِٿان سِڪَندر، ڪَهان ڳيا؟ شاه دارا،

ڪِيتا رو رو زليخا، حالُ بي حالُ،

ڪِٿان لهندِي سڄڻ دي، خوابُ دي ڳالهه،

ڪِيتي وَيرانُ گَهڙڙ، زر ۽ ڳهڻي،

سَوين سِڪندِيان، يوسف ڪاڻ ڦَلڻي،

مصر سارِي ڳَئِي، ٿِي عِشقُ دِي باهِ،

سَوين پِيرين فَقيرين، فرياد تي آهَ،

ڏِٺا تَنهِن ڀِي نِظارا، نُورُ ڪَيفِي،

تَنهين دي ڪاڻ، سَهُندِي سُور سَيفِي،

ٿِيا لَيلِي دي ڪان ، مَجنُون مَوالي،

گَيُس وَل ويڙِه، سپر ڪُون وِرهُ والِي،

ڪِٿان سَروَر نبي، سر تاجُ سائين،

ڪِيتُس پاسِ اولي، هڪ ڏينهن تائين،

هميشہ هي محمّد، نِزد نيڙي ،

سَدا وسُدا عُشاقان، دَر ويڙهي،

ٿِيون پاسي ڪِيوين، گلزارُ بُلبُل،

پاوِن بُلبُل چَمَن، دِن رَين گُل گُل.

قصو سيفل نامہ جي بيان ۾

پَيم هڪ ڳالهه دل تي، عشق والِي،

نَهِين تَنِهن ڪُون لِڪاوَڻ، هي نِرالِي،

ڪِيجي تَنهِن ڪُون پَڌرَ، مُرُ لوڪُ پاوي،

خانَڻ مَحبُوبُ، دي ٿوري سَنڀالي،

ڪِيجَن ظاهِر زُبانَون، ٻولُ باتان،

ڀَلِي ڪَر ڪو سُڻي، سَڀ ذاتِ ذاتان،

قِصا سُڻ عِشقِ دا، خُوشِ مَرد ٿيسِن،

پِيالا پُر پِلاوِن، خُوب پِيسِن،

اَلَہ دي آسِري، ڪَر شعر بازي،

جوڙي سَيفل نامي، دي طَرز تازي،

بُلَندُ باري سُڻِيمُ، قِصّا شهانا،

ڪِيتُم ڪَنهِين طَرح، تَنهَن دا اَفّسِانا،

ٿِيوي سَوکا، سَمَجهه آوي صَفائِي،

جوڙِيُم ٻَهَه يارُ، دِي تعريف جائِي.

 

حضرت سليمان جي بيان ۾

اَها مُرسل سُليمان، شاهُ سُلطان،

آهَن تَنهِن دي اَمُر وِچ ديوُ پَريان،

اَها تَنهن دا پکڻ ، سر دام سارا،

رَهن نِت ديو، دَر تي ڪر غبارا،

سَوين هاٿِي ڪِتي، لَک پيل آوِن،

لَکين گهوڙي قنڌاري شُتر پاون،

سَوين ڪَر سر آوازي، ڪِبت ڳاوِن ،

چندين گِهن ڀَٽَ، ڪَلاوَنت کاڄ کاوِن،

مِلن پَکه ديو، پَريان تخت چاوِن،

جِٿان شَہ دا اَمُر، اُٿ آڻِ لاهِن،

پَکي مِل، سِر سليمان، ڇانوَ ڪَردي،

اَمُر ڪردي، تي بَردي ، روز در دي،

کَڙَي ڪَردي آڳون، بَردي تِلافِيان ،

ڪري اَڪثر تِنَهان، تون آپُ معافِيان،

اَهَسِ وينڊا ، اَنگل وِچ ، وَه ڪلاندا ،

کَڙا منِ آمر تَنهِن دا، شمسُ چاندا،

اَهَسِ اَحسن رَبانِي، بي بَيانِي،

اوڀي ڳِيا ڇوڙُ، آخِر زِندَگانِي.

 

عاصم شاهه جي بيان ۾

اَها مرسل دي واري، شاهه عاصم،

اوڀي سلطان ها، شہ عدل دائم،

عَدل ڪَر دا، عَدالت هَرڪون ڀاوي ،

جَڏان چَل وِچ ڪَچهري شاهُ آوي،

سَوين گولي سپاهِي، رَهن چاڪر،

زمين اوَڙڪ تَئِين، تنهن دا ها لشڪر،

سَوين در دي کڙي، بَردي سپاهِي،

ڪريندا وه! عَجب، شَہ تخت شاهِي،

پسَر صَفوانُ دا هي، مُلڪ والِي،

جيڪو جاوي نه آوي، دَست خالِي،

رکي هڪ خُوب، خاصي چال شاهِي،

صالح وَزّير اَها، سر تخت واهِي ،

صالح، جمشيد دا، پسّر پيارا،

سَري دَفتر سَندا، مُختارڪارا،

رکي هَر شي اُتي، اوه نَظَرداري،

ڪَري جَنگِ جي، چَڙهِي ڪر فتح باري،

سُڻيُم قِصّا ڏُون ٽِين، طرحين سُڻاوان،

جو عاصم دِي ڪائِي، ڳَلِ     سُڻاوان،

حَرَم هَفتاد ، حق عاصم اڳيئي،

بِنان فَرزند رَهَئي، خالِي سَڀوئِي،

نڪو پِسَّر نڪو دُختر ڄَميوني،

اِهِين غَم وِچ عاصِم اڳ پَيوني،

لَڳُس غَم درد دا، دِل ڪُون غُلو ،

ڄَميُس ٻيٽا، ڪري جندُ جانِ گهولا ،

ٿِوي اولاد بِن، عاصم آوارا،

دُنيا دَولت سندا، ڪِيتُس وِسارا،

نه ڀاوِس تَخَتُ، ناوَت مُلڪ ڀاوِس،

توڙي چا مال ڀي، ڪوئي لُٽاوِس،

بِنان بُلبل گَهني، ڪير واسُ گُل دا،

مَٽِسِي ڪَونُ سو، لِکّيا اَزل دا،

شمع دا ڇَپ ڳيا، تارا نه چاوان،

پِره دي ويلَ، چاندِي نُون ڇَپاوان،

وِهاڻي رَينِ ڳَئي، اوچَڪ اَجائي،

ڀاڱي پِڇوين پَهَر، رونَق مَٽائِي،

جو عاصم شاه، وچ پِيرِي دي آيا،

پِسَر دي ڪاڻِ ها، دم دم سِڪايا،

ٿِيُس غَم دَردُ دا، اَندوه بارِي ،

صالح ڪون نَپ نيتا تَنهِن دي مونجهاري،

ڪَرِن تدبِير ، مل وَزّير ڪائي،

اِهائِي ڳالِهه، ڪيا خاوَند بَنائِي.

 

صالح وزير جو عاصم شاهه کان احوال ۽ حال پڇڻ

ڳَيا ٽُر ، پيش شَہ دي نيڪ صالح ،

ڏيکو کولي، تَنهِين دا بخت طالِع ،

ڪيهي سَبَبئون ڪِتا تَين شَہ مونجهارا،

ڏَسين تان مين ڪَران، اَعلاجُ سارا،

نه تَيڏي مُلڪ دي وچ جنگ ڪائي،

نه ڪُجهه تيڏي دنيا، ڪنهن زَر لُٽائي،

تَيڏيان فوجان، فتح داري هَزاري،

تَيڏا هَر مُلڪ تي هَي، عُظمُ بارِي.

 

عاصم شاهه جو صالح وزير کي حال ٻڌائڻ

نِهايت شاهه ٻولِي، ڳالهه چولِي،

وِساريُم سيجَ رَنگي، خاص گولِي،

پِسر ٻاجهون پِيا، دَر دِل ڪَشالا،

نظر ناوي مَيڪُون، گُل لَعلُ لالا،

اَلَہ ڄاڻي عُمر برباد هوئِي ،

نَهين ڪَنهن دا، بِنان اولاد ڪوئِي،

بِنان فانوس دي، خانه بيگانا،

اُونداهِي دا ڪيها، شُعلا شَهانا ،

ڀَلِي فانُوسُ، ٿِيوي روشنائِي،

اِهين ڳَل دِي، ڪَرين تدبير ڪائي.

 

صالح وزير جو نجومين کي سڏائڻ

سَڏي آندا صالح، پَنڊت فقيران،

دُعا دَم دَم مَنگي، در در فقيران،

سڏيا جُتشي ، نُجومي خانه آوي،

عاصم دا حال پَڙهه، هَر ڪُون سُڻاوي،

اُڇل اَکيا نُجومي، مار ڍارا ،

لُڌُس مضمون دا، مَطلُوب سارا،

يَمن دي شاهه دِي، دُختر آڻِيوي،

اُسِي چُون شاهه ڪُون، ٻيٽا ڄَميوي،

ڪرڻ حق دي حڪايت، هي برابر،

ڄميسِي پُٽُ، زوراور زور زابرُ،

ڊوڙيا درپيش شہ، صالح سِياڻا،

سُڻايس سو قصا، سَہ ڪُون سِباڻا .

 

عاصم جو يمن ڏي خط لکي موڪلڻ

ٿيا خوش شاهه عاصم، خط لکاوي،

يمن دي شاهه ڪُون، قاصد پَٺياوي ،

لِکاوي حال دِي، ٻَهه ڳالهه ساري،

دعويٰ سڱ دِي لکيس، وَل وَل دوباري ،

مُتس صالح، ڏِتس اُٿ ، خوب چيزان ،

جِيوين پياري مُنجن ، پياري عزيزان،

نَوشتہ هٿ ڏِتُس، صالح سياڻي،

ڏيکو گهُم باغُ چُون، اوهُ قفس اوڻي ،

ڏِتس وه نال صالح، فوج خاصِي ،

سينگاريا گُل عنبر ڪون مرد پياسِي.

 

صالح وزير جو يمن پهچڻ

آخر ٿيا وچ يمن دي مرد ظاهر،

نِڪِل شهرون سڀئي، مِل خلق ٻاهر،

ڏاڍا تجمل جلوُ، ڪر جوان آيا،

لوڪان ليکي، جَنگاوَر پِير آيا،

دَهليا سڀ لوڪ، ٿيا غلغل غبارا ،

لَٿا گردون شهر دي مار نعرا،

خانڻ، خُوبان، لاوِن تنبُو طنابان ،

ڪيهيان ظاهر ڪَران، مَين بات باتان،

يَمن دي شاه ڪُون، لوڪان سُڻايا،

شهر دي ٻاهرَون، بَد خواهه آيا،

لُڏن جَهنڊي، لڳن نعري نغاري،

ٻولن ٻولِي عجب جيهِي، متاري،

بلند بالا، قنڌاري، هيٺ گهوڙي،

شُتر هاٿِي، تِنَهان دي نال ڏوڙي .

 

يمن جي بادشاه جو صالح وزير کان حال احوال پڇڻ

خَبر سُڻ ڪَر، سَڏايُس ڪَٽَڪ سارا،

دَوڙيا دربانُ، تنهن دَم ڳيا وِسارا،

يَمَن دي شاه پارون ، ٿِيا پُڇاڻان ،

سمجهه ڪر نال صالح ڳيا سياڻا،

سنگت ڪر نال، ساري شهر ڄُليا ،

آخر وَڃ رُوبروئِي، رازُ رَليا ،

يمن دي شاه چا ، مجلس بڻائي،

طالب مطلوب وِچ درگاه آئي،

هووَن طالب جيڪي، مطلوب ڳولن،

خودي هستي، ڦِٽي ڪَر عين کولن،

جيڪي طالب رکن، دَر دِل سچائي،

ڪَري ڪِيوين تِنهان، جاني جُدائي.

 

صالح وزير جو يمن جي بادشاه کي خط ۽ شيون ڏيڻ

نِهايت کول خط، شَہ پيش پڙهدا،

سارا دل تي رَکيُس، مضمون تنهن دا،

پڙهڻ ويلي ٿيا غم شَہ ڪُون باري،

پِڇي تنهن دِي، ڪري تدبير سارِي،

ڏِوي صالح، سوغاتا سارِ ثابت،

نهين ڪَم ڪرڻ تنهن ڪُون تِل تفاوت .

 

يمن جي بادشاهه جو صالح سان گفتگو ڪرڻ

يمن دا شاهه صالح ڪُون ٻُلاوي ،

ڪوئي ڪنهن ڪاڻ ، ٿِي مهمان آوي،

ڀَلي آوي اسان ڏي، دَر اُطاقي،

اسان تنهن دي ٿِيوُون، نِت نِت ملاقي،

تون ڀِي آ ٽِڪ، چمن در باغ بَنگلي،

بَڻئي سهسين کڙي، رَنگ محل رَنگلي،

يمن دي شاهه، چا اِنصاف ڪِيتا،

سُپُورڻ ٿيا، صبر دا جامُ پِيتا،

صبح دي ويل، سڏواوي وزيران،

جيڪي عُمدي آهي وَه، وِچ اميران،

جيڪي آهُنِ سدا، مجلس سَتاري،

سَڏا هر هڪ پُڇي، هَئي صُلح واري،

مصر دي شاهه عاصم، سَڱ ڇِڪايا،

اسان ڏي طرف ڪِيتُس روُح رايا،

مَيڏي دُختر عجب، ياقُوت داڻا،

تَنهين دي ڪاڻ، عاشق ٿيا اياڻا ،

سُڻُيم، سَمجهيُم نه هَسُ اولاد ڪوئي،

تڏان ڪِيتُس، اسان ڏي جُستجوئي،

ڏِتُس ڏَسُ ڪنهن نجومي، مار ڍارا،

لِکُيس خط وچ، اسان ڏي سر اِشارا،

جيڪا ڏيوو ڏَسو، تدبير سچي،

ڪَڏان مين نا ڪَريسان، ڳالهه ڪچِّي،

سُخن ٻَهه سمجهه، جو سالڪ اَلاوِن ،

چِٽي ڪر ڳالهه، شهه دي ڪنّ لاوِن،

ڏوهِين اڳ دِي، نَهين جنگ رنگ ڪوئي،

ڪريجي هڪ گهڙي، تنهن دي نه ڪوئي،

اُنهين ويلي، ڪريندا گفتگوئي،

ڪريندا نال هر ڪنهن، جُستجوئي،

اُنهين ويلي، حَرم ساري سڏائي،

دايان، دُختر ستُر،سڀ ڪُون سڏائي،

جي ڪجهه لِکيا، اصل هُڻ نامٽيسي ،

جيوين بڻيا، بندي دي باب، ٿِيسي،

اسان دُختر ڏيوُون، ڪر زوُد جِلدي ،

لِکيا اصلاً ٿيا اڳ، اڄ نه ڪلهه دِي،

مصر دا شاهه هي، صاحب عدل دا،

ڏيکو برسي ڪڪر، تنهن تي فضل دا.

 

يمن جي بادشاهه جو عاصم شاهه کي ڌيءَ جو سڱ ڏيڻ

پٺيندا ڌيءُ پياري، نال پياران،

ڏيوي لک ڏاج دي، هاٿي هزاران،

چندين ڳهڻي، چندين پوشاڪ شاهي،

چندين ٻانِهي، چندين گولي سپاهي،

سينگاري ساٿ، صالح نال ڏيوي،

يمن دي چاڳلي، مهمان ميوي،

پِدر، مادر، پياري نال رووَن،

ڪُلِي ڪپّڙ ، هنجُون دي نال ڌووَن،

قبيلا، شهر والي، شرم مايان،

وليان گهر ڏي سڀي ، مِل راستداريان،

صالح ڪُون ڏي پوشاڪان، شاهه ٻولي،

اسان عاصم سندي هون ، آپ گولي،

اسان ڪُون شهه، شُڪر ڪر پاس لايا،

مليا محبوب، مين مطلوب پايا.

 

صالح وزير جو مطلب ڪري، مصر ڏي موٽي هلڻ

نِڪِل صالح، مِصر ڏي ٿيا روانا،

صنم عاصم سندا، ياقوت داڻا،

تجّمل نالِ وَلدا، گِهنِ پري ڪُون،

بدن بخمل موهي، ڪَينچن زَري ڪُون،

ڪِتا قاصِد رَوانا، لِک عريضا،

لِکيس مذڪورُ شہ حُسن پري دا،

ڪِتُم ڪم ڪار تيڏا، جوڙُ آندم،

مسافر ٿي يمن دا، نانءُ کاڌُم،

وَلِيُس پِڇتِي خبر معلوم هووئي،

آوين اڳتون ذرا، هؤُ ڀَؤُ نه ڪوئِي،

سُڻڻ دي نال ، شہ آرام پايا،

سِڪايل ڪولِ ڄُل اوهُ يار آيا،

صنم ساڳا مِليا، شہ ڪون سِياڻا،

جنهين دي ڪاڻ ها، عاشق اَياڻا،

شهر دي ٻاهرُون، نزديڪ آئي،

صالح سڀ ساز ڪُون، آوازُ لائي.

وَڄاوِن ڍولُ ، تي نوبت نرالي،

ڌَنڪ ڌُم ڌامُ، چا عالم اٽالي ،

آوِن جنهن دي نشاني، نازُ لائِي،

جو عاصم شاهه ڳِيا ، مرڪب ڪُڏائِي.

 

عاصم شاهه جو صالح ۽ پنهنجي صنم سان گڏجڻ

ٽپاوي تي ڪُڏاوي، پِيل گهوڙي،

ديکي درسن ، جنهان دا رب ڏوڙي،

جو صالح نال، ٿيا عاصم مُلاقي،

مسافر آ ٿيا، اڪثر اُطاقي،

مليا وڃ اُس گهڙي وچ، يار ڪنّون،

ٿيا حاصل سڀو، دلدار ڪنّون،

پرين ڪُون نال گهِن آيان، سي دايان،

وِڇاوِن سيج سهڻي، ڪِيا سُڻاوان،

گهتئي گلم غليچي، سبز رنگي،

جو عاصم شاهه چا، پهري ڪلنگي ،

مليا دل ريش ڪُون، دلبند جائي،

ٿيا واصل، ڳئي وِٿِ ، ڪر جُدائي،

ٿيا خوشنود خانڻ، ڪيا سُڻاوي،

عاشق مسڪين ٿي، مطلوب پاوي،

جِنهان ڪُون يار دِيان دم دم سنڀالان،

مِلاوي رَبُ، تني ڪُون، بي مثالان،

جِنهان ڪُون يار دِي هي يادگيري،

تنهان ڪُون نا ٿِوي، ڪا دِلّ گِيري،

جِنهان وَت يار دي، منگي يَراني،

تِنهان سِر راز هي، نِت نِت رَباني.

 

يمني پريءَ سان عاصم شاهه جو شادي ڪرڻ

ڪريندي شاهه شادي، شهه پرِي دِي،

گهتي ڳل ڪِيا پري، زيور زري دِي،

ڪيهان وصفان، سُڻاوان کول ظاهر،

قِصي دامين ڪران، مضمون ٻاهر،

پڙهايان شهه پري دي، نال دعائِين،

ٻيٺا خوش ٿي، مصر دا تخت سائين،

گهِني گُل دا، جڏان وَت واسُ بُلبل،

سڀئي موجود ٿئي، دَر باغ گُل گُل،

چمن بڻيا، عجب بُستان شاهي،

ماڻن موجان عجب، محبوب ماهي،

اَلہ ڪِيتي جڏان، ٿئي، ماهه پُوري،

تُخُم پيا دَر زمين، سلّي انگُورئي.

 

عاصم شاه جي گهر ۾ سيف الملوڪ جو پيدا ٿيڻ يا ڄمڻ

ڄميا شڪمون پري دي، شاه نوري،

اُٺا عاصم اُٿي ڪڪّر، غفوري،

آوِن دايان تي مايان، شاه دي ڪول ،

گِهنَن مُهران خزاني، ڍول تي کول،

جيڪي آوِن مڱڻ، منگتي هزاران،

مَئي پُر موتِئي ڏيوي، مهاران،

آوِن دائي تي دايان، گهن مُرادان ،

ڏيوِن سهجون ، مبارڪ شاه شادان،

ڏيوي شہ، لُٽِ خزاني بي نظيرين،

ڏيوي اَنُ عام، عاصم شہ فقرين،

سڏيا سڀ لوڪ، سارا شہ شتابي ،

رَکيجي نان صنم دا، ڪڍ ڪِتابِي ،

صَلح صَلاّح ٿئي، هر هڪ شهانِي،

ٻُليندا ٻاجهه ڪَنُون، عاصم لِسانِي،

پِسر دا نام، شہ سيفل سڏايا،

صالح دي گهر، مُبارڪ سَعدُ ڄايا،

ڄمئين هڪ ڏينهن، ڏُونهين خُوبصورت،

عجب آکان، سيفل دِي ماه مُورت،

ڏيکو بي رنگ ڪون، چا رنگ لايا،

جنهان ويکيا، تِنهان مطلوب پايا،

عجب اسرار چا، آکو اِلاهي ،

کُليا شمس و قمر، وه مرد ماهِي.

 

سيف الملوڪ ۽ سعد جو هڪ جاءِ پلجڻ

آکيا صالح ڪون، صاحب هڪ ڏِهاڙي،

سيفل تي سعد، گڏ هووِن متاري ،

پيون گڏ کير، تي ڪجهه کاڄ خاصي،

کاوِنِ گڏ مِصريان، مُربي پتاسي،

رَهن گڏ راند، ٻهه ڪر ڪر رِهاڻِي،

اُها وَهِ ڳالهه، صالح ڪون سِباڻِي ،

سيفل تي سعد دِي، سنگت ڪريوي،

پليجن گڏ ڀلي، روشن ڏِيوي،

جيوين خورشيد مہ ، وَه وچ فلڪ دي،

سيفل تي سعد، وَه خوش رنگ خلق دي،

آوي ڏيکڻ ڏِهاڙي، خلق سارِي،

کُليا گُلزار، وَه گُلشن بهارِي،

عجب سينگار سَرسي، چا ڪريندي،

جو گهايل عشق دي، مانجهي مرندي،

عجب صورت، اُتي مُورت بناوِن،

گهتيندي موت، جنهن ڪُون رمز لاوِن ،

بناوِن جلوه، جادوگرّ جيهِي،

سُڻاوان مين تِنهان دِي، وصف ڪيهِي،

لُٽين دِلڙي، نِماڻِي نال نيون،

سُکي دل ڪُون، ڏکان دا ڏاج ڏيوِن.

 

عاصم شاهه جو سيفل بابت نجوميءَ کان حال پڇڻ

سڏي آندا عاصم، هڪ نجومي،

سچا سِحرِي اَها، يوناني رومِي،

اُڇل ڍارا، صحيح ڪِيتُس سِتارا،

سُڻايُس شاهه ڪُون، احوال سرا،

سفر، سيفل قبوليا، نيٺ ويسي،

وَليا جي وَل وطن، مطلوب پئيسِي ،

سيفل رُخ آئيا، بارِي ڪَشالا،

ڪَشالي چُون رکيا هِس رب تعاليٰ،

ورهيه چوڏهن، وِچون هِن وِٿّ ڀاوين ،

سيفل تي سعد ڪُون، قابُو ڪراوين.

 

عاصم شاهه جو سيفل ۽ سعد کي کوهه ۾ بند ڪرائڻ

خبر سُڻ شاهه، چا بنگلي بڻائي،

تِنهان وِچ سعد، سيفل ڪُون ٻِلهاوي،

آهَن اُونِهي، چُڌاري ڪوٽ بارِي،

اندر بازار بهاري، باغ انارِي ،

گُوناگُوني اُٿانهين، يار خاصي،

ڪَرن شِڪار مَرُ، شِڪري تماشي،

ٻِلهايُس هڪ عجب، اُستاد عالم،

پڙهن ڏُونهين، سيفل تي سعد حاڪم،

پڙهن عربي، سِنڌي، هِندي هُنر سڀ،

لِکيا حق ڪِيا تِنهان دي، ڄاڻندا ربُ،

سِکائي سڀ هُنر، اُستاد جيڪي،

سُڻن سمجهن، اُنهان چُون يار ڪي ڪي.

 

سعد، سيفل ۽ آخوند جو عاصم شاهه وٽ وڃڻ

خدا دي ڀؤ ڊِنا، ڪجهه روح رايا،

سيفل تي سعد ڪون، آپ ڏَهُن سڏايا،

سڏائي شاهه سيفل، سعد ڏُوهين،

ڏيکو ڇِڪ آپ آندي، راز رُوحين،

اڃا اُس قول وِچ، آهَنِ مهِيني،

سَڏا شہ تول آندي او نگيني،

بيٺي ٻولن عجائب، لاتِ طوطِي،

حُسن هڪڙا، گهتِي ڏک ڏيک روتِي،

عجب اِلحان ، سي ٻولن آوازي،

تِنهان دِي نَوبَنو، بَيّان تازي،

آوِن سي با ادب، تَسليم ڪردي،

ٻَڌِن ٻانهان، غلامان وانگ ڏَردي .

 

عاصم شاهه جو سيفل ۽ سعد کي پوشاڪ ڏيڻ

اُڦي عاصم، پِسَر ڪُون ڳَلّ لاوي،

صَدَقَ صَد بار ٿي، گهِن تخت آوي،

صالح ڀِي سعد ڪُون، چا ڳَلّ لاوي،

سيفل ۽ سعد پيا، سڀ ڪُون سُهاوي ،

پَسند ڪَرڪي، پُشاڪان کولِ ڏيندا،

طرح طرحين، جِيوين شاعر سڻيندا،

زَري زَربفت، اَطلس ڪِيمخابِي،

سُنَهرِي سبز، سُرخِي بي حِسابِي،

پِسر ڪُون چا پِدر، بخشي بَغِيچي،

رنگي رنگ محل، وه گِلّم غَليچي،

سيفل دي يار سڀ، عاصم سينگاري،

لنگي، چيرين ڏِتيونِس، زَر ڪِناري ،

شُدي مشروع ، عجائب سعد نيوي،

لُٽي گنج دا خزانا، لوڪ ڏيوي.

 

عاصم شاهه جو خزانا وغيره اسباب ڏيڻ

خزانا گنج والا، شاهه کوليا،

صالح دي نال، عاصم شاهه ٻوليا،

آڻو ڪَڍ چا اندر، صندوق سُنارِي،

ڏِتِي سيفل صنم ڪُون، چا پيارِي،

آندياني ، آ رکياني ، تخت حاضر،

ڏِتِي سيفل نُون ، عاصم شَهه بهادر،

ٻولي سيفل نُون، عاصم شَهه سُونهارا،

چڱيان چِيزان، ڏِوان تَيڪون پيارا،

سانڍيُم تَئِن ڪاڻ، سيفل عمر ساري،

زَرِي دا ٿانُ، وِينڊا ڪَلان دارِي ،

رکين وينڊا، برابر جان هووَئِي،

اِيوِين ڄاڻين ته، ٿِيسَئِي ڀَؤ نه ڪوئِي.

 

سيفل جو پريءَ جي صورت ڏسي عاشق ٿي پوڻ

سيفل خوش ٿي، اُتي در باغ آيا،

شرابيدار ڪُون، پَل وِچ اَڻايا،

ڪِتِي مجلس مئي، گهِنِ يار جانِي،

سيفل تون سعد، ٿِيوي قُزّبانِي،

پِيوَنِ مَي ڪُون، مَتاري مرد غازي،

مَئِي محفل، ٿيا محبوب راضي،

نَشي وِچ ٿِي ڳَئي، سڀ يار مَجذُوب،

اُٿِي سيفل ڳَيا، محلي اَندر خُوب،

چِراغِي ٻالِ، دَر محلي دي آيا،

سيفل، صندُوق دا، چا طاقُ کوليا،

پاتُس چهاتِي، عجب تنهن وِچ صفاتي،

ڏِٺُس مُورت، لَڳُس وَه ٻاڻُ ذاتِي،

آها صندوُق وِچ، ڪَپڙا زَرِي دا،

اَها نقشا لِکيل، ڪنهن شَہ پَرِي دا،

آهِي مُورت، عجب صُورت صَفائِي،

ٿِيا چَڪ چُور، وَه، سيفل سودائِي،

لڳي اوهُ سَيف ، سيفل ڪُون پيا رووي،

هَٿئين آپڻي، پيا رُخ نَين ڌووي،

پَوي جَل جَل پَتنگُ، دَر مَڃّ تَلي،

پَيُس وَڃ چِڻنگَ چولِي، جانِ جَلّي،

لَڳا سيفل دي تَنَ ڪُون، ڪو غُلولا،

پَرِي دي ڪاڻِ ٿِيسِي، آپ ڳولا،

وِسارِي سيجَڙي ، سيفل سُونهاري ،

لَڳَس جِندُ جانِ ڪُون، عاشق اوساري،

رَڙيان ڪَرڪَر ڪِري، نا سوسُوئي کَٽَ ،

سَيفل اَصلِي نه لايا، پير بَرپَٽَ ،

هَنجُون هاري، پيا دَم دَم پُڪاري،

پيا ڌَڙ سِرّڪُون، ڌَرتِي پَڇاڙي ،

ٿيا نادان، ڳَيَسُ وَت ، هَوش ڪيڏي،

ٿِيا آخِر صُبح، آئي يار جيڏي.

 

سيفل وٽ سعد ۽ ٻين يارن جو گڏجي وڃڻ

ٿيا دِن ، رَينِ ، ڪي، سورج صفائي،

آئي مِلِ يار ٻيٺي، حالا ڀائِي،

صبح دي وقت، ويکيا سعد سَيفل،

ٻيٺا رووي، نَهِين جِٿ جاءِ دَرمَل ،

ڀَري سُڏڪارَ تي، ٿڌڙي شُڪاري،

ٻيٺا اُلٽا، اَکئين چُون آبُ هاري،

اوڀِي حيران ٿِي، اُس وقت رويا،

سيفل سائِين دا، اَبتر حال هويا،

سيفل سائِين پَيا، ڪهڙي ڪَشالي،

ڪشالا رَب شَلا، نا مُنهُن وِکالي .

 

سعد جو سيفل جي دوا ۽ علاج ڪرڻ لاءِ اندر وڃڻ

ڳَيا وَل سعد، رومحلي سَتَر دي،

عطر دانيا ڏِٺس، خالِي عطر دي،

ڪٿان سيفل ڏِٺُس ڪٿ سيج خالِي،

نَهِين ڳيا تخت تي، سو تخت والي،

پُڇي سيفل ڪَنُون، اوهُ سعد خبران،

ذرا سيفل ڏَسي، نا زير زبران ،

ٻُليندا سعد، ڪَنهِن آڙهَ مچائي،

ڪِسي بَدخواه، چا پيالي پلائي،

سَڏان معالج تَيڪُون معلوم هووي،

مِٺا محبوب ڪِيوين، جامُ پِيوي،

ڪِتي سَؤ لک، هزاران سعد حيلي،

عشاقان دي رَهن، رَنگ زَرد پيلي،

ڏَسي نا هِڪ حَرَف، سيفل زبانَوُن،

ٻٺا ڏي ترڪُ، شَہ سيفل جهانُون .

 

سعد جو عاصم شاه کي سربستو حال ٻڌائڻ

اُٿِي ڳيا سعد شُدّا ، شاه دي ڪول ،

ڪَريندا حال ڪُل، عاصم اَڳُون کول،

ٻيٺا عاصم اَڳُون عرّض گُذاري،

سيفل سائين مين، ٻانهي ڪون وِساري،

سيفل دي نال هي ڪو ستم آيا،

بِره دِي آڳ، تَنهِن ڪُون ڦُوڪِ لايا.

وِساريس سيج ڪُون، سِرتاج توڙي،

ٿِيا نانگا کوي ٻَهَه، درد ڏوڙي،

اُٿِي ڊوڙيا، پِسر ڏي، شاهه جلدي،

ڏِٺُس بي حال، ڏيوي ڪانه وَلدِي ،

لڳيان جِند جان عاصم، دِي ڪُون باهين،

کڙا رو رو ڪري، فرياد آهين ،

ٿيا غمناڪ، ڏِٺُّس يار بي حال،

چُڪِي عاصم ڪنُون، چوتال پنج تال ،

ڏَسو مَيڪون ڳُجهِي، ڳُجهه ڳالهه ساري،

پُڇا اُس دَردُ دا، دَرمَل پَسارِي.

 

عاصم شاهه جو پنڊتن ۽ حڪيمن کي گهرائڻ

سَڏا حَڪّيم تي، پَنڊّت پُڇاوي،

آوي هَرڪو ٻيٺا، رستا بتاوي ،

آکن هڪڙي ڌَڪُ، اِهنڪُون  ديوُ ماريا،

ڪيئي آکن هي، اِهنڪون نار کاريا،

ڪيئي آکن، ٿِيُس سِرسام ظاهر،

ڪيئي آکن، ٿِيُس خَفقان ٻاهر،

سنگت سيفل، سَڄڻ دي ڪاڻ ڇوڙي،

دِليون ڇوڙيس، وِسارئي شُتر گهوڙي،

ڪِنِي صَلاّح صالح، هڪ عجُوبا ،

پَسند پئي شاهه ڪُون، اوه خاص خُوبا،

ڏيجي فرزند مَيڏي، ڪُون ڪَٽارِي،

ڪري سيفل اڳُون وَڃ، ڳل ڳارِي ،

آکِس، ڏَس ڳالهه، ناتان شِڪم ڦاڙان،

تَيڏا ڏُک ڏيک، سِرُ بَردار چاڙهان،

نَهين مُڙدا ڏِٺا، تَيسن حُسن پيارا،

رَکيوئِي مارِ ، اي سيفل سونهارا،

ڳيا ٽُر سعد، شہ سيفل ٻِلهاوي،

صَلح صالح ڪِتِيان، مطلوب پاوي.

 

سيفل جو سعد کي حال احوال ٻڌائڻ

سيفل شَہ، سعد دِي، سچ صاف ٻولِي،

سُڻيندا دل دا سڀ، رو رازُ کولي،

سيفل دُک درد دا، رو حال ٻولي،

سُڻاوي سعد ڪُون، ڏي چاڪ چولي،

بَدَن بيمار، ٿِي ڳَئِي جانِ ڪُئِلا،

سيفل ڪُون آ پيا رُخ، رنج رولا،

آکي عَجّبُ ڏٺم، تصوير ڀائي،

نه ڄاڻان ڪو صنم دا، جوڙ جائِي،

نَهين ڪو رَنگ، آدم بي رَنگي هَي،

تَنهين دي ٻاڻ ، دل مَيڏي وَنگي هَي،

اِهو افسوس، ڪيا ڪنهن نُون سُڻاوان،

لڳي دَرپيش، سيني وِچ سَهاوان،

لڳيان دُک درد دِيان، دل ڪُون دٻائين ،

نَهين جا عقل دِي اڙ ڳِيس اُٿانهِين ،

رَهيان دِن رَين وچ، اکيان بِراڳِي،

الَہ ڄاڻي، مِلي مَنَ يارُ ساڳِي،

بَدنُ، جامان ساڙيا، سڀ سوز تنهن دي،

بِنان محبُوب لاهي، دُکُ ڪير ڪنهن دي،

اُميدان هِم اَلَہ وِچ، يار لَهسان،

ڏٺي ٻاجهون صنم، هڪ دم نه رهسان،

قَسم حق دا، اگر تصوير ويکين،

ٿِيوين محرم اسان ڏا، حال ديکين،

ڪَرو ڪجهه قياس، ڪوئي يار سائين،

اسان ڏي نال آ، قَدّم اُٺائين،

لُطف ڪَرسِين، لُطف والا اُميدان،

اَلہ ميلي ، نه ٿِيسان نا اُميدان،

فضل والا، ڪَريسِين فضل شالا،

ڪَشالا ٽال ميلين، دوست لالا.

 

سعد جو سيفل کي جاچي جوچي، عاصم کي حال احوال ٻڌائڻ

اُٿي ڳِيا سعد، سيفل ٿيا سودائي،

جُدائي ڪَر، جُدائي ڪر، جُدائي،

آکي شَہ، سعد رو سيفل فِدائي،

خُدائي هي، خُدائي هي خُدائي،

اُٿيا ٻَهَه سعد، عاصم پيا مُنجهارِي،

آزارِي ٿيا، آزارِي ٿيا، آزارِي،

غلولا، تَنهن پِسر ڪُون، پِدر ماريا،

هزاران تنهن وِساريا، تخت سارا،

آکِيُس هَي هَي مسافر ٿي مَين مَرسان،

لُچيسان يارُ ليسان ، مين نه ڏَرسان،

پِدر مادَر، مُلڪ سارا مُدامِي،

سَڀو بَرُ ڄاڻُدا هان، مين تمامِي،

پَيا غَم وَهم وچ، عاصم پِيرانا،

پِسر دي ڪاڻ ٿيا ، پِدّر ديوانا.

 

عاصم شاهه کي پٽ جي بيماريءَ جي خبر پوڻ ۽ صلاح ڪرڻ

پُيُس هڪ ڳالهه دل تي، ڪُهنُ سالِي ،

ڪَريندا سعد نال ، سا ٻُڌ نِرالِي،

آيان هان شَہ پريان، اڳوين زماني،

ڪِتي مين ڪول، تَن دي ڪَنجرياني ،

اَندياني، آ ڏِناني ڏوُن بَلائين،

آهي ڪالي وِسِيهَر ، ڪِيا سُڻاوين،

آيان ڪول مَيڏي، ٻَہ ٻُلينديان،

ٻيٺيان طوطي مثل، ڇيڙي چَلينديان،

اکيوني شہ سليمان، شاهه نُورِي،

سوغاتان ڏوُن، ڏِتيانِس ڪَڍ حضوري،

ڪلان داري وِينڊا، وَه واه خُوبان،

زري دي ٿانَ تي، صورت عجوبان،

ٿِيُس مين مست، مُورت ديک صورت،

ڪِتِي آهي تَنَهان تَون، مين وِچُو رت ،

ڏَسينديان شہ پَريان، صورت سَچائِي،

ڪرينديان ناڪَئِي، تِل دي ڪَچائي،

آکيوني ايہِ صورت، سُبحان هوئِي،

نَهين تنهن دا، مثل انسانُ ڪوئِي،

اِرم دي مُلڪ وِچ، پَرّي گُذاري،

گُلستان شهر وِچ، تنهن دي اُتاري ،

پَرِي دا هي پِدر، شهپال آکُون،

مَلڪ ، هر مُلڪ، داشتڪار ، لاکون ،

اِسم تنهن دا، بديعل شاه بانُو،

تنهن دِي صورت اَکُون، ڪيا ڪيا زبانون،

لِکِي اُس ٿانَ تي، تصوير تنهن دِي،

هَوندي لاغرض ، ناهَس غرض ڪنهن دي،

اِيوين آکي، ڪِتا پَرواز پَريان،

اُتي آسمان ڳِيان، هڪ پَهر چڙهيان،

عجب هي، ڳالهه سُڻ تُون، سعد سارِي،

تنهين دي ڪاڻ ٿيا، سيفل آزارِي،

سُڻِيَمُ سَمجهِيُمُ، پَريان نا نال آدم،

ڪَڏان رغبت نه ڪرديان، ساعت هڪ دم،

آهَن هَٿ شہ سليمان، ٿيا سِرُ دَفَنّي،

مَماتي وِچ ٿيا، پاڳل ڪَفَنّي،

بِنا مُرسل دي، پَريان ڪونُ آڻي،

پَکي ائون ديوَ هَن، دَر او وِڪاڻي،

ڏيوي سيفل ڪُون، عاصم لَک صلاحان،

سيفل رو رو ڪري، فرياد آهان،

مُلڪ اِرّم سندا، نامُول لَهسين،

توڙي جوڳِئين، سَناسِئين نال گهُمسين،

اڻانگاهي، پَريان دي نال مِلسين،

بِراڳي ٿي، بِراڳيان نال رُلسين.

 

سيفل جو پيءُ کي صاف جواب ڏيڻ

ڪَريندا، نانهِن ڪَڍ، سيفل عظامي،

ويسان مَين وَسُ نهين، ڪَجهه ڪُوڙخامي،

بِنان محبوب دي، جِيوَڻ جُٺيارا ،

ڄاڻي اِس ڳالهه ڪُون، حضرت سُونهارا،

بنان محبوب دي، جِندُ جان جَلّي،

خُورش خوراڪ، پَئي در چاه تَلّي،

ڏٺي ٻاجهون نه، هڪ دم مُول سرسِي ،

الله ڄاڻي، مُنجها ٿِي ساهه مَرسِي،

بنان جاني دي هي، جِيوَڻ اجايا،

پورهيا ڪُل دا ڪريسي، رَبُ سجايا،

بِنان محبوب دي هي، دل آزاري،

وِچاري دل، وِچاري دل، وِچاري،

وِچاري ڪُون نَهِين، ڪو ٻيا دلاسا،

علي پنج تَن سندا، بَس هي ڀَروسا،

بيٺا آخر اُساري، نا وِساري،

کَڙا پَل پَل ڀَري، ٿڌڙي شُڪاري،

زري زربفت پيا، وِچ ڳَلّ رُلّي،

سُنهري لاهه ڇوڙئي، شاهَه ڪُلّهي،

رَتِي هڪ نا رهي، بَر سيج سُکّي،

سَري جَن دي بنان، ڪُل ڪار ڏُکّي،

وساري مصر دِي تنهن، شِيرُ شَڪّر،

وِرِه ڳِيُس ويڙهه، ڪر مانند ڪيهَر.

. جڳاوي = جڳائي، ٺَهي، جُڙي.

. ستاوي = ستائي، عرض ڪري.

. مطلوب = مطلب، مقصد، مراد.

. پاوي = حاصل ڪري.

. دان = ڏاڻُ، بخشش.

. ڏوڙي = ٻيڻو، ٻِٽو؛ گهڻو

.  ”نحن اقرب“ اشارو ”و نحن اقرب اليہ من  حبل الوريد“ قرآني آيت ڏانهن = اسين انسان کي، سندس گردن جي نس کان به ويجها آهيون.

. نيڙي = ويجهو، نزديڪ.

. صحن = اڱڻ.

.  ويڙهي = ويڙهو، گهَر.

. پَل وچ = ٿوري گهڙيءَ ۾، کِن ۾.

.  ڪُن – ڪُن فَيَڪُون (قرآن)- ٿيءُ – پوءِ (ائين) ٿي پيو.

.  صدق سيتي = صدق رکندڙ.

. من چنپدي = مَنَ چونڊيل، من گهُريا.

. سگ = ڪتو.

. هم = آهن.

. شلا = شل.

. پيسان = حاصل ڪندس.

. سڻيسان = ٻڌائيندس.

.  ڪونين = ٻَئي جهان.

. ڌوڙي = ڌوڙ، مِٽِي.

.  نيسن = نيندا.

. مِلڪ موڙي = مال ملڪيت.

. صَنعان = مشهور خدا پرست، بزرگ، جو پوءِ بُت پرست ٿيو ۽ وري باز نه آيو.

. زنار = جَڻيو.

.  عطار = شيخ فريدالدين عطار.

. ڪان = ڪاڻ، واسطي لاءِ.

. نيڙي = نزديڪ، ويجهو.

. دن رين = ڏينهن رات.

.  مر = ڀلي.

. پکڻ = پکي.

. دام = ڦاهي. سردام = قبضي ۾، حڪم ۾.

. ڪبت ڳاون = بيت ڏين، تعريف ڪن.

. چندين = ڪيترائي.

. ڪلاونت = ڳائڻا.

. بردي = نوڪر.

. تلافيان = تلافيون، تلافي، تدارڪ.

. وينڊو = ويڙه، مُنڊي.

. انگل وچ = آڱر ۾.

. ڪلاندا = ڪلا وارو، جوت وارو، ڪرامتي. آهن.... ڪلاندا = حضرت سليمان کي، جيڪو آڱر ۾ وينڊو هو، سو وڏيءَ ڪلا وارو (ڪرامتي) هو.

. من = مڃي، قبول ڪري. کڙا من امر تنهن دا = تنهن جو (حضرت سليمان) حڪم مڃي بيٺا، يعني سج ۽ چنڊ به سندس حڪم ۾ هئا.

. ڀاوي = سونهين، ٺهي، جڳائي.

. اوڙڪ = پڇاڙيءَ تائين.

. واهي = نگهبان.

.  ڳل = ڳالهه.

. حرم = گهر، زال.

. هفتاد = سَتر.

.  دختر = ڌيءَ.

. غلولا = غلولو، ڳوڙهو.

. گهولا = گهور، قربان، صدقو.

. ڀاوس = وَڻيس. نه ڀاوس تخت = تخت نه پيو وڻيس.

.  پره = سويل، صبح.

.  وهاڻي = گذري.

.  رين = رات.

. اندوهه = ڏک، غم.

. باري = ڀاري، ڳرو، سخت.

. نپ = زوري، قابو، سختيءَ سان. نپ نيتا = زوريءَ نِيو يعني نهايت سختيءَ سان (مونجهاري ۾) اچي ويو.

. ڪرن تدبير = بندوبست ڪن پيا. ڪائي تدبير = ڪا مصلحت يا ڳڻ پَهَه.

. ڳيا ٽر =  ويو هلي، هلي وڃي. ڳيا...

. صالح = صالح وزير، عاصم شاه کان احوال پڇڻ لاءِ، وٽس ويو.

. طالع =بخت.

. ٻاجهون = کان سواءِ، بغير.

. ناوي = نه اچي.

. هوئي = ٿي ويئي.

. بنان فانوس = فانوس کان سواءِ. ”فانوس“، اشارو ”پٽ“ ڏانهن.

. شهانا = شهاڻو، شاهاڻو، بادشاهاڻو.

. جشتي = جوتشي، نجومي.

. ڍارا = ڍارو، ساري، داڻو.

. مطلوب = مقصد.

. زوراور = طاقتور.

. سباڻا = سيباڻو. وڻيو، پسند پيو.

. پٺياوي  = موڪلجي.

. دعويٰ = گهُرَ، تقاضا.

. ول ول دوباري = وري وري ٻيهر.

. مُتس = موڪليائين.

. اُٿ = اُتي، انهيءَ لاءِ.

. خوب چيزان = سهڻيون شيون.

. منجن = موڪلين.

. نوشته = خط.

. قفس = پڃرو.

. اوڻي = آڻي.

. خاصي = چڱي، گهڻي، وڏي تعداد ۾.

. شهرون = شهر مان.

.  تجمل = شان، شوڪت.

. جنگاور = جوڌو پهلوان.

. دهليا = ڊنا.

. غبارا = ڌنڌ انڌوڪار.

. گردون = آسمان.

. طنابان = طنابون، تَنبوءَ جون رسيون.

. ڪيهيان  = ڪهڙيون.

. ڏوڙي = گهڻا.

. پارون = پار کان، طرف کان.

. پڇاڻان = پُڇا.

. ڄليا = هليو.

. رَليا = مليو.

. چا = کڻي.

. هوون = هجن.

. خودي = پاڻپڻو.

. عين = اک، چشم.

. پڇي = پوءِ.

. سار = ساري، سنڀالي.

. تل = تر. تل تفاوت = تر جيترو تفاوت.

. ٻلاوي = گهرائي، سڏائي، چوي.

.  ڪاڻ = وٽ.

. سپورڻ = پورو، مڪمل.

. هئي = هيا.

. دختر = ڌيءَ.

. يا قوت داڻا  = ياقوت جي داڻي مثل يعني حَسين.

. اياڻا = چريو؛ يبوقوف.

. الاون = ڳالهائن.

. نامٽيسي = نه ميٽيو ( پر قائم رهندو).

. بندي دي باب = بندي جي حق ۾.

. زود = تڪڙو، ترت.

. برسي = وسي.

. پٺيندا = موڪلي ٿو.

. چندين = ڪيترائي.

. ڪلي ڪپڙ = سڀ (بدن وارا) ڪپڙا.

. هنجون = ڳوڙها، لُڙڪ. پدر.... ڌوون = پيءُ، ماءُ ۽ ٻيا عزيز خويش ايترو ته روئين پيا، جو سندن ڪپڙا به پُسي ويا.

. وليان = موٽيون، وريون.

. سڀي = سڀ، ڪُل.

. هون = آهيون.

.  ڪينچن = سونُ.

. زري؛ زَر = سونُ.

. جوڙ = مَٽ، برابر.

. وليس = موٽيس.

. پڇتي = پوئتي.

. نال = سان.

. ڪول = ڀرسان، نزديڪ.

. اوهه = اُهو..

. ڍول = ڍولڪ، دهل.

. نوبت = نغارو.

. چا = کڻي.

. اٽالي = اٽالو، گهڻا ماڻهو.

. اُون = اچن.

. ڳيا = ويو.

. مرڪب = گهوڙو. مرڪب ڪڏائي = گهوڙو هڪليندو.

. ديکي درسن = ديدار ڪري.

. ڪلنگي = ڇَٽ،، تاج، موڙ.

. دل ريش = دل ڦٽيل، عاشق.

. وٿ = وٿي، وڇوڙي وارو وقت.

. شڪمون = شڪم مون، پيٽ مون.

. ڪول = ويجهو.

. پر موتئي = موتين سان ڀريل.

. مئي = ماپي، ڀري.

.  مرادون = اميدون.

. سهجون = خوشيءَ مان.

. شتابي = جلدي.

. ڪڍ ڪتابي = ڪتاب مان ڪڍي. رکيجي.... ڪتابي = ڪتاب پَٽي، پياري جو نالو رکجي.

. مطلوب = مقصد.

. اسرار = راز.

. الاهي = قدرتي.

. متاري =. متارا، خوش.

.  سباڻي = وڻي، پسند آئي.

. پليجن گڏ ڀلي = ڀلي ٻَئي گڏ پلجن.

. مهه = ماهه، چنڊ.

. فلڪ = آسمان.

. مانجهي = پهلوان، بهادر.

. رمز لاون = رمزون رکن، دل رکن، دوستي ڪن.

.  سحري = جادوگر.

.. مطلب پئيسي = مطلب حاصل ڪندو.

.. وٿ = وِٿي، وڇوڙي جو وقت.

.. ڀاوين = سمجهي. ورهه ... ڀاوين = چوڏهن ورهن جو وڇوڙو سمجهي.

. باغ اناري = ڏاڙهن جا باغ.

.  گونا گوني = قسمين قسمين.

. آپ ڏهُن = پاڻ ڏانهن.

. الحان = آواز.

. وانگ = وانگي، وانگر.

. ڏر دي = ڊڄن پيا.

.  سهاوي = سيبائي، وڻي.

.. چيرين = چيرا، ڪپڙا.

.. زر ڪناري = زريءَ جي ڪناري لڳل.

. مشروع= ڪپڙي جو قسم، جنهن ۾ ريشم ۽ سُٽ گڏيل هجي.

. آندياني = آندائون.

.  آ رکياني = آڻي رکيائون.

. نون = کي.

. ڏوان = ڏيان.

. تيڪون = توکي.

. ڪلان داري = حِڪمت وارو.

. برابر جان = جان برابر، جان سان، جسم سان، پاڻ سان.

. ايوين ڄاڻين = ائين سمجهجانءِ.

. سيف = ترار.

. نين = اکيون.

. سيجڙي = سيج.

. اوساري = اوسارا ڪري، ماتم ڪري.

. ناسو سوئي کٽ = کٽ تي اهو نه پيو سمهي.

.  برپٽ = پٽ تي. سيفل... پٽ = سيفل ڪڏهن به پٽ تي پير نه رکيو هو.

. ڌرتي پڇاڙي = زمين تي پاڻ هڻي.

. وت = وَل، وَري.

. ٿيا.... ڪيڏي = چريو ٿي پيو ۽ هوش الاجي ڪيڏانهن هليو ويس.

. دن = ڏينهن.

. رين = رات.

. مل = مِلِي، گڏجي.

. درمل = علاج، ٻُڪِي، دارون.

. ابتر = گهٽ، هيڻو.

.  وکالي = ڏيکاري. ڪشالا... وکالي = شل ڌڻي اهڙا ڏولاوا ڏيکاري.

. نا زير زبران = نه زير نه زبر يعني ڪجهه به نه. سيفل ڪجهه نه پئي ڪُڇيو.

. ٻليندا = ٻولي ٿو، چوي ٿو.

. آڙاهه = باهه. آڙاهه مچائي = باهه مچائي.

. معالج = علاج ڪرڻ وارو، حڪيم.

.  ٻٺا = ويٺو.

.  جهانون = جهان کي. ٻٺا.... جهانون = سيفل دنيا کي ترڪ ڪري ڇڏيو.

. شدا =ويچارو.

. ڪول = ڀرسان، نزديڪ.

. بره = فراق، عشق.

. کوي = کائي. کوي درد ڏوڙي = ٻيڻا سور کائي ٿو.

. وڻدي = ورندي. وراڻو، جواب.

. آهين = آهُون. دانهون.

. چڪي.... چوتال پنج تال... سڀ ڳالهيون ٻوليون چُڪي ويس. عاصم کان سڀ ڳالهيون وسري ويون.

. سڏا = سڏائي، ڪوٺائي، گهرائي.

. اوي = اچي.

. اوي ...... بتاوي = هرڪو اچي پيو ۽ ڇوٽڪاري جو رستو ٻڌائي پيو.

. اهنڪون = هن کي.

. نار = عورت.

. سرسام = بيماريءَ جو قسم، جنهن ۾ مغز سڄي پوندو آهي.

. خفقان = بيماريءَ جو قسم، جنهن ۾ دل ڌڙڪندي آهي.

.  عجوبا = عجب چيز.

. ڳل ڳاري = ڳلي ۾ ڳارو. ڪري... ڳاري = ڳچيءَ ۾ ڳارو ڪري. سيفل اڳيان وڃي.

. دار = ڦاهي. سر بردار چاڙهان = پنهنجو سر ڦاسيءَ تي چاڙهيندس.

. رکيوئي مار = ماري وِڌُءِ.

. ٽر = هلي.

. چاڪ = چير. چاڪ چولي = ڪپڙا (چولو) ڦاڙي.

. جوڙ = مَٽ، برابر.

. جائي = سچ پچ.

. ٻاڻ = تير.

. دٻائين = دَٻُون، مَهٽون، مهميزون.

. نهين .... اُٿاهين = اُتي اَڙِي ويو آهيان، جتي عقل جي پُڄڻ جي جاءِ ئي ڪانهي.

. ٻاجهون = کان سواءِ، بغير.

. محرم = رازدار. واقف ڪار.

. الهه ميلي = خدا ملائي.

. ٽال = ٽاري، معاف ڪري.

. لچيسان = لوچيندس، ڳوليندس. پوڙهن وانگر.

. پسر دي ڪاڻ ٿيا = پٽ لاءِ ٿيو.

. ڪُهن سالي = پُراڻي وقت جي.

. نال = سان.

. ڪنجرياني = ڪپڙا وغيره؟

. وسيهر = نانگ.

. ڇيڙي = کولي. شروع ڪري.

. وچورت = تفصيلي احوال؟

. تل دي = ذري جيتري.

. اتاري = اوتارا، جايون.

. ملڪ = بادشاهه.

. داشتڪار = سرمايه دار، شاهوڪار.

. لاکون = لکَن جو.

. لاغرض = بي پرواهه.

.  نامول = هرگز نه. اصلي نه، پَٺيءَ نه.

. جٺيارا = جُٺين وارو، ذلت وارو.

. چاهه = کوه، کَڏ. پئي در چاه تلي = وڃي کَڏَ جي تري ۾ پوي.

. سرسي = سرندي، گذرندي.

.  مانند = مثل وانگر. مانند ڪيهر = ڪيهر شينهن وانگر. ورهه... ڪيهر = وڇوڙو ورائي ويس. جيئن ڪنهن کي شينهن ورائي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org