سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: وٺا پٽ پراڻ جا

 

صفحو :8

 

 

ڪافي

 

آئي عيد عجيب، خوش ڏسجن ٿا ماڻهو سارا!

 

(1) ماڻهو اڄ خوشين ۾ آهن، سڀئي امير، غريب-

سائينءَ ورايا سڀ ڪنهن وارا.

 

(2) ڏک، ڏنجها ٿيا ڏور سڀيئي، مليا موٽي مجيب-

ڀلن ڪيا اڄ ڀال ڀلارا.

 

(3) صحت ملي آ سرير منهنجي کي، جو گڏيا تن طبيب-

مرض لٿا سڀ موذي، مارا.

 

(4) عيد اچي اصغر کي ميڙيا، هئڙا جيڪي حبيب-

ويل پنڌ پرانهين پيارا.


 

 

غزل

 

وڄڙين ڪئي اڄ آهه وسڻ جي،

محب ڪريو ڪا مهر ملڻ جي!

 

هجر جون راتيون ويهي گذاري،

عادت پئڙم تارا تڪڻ جي.

 

لايو نيهن، لڪائي منهڙو،

عجب روش آ يار سڄڻ جي!

 

پور پون ڪئين هردي اندر،

دلڙي ناهي منهنجي پلڻ جي!

 

ڪجل اکين ۾ پاتو آهس،

آهه تياري ڪنهن کي ڪهڻ جي!

 

تيز نظر جي تيرن کان اڄ،

ناهه ڀوا ڪا منهنجي بچڻ جي!

 

اکين ”اصغر“ آکيو سڀ ڪجهه،

ڪهڙي ضرورت، ڪنهن جي ڪڇڻ جي!

 

غزل

 

دوستن جا اڄ اسان تان اعتبار ئي ويا هليا!

جي هميشہ پئي ڏنائون، سي پيار ئي ويا هليا!

 

اڳ رهيو ٿي جن کي اوسيڙو، اچڻ منهنجي سندو،

اڄ ته ان اکڙين مان بلڪل انتظار ئي هليا ويا!

 

اڳ ڪيوسين قرب ٿي، جن ساڻ گڏ ويهي سدا،

هاءِ گهوڙا! سي اسان کان قربدار ئي ويا هليا!

 

دل اندر اڌما اٿاري، ويا ڇڏي مون کي هتي،

پيار هڪ پاسي رهيو، مون کان ته پار ئي ويا هليا!

 

اڳ رسي ڀي ترسندا هئا، جي پرين پرچاءَ لئي،

اڄ الاجي ڇو اهي، بي اختيار ئي ويا هليا؟

 

دلربا جي ديد لئي، سڪ ۾ سڙڻ وارا ويا!

ڪي مٽيءَ ۾ ويا ملي، ڪي ٿي فرار ئي ويا هليا!

 

دوستن کي ڪيئن سڃاڻون، ويا ڏٺي ڪئين ڏينهن ٿي!

سڃاڻپ جا سڀئي اهڃاڻ، پار ئي ويا هليا!

 

ڪير آهي جو هڻي، هاڻي مسيحائيءَ جو دم؟

اڄ جڏهن هت قربدارن کان قرار ئي ويا هليا!

 

منهن مقابل جو ٿيو، سو ٿي رهيو خادم سدا،

گهائجي ”اصغر“ هتان ڪئين هوشيار ئي ويا هليا.

 

خواجه سڌا تورو

 

ٽنڊي جان محمد شهر جي اتر طرف پراڻ جي ڪناري سان، اٽڪل ٻن ميلن جي پنڌ تي، هڪ قديم تاريخي قبرستان آهي، جنهن ۾ ’خواجه سڌا توري‘ جي مزار آهي، جيڪو حضرت سلطان الاولياء خواجه محمد زمان لواريءَ واري جي جماعت مان مشهور ڪامل بزرگ ٿي گذريو آهي ۽ سندس ڪئين ڪرامتون مشهور آهن.

 

مدد ڪتابن جا نالا

 

(الف) ڇپيل ڪتاب.

(1) اٺا مينهن ملير، جناب پرڀو ”ناشاد“.

(2) اديون (ماهنامو)، محترمه خديجه خانم دائود پوٽو.

(3) بادل (ماهنامو)، جناب جان محمد نوناري.

(4) تاريخ تحفة الڪرام، مترجم مخدوم امير احمد مرحوم.

(5) تاريخ ماڻڪاڻي ٽالپر (اردو)، جناب مهر ڪاڇيلوي.

(6) روح رهاڻ (ماهنامو)، جناب حميد سنڌي.

(7) سنڌي ادب جي مختصر تاريخ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو.

(8) سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ، جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ.

(9) سنڌي ڊائجيسٽ (ماهنامو)، جناب مشتاق احمد پٺاڻ.

(10) شاهه جا رسالا، مختلف مرتبن جا ترتيب ڏنل.

(11) مهراڻ (سہ ماهي رسالو)، غلام محمد گرامي مرحوم.

(12) ميين شاهه عنايت جو رسالو، جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ.

(ب) مخطوطا،

(1) بياضيات، مختلف شاعرن جي ڪلام جا بياض.

(2) ڀٽ ڌڻيءَ جا سورما، جناب معمور يوسفاڻي.

(3) تذڪره شعراء ٿرپارڪر، جناب مجرم لغاري.

(4) ٿرپارڪر جي ادبي تاريخ، جناب معمور يوسفاڻي.

(5) ٿرپارڪر جا آثار قديمه، ” ”       ”

(6) ٿرپارڪر جا تفريح گاهه......، جناب محمد صادق ”صابر“

(7) ٿرپارڪر جون سورميون، محترمه ”مهر پروين“.

(8) ٿرپارڪر جا پهاڪا ۽ چوڻيون، محترمه خاڪي جانڪي ديوي.

(9)ٿرپارڪر جي شاعرن جون اڳڪٿيون، جناب اسدالله يوسفاڻي.

(10) ٿرپارڪر جا شهر (موجوده)، جناب محمد عرس مڱريو ”خادم“

(11) ٿرپارڪر جا صوفي ۽ سنت، جناب محمد يعقوب ”ثاقب“.

(12) ٿرپارڪر جا صحافي ۽ صحافت، جناب لطف الله حساماڻي.

(13) ٿرپارڪر ۾ غير مسلمن جا عبادت گاهه، جناب محمد علي پلي.

(14) ٿرپارڪر جا فنڪار ۽ انهن جو فن، جناب احمد ڪيريو.

(15) ٿرپارڪر جا قبرستان ۽ ڪتبا، جناب الله بچايو آريسر.

(16) ٿرپارڪر جا ميلا، عرس، ڏهاڙا ۽ ڏڻ، جناب حزب الله پلي.

 

”ضميمو“

حسين بخش ڪولاچي

 

ڊاڪٽر حسين بخش ”منزل“ ولد حاجي علي بخش ڪولاچي، ڳوٺ ”ٽنڊو ڪولاچي“ ولادت 8 – 1 – 1954ع تعليم بي – اي، ايل – ايل – بي ۽ ايم بي – بي – ايس. سندس شعر ۽ ڪهاڻيون ڪافي اخبارن رسالن ۽ مخزنن ۾ ڇپيل آهن. هتي سندس هڪ نظم ڏجي ٿو.

 

نظم

 

اي غريب هي ديس تنهنجو آ،

جيڪي آهي سو ويس تنهنجو آ!

 

1 – تنهنجو رت ۽ ست وڏي طاقت!

عدل جي ٿيو، ته ڪيس تنهنجو آ!

 

2 – تنهنجو پورهيو، سڀت پيو جرڪي،

جنڊي، ڪاشي ۽ کيس تنهنجو آ!

 

3 – تون ئي ”منزل“ جهان جي آهين!

هي لطيفي لبيس تنهنجو آ!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org