محمد عظيم مهر
محمد عظيم مهر ولد خاڪو مهر، رهندڙ ڳوٺ ’خاڪو مهر‘ تعلقو ڊگهڙي،
نوجوان شاعر، سر گرم ورڪر، سڄاڻ ڳوٺاڻو ۽ سٺو قومي
ڪارڪن آهي. ڊگهڙي ۽ آس پاس ۾ کيس تمام وڏي عزت
حاصل آهي.
شاعريءَ جي سلسلي ۾ سڀني نوجوانن کان به شاعر آهي ۽ سندس شعر
مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپبا رهيا آهن.
هتي سندس شاعريءَ مان هڪ غزل پيش ڪجي ٿو.
غزل
دل مٺا آهي فدا، ٿي دلربا ديدار تان،
قرب ۾ قابو آهيان، تنهن جي پيارا پيار تان.
ناز وارا ناز سان تو قلب منهنجو قيد ڪيو،
گلبدن گهوري ڇڏيم دل، رنگ تان رخسار تان.
مرڪ مٺڙا محب تنهنجي، آ مٺائن کان مٺي،
هر طرح حيران ٿيس، رفتار تان، گفتار تان.
ڪيون ڪجل ڪاريون اکيون لالي لبن تي لاجواب،
ساهه صدقي سؤ دفعا، تنهنجي سڄڻ سينگار تان.
’مهر‘ ٿيو مجبور، تنهنجي عشق ۾ آهي ’عظيم‘،
ڪنهن گهوڙيءَ گهمرو ڪجئين، ڪو يار پنهنجي يار تان.
چانگو ۽ ٻانگو
فقير غلام علي لغاريءَ جي ڳوٺ لڳ، اوڀر طرف، چانگي ۽ ٻانگي جو
قبرستان آهي، جن لاءِ چون ٿا ته اهي ٻئي سلطان
محمود غزنويءَ جا فوجي سپاهي هئا، جيڪي سومناٿ
ڏانهن ڪاهه وقت انهيءَ ايراضيءَ ۾ فوت ٿي ويا هئا
۽ سلطان کين اتي دفن ڪرائي، مٿن پڪيون قبرون
ٻڌايون هيون، جن جا نشان اڃا تائين موجود آهن.
”ملزم“ شيخ
محمد حنيف ولد دلشاد محمد شيخ، تخلص سنڌيءَ ۾ ”ملزم“ ۽ اردوءَ ۾
”حنيف“ اٿس. پاڻ آدم پور ضلعي جلندر ۾ تاريخ 15 –
11 – 1941ع ۾ ڄائو. سندس والد 1942ع ڌاري سنڌ ۾
آيو ۽ ڳوٺ قيصر لغاري تعلقي ڊگهڙي ۾ اچي رهيو.
ملزم صاحب جي تعليم سنڌي فائينل، اديب فاضل سنڌي،
۽ مئٽرڪ آهي. شاعري 1959ع کان شروع ڪيائين. سنڌي
شاعري ۾ سندس استاد ”مجرم لغاري“ ۽ اردوءَ ۾ ”راز
عارفي“ ۽ ”ساحر“ مصطفائي اٿس.
سنڌيءَ ۾ گيتن، بيتن، ڪافين ۽ غزلن کان سواءِ عشقيه، مزاحيه ۽
طنزيه رنگ ۾ به شاعري ڪئي اٿس. پاڻ ٽرينڊ پرائمري
استاد آهي ۽ هن وقت حيدرآباد ضلعي ۾ نوڪري پيو
ڪري. ملزم صاحب سنڌي ادب ۾ سٺي ڄاڻ رکي ٿو ۽ ان
سان ڏاڍو چاهه اٿس. سندس شاعريءَ جو نمونو عرض
رکجي ٿو.
غزل
بي آسرا ٿياسون، سهارو نه ڪو مليو،
اکڙين اداسين کي، اشارو نه ڪو مليو.
طوفان هر طرف کان وڪوڙي تباهه ڪيو،
ڪشتيءَ کي ڪنهن به ريت، ڪنارو نه ڪو مليو.
شمس و قمر جي ڳالهه، تون اي همنشين! نه ڪر،
تاريڪ زندگيءَ ۾ ستارو نه ڪو مليو.
ڳوليم پئي بهار ۽ ويئي خزان ملي،
ڀٽڪي ٿڪي نگاهه، ڪنارو نه ڪو مليو.
’ملزم‘ گهري خوشي، ته مليا غم نصيب ٿي،
راهه وفا ۾ پنهنجو پيارو نه ڪو مليو.
0
گيت
مند ملهاري آئي مٺڙا، مند ملهاري آئي.
وڻ ٽڻ، ميوا، گل گلزاري، سڀت بهاري ڇانئي،
مٺڙا مند.....
گونٽو گل گلاب چنبيلي، ڪلي ڪلي لهرائي،
مٺڙا مند.....
ڪوڪو ٻولي ڪاري ڪوئل، لات پکيئڙن لائي،
مٺڙا مند.....
جَر تي آڙي تار تري پيئي، تاڙي تات اها ئي،
مٺڙا مند.....
هير لڳي ٿي مٺڙي مٺڙي، شبنم بوند وسائي،
مٺڙا مند.....
’ملزم‘ گهائل توکي ساري، جانب ڪر نه جدائي،
مٺڙا مند.....
مهرار فقير نهڙي
مهرار فقير نهڙي؛ پراڻ جي آڳاٽن بزرگن مان آهي. هي شاهه
عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو همعصر ۽ صحبتي هو. سندس
مزار آمريءَ جي قبرستان ۾ آهي.
عبدالعليم شاهه ”آزاد“
عبدالعليم شاهه ”آزاد“ ولد دادن شاهه، جهڏي شهر جي مشهور بزرگ،
تاج محمد جي درگاهه جو سنڀاليندڙ پڻ آهي. جيتوڻيڪ
سندس اصل رهائش ڳوٺ سيد آباد، تعلقي ٽنڊوباگو ۾
آهي. تنهن هوندي به پاڻ، سخي تاج محمد جي درگاهه
جي سنڀاليندڙ جي حيثيت سان پراڻ پار ڪري جهڏي جو
رهواسي ٿي چڪو آهي.
شاهه صاحب جي ولادت 1942ع، تعليم چار درجا سنڌي ۽ ڪرت زمينداري
آهي. هن اٽڪل 1960ع ڌاري، شعر چوڻ شروع ڪيو ۽ هن
وقت تائين ڪافي شعر چيا اٿس؛ جيڪي گهڻو ڪري، ڪافين
۽ غزلن جي شڪل ۾ آهن. جن مان نموني طور ٻه غزل عرض
رکجن ٿا.
غزل
دل – دلدار جي دانش، وڌيون ديدار جون دامون،
رنگي رنگ روز رخسارن، لبن تي لالڙيون لامون.
تجلا طور سينا جيئن، ٿيا هر طرف تي طاري،
حقيقت حسن يوسف جون، حسينن ڪل ڀڳيون هامون.
نهوڙي نيڻ نرگس سان، ڪيائين مير مستانا،
برابر ٿيا بُٺيون بر ۾، وٺي مجنون جيئن مامون.
سڻايان سور جي صورت، سڄي توکي سڄڻ سهڻا،
اسان ڪوجهن، ڪمينن کي، لڳيون تو قرب جو ڪامون.
ڪڏهن محبوب جي محفل ڏي، مڙندس مان مڃائڻ لئي،
عليما! عشق ان جي ۾، وجهي جڻيون، پائي جامون.
غزل
عمر آزاد ڪر مونکي،
وسايان ويڙهه واڙيون ڪي،
ڪڍي ڇڏ قيد ڪوٽن مان،
نه مون گهرجن ٿيون ماڙيون ڪي.
1 – سنگهاري ريءَ سک نه سمهان،
ادا آرام ويو منهنجو،
ڦريون مون من اندر منڌيون،
تنين جا طاق تاڙيون ڪي.
2 – ڀرين ۾ ڀالواء جي جا،
پوي ڀُڻ ڀُڻ ٿي ڀوڻن جي،
انهن جي چاهه چت چوري،
ڏنيون اندر اُماڙيون ڪي.
3 – هنڌن هيراڪ ناهيان مان،
وڇاڻو منهنجو آهي واري،
هي بنگلا بادشاهه تنهنجا،
پکن سان ڪين پاڙيون ڪي.
4 – اندر ئي آر ۾ منهنجو،
اداسي ٿيو ’عليم‘ آهي،
ٻڌم موسيقي مٽرن جي،
ٿيون ڪن ڇڻڪاٽ ڇاڙيون ڪي.
غزل
آ لنگهي اظهار ٿي اڄ،
لڪ لالڻ ڏي ڇڏي،
حال محرم ٿي تون هاڻي،
محب مارڻ ڏي ڇڏي.
1 – جند جلائي جان جاني،
جگر جهورڻ جي نه ڪر،
ڪڍ نه ڪڪرن مان قمر کي،
وار وارڻ ڏي ڇڏي.
2 – پير جو ٿئي پانڌ پيارا،
محب مون کي مار ڪيم،
مل اچي تون ماهتابي،
ڏيل ڏارڻ ڏي ڇڏي.
3 – ٿي اچي آڌار، اولو،
اوک کان ’آزاد‘ ڪر،
آخري دم دلربا تون،
دل کي ٻارڻ ڏي ڇڏي.
ڊاڪٽر حيدر علي ”حيدر“
حيدر علي ولد محمود خان ٽالپر 11 مئي 1944ع تي ٿرپارڪر ضلعي جي
شهر ٽنڊي جان محمد جي ڀرسان ڳوٺ مير يار محمد
ٽالپر ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان جو تعلق سنڌ جي
بهاراڻي ٽالپرن سان آهي. ابتدائي تعليم مير حاجي
قادربخش گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊي جان محمد ۾
ورتائين، جتان 1961ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. 1961ع
کان 1963ع تائين گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ تعليم
ورتائين، جتان 1963ع ۾ انٽر سائنس پاس ڪري لياقت
ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو ۾ داخل ٿيو ۽ اتان ايم. بي.
بي. ايس جو امتحان پاس ڪري ڊاڪٽر ٿيو ۽ هن وقت
ڊاڪٽريءَ جي اعليٰ تعليم واسطي انگلينڊ ويل آهي.
سندس شاعريءَ جو دؤر مئٽرڪ کان شروع ٿيو. سندس پهريان شعر
گورنمينٽ ڪاليج ميگزين ڦليلي ۾ ڇپيا ۽ پوءِ مهراڻ
رسالي ۾. انهيءَ کان پوءِ سندس شعر مختلف سنڌي
رسالن ۾ ڇپيا آهن. پاڻ گهڻو ڪري شعر جي هر صنف تي
طبع آزمائي ڪئي اٿس.
بيت
(1) هيڏا ڪيس ڪلور ٿيا، ته به مارو رهيا ماٺ،
هوتن هيڻو حال ڏسي، مارئي کاڌي مات،
ڪنڌ وهايو ڪات، جيئن لوئي لڄ رهي اچي.
(2) مارئي ۽ ملير، وجودان ويا،
ڦوڳ ڦلاريا ڪيترا، ختم کيت ٿيا،
ڏاڍائي سان ڏيهه ۾، عمر اچي پيا،
اٿي ڪنڌ ڪپاءِ، جيئن موٽي ملير ماڻيئن.
(3) تڙپي پيئي ترار، سورن سپنو ننڊ ۾،
ڪير وهائي وار، عمر ارڏايون ڪري.
(4) الگهي پئي اماس، ننگر سڄو ننڊ ۾،
وهائو جي واٽ لئي، ارپي ڇڏيم آس،
آڌيءَ رات آڪاس، ڀيڄ ڀنيءَ جو آسرو.
(5) لڙي آڌي رات، صبح سهائو پڌرو،
پري ناهه پرڀات، امارو آڪاس ۾.
دوها
پريتم! تنهنجي پريم نظر ڪيو، ڪيڏو گهرو گهاءُ،
تون ئي چئو، ڏس آيو ڪيڏو مون کي تومان ساءُ.
تنهنجي سونهن جي صدقي ساجن، نسريا نوان انگور،
سانوڻ آيو، سرلو ساري، سرڪي آيا سور.
ڪوڻي کان وڌ ڪومل آهي، پيارا سائين! پريت،
تو بن دنيا اوسيئڙو آ، اچ ته ملون او ميت.
ڀلي يئيين تون ڀوري ايئن، جيئن سانوڻ جي ڪا ڇنڊ،
رُڪي رُڪي ڄڻ راتاهي ۾ نڪري پيو آ چنڊ.
ست جهلي ڪيئن پهتين سيتا! راوڻ رهن هزار،
بڻڇي آهي هر دل خاطر، تنهنجو منهنجو پيار.
مهراب خان لغاري
مهراب خان ولد محب خان لغاري، پاڙو علياڻي، رهندڙ ڳوٺ سائينداد
علياڻي ديهه 319 لڳ روشن آباد، جي ولادت 1945ع
ڌاري ٿي. هن قرآن شريف ۽ ڪجهه سنڌي ڪتاب پڙهيا ۽
پوءِ پنهنجي خانگي ڪاروبار سان وابسته ٿي ويو.
هن شعر 1964ع کان چوڻ شروع ڪيو ۽ اڃا تائين چوندو پيو اچي. سندس
شاعريءَ ۾ غزل، ڪافيون، بيت، مناظرو مقابلو ۽
مزاحيه شاعري اچي وڃن ٿا.
هتي سندس هڪ سنڌي ڪافي ۽ هڪ سرائڪي ڪافي ڏجن ٿيون.
ڪافي
قرب ڪينجهر ۾ ڏسي،
هو تڙ تماچي آئيو،
سڀ سميون سهڻيون مگر هو،
ناز نوريءَ نائيو.
1 – ڄار کڻندي ڄام کي،
ڏوران ڏٺو هو جن وڃي،
ماڳ تي موٽڻ کان اڳ ۾،
لنئون ويهن سي لائيو،
2 – ريل پاسي راء جون،
آهن رهاڻيون روز ڏس،
ات ليئا لالڻ طرف،
پرتئون اچن ڪي پائيو.
3 – ڏي ڏهاڻي ڏان ڏوڙا،
ڀان اچيو کڻيو وڃن،
ٿو گهرائي ات گهڻن کي،
ريت سان ريجهائيو.
4 – آ ملاحن کي مليو محراب،
اڳ جو آسرو،
سک ٿيو هاڻي سمهن ٿا،
خوش سويرا کائيو.
ڪافي
سوا تيڏي سهڻا، ڪٿان مين گذران،
نه سرندي هي ساعت، اندر تن تنواران.
اڻي مار اک دي، ڳيون جانب جلدي،
حسن تيڏي محڪم ڏتيان، ميڪون ماران،
دلاسي تي ڪيتم جو، اعتبار ايڏا،
ٻهو ڪول ميڏي، ته اکيان مين ٺاران.
نه واجب وڃڻ تيڪون، ڏيوڻ عذاب هي،
نه اورو انهان نال، کاون جو کاران.
رقيبن رُوايا، ڏي ’محراب‘ مهڻي،
اچي مل اکيان ديا، ٺرن گرم ناران.
بيت
سورن سواءِ سسئيءَ کي، لڳي ڳالهه ڳري،
ميڙي سڀ مٿي تي، ڀيڙي ڪيائين ڀري،
مور نه مليا ماڻهن کي، وچان تن وري،
سسئي جي سري، ماڳ رسي ”محراب“ چوي.
پير رفيق احمد ”خاڪي“
پير رفيق احمد ”خاڪي“ لنواري شريف جي بزرگن سان وابسته آهي ۽
انهن جي ئي خاندان مان آهي. سندس ولادت 5 مئي
1946ع تي ڪراچي ۾ ٿي، جتان پوءِ سندس وڏا، ڪن سببن
ڪري ڪراچي ڇڏي، ٽنڊي جان محمد ۾ اچي رهيا. جتي اڃا
تائين سندن پويان آباد آهن.
خاڪي صاحب مئٽرڪ جو امتحان ٽنڊي جان محمد جي مير قادر بخش هاءِ
اسڪول مان پاس ڪيو ۽ انٽر ميڊيٽ جو امتحان سکر جي
اسلاميه ڪاليج مان پاس ڪيو. جنهن بعد ڪن ناگريز
وجوهات جي ڪري تعليم جاري رکي ڪونه سگهيو، جنهن جو
کيس ڏاڍو ڏک آهي.
پير صاحب ٽنڊي جان محمد جي نوجوان شاعرن ۾ مقبول آهي ۽ کيس
موسيقي جي سٺي ڄاڻ آهي. ان ڪري پاڻ مشاعرن ۾
پنهنجا اشعار ترنم سان پڙهندو آهي.
سندن شاعري مان ٻه غزل نموني طور هيٺ ڏجن ٿا.
غزل
ور ور جي مٿان ور وارن جان،
ور واسينگن هر وار چمان.
هر وار ڪلهن تي رقص ڪري،
ور ور تان فدا هر وار چمان.
1 – جا زلف پريشان چهري تي،
ٿي رقص ڪري رفتار هوا،
ڄڻ باهه بدن ۾ ڀڙڪي اٿي،
تنهن روپ سندا رخسار چمان.
2 – چهري کي لڪائين وار وڏا،
ڄڻ بادل ۾ ٿو چنڊ لڪي،
سڀ حورون منجهه حيران فلڪ،
مک مهتابي منٺار چمان.
3 – چشمن جي چمڪ آ چنڊ کان وڌ،
تارا ۽ ڪتيون ڪيئن تاب سهن،
تن اکڙين ۾ ٿي آگ ٻري،
تنهن آتش جا سڀ آر چمان.
4 – گلزار بدن گفتار گوهر،
من ماهه منوهر مست ڪيو،
ٿي نيست ويا سڀ هست ڇڏي،
سي صورت جا سردار چمان.
5 – ڇا طاقت هن بيتاب، جو
تب و تاب اکين جو تيز جهلي،
پر دل ٿي چوي هن خاڪيءَ جي،
ٿي طور اها چمڪار چمان.
غزل
اڳ نه جي اچڻا هئا، سي يار آيم اوچتو،
بي خبر اڄ خواب ۾، دلدار آيم اوچتو.
لوڏا جانب يار جي جيئن لام ٿي گل جي لڙي،
حسن هيءِ هيءِ هوش نيو، حبدار آيم اوچتو.
پيار مان پنهنجو ڪيائون، لال لب لب تي لڳم،
مڻ مٺاين کان مٺو، منٺار آيم اوچتو.
هئي گلن کان سرس خوشبوءِ، زلف زينتدار جي،
ڇا چئي مان ڇا چوان، هٻڪار آيم اوچتو.
خود ڪنان بي خود ٿيس، خود کان خودداري ويئي،
ننڊ نيڻن مان ويئي، اوڇنگار آيم اوچتو.
چهڪ جي چڪيانه ”خاڪي“، ٿي رهيا ساڪن سدا،
زخم سي ظالم اٿارڻ، يار آيم اوچتو.
منصور ٽالپر
مير منصور حسين ولد مير حاجي يار محمد ٽالپر، پاڙو خاناڻي، رهندڙ ٽنڊو جان
محمد، تعلقه ڊگهڙيءَ جي ولادت 31 – 12 – 1946ع تي
ٿي ۽ تعليم بي – اي تائين اٿس.
منصور صاحب 1947ع کان شعر چوڻ شروع ڪيو آهي ۽ اڃا تائين اهو سلسلو جيئن جو
تيئن جاري آهي. مير صاحب سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين کان
سواءِ اردو زبان ۾ به شعر چيو آهي، جنهن ۾ نظم،
غزل، گيت، ڪافيون ۽ مرثيا وغيره شامل آهن.
سندس ڪجهه شعر ڪاليج جي مخزن ’باب السلام‘ ۾ شايع ٿيل آهن ۽ باقي سندس سمورو
شعر اڻ ڇپيل شڪل ۾ آهي، جنهن جو تعداد سؤ کن ڪلام
آهي.
هتي سندس ڪلام مان هڪ غزل ۽ هڪ ڪافي حاضر آهن.
غزل
اي اهل – دل، کڻ سوچي قدم،
هر ٺوڪر تي پڇتائيندين.
هر چوٽ سان اٿندو درد نئون،
پيو سور اجايا کائيندين.
هت گلڙن جهڙا چهرا ڪئين،
پر خار ڀريل انبار اٿن،
هشيار ٿجان، دل لائين متان،
نه ته دامن چاڪ ڪرائيندين.
هر گهور فريب جو پردو آهي،
هر ناز و ادا عيّاري آهه،
هيءَ منزل رڃ جو رستو آ،
هت مفت ۾ پاڻ ڦرائيندين.
هت دوکو آهه نگاهن جو،
ڇو دل جو جهان قربان ڪجي،
هت ڪيئي دليون برباد ٿيون،
دل لائي حال وڃائيندين.
”منصور“ حسينن کان ڪڏهن
اميد نه رک تون ”مهر وفا“
ڪجهه حاصل ٿيندئي ڪين،
رڳو رسوايون، روڳ پرائيندين.
ڪافي
بس ڪئي سون هاڻ، ناهي ڪاڻ،
ساڻ سليو سون پاڻ وڃائي.
1 – پيار منجهان پئي پيارل پياريو،
وڙ ڪري ور ڏيئي واريو،
ڀلجي ڀلجي پاڻ، ناهي ڪاڻ،
ساڻ سليوسون پاڻ وڃائي.
2 – ساٿ نه سٽبو، منهن نه مٽبو،
لوڪ کلائي پوئتي نه هٽبو،
پاڻ ئي پنهنجو ڄاڻ، ناهي ڪاڻ،
ساڻ سليوسون ڀاڻ وڃائي.
3 – دم هي دنيا فاني فاني،
راز سبحاني تنهنجي نشاني،
عشق انهيءَ اهڃاڻ، ناهي ڪاڻ،
سور سليوسون پاڻ وڃائي،
4 – ”منصور“ هتي من – موج مچي،
ويو اوج انهيءَ تي رنگ رچي،
’ميم‘ جي ماٺ ۾ ماڻ، ناهي ڪاڻ،
سور سليوسون پاڻ وڃائي.
واڌو مل ”داس“
واڌو مل ”داس“ ولد ڪارومل ذات مالهي، رهندڙ ٽنڊو جان محمد،
تعلقه ڊگهڙي، سال 1947ع ڌاري ڄائو ۽ ٻه درجا تعليم
حاصل ڪرڻ کان پوءِ، پنهنجي مائٽاڻي ڌنڌي سان
وابسته ٿي ويو.
”داس“ صاحب 1947ع کان شعر چوندو پيو اچي ۽ شاعريءَ ۾ سندس استاد
سيد غلام نبي شاهه ”غازي“ بخاري آهي. ”داس“ جي
شاعريءَ ۾ وايون، غزل، بيت ۽ نظم وغيره شامل آهن.
سندس ڪلام جو نمونو عرض رکجي ٿو.
نعت
عرش عظيم تي احمد (صه) آيو، حورن رنگ رچاياوي،
شمس و قمر ۽ تارا ڪتيون، ميگهن مينهن وسايا وي.
جلوي جانب جوت جاڳائي،
لنئون لنئون لڳڙي لات اهائي،
فاذڪروني اذڪر ڪم جا،
ٻول اتي فرمايا وي.
شمس و قمر ۽ طور تي تجلي،
نور اکين ۾ برق جا بجلي،
برج ستارا لکين هزارين،
قدمين رب ڪرايا وي.
آهه قرآن ۾ آطيع الله،
هي رهبر پاڪ رسول الله،
لات، عذات، منات مڙوئي،
مار مجوس مڃايا وي.
مالڪ مبني روز حشر جا،
غازي! ”واڌو“ غلام درجا،
سڻي صدائون سار لهو،
جو ڏکڙن ڦٽ ڏکايا وي.
غزل
خدا ڪارڻ اچي سهڻا،
ٿيو مهمان بسم الله،
اچي منهنجي اڱڻ هيڪر،
ڪريو احسان بسم الله.
غلامي مان ڪريان تنهنجي،
اها اميد آ منهنجي،
سخاوت ڪا ڪريو پنهنجي،
ڏيو ڪو دان بسم الله.
ڪريان تن من فدا توتان،
متان ڪرين جدا جيءَ کان،
گليون گهر گهاٽ سڀ توتان،
ڪندس قربان بسم الله.
خدا ڄاڻي ڪڏهن ايندين،
دلاسا، دم اچي ڏيندين،
ڪري ”واڌو“ ويجهو چوندين،
سڄڻ سبحان بسم الله.
محمد رمضان ”مشڪور“
محمد رمضان ’مشڪور‘ ولد عبدالله شيخ، ٽنڊي جان محمد ۾ 1948ع
ڌاري ڄائو ۽ کيس تعليم اٺن درجن تائين نصيب ٿي ۽
وڌيڪ حاصل ڪري ڪونه سگهيو. روزگار جي لحاظ کان هن
وقت ٽائون ڪميٽيءَ ۾ ملازم آهي. سندس شاعريءَ جي
شروعات 1975ع کان ٿي. پاڻ ٽن ٻولين، سنڌي، سرائڪي
۽ اردوءَ ۾ شعر چيا اٿس ۽ پاڻ ٽنڊي جان محمد جو
اڀرندڙ شاعر آهي.
نعت
جياپو جڳ سموري جو، محمّد مصطفيٰ آيو،
جهان جي لئي شفا بنجي، نبي نورالهديٰ آيو.
سڄي سنسار جو سيد، اچي واهر وسيلو ٿيو،
وري آخر زمان اهڙو، نه ٻيو ڪو انبيا آيو.
جڏهن دنيا جي ڪشتي ڪن، ۾ پهتي قافلا رليا،
کڻي قرآن جو تحفو، نبي ٿي نا خدا آيو.
ويو معراج تي مرسل، ڪئين انعام آندائين،
رهي ”مشڪور“ ٿي دنيا، ڪرڻ رحمت عطا آيو.
غزل
وفائن جون رسمون، نڀائڻ ته ڏيو ها!
ذرا لب لبن سان، ملائڻ ته ڏيو ها!
هئي آس ڪيڏي، ڏسڻ لئي اوهانجي،
اکين سان هي اکڙيون، اڙائڻ ته ڏيو ها!
گذر زندگي ٿي، غمن ۾ اوهان لئي،
ڀلائي سان ڪڏهن، ڀُلائڻ ته ڏيو ها!
رکڻ آيو ”مشڪور“ قدمن ۾ سرڙو،
ڇڏي ناز نرمل، نمائڻ ته ڏيو ها!
غلام نبي شاهه ”غازي“
غلام نبي شاهه ”غازي“ ولد محمد ابراهيم شاهه، جي ولادت اٽڪل
1950ع ڌاري ڳوٺ راڄي خاناڻيءَ ۾ ٿي. هي ننڍو هو ته
سندس والدين راڄو خاناڻي ڇڏي، ٽنڊي جان محمد اچي
رهيا ۽ هن ٽنڊي جان محمد جي هاءِ اسڪول مان، 1976ع
ڌاري مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. جنهن کان پوءِ ڪن
مجبورين جي ڪري، تعليم کي ڇڏي، پنهنجي ذاتي
ڪاروبار ۾ مشغول ٿي ويو. هن جي شاعري جي شروعات
1970ع ڌاري ٿي، جيڪا اڃا تائين جاري آهي ۽ هن وقت
تائين هو ڪافي ڪلام لکي چڪو آهي. جنهن ۾ بيت،
ڪافيون، وايون، قطع، نوحا ۽ نظم وغيره اچي وڃن ٿا.
سندس شاعريءَ جو نمونو هن طرح آهي. |