سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: وٺا پٽ پراڻ جا

 

صفحو :1

وٺا پٽ پراڻ جا

مير اصغر حسين ”اصغر“

 

انتساب

 

انهن درويشن، بزرگن، عالمن، اديبن ۽ شاعرن جي نالي، جن پراڻ جي پٽ کي ايمان جي خوشبوءِ سان واسيو، جتان اڃان تائين، اُها سرهاڻ محسوس ٿي رهي آهي.

(اصغر)

 

 

ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، موهيا ڪنهن نه مال،

سوڍيون سجهائي ويا، ههڙا جنين حال،

ڇوريون ڏنا ڇال، ته به لاهوتي لنگهي ويا.

(شاهه)

ٻه اکر

9 جولاءِ 1979ع تي، اسان والد مرحوم (مير خان محمد ”صائم“ ٽالپر) جي ورسي ملهائي، جنهن جي صدارت جناب ”معمور يوسفاڻي“ صاحب ڪئي ۽ اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرائض جناب ”مجرم لغاري“ صاحب بجا آندا.

جناب ”معمور“ صاحب پنهنجي صدارتي تقرير ۾، ٻئن ڳالهين سان گڏ، اهو پڻ مشورو ڏنو ته،

”هتي مرحوم مير خان محمد ”صائم“ جي ياد ۾، سندن تخلص جي نسبت سان، هڪ نج ادبي ادارو ”صائم اڪيڊمي“ جي نالي سان قائم ڪري، ان جي توسل سان، هن ادبي خطي جي خدمت ڪئي وڃي“.

جناب معمور صاحب جي انهي نيڪ مشوري جو اهو اثر ٿيو، جو شهر جي نوجوان شاعرن ۽ اديبن ان ئي وقت ”صائم اڪيڊميءَ“ جو بنياد رکيو ۽ ان کي هلائڻ لاءِ عهديدارن جي چونڊ ڪيائون.

ٽنڊي جان محمد جهڙي ننڍڙي شهر ۾ ”صائم اڪيڊميءَ“ جو ٺهڻ، هڪ نيڪ فال ثابت ٿيو ۽ پهرين ئي گڏجاڻيءَ ۾، ڪن دوستن اها رٿ ڏني، ته ”سڀ کان پهرين، ڊگهڙي تعلقي جي شاعرن جي مختصر تذڪري تي مشتمل هڪ ڪتاب ڇپائجي“. رٿ يڪراءِ بحال ٿي ۽ اهو ڪتاب ترتيب ڏيڻ جو بار مون ڪمزور ۽ نا تجربي ڪار جي ڪلهن تي رکيو ويو، جيڪو آئون ڪنهن به طرح کڻي ڪين سگهان ها، پر جهجهي جس هجي، جناب قادر بخش ”مخلص“ چانڊئي کي، جنهن اهو بار کڻائي، مون کي سنڌ جي وڏي محقق، نقاد، اديب، شاعر ۽ استاد جناب ”معمور يوسفاڻيءَ“ تائين پهچايو، جنهن نه رڳو ڪتاب جو نالو ”وٺا پٽ پراڻ جا“ تجويز ڪيو ۽ مون کي زباني طرح همتايو، پر ”ٿرپارڪر جو مطالعو“ جي سلسلي ۾، ٿرپارڪر جي اديبن جا لکيل ڪيئي مقالا ۽ ڪتاب به مطالعي لاءِ ڏنا، جن جي پڙهڻ کان پوءِ مون ۾ اها همت، توفيق ۽ سگهه پيدا ٿي، جو الله پاڪ جي فضل سان، آئون هي ڪتاب، هن شڪل ۾ پيش ڪري سگهيو آهيان.

چوندا آهن ته، ڏونگر جو نالو وٺڻ ته سولو، پر ڏونگر ڏورڻ ڏاڍو ڏکيو. تنهن موجب، مون به پهرين سمجهيو، ته تذڪرو لکڻ ڪو سولو ڪم آهي، پر جڏهن لکڻ شروع ڪيم، ته حافظ شيرازيءَ جي لفظن ۾ چوڻو پيو ته:

”ڪ عشق آسان نمود اول،

ولي افتاد مشڪلها“

وري به شاباس آهي ”مخلص“ صاحب، جنهن روزيدار جي حيثيت سان به ڊڪ، ڊوڙ ڪري، پنهنجي ادبي جنون جو ثبوت ڏنو.

اڳتي هلي جڏهن تذڪرو ترتيب ڏيڻ شروع ڪيم، ته شاعرن جي معيار جو مسئلو سامهون آيو، جنهن کي نبيرڻ مون جهڙي نئي ليکڪ ۽ ننڍڙي شاعر جي وس کان ٻاهر هو، ان ڪري ممات توڙي حيات شاعرن وارن حصن کي، عمرين  جي لحاظ کان وڏ ننڍائيءَ موجب ترتيب ڏنم، پر افسوس جو ان ۾ به مڪمل طرح ڪاميابي نصيب ڪين ٿي. اهو انهيءَ ڪري جو بزرگ شاعر، ”ميرڻ فقير رند“ بابت مون کي تڏهن خبر پئي، جڏهن ڪتاب جا ڪافي صفحا ڇپجي چڪا هئا، ان ڪري بزرگ جو تذڪرو، جيڪو ڪتاب جي 44 صفحي کان هلڻ کپي ها، سو 58 صفحي کان هلائڻو پيو.

ڪتاب ۾ ٻي ڪمي اها آهي، جو اهو تعلقي ڊگهڙيءَ جي ڪيترن ئي مشهور معروف شاعرن جي تذڪري کان خالي آهي، جيئن: مرحوم روشن علي شاه رضوي ۽ سندس خاندان جا مرحوم شاعر، مرحوم مير محمود خان ولد يار محمد خان ٽالپر، مرحوم آدم خان ولد نور محمد خان ٽالپر، مرحوم رئيس قادر داد خان رند، مرحوم خورشيد عالم آرائين، جناب مولوي جان محمد ٽالپر صاحب، جناب حاجي خان ٽالپر صاحب، جناب غلام رسول مغيري صاحب ۽ ٻيا.

انهي ڪميءَ جو ڪارڻ اهو هو، جو پنڌرهن ڏينهن جي مختصر مدت ۾، آئون ۽ منهنجا ساٿي، ڪافي ڪوشش جي باوجود به مذڪور شاعرن جو ڪلام وغيره حاصل ڪري ڪين سگهياسون، تنهن لاءِ نهايت نادم آهيون.

بهرحال ”جهڙو حال حبيبان، تهڙو پيش پريان“. موجب جيڪي ڪجهه آهي، سو توهان جي هٿن ۾ آهي، تنهن لاءِ آئون سنڌ جي سڀني عالمن، اديبن، محققن، نقادن ۽ خاص طرح ٿرپارڪر جي ڄاڻو ۽ علم دوست حضراتن کي عرض ڪندس، ته هو ڪتاب جي ڪوتاهين ۽ خامين جي نشاندهي ڪري، انهن جي حل لاءِ صحيح گس ڏسڻ ۽ ڏس ڏيڻ جي نوازش ڪرڻ فرمائين ته جيئن ٻئي ايڊيشن کي سڌاري سگهجي.

هتي آئون جناب معمور يوسفاڻي صاحب، جناب قادربخش ”مخلص“ صاحب، جناب مجرم لغاري صاحب ۽ پنهنجن  سڀني ساٿين ۽ ساٿ جو شڪريو بجا آڻيندس، جن پنهنجي هڙان توڙي وڙان منهنجي هرطرح مدد ڪئي.

آخر ۾ آئون نيو گرين پرنٽرس حيدرآباد جي مالڪ جناب سيد ساجد علي حسني صاحب ۽ ڪمپازيٽر جناب شاهه محمد درس صاحب ۽ مستري سيد واجد علي صاحب جا ٿورا مڃيندس، جن جي تعاون، خلوص ۽ محنت سان تمام ٿوري عرصي ۾ هي ڪتاب مڪمل ٿيو.

 

’ٿر‘ واري، ’جر‘ ڦڙا، ’تر‘ راهين، ’سر‘ وار

انهي تا اپار، آئون ٿورا ڀانيان سڄڻين.

(شاه)

 

لعل ڇتو

لعل ڇتو، قديم دؤر جو مشهور بزرگ هو، جنهن جي مزار تپي ڳونيري ۾ آهي ۽ انهيءَ ايراضيءَ واري ديهه به ”لعل ڇتي“ جي نالي سان سڏجي ٿي.

لعل ڇتي جو ذڪر مير علي شير قانع، تحفته الڪرام ۾ پڻ ڪيو آهي.

 

پراڻ جو پرتوو

جم ويهجو ماڙهوئا، ننگر جي آڌار،

پراڻا پرار، نوان اڏجو نجهرا.

(هڪ مامويو فقير)

 

وٺا پٽ پراڻ جا، اڪڙي، سامارو.

وڌي گاهه وڏو ٿيو، موهه ۾ موچارو....

(ميون شاهه عنايت رضوي)

 

ڍٽ ڍري پٽ پييون، آيون ڪاهي ڪاماري،

وٺا پٽ پراڻ جا، وٺيون ساماري.....

(شاهه عبداللطيف ڀٽائي)

 

سارنگ سينگاري، وڄون وسڻ آئيون،

برسي ڀٽاري، ڀريا پٽ پراڻ جا.

(شاهه عبداللطيف ڀٽائي)

 

جهوني تون پراڻ، جڳ ڇٽيهه سنڀرين،

تو ڪي ڏٺا هاڻ، لاکي جهڙ پهيڙا.

(شاهه عبداللطيف ڀٽائي)

 

منڌرو شاعر

هن وقت تائين مليل دستاويزي ثبوتن موجب، سنڌ جو پهريون شاعر منڌرو هو، (ذات جو منڌرو هو) جيڪو ٻي صدي هجري ۾، برمڪي خاندان جي حاڪم يحيى بن خالد برمڪي يا فضل بن يحيى برمڪيءَ جي درٻار ۾ بغداد شهر ۾ ويو ۽ حاڪم سان گفتگو دوران جيڪي ٻه سنڌي شعر پڙهيائين، سي عرب مؤرخن عربي صورتخطيءَ ۾ هن طرح لکيا آهن.

(1) اره اصره ڪڪره

ڪي ڪره مندره

(2) اره بره ڪن ڪره

ڪرا ڪري مندره

ٻئي طرف، سنڌ جي حدن اندر منڌرن جي قديم بستي، پراڻ جي ڪناري تي آهي، جنهن کي ڊيگهه، بلندي ۽ قدامت جي لحاظ کان ”منڌرن جو ڀڙو“، ”منڌرن جا ڀڙا“، ”منڌرن جي ڀٽ“ ۽ ”منڌر ڀٽ“ جي مختلف نالن سان سڏيو وڃي ٿو، جنهن موجب اهو چئي سگهجي ٿو ته عرب دور جو اهو سنڌي شاعر غالباً منڌرن جي انهيءَ بستيءَ جو رهاڪو هو.

منڌري شاعر جي مٿي ذڪر ڪيل شعرن بابت، موجوده دؤر جي محققن مان  جناب ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ۽ جناب محمد عمر پلي (معمولي يوسفاڻي) جيڪا ڪوشش ڪئي آهي، اها ساراهه جوڳي آهي. آءٌ انهيءَ ڪوشش ۾ ٿورو واڌارو آڻيندي، اهي سنڌي شعر هيٺين طرح لکندس.

(1) اهڙا آسرا ڪوهه ڪريو؟

ڪيئن ڪري منڌريو؟

(2) اهڙي ڀري ڳڻ ڪريو!

کڙا ڪري منڌريو.

(يعني ايترا روپيا ڏيو جو منڌرو انهن کي کڙن (ڀترن) وانگر اڇلي)

 

گنجڙو گابار

گجڻيءَ جي پاڙي لڳ، ڏکڻ طرف، مهراڻي جي تاريخي ڪردار، گنجڙي گابار جي مزار آهي، جنهن تي مراد وندن، تمام گهڻا پڙ وجهي، هڪ ننڍو دڙو بنائي ڇڏيو آهي.

 

مامويا فقير

ڏهين صدين عيسويءَ جي وچ ڌاري، سنڌ ۾ هڪ وڏي زلزلي اچڻ سبب، هاڪڙي جو وهڪرو ڪمزور ٿيو ۽ سنڌوءَ جو موجوده وهڪرو زور وٺڻ لڳو. جنهن جي ڪري هاڪڙي تي آباد ٿيندڙ پٽ ڦٽڻ لڳا ۽ لاکي ”گڙ راهوءَ“ جي پڙ پوٽي، ”ڄام تماچي“ عرف ”ڄام سمي“ جي راڄڌانيءَ وارو شهر ”سما ننگر“ يا ”ساموئي“، (جيڪو ”نئين ڪوٽ“ جي لڳ هو) پڻ متاثر ٿيو.

انهيءَ دور ۾”پراڻ جي پٽ“ ۾، ”مامويا“ ذات جا ڪي فقير رهندڙ هئا، جن انهيءَ حالت کي ڏسي، ڪي بيت چيا، جن مان ڪي دعائيه ته ڪي وري ايندڙ وقت بابت پيشنگويون آهن، جن ۾ ڪي تاريخي ۽ جاگرافيائي تبديلين بابت آهن، ته ڪي وري ٻين حالتن ڏانهن اشارا آهن.

ماموين فقيرن جو ساٿ، ستن ساٿين تي مشتمل هو، جن کي ”ست فقير“ يا ”هفت تن“ ڪوٺيو ويو آهي، جن بابت ميين شاهه رضوي ۽ شاه عبداللطيف جي ڪلام ۾ پڻ ذڪر ملي ٿو.

ماموين جون قبرون، آمريءَ جي تاريخي قبرستان ۾ آهن، جيڪو ٽنڊي جان محمد جي لڳ پراڻ جي ڪناري تي آهي ۽ اهي قبرون هن وقت هڪ وڏي ٿلهي جي شڪل ۾ موجود آهن، جن جي لڳ تمام وڏا پٿر پيل آهن، جن تي جيڪا چٽسالي ٿيل آهي سا اسلامي ثقافت جي نشاندهي ڪري ٿي.

چون ٿا ته قديم دؤر ۾ انهن ستن ئي قبرن جي مٿان هڪ وڏو پٿرائون قبو ٺهيل هو، جيڪو آمريءَ جي پراڻن قبن ۾ شمار ٿيندو هو.

ماموين فقيرن ڏانهن منسوب بيتن جو تمام وڏو ذخيرو آهي، ان ڪري هتي آءٌ فقط اهي بيت پيش ڪندس، جن کي سنڌ جي اديبن، عالمن ۽ محققن قبول ڪيو آهي.

 

بيت

 

(1) ڀڄندي ٻنڌ ’اروڙ‘، هاڪ وهندو ’هاڪڙو‘

بيهه، مڇي ۽ لوڙهه، ’سمي‘ ايندا سوکڙي.

 

(2) جم وهجو ماڻهوئا، ’ننگر‘ جي آڌار،

پراڻا پرار، نوان اڏجو نجهرا.

 

(3) ڪاري ڪاٻاري، جهيڙو لڳندو ڇهه پهر،

مرمچي ماري، سک وسندي سنڌڙي،

 

(4) مرمچي ماري، مرمچين ڪهڙا پار،

هيٺن ڪاريون پوتيون، مٿن ڪارا وار.

 

(5) سونڪو ٿيندي سري ۾، لڳندي لاڙاء،

جڏهن ڪڏهن سنڌڙي، توکي اڳوڻو وڻاهه.

 

(6) وسي وسي آر، جڏهن وڃي ڦٽندو،

ٻاروچاڻو ٻار، پنجين درمين وڪبو.

 

(7) نيرا گهوڙا ڏٻرا اتر کان ايندا،

گهاگهيرون گسن تي ورهائي ويندا.

 

(8) اٺاسو اٺ ماسيو، اٺون آڏت وار،

پرس ٿيندو پڌرو، عيسى جو آچار.

 

(9) ’سمير‘ ۾ نه ساريون، ’ڪلريءَ‘ ۾ نه ڪماند،

هر، هاري ۽ ڏاند، ڪوهه ڄاڻان ڪيهيءَ ويا!

 

(10) سيارا وسڪارا ٿيندا، چلي ويندا چيٽ،

ڪتيون ڪر موڙينديون، هاري کيڙيندا کيٽ.

 

 

مهراب فقير لغاري، ملڪاڻي

مهراب فقير ولد نهال فقير لغاري ملڪاڻي، 1850ع ڌاري ڳوٺ ”ملڪاڻي شريف“ ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. هي ننڍو هو ته سندس مائٽ دادوءَ ضلعي کي هميشہ لاءِ ڇڏي، ٿرپارڪر طرف آيا ۽ ڳوٺ قيصر خان لغاريءَ لڳ اچي رهيا ۽ زراعت جو پيشو اختيار ڪيائون.

مهراب فقير جي خاندان ۾ ڪئين عالم، بزرگ ۽ شاعر ٿي گذريا آهن، جيڪي مشهور عام آهن. مهراب فقير کي به شاعري ورثي ۾ ملي ۽ پاڻ بيت، وايون، ڪافيون، ٽيهه اکريون وغيره چيائون، جيڪي سندس پونير جي بي توجهيءَ سبب هن وقت ملڻ محال ٿي پيون آهن.

فقير صاحب 1919ع ۾ وفات ڪئي، سندس مزار ”گل شير شاه“ جي قبرستان ۾ آهي.

هتي سندس ڪلام مان ٽي بيت ڏجن ٿا، جيڪي وڏي مشڪل سان هٿ آيا آهن.


 

بيت

 

پهرينءَ رات پهه ڪري، ڪيائون پنهونءَ پچار،

آيا شهر ڀنڀور ۾، ڪيچي ڪري قرار،

مورت ڏٺائون ”مهراب“ چئي، ڀيڙي ساڻ ڀتار،

اوٺين اٺ پلاڻيا، بغضين کنيا بار،

سسئيءَ جو سينگار، وٺي ’ور‘ واٽ ٿيا.

0

ٻيءَ رات ٻانڀڻ تي، سورن ڪيا سيڙها،

پلاڻي پرڀات جو، لڏيائون ليڙا،

ڇلي ويا ڇپرين، اوٺي اويڙا،

سسئيءَ ڪيا سورن سان، جيءَ اندر جهيڙا،

ٿيندا محبن سان ميڙا، محبت ۾ ’مهراب‘ چوي.

0

هٿ کڻي هڪلون ڪيم، ته ”منهنجا ڀلي آيا ڀاءَ !“

منهنجو سڱ انهن سان، ڪونهي ٻيو سياء،

پر هن کي مدي ”مهراب“ چئي، اصل هئي اها،

وٺي ’ور‘ ويا، ڏيئي باهه ڀنڀور کي.


 

 

محمود فقير ٽالپر

 

محمود خان ولد محمد خان ٽالپر بهاراڻي، 1309 هه مطابق 1891ع ڌاري، جهڏي شهر ۾ ڄائو.

پاڻ فقط قرآن شريف پڙهيو ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگهيو. پاڻ ڪهڙي عمر ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو هئائين، تنهن بابت پتو ڪونه ٿو پوي، پر اهو معلوم ٿو ٿئي ته پاڻ پنهنجي دؤر جو سٺو شاعر هو، جنهن جو ثبوت ٽن سوَن صفحن جو اهو بياض آهي، جنهن ۾ غزل، مولود ۽ مداحون  وغيره لکيل آهن، جيڪو سندس پوين وٽ موجود آهي.

مير محمود خان نيڪ صورت ۽ نيڪ سيرت انسان هو. سموري زندگي خدا پاڪ جي عبادت ۾ گذاري، وڏيءَ عمر ۾ دارالبقا ڏي راهي ٿيو.

سندس ڪلام جو نمونو عرض رکجي ٿو.

 

غزل

 

دل کسڻ جي دلربا، دلدار جنهن دم ٿو ڪرين،

مُرڪ مينا کان مِٺي، منٺار جنهن دم ٿو ڪرين.

 

لال لب، دندان دُر، مرﱞگان موتي بي مثال،

باغ بت بوستان سڀ، جنسار جنهن دم ٿو ڪرين.

 

برهه جا بيمار بلبل، نار نيڻن ڪيا نهال،

ارغواني ڏانهن انگوري آر جنهن دم ٿو ڪرين.

 

نازبوءِ، نازڪ بدن، نسرين نرگس نار تي،

ساز سنبل سر بسر، سينگار جنهن دم ٿو ڪرين.

 

ٿيو ختم خير و پسي، خط خال غب غب، گل گلاب

گل گلستان غنچهءِ گفتار، جنهن دم ٿو ڪرين

 

نازبينيءَ کان نهايت عين خوابي در خمار،

وَڍ وجهي واري ڪلهن تي، وار جنهن دم ٿو ڪرين.

 

ٿو رهي محروم، مل ’محمود‘ کي مشڪل مهل،

سا نه آتش ٿي اُجهي، انڪار جنهن دم ٿو ڪرين!

 

 

غزل

 

آهي دنيا دم گذر، ديوان دلڙي ياد رک،

موج مستي مئي بنان، مستان دلڙي ياد رک.

 

دم نه دم ترسي دنيا ۾، دم گهڙيءَ جي کيل تي،

هوش ۾ وئين هارجي، حيوان دلڙي ياد رک.

 

هوڏ هستي، عيش عشرت جا کڻي ڀريئي جهاز،

تار آ تنهنجي مٿي طوفان، دلڙي ياد رک.

 

ڇا مٿي مغرور، ڇا جي لاءِ ماڻين هٿ مزا،

اڄ صبح آهين هتي مهمان، دلڙي ياد رک.

 

پٽ اکيون پٽڙا ڪٿي مادر، پدر، ماسات تو،

خواب ۾ بي آب ٿين ارمان، دلڙي ياد رک.

 

ويا آباڻا حرص هاڻا، ڏيهه ڏاڏاڻو ڇڏي،

ويا پري ويڙها ڪري، ويران دلڙي ياد رک.

 

ٿي ٽليا ڪلهه انجمن ۾، محب موتيئڙن مثال،

خاڪ ۾ ويا ٿي، خاقان دلڙي ياد رک.

هيءَ جواني، يار جاني، نازداني بي نياز،

بي جٽا جوڀن سندا دامان، دلڙي ياد رک.

 

ڪالهه ڪارا ڀونئر تنهنجا، وار واسينگن مثال،

اڄ آڇا مينديءَ رتا مرﱞگان، دلڙي ياد رک.

 

ڪيس ڪافور ۽ اگر، لالي لڱن لائين ته ڇا،

ماڳ واري جو اڳيان ميدان دلڙي ياد رک.

 

ڀونئر بلبل جي مثل، سرمست ٿئين باغ ِ جهان،

باغ هي بُستان بر بئبان، دلڙي ياد رک.

 

هيءُ زمانو خواب خانو ماٺ ۾ ’محمود‘ گهار،

بيوفا دنيا سندا، سامان دلڙي ياد رک.

0

 

تاج محمد کسيلرو

تاج محمد کسيلرو، قديم دؤر جي بزرگن مان آهي، جنهن جو ذڪر مير علي شير قانع، تاريخ تحفة الڪرام ۾ به ڪيو آهي، سندس درگاهه جهڏي شهر جي اولهه ۾، پراڻ جي ڪپ تي آهي ۽ هن وقت کيس سخي تاج محمد جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.

 

غزل

(بي نقطه)

 

ماهرو مک کول محرم، مرڪ مل، درڪار آهه،

ڪر ڪرم کل، کول ڪاڪل، ساهه سر سڪدار آهه.

 

واهرو وهلو ورو، واء وار ڪو واحد وصال،

وَرُ مَ ڪر، وَرَ ڪر وَلو، وَرُ، ورهه وارو وار آهه.

 

گلم، گل، گل گادلا، گل گهور، گل گس، گام گل،

اسم گل، الحام گل، گل هار، گل گلڪار آهه.

 

ماهرو مک، موء معّطر، اک امل اسرار هڪ،

سو ارم عمدو عطا ڪر، حمد صد هم وار آهه.

 

سو محمّد، آهه احمد، سو احد الله هڪ،

سو دوا، سو لادوا، سو سرگرو سالار آهه.

 

مهر ور، مادح ملا، ’محمود‘ مائل ڪر مدام،

ساهه سر صم صم رسا، سر لهر سا للڪار آهه.

 

منهنجو حال

(غزل)

 

نفس نانگي جي لڳي ڇڪتاڻ، منهنجو حال هي،

وئي عمر وهه گاڏئين، وهه ساڻ، منهنجو حال هي.

 

شوم شيطان شرفتي آ حرفتيءَ حيران ڪيو،

ٿو ڦري هٿڙا هڻي، هڙ هاڻ، منهنجو حال هي.

 

ٻي طرف حرص و هوا، همزاد منهنجو حرڪتي،

ونگ وجهن، اڙٻنگ ٻڌن ٻاڌاڻ، منهنجو حال هي.

 

دز گهڻا ڌاڙيل هن سان، بعض حاصل ڪئين هزار،

گڏ ٿيو، گند ۾ هڻن، کڏ کاڻ، منهنجو حال هي.

 

چؤطرف چنبڙي ويا، چهٽا چچڙ چمچير سي،

ڄر ڄڀيون لايون، ڪيم رت ڇاڻ، منهنجو حال هي.

 

ريهه تي رهزن ڀڳا، توکان اڳي رڻ روهه ۾،

سڏ ڪريان سڏڙا نه ڏين، سڏ ساڻ منهنجو حال هي.

 

رَڇ اڏي راکا ويا، مضبوط ورتون واجهه سان،

ور سگهو ويرين سندا وڍ واڻ، منهنجو حال هي.

 

دام دستن ۾ پيا، رس دامدارن کان اڳي،

رڙ ٻڌي راڪاس ايندو ڄاڻ، منهنجو حال هي.

 

وڄ ڪري، واڪو ٿيو، ظلمات ڪاريءَ ڪيو ٺڪاء،

پيا ڇڻي اک جا ڇپر، ڇاڪاڻ منهنجو حال هي.

 

قيامت الڪبريٰ ڪنان آ، ساهه صغرا کي رسيو،

صور ڦوڪڻ کان اڳي دل داڻ، منهنجو حال هي.

 

لوڙهه لهرين ۾ لڙهي، لهرين اندر لٽجي ويس،

ميل، متيون موڙهيون، متو مهراڻ، منهنجو حال هي.

 

بحر بي اختيار، جر جالار، جيتامان سوين،

تار تِک، طوفان تاڻو تاڻ، منهنجو حال هي.

 

وير ۾ ويرين وراڪيس، وير واهر، ٿي ٻڏان،

هاڻ ترهو تار مان تون تاڻ، منهنجو حال هي.

 

سنگ پڪو، سانگا ڇنا، ڳاهي ڪندا ڪڻ ڪڻ جدا،

ڪوه ڄاڻان ڪو ملي ڪنهن ساڻ؟ منهنجو حال هي.

 

ڀاءُ ڀڳا، ڀيڻون ڇنيون، هلندي نه پڇيو حال ڪنهن،

ڪنهن ”الله ٻيلي“ نه ڪئي هٿ ساڻ، منهنجو حال هي.

 

تون نه مارين تان مرندو، مر ته پيريءَ ۾ پڏاءِ،

تون جيارين تان نه جيئندو جواڻ، منهنجو حال هي.

 

تون رلائين تون رسائين، تون پسائين تان پسان،

تون ملائين تان ملان، تو ساڻ منهنجو حال هي.

 

شافع الامراض تون ۽ تون شفيع المذنبين،

تون دوا دارون ڪجان دل ساڻ، منهنجو حال هي.

 

من آ مجرم، جرم جا جانڊاهه جيءَ ۾ ٿا ڦرن،

وئي لبن تان لام جي لالاڻ، منهنجو حال هي.

 

سپ، ٻهارو ساڻ ٿم، آيس هتي ڏس حاج ڪاڻ،

هٺ فخر ابليس جو اهڃاڻ، منهنجو حال هي.

 

در گلي ڪفني ڪري، دز ميڙيان درگاهه تان،

سپ ڀري سر تي رکان، سرهاڻ منهنجو حال هي.

 

بحر غفلت ۾ ٿيس غرقور، غوطا کائيان،

اک ٻڌي اوٺين وڌا ’اٺ ڏاڻ‘ منهنجو حال هي.

 

ان عميقن مان اُڪارين، جي ٻجهن اهکيون اڳيان،

مان اڳي اڻ کيل ۽ اڻڄاڻ، منهنجو حال هي.

 

بانبڙا ڏيئي ڀڳس، بيمار بت بانڀا هڻي،

چشم جي وئي چاندني چانڊاڻ، منهنجو حال هي.

 

 

جي هئا دندان دُر، دلخواهه خوردن ۾ ڪمال،

پيا ڇڻي چُوتا ڪيئون ڇنڊ ڇاڻ منهنجو حال هي.

 

ويو شنيدن ۽ شناخت، گوش ويا، گوشو نه ڪر،

تون هجين، تنهنجي هجي واکاڻ منهنجو حال هي.

 

لٽ ڀريا منهنجا لٽا، منهن مير، لئون لايون لريون،

حال ٿيو في الحال تنهنجي ڪاڻ منهنجو حال هي.

 

ڪا گهڙي گڏجي گذاريون، ٿي نه جانيئڙا جدا،

ڪر نه ماڻا تون نماڻن ساڻ منهنجو حال هي.

 

هن مهاجر تي مِٺو، ڪر مهر، مل ’محمود‘ سان،

ساڻ ڪلمي، پاڻ ڪج لاڏاڻ، منهنجو حال هي.

0

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org