سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: وٺا پٽ پراڻ جا

 

صفحو :2

 

جهڏو فقير

 

جهڏي جي موجوده شهر کان ميل کن پنڌ تي، ڏکڻ طرف جهڏي شهر جي پراڻن کنڊرن لڳ، پراڻ جي ڪناري سان جهڏي فقير جي مزار آهي، جيڪو جڏهن جيئرو هو تڏهن گهڻو ڪري هڪ ”جهڏي“ ۾ رهندو هو، جنهن تان مٿس ’جهڏو فقير‘ نالو پئجي ويو ۽ اتي ٻڌل شهر جو نالو جهڏو پئجي ويو، جنهن جو ٻيو روپ جهڏي جو موجوده شهر آهي.

 

”آدم“ ٽالپر

آدم خان ”آدم“ ولد محمد خان ٽالپر بهاراڻي تاريخ 7 محرم 1319 هه مطابق 1901ع تي، ڊگهڙي تعلقي جي جهڏي شهر ۾ ڄائو، قرآن شريف ۽ سنڌي ٻه درجا پڙهڻ کان پوءِ، تعليم کي خيرباد چئي اچي گهر ويٺو ۽ وڏي ٿيڻ تي ڪجهه وقت لاءِ، جهڏي ۾ ناڪي منشي به ٿي رهيو. پاڻ هميشہ پنهنجو اصلوڪو بلوچي لباس پهريندو هو، ڪچهريءَ جو مور، وڏو سياڻو ۽ سگهڙ هو.

هن اٽڪل چاليهن سالن جي عمر ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو، جيڪو بيتن، ڪافين، غزلن مداحن ۽ مولودن جي شڪل ۾ آهي، جنهن جو وڏو حصو سرائڪي زبان ۾ آهي.

آدم خان اٽڪل ٻه سؤ کن ڪافين، غزلن وغيره جو ذخيرو، پٽن جي حوالي ڪري، پاڻ هن دار فاني کان هميشہ لاءِ هليو ويو.

سندس شاعريءَ مان چند سرائڪي بيت ڏجن ٿا.

 

بيت

ڪُهه قرب دي ڪات گهتئي دل، رات ڏينهان مئين ماندا

صبر نه آندا.

سڻ سڻ مئين آواز سڄڻ دي لڪ لڪ جهاتيان پاندا:

صبر نه آندا.

ڏيکڻ نال وڌي سڪ ويتر، اي سڀ ڏوهه اکيان دا:

صبر نه آندا.

ول ول ميڪون منهن ڏيکڻ دا، حرص ٿيا هيڪاندا:

صبر نه آندا.

بار برهه دا جهڙپ جهٽان ڏي، ماس ميڏا پٽ کاندا:

صبر نه آندا.

آکي ”آدم“ عشق جَهانُون، اوکا پنڌ اڙانگا:

صبر نه آندا.

0

هڪ سڪ گهڻي، ٻي بندش بيحد، ٽيجهي بي اختياري:

ڳئي ست ساري.

ڏيندا ڪون ڏکويل ڪون، ڪو دردين وچ دلداري:

ڳئي ست ساري.

ول ول واٽان ڏيکان، وهندا آب اکئين چون جاري:

ڳئي ست ساري.

غم، وهم ويچار لکين، دل بلڪل بيقراري:

ڳئي ست ساري.

ڪنهن ماڻهو ڪو قياس نه ميڏا، ڪرن کل کل خواري:

ڳئي ست ساري.

اهو ڏيک نمونا ”آدم“ رئندا زارو زاري:

ڳئي ست ساري.

0

هڪ سهڻا هئين هوت حسن دا، ٻيا ول تي سينگار گهتيئي:

سچ مار گهتيئي.

ڪان قرب دا، جان جگر وچ، آرو پار اُڪار گهتيئي:

سچ مار گهتيئي.

سهڻ نه مئين وچ ساعت هڪڙي، ڪر بدن بيزار گهڻيئي:

سچ مار گهتيئي.

ڏيک ڪکان دا ڪچرا، تنهن وچ چؤنتي چاچو ڌار گهتيئي:

سچ مار گهتيئي.

حسن قساڏا هيبت والا، ڏيل اندر ڏهڪار گهتيئي:

سچ مار گهتيئي.

قرب اندر ”قم“ آدم آکي، ڪر ڪاسائڪي ڪار گهتيئي:

سچ مار گهتيئي.

 

هڪ سهڻا هئين هوت حسن دا، ويس وڳي ٻي پائين:

سهڻا سائين.

چشمان دي چمڪاري ڪر، گهت گهور گهڻي دل گهائين:

سهڻا سائين.

ملڪ سڄي وچ مور نه مٽ ڪو تيڏا، قسم ڪٿائين:

سهڻا سائين.

وڃڻ واليان ڳالهيان ڪر ڪيون، ميڏي ورون وڌائين:

سهڻا سائين.

ميڏي چشمين تي چڙهه ٻهه، ڪرڪون وڃڻ ديان وائين:

سهڻا سائين.

غم اندر غمناڪ سدا ٻهه، رئندا ڪر رٿائين:

سهڻا سائين.

پيرين تي ڪر پياسي پوندا، درد ڀريان ڪر دانهين:

سهڻا سائين.

رهه اٿائين، رول نه مئڪون، اهو عرض اگهائين:

سهڻا سائين.

آر، انگل مئين ٻي سڀ سهسان، پر هڪو منهن نه مٽائين:

سهڻا سائين.

آکي ”آدم“ عرض اهو هم، هووان گڏ سدائين:

سهڻا سائين.

0

ڏي ڏي دوست دلاسي ڪيتئي ميڏا من مستانا:

هڻ تون منهن لڪانا.

مئين تان تابعدار تساڏا، ٻئي دا هيا نه ٻانها:

هڻ تون منهن لڪانا.

سنهڙي محب ڏکالڻ لئي، تون سهڻا يار سڪانا:

هڻ تون منهن لڪانا.

مئيڪون محب وڇوڙي ؤالي، دکڙي ڏمر ڏکانا:

هڻ تون منهن لڪانا.

ڄاڻان خوب سڃاڻا، ڪر تون برقعي دا نه بهانا:

هڻ تون منهن لڪانا.

ذاتي ذات هڪا هئين ظاهر، دلبر تون دو جهانا:

هڻ تون منهن لڪانا.

”آدم“ اهين اداس اندر هي، دلبر ٿيا ديوانا:

هڻ تون منهن لڪانا.

0

 

ٻرڙائي ڪوٽ

جهڏي شهر کان اٽڪل 3 ميل کن اتر طرف، جهڏي تپي ۾ ئي ٻرڙائي ڪوٽ جا کنڊر آهن، جن کي هن وقت الاٽي هاري گهيريو ويٺا آهن، جتي قديم دؤر ۾ سنڌ جي مشهور سورهيه ’پنري بڊامائي‘ جي راڄڌاني هئي ۽ انهيءَ ايراضيءَ کي ان وقت ’بڊام‘ سڏبو هو.


 

 

مير خان محمد ”صائم“ ٽالپر

مير خان ٽالپر ” صائم“ ولد محمود خان ٽالپر، پاڙو بهاراڻي ٽالپر، سال 1921ع ڌاري پنهنجي آبائي ڳوٺ مير يار محمد خان ٽالپر، تعلقي ڊگهڙيءَ ۾ ڄائو.

ابتدائي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اعليٰ تعليم لاءِ، جهونا ڳڙهه ۽ احمد آباد ڏانهن ويو، جتان بي – اي، ايل – ايل – بي جا امتحان ڪاميابيءَ سان پاس ڪري وطن آيو.

وطن پهچي، ڪجهه وقت لاءِ سيڪنڊري ٽيچر ٿي رهيو ۽ پوءِ ڪراچيءَ ۾ راشننگ آفيسر مقر ٿيو، جتي ڳچ سال انهيءَ عهدي تي رهڻ کان پوءِ نوڪريءَ کي هميشہ لاءِ خيرباد چئي ڳوٺ آيو ۽ پنهنجي زمينداري ڪاروبار ۾ مشغول ٿي ويو ۽ آخري وقت تائين انهيءَ شغل ۾ رڌل رهيو.

مير صاحب کي ننڍپڻ کان ئي ادب سان دلچسپي هئي، پر سندس شعر چوڻ جي باقاعدي شروعات تڏهن ٿي، جڏهن هڪ بزرگ کين خواب ۾ ٻانهن کان جهلي چيو، ته اٿ، اٿي شعر لک! ۽ ان کان پوءِ پاڻ باقاعدي شعر چوڻ لڳا.

شاعريءَ جي صنفن ۾، بيت، ڪافيون، غزل، نظم، قطعه ۽ فرد اچي وڃن ٿا، جن ۾ لفظن جو اڪثر مضمون اصلاحي، طنزيه ۽ مزاحيه آهي.

مير صاحب انگريز دؤر جو تعليم يافته هوندي به انگريزي تهذيب ۽ تعليم جو سخت مخالف هو ۽ سندس نظمن ۾ اهڙا ڪئين اشعار ملن ٿا، جيڪي سندس مشرق پسند ۽ اسلام پسند خيالن جي ترجماني ڪن ٿا.

پاڻ پنهنجي ابتدائي شاعريءَ ۾ ته پنهنجو تخلص (صائم) استعمال ڪيو اٿن، پر پوئين دؤر ۾ ڪٿي به تخلص يا نالو استعمال نه ڪيو اٿن.

”صائم“ صاحب پنهنجي دؤر جو بهترين نثر نويس پڻ هو. سندس لکيل، خط مضمون ۽ مقالا وغيره، جيڪي  ملي سگهيا آهن، تن ۾ سندس زبان داني ۽ دانائي جو پورو پورو پتو پوي ٿو.

سندس خطن مان هڪ خط جو ڪجهه حصو، حيدرآباد مان نڪرندڙ رسالي ”ملير ڊائجيسٽ“ ۾ شايع ٿيو هو، جتي مير صاحب پنهنجو نالو ”ڌوڙڌؤ“ لکيو آهي، اهڙي طرح پاڻ هڪ نظم ”بکارڻ“ مارئي رسالي کي موڪليو هئائون، جيڪو بنا نالي ملڻ ڪري، رسالي وارن اهو ”پيرل پياسي“ جي نالي شايع ڪيو.

مير صاحب بهترين نقاد پڻ هو، ۽ هو نه رڳو معاشري تي تنقيد ڪندو هو، بلڪ اديبن تي به قلم کڻندو هو.

سندس تنقيدي مضمونن ۾، مرزا صاحب جي ڪتاب، ”لطيفي لغات“ سيد نجف علي شاه ڪمتر نقويءَ جي مضمون ”آتڻ“ ۽ شيخ اياز جي ”سر سورٺ“ تي ڀرپور تنقيد ڪئي هئائون. جيڪا قلمي صورت ۾ سندس فرزندن وٽ موجود آهي.

سنڌيءَ کان سواءِ پاڻ پنهنجي مادري زبان سرائڪيءَ ۾ به شاعري ڪئي اٿن، جيڪا به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. اهڙي طرح سندن انگريزي مطالعو به ايترو هو جو پاڻ سٺي نموني انگريزيءَ ۾ شاعري به ڪري سگهندا هئا.

”لانگ مين وائسراءِ“ جي چوڻ تي پاڻ ”رحيم هڱورجي“ ڏانهن، سندس محبوبه جي لکيل سنڌي منظوم خط کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيائون، جيڪو سمورو انگريزي نظم ۾ آهي. انهيءَ کان سواءِ سندن انگريزي ۽ اردوءَ ۾ لکيل خط وڏي ادبي حيثيت رکن ٿا.

مير صاحب جي خاندان ۾ ڪئين سخنور ٿي گذريا آهن، جن مان سندن عزيز، مير نور محمد ٽالپر مرحوم ۽ سندن ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر حيدر علي، (جيڪو هن وقت انگلنڊ ۾ آهي) مشهور آهن.

پاڻ پوئتان لائق اولاد ڇڏي، 1 آگسٽ 1976ع تي آچر ڏينهن، هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيائون.

شال الله پاڪ جي رحمت مٿس روان دوان هجي. (آمين)

 

 

گيت

ساٿي تنهنجي ياد ستائي

جوش ۾ بادل ڪارا ڪارا، ڪي اوڀارا ڪي لهوارا،

هڪ ٻئي سان پيا هولي کيڏن، شام صبح ڪن وسڪارا،

ڀيڄ ڀني جو باغن ۾ ٿي، ڪاري ڪويل ڳائي،

تنهنجي ياد ستائي.

 

آئي سرءُ جي موسم ساري، نسريا سر ۽ لڙڪي ساري،

موتي موتئي پن ٿي ڇڙڪيا، ميوي سان ٿي پُر هر ٽاري،

هاري هڪلي پيهي تي پيو، ٻوڙي کي ٻاڏائي.

تنهنجي ياد ستائي.

 

اکيون جاڳن سياري راتيون، سانهه پکيءَ جون ٻڌجن لاتيون،

چنڊ جا ڪرڻا چوري چوري، ڳڙکين مان پيا پائن جهاتيون،

دور گدڙ هڪ سيءَ ۾ سٽجي، ڏر تي پيو اونائي،

تنهنجي ياد ستائي.

 

پيلي پوتي سرهين پاتي، لات تتر آ ڪاري لاتي،

سڀ پکي ٿي جوڙو جوڙو، سرچائين پيا پنهنجا ساٿي،

ظالم مورُ سريلو بڻجي، هر هر شور مچائي،

تنهنجي ياد ستائي.

ٻير ڪڪوريا نسريون ڪڻڪون،

واهوندن ۾ مکڙيون مرڪيون،

روهه وڃڻ لئي ڪونجون ڪڻڪن،

هيڙها جهرڪيون هيج ۾ هڙڪيون،

موسم جي مستي ۾ ڳيرو چانڊوڪيءَ ۾ ڳائي،

تنهنجي ياد ستائي.

 

ڏينهن وڏا ٿيا ننڍڙيون راتيون،

ياد تنهنجي جون من ۾ جهاتيون،

ڪين ٿيون دل تان هرگز وسرن،

ويل وڃڻ جي تنهنجيون باتيون،

هر ڪنهن موسم ويس مٽايو، سال سڄو سامائي،

تنهنجي ياد ستائي.

 

تون بِن ساجن ڪيئن مان گهاريان،

نير وهائي من کي ٺاريان،

ديس ڇڏي پرديس وسايئي،

تنهنجي هر هر واٽ نهاريان،

هرڪا ساعت داغ جدائي، من ۾ ميخ لڳائي،

تنهنجي ياد ستائي.

 

20 – 10 – 1962ع

0
 

نظم

”دنيا“

دنيا آهي دم گذر

اڳتي جو ڪو سوچ سفر

جيڪي ڪريين، اڄ ڪر جاني

ساڻ نه هلندئي جوش، جواني

وارث تنهنجا ٻيا ٿَئي وير

خواب جهان جو هي تعبير

دنيا ۾ ائين دم گذار

عقبيٰ لئي ٿئي راهه تيار

آهي دنيا کي کنهنبي چٽڪو

موت ڪري ٿو هر هر سٽڪو

روز پوي ٿي ڪين پچار

دنيا آهي ڏينهن ٻه چار.

 


 

 

نظم

 

”صبح“

 

رات جي خاموش نغمي ۾ پرندا ٿا لنون،

ظلمت – شب جي جزن ۾ آهه آيو انقلاب.

 

مئي پياري ’ماهه‘ کي، شبنم ڪيو آ مست و مست،

هاڻي ’ان‘ ايندو وڃي آهسته آهسته ٿو خواب.

 

اک ’وهائو‘ جي ڇڏيندي پئي وڃي ڏس روشني،

شب جي دوشيزه جي چادر پئي وڃائي آب و تاب.

 

شفق لالاڻ ظاهر، صبح جي ديويءَ ڪئي،

ديوتا جي آجيان لئي، شرق جا کولي پئي باب.

 

شاخ – سوسن کي اٿاريو ننڊ مان باد – صبا،

ڪر ورائي پيو سرو، هر شاخ ۾ آ پيچ و تاب.

 

بوند ٿڌڙيءَ سان جڳايو آهه، مکڙين کي نمي،

رات جو نابالغي هئي، صبح جو بالغ گلاب.

 

15 – 9 – 1943ع

 

نظم

 

”آب“

 

آب جنهن مان ٿي مصّور جي قلم جي اُڃ لهي،

آب سو آب – حيات آ آب – ڪوثر کان به وڌ.

 

اشڪ، دوشيزه اکين مان عشق اوّل، جو هليو،

پاڪ آهي آب سو ٿيو آب اطهر کان به وڌ.

 

لڙڪ نڪتو ڇورڙي کان هٿ ۾ رانديڪو ڏسي،

آه قيمت ۾ گِران سو آبِ احمر کان به وڌ.

 

ماءُ جي اک مان ڪريو جو لڙڪ لاشي لعل تي،

آب سو آهي صدف جي آب گوهر کان به وڌ.

 

لڙڪ جو خوفِ خدا مان وقت سجدي جي وهيو.

آب سو اڪثير جيئن ٿيو، آب جوهر کان به وڌ.

 

آب اک بيوه ڏنو، جنهن لاش يادن کي غسل،

آب سو شادي ڏسي ٿيو آب – ازهر کان به وڌ.

1943ع

 

نظم

 

”فرنگي تهذيب زده نوجوان کي خطاب“

 

خونِ مشرق، ڇو ڪرين ناپاڪ، آڻي خرخسو؟

مغربي تهذيب جو، ڇا لئي کنيئي ’مرده حصو‘؟

 

خون جي زنده جزن کي، شل نه ڪر تلقيد سان،

هان مگر مرده جزن کي، زندگيءَ جو ڏي چسو!

 

لاهه مفلر مغربي تون، اُڻ اٿي پنهنجو ڪفن!

ٿئي متان هي کاڄ ڳجهه جو، سوپ سان ڌوتل جسو.

 

هو پيا بنجي حقيقت، تنهنجي صوفيائي ڏسي،

تون سندن حرڪت ڏسي، آهين بنيو وسريل قصو.

 

اصليت ڪر پاڻ ۾ پيدا، نه ٿي باندر مزاج!

ٿئي متان هي ٽاء تنهنجي، پوءِ مداريءَ جو رسو.

 

4 – 10 – 1945ع

 

نظم

 

”مسلمان کي خطاب“

 

جان ڳاري لوهه وانگي ملڪ لئي شمشير ٿي،

پاڪ پيشانيءَ مٿي تون چمڪندڙ تقدير ٿي.

 

جو مليو دستور توکي هو ’حرا‘ ۾ هو شور،

تون اٿي تنهنجو نئين سر وڃ وري تفسير ٿي.

 

صور اسرافيل بنجي خواب، مان هر هڪ جڳاءِ،

ڪين تون روز جزا جو رهه هتي تعبير ٿي.

 

هن دنيا ليور مٿي تون هن دنيا جو بار کڻ،

حوض ڪوثر جي هتي آهي سڄي تعمير ٿي.

 

موت جي مقدار ۾ تون ماپ اي عارض! حيات،

ڇو قلم مان خون تنهنجو پيو وڃي تحرير ٿي.

 

جو مليو توکي هتي ناموس اڪبر کان پيام،

پئي فلسطين ۾ وڃي تنهنجي بري تڪسير ٿي.

 

ڇو پساهن ۾ وڌو تو گهوٽ گهوٽالي ۾ دم!

مرض جي لئي موت آهين! نعره تڪبير ٿي!

 

9 – 4 – 1965ع

 

نظم

 

”شيشو“

 

ڪاچ کي ڪٽ ڪين کائي، ٿو رهي هردم شفاف،

جيوڙا هر مرض ڏسجن، خورد بينيءَ ساڻ صاف.

 

ڪٿ وڃي سو دوربين ٿئي، چنڊ تارن تي نظر،

پيو وجهي قدرت جي دامن ۾ ڪٿي، ڪٿ سو شگاف.

 

آه ساڳي سا نظر ٿي، شاعريءَ جي جام جم،

جي هجي ذهني تجسّس تي نه تخريبي لحاف.

 

ٿو دماغي عيش ۾ بيڪار جو نقشا چٽي،

ڪيئن ڀٽائي جي مقابل سوهڻي بي سود لاف!؟

 

وقت اهڙا ڪئين مٽايا جي دماغي هئا خلل،

پارکو آهي پڪو سو جو ڪٽي سان ڪٽ صراف.

 

جو نه پهتو عام وٽ اصلاح ۾ ٿي ڪو علاج،

ڪارگر ناهي ڪڏهن توڙي هجي ٻگهه يا زراف.

 

يا نه عبرت ڪنهن اٿاري سخن ۾ سالم بڻي،

آه سو شيشو شرابي جوش ۾ سوڍا صحاف.

 

خواه مخواه دهريو بني، پيو عارضي عزت وٺي،

بي بقا پرواز جو دستور قدرت  جي خلاف.

 

ٿو چٽي ڪوڙا ڪي رويا، ذهن مفلس مان ڪڍي،

پاڻ کي سڀ ڪجهه پيو سمجهي، پر نه آهي سو ظراف.

 

تنهن مغز ڇوٽي (پور) ۾ ماپي، قرب مان قرآن ٿو ڪيئن،

جو مڪي کان وڌ پيو سمجهي ماسڪو جو ڪم طواف.

 

روس جي ٿڌ کان لڳو جنهن ليس نزلو ۽ زڪام،

ڪيئن اچي خوشبوءِ تنهن کي عرب جي آهوءِ ناف؟

 

آه اڌ خيالي ۾ فن سو مرض اڌرنگ مبتلا،

هاف جنهن جو آهه مسلم ۽ وڃي ڪافر ٿيو هاف.

 

پڙهه وڃي سڀ شعر منهنجا، من جي مرڪز ۾ رکي!

ظرف جي شوخي ۾ ظاهر ٿيو سڄو غم جو گراف.

 

8 – 4 – 1965ع

 

غزل

 

اميدن جو پکي آهي غمن جي آشياني ۾،

ڪريزن ۾ ڪريو قابو نه ٿو اڏري زماني ۾.

 

نه ساٿي آ، نه صحبت آ، نه چوڳو آ، ٿيو موڳو،

نه  آهي راه تي ظلمت، زمانو ضوفشاني ۾.

 

ويون گذري سوين سالون، تڏهن ڀي ڪون پر ڄاوا،

ٻڍاپڻ ۾ ٺڳي ٿي وئي، جواني وئي بهاني ۾.

 

وهڻ ۾ آهي ششدر سو، اڏامڻ شوق ڀي آهي،

چمن ساوا، صفا  نهرون، مگر پيو قيد خاني ۾.

 

نشيمن باغ ۾ آهي، خبر ناهي ته آهي ڇا؟،

چمن ۾ باغ ۾ گل ۾ يا بلبل جي تراني ۾.

 

الڀ آهي سندس آنو، ملي مشڪل ٿو محنت سان،

ڏٺو ويو هو فقط هڪڙو سڪندر جي خزاني ۾.

 

ڪکن بدران نشيمن ٿو، ڪري تيرن تمنّا تي،

ڪسي ويندو ڪڏهن ڪاهل، دنيا جي ڪارخاني ۾.

 

ڏسي صيّاد کي ويندو، ڪري ٿو زور سان ڦڙ ڦڙ،

نه ٿو سمجهي ته آهيان مان سندس پوري نشاني ۾.

 

ٺڳيءَ جا ٺاهه ڪئين ٺاهي، جهلي ٿو پيٽ جو پاسو،

ڪٽيل ٿي پنج پري جنهن جي، اٿي سو ڪيئن اذاني ۾.

 

شڪم – مادر مان نڪتو جو، وڃي سو پيٽ پنهنجي پيو،

نه نڪري پيٽ مان سو ٿو، چڪر اهڙو زماني ۾.

 

10 – 9 – 1943ع

 

عاشق جو لاش

 

باغ ۾ خرمان خزان جي لاش تي خوشبو وڌي،

هير ان کي آ دفن ڪيو، گوشئه صحرا کڻي،

شوق سان شبنم ڏنو، نائي نمي تنهن کي غسل،

چؤطرف مکڙيون کليون، چادر ڪفن پيا گل بڻي،

لحن دائودي سان بلبل، ٿي پڙهي ميّت نماز،

ٿيا چتون شامل جماعت، ساڻ ڪويل ڪوڪڻي.

12 – 12 – 1940ع

 

غزل

 

چوڪ چشمين چاڙهه چوٽان دل ڦٽي دلبر ڳيون،

ڪانه ول ڪيتئي عيادت، ڪار قهري ڪر ڳيون.

 

زور سٽ پيڪان پنبڻين زهر والي ضرب ڪا،

زد انهي وچ ضعيف ڪون ظالم ڪپي ذر ذر ڳيون.

 

لوڪ لڪ ساري ڪڻون، ڪجهه رازسل، ڪجهه راز گهن،

ناز نخري نال ناڙي نينهن دا نشتر ڳيون.

 

سؤ ڪتم سجدي سراسر، منهن تيڏي محراب ڪون،

ڪونه ڪيتئي قرب هڪ، ٻيا ول ڪِتي ڪافر ڳيون.

 

چنڊ چهري چست ٻيٺا، در تيڏي دربان هڪ،

ملهه وڏي موئي انهي ڪون، ڌار در تي ڌر ڳيون.

 

ٿيا بدن باقي هي بيوس، بوجهه ڀاري بي سُکا،

دڙ دلاسي نال دل دا، ڪڍ اٿئون دفتر ڳيون.

 

رس رهاڻيان روح ڪيتئي، رات ساري رل رقيب،

ڪجهه ڪهڻ تون ڪاڻ ميڏي، ول صبح ساجهر ڳيون.

عشق دي خوراڪ غم ٿيا ۽ حسن دي عشق ٿيا،

ڪر نقل جنهن نال ڪڍ تون، جان چون جوهر ڳيون.

 

لڙڪ ڀي لاشڪ لڄي ٿي، ڪانه وسمي دل دکيل،

ڏي اماڙي عشق اهڙي، ڄام ميڪون ڄر ڳيون.

26 – 3 – 1965ع

 

0

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org