مر محبت ملڪ ۾، مر مرد مرڪي ميٽ مر
مچ مچائي مچ مدامي مرد ميدان مئون مَ ور
مام معنيٰ موج منصوري مڙئي من ۾ مقيم
مونجهه منجهه موجهومَ منجهه مل مونجهه جو ماري مچر
مِلٽ موٽڻ مرڪ مردن، مردن مِلٽ موٽڻ ۾ مُرڪ
ماڻ مانجهي مڱ موئاني ٿي م موڳو منتظر
”دادنا“ مهندار مطلب، مون مليون مطلوب مان
مئه ملي مئه خاني مان نوش مرڪيو منتشر
*
ڪاش مون کان اي سڄڻ اڄ موڪلايون ٿو وڃي
منهنجي دل تي داغ حسرت جو لڳايون ٿو وڃي
اوچتو ڪيئن ٿو وڇي ڏاڍي ٻُڌايون ٿو وڃي
موت جهڙو مون کي هي صدمو رسايون ٿو وڃي
پاڻ کان پو منهنجي گهر ۾ ڇا بچايون ٿو وڃي
مان بچيس سو ڀي وري چريو بنايون ٿو وڃي
عمر ڇوٽيءَ ۾ ڪندو هئين ڪين ڪي مون کان حجاب
نوجواني ۾ ڀلا ڇو منهن لِڪايون ٿو وڃي
ٿيندي بدنامي ٻنهي جي صبر مون کي ايندو ڪين
سُڌ لهين ٿو ڪانه ڪنهن جو گهر جلايون ٿو وڃي
ٿو وڃين پر ٿو سهاري ڪنهن جي ”دادن“ کي ڇڏين
دل نه ڪنهن سان لائجي اهڙو پڙهايون ٿو وڃي
*
حيرت سان ڏسان ٿو ته زماني کي ڇا ٿي ويو
پٽ هڪڙي پيءَ جا بخت ٻنهي جو جدا ٿيو
اي دوست سڀ ڪجهه اهو قسمت جو کيل آ
هڪڙو وڃي ٿيو شاهه ته هڪڙو گدا ٿيو
بيمار عشق جو نه ڇٽو ڪنهن علاج سان
عيسيٰ وٽان ڀي موٽي وري لا دوا ٿيو
جلوه حسين ناگهان اي ”دادنا“ ڏسي
هڪدم هي ڏسي منهنجو هوش هوا ۾ هوا ٿيو
*
دلبر ڪئي آ مون سان گفتار ايندي ويندي
سهڻي ڏٺي سندس مون رفتار ايندي ويندي
اکڙيون جڏهن کنيائين بي وس تڏهن ڪيائين
ابرن سندي هنيائين تلوار ايندي ويندي
لالي هڻن لبن تي حيران ڪيئين حسن تي
ڇوڙي ڇڏيائين ڪلهن تي سڀ وار ايندي ويندي
”دادن“ ڄڻ سندا هي ٿورا سگهي نه لاهي
ڏئي ويو وصل جا آهي اقرار ايندي ويندي
*
ڪين ڪي آئين سڄڻ مون کان پڇڻ جي واسطي
دير دم جي ناهي دلبر دم ڏيڻ جي واسطي
پاڻ کي ڪو آسرو ڪونهي بچڻ جي واسطي
منتظر آهيان گهڻو تنهن جي اچڻ جي واسطي
ڪيئي خيراتون ڪيم باسيم سکائون سو هزار
مون گهٽايو ڪين ڪي آهي ملڻ جي واسطي
ملڪ ساري جا ٿيا معشوق عاشق تو مٿان
حور ڀي حيران آ تنهن جي ڏسڻ جي واسطي
بار سيني تي سهي هڪ ٻئي جا وڃبا هئا ڪڏهن
اڄ ته ڪا اميد ڪانهي هٿ رکڻ جي واسطي
ٻيو مرض ڪونهي لڳل ”دادن“ جي دل کي دلربا
بس مرض آهي ته آهي گڏ رهڻ جي واسطي
*
مدد ڪر ياخدا ڪاڏهون نه ڪاڏهون يار پيدا ڪر
مران ٿو هاڻي جو هاڻي منهنجو منٺار پيدا ڪر
مٽائڻ واسطي غم جي سُتت غم خوار پيدا ڪر
هينئر مُنهنجي اکين اڳيان اکين جو ٺار پيدا ڪر
جهليو توکي فرشتن هو نه هي وهنوار پيدا ڪر
اگر پيدا ڪيئي ان سان نه گڏ آزار پيدا ڪر
تڙپندي رات ٿي گذري سڄي ”دادن“ ويچاري جي
جي تون غفار آهين ته مُنهنجو غم خوار پيدا ڪر
*
پنهنجي گلفام سواءِ ڪونه ٿو آرام اچي
ياد ۾ تپ ٿو جدائي جو صبح شام اچي
رات جو ننڊ ڪا اکين کي ٿي حرام اچي
زهر ٿو اڳيان اچي جي ٿو اڳيان طعام اچي
گرچه تلوار کڻي سِر تي بي نيام اچي
رب رکي پنهنجي زبان تي نه لفظ خام اچي
ڪهڙو انصاف اي ”دادن“ ٻيو سڀ ڪو ڀلي عام اچي
گهر ۾ بس يار جي، هڪڙو نه هي غلام اچي
*
سر يار کي ڏيان ٿو اَڏي تي ڌري ڪري
خنجر هڻي يا ڀالو ڀلي جان پري ڪري
طاقت سهڻ جي پاڻ ۾ ڪانهي ڪا پر ته ڀي
سهجي ٿو سڀڪجي قرب جي هڪڙي ذري ڪري
ڪيئن مان پري رهڻ ٿو گهران يارَ کان مگر
مون کي ڇڏيو تو بي خطا پاڻان پري ڪري
آهي خدا پرست اهو جيڪو در جهان
ڪم ڪنهن نه ڪنهن فريب جو ڪوشش ڪري ڪري
حاضر آ جسم جان جگر پنهنجو ”دادنا“
مرکائي ماس منهن جو تئي ۾ تري ڪري
*
اڄ مٺا توکي سنڀاليندي پرهه پرڀات ٿي
ڏينهن گذري ويو مٿان روئندي ڏکن جي رات ٿي
تو بنا تنها ڏسي اڄ دشتِ هيبت ۾ حبيب
سور آيا گهور ڏئي ڀرپور ڀانئون ڀات ٿي
گنبذگردون کان مُنهنجي لنگهي وئي سرد آهَه
هي اسان جو حال آ ڄاڻي خدا جي ذات ٿي
بي شبه بي ڊَپُ چوان ٿو يا يقين باصدق دل
تُنهنجي صورت ۾ صفا آيو الله اثبات ٿي
دوست ”دادن“ واسطي دنيا دورنگي جا مزا
تو سوا سڀ دلربا، بازر زرِ ظلمات ٿي
*
ملي وڃَ اي مٺا مُدّت کان آهيان منتظر تنهنجو
سڄو سر ساهه منهنجو تنهنجو، مُنهنجو مال گهر تنهنجو
نٿو ڪهڙي به حالت ۾ تون مون کان مُنهنجي دل وسرين
الائي ڪهڙو دل مُنهنجي تي ٿي پيو آ اثر تنهنجو
سڏي سائين مان توکي ڪجهه به چوندس ڪين ڪي پاڻهئي
مُنهنجي پاران سڏي توکي هي خود چوندو شهر تنهنجو
ٺهين ٿو هر طرح، مون کي وڻين ٿو تون ڌڻي ڄاڻي
عطر ۽ مشڪ کان وڌ آپرين مون لئه پگهر تنهنجو
چوي ”دادن“ آ مُنهنجي واسطي هڪ فخر اي سهڻا
حسينن ۾ ملڻ مرڪڻ ۽ مشڪڻ زيب ور تنهنجو
*
ڪنهن کي نه چئبو هاڻي، هرڪوئي پاڻ ڄاڻي
ڀل سڀڪو موج ماڻي، هرڪوئي پاڻ ڄاڻي
الله ظالمن کي بخشيندو ڪين هرگز
سڀ ايندا منجهه پڇاڻي، هرڪوئي پاڻ ڄاڻي
انصاف جا ٿي ناهي بس رهڻو تا ٿي ناهي
وڃبو لڏو پلاڻي، هرڪوئي پاڻ ڄاڻي
ان باري ۾ وڃي ڇا پنهنجو ته ڪنهن جي باري
ڇا ڇا چيو ڦلاڻي، هرڪوئي پاڻ ڄاڻي
دنيا ۾ شور آهي جنگين جو زور آهي
ڇا ٿيندو اڄ سڀاڻي، هرڪوئي پاڻ ڄاڻي
ساري ٿو ساهه جن کي موٽائي ماڳ تن کي
الله شال آڻي، هرڪوئي پاڻ ڄاڻي
هن قهر ۾ اسان کي هن شهر ۾ اسان کي
آندو آ آب داڻي، هرڪوئي پاڻ ڄاڻي
”دادن“ ادا تون ڪم ڪر گذري جو ڪين غم ڪر
ڪجهه هوش ڪر ٺڪاڻي هرڪوئي پاڻ ڄاڻي
*
مان ته گهارڻ ٿو گهران هُن حسن جي پرور سان گڏ
هو نه گهاري ٿو ڪڏهن هڪ منٽ مون مضطر سان گڏ
وئي ڪري اڄ ڪوچ تنهنجي زندگاني تون سنڀال
هي مٿان الفاظ ٿي ڪڍيا سڄڻ خنجر سان گڏ
تيز مُيگان تيغ ابرو زلف زهري مار هُئا
اوچتي دلبر ڏٺم اڄ هووڏي لشڪر سان گڏ
منهنجي مرضي آهي سڀ سنسار جا سانگار ڇڏي
گهارجي جيڪر وڃي هيڪر پرين پيڪر سان گڏ
درد جو دک جو جدائي جي مصيبت جو مڙيئي
اورجي احوال ويهي گلبدن گوهر سان گڏ
يار جو جلوو ڏسي فرهاد عاشق سنگريز
پيو ڪري منزل مٿان شاهُلَ، پٽي مستر سان گڏ
ڪين سئنيما مزو مون کي ڏنو اڄ دوست ريءَ
مون ائين وهوا ڪئي ٿي خلق جي ڌمچر سان گڏ
ٿي ڪري دل ناز جو مُنهنجو سڄڻ جو پاڻ ۾
بعد مدّت ٿي ويو در، در سان گڏ گهر، گهر سان گڏ
ڪوبه گڏ ڪنهن ساڻ هرگز ڪين ڪي ٿيندو ائين
هو علي جهڙي طرح تي پاڪ پيغمبر سان گڏ
مَئي جو پيالو يار کان ورتم ته ورتم کيس ڀي
ڇڏ ڇڏيائين ناهي ملندو جوهري جوهر سان گڏ
”دادنا“ عاشق اگر ڪوٺائجي تادم ته پوءِ
تن هجي دنيا سان گڏ ۽ دل هجي دلبر سان گڏ
*
هردم پنهنجي خيال کي سٺو هلائجي
شريعت کان هرگز نه ٻاهر پير پائجي
حق جي حڪم کي ڀلا ڇو لڪائجي
کولي مسلامن کي هڪدم ٻڌائجي
پرهيزگاريءَ جو خدا ڪيو حڪم قرآن ۾
ڇير ٻڌي ڇو ڀلا عورت نچائجي
دنيا جي لاءِ نه پنهنجو دين وڃائجي
کڏ ۾ اهڙو کٽيو، تنهن کان پني کائجي
ڪوشش ڪري اولاد کي علم پڙهائجي
ڪياڙي ڪوڙائي ان کي نه ناچو بڻائجي
فهم ۽ فضيلت سان ويهي راڳ ڳائجي
کدڙن وانگر خوار ٿي نه تاڙي وڄائجي
اها نصيحت ”دادن“ فقير جي دل سان لائجي
پرائي عورت جي پٺيان ڇو پنهنجي هڙ ڦرائجي
*
ڀروسو رکجي ڌڻي تي ڪين رکجي عام تي
ڪو لکن ۾ آهي پورو آدمي انجام تي
ربّ راضي ناهي دنيا جي گهڻي آرام تي
ربّ راضي آ انهن تي جن ڏنا سرسام تي
مست ٿيو پيو آهي هرڪو پيٽ تاڻيون طعام تي
آهي ڪُرسي ڪوچ لئه ناهي ڌڻي جي نام تي
اي مسلمانو! ادا بحرِ خدا بيدار ٿيو
ٻيو نه ڪجهه ته به ڪجهه نه ڪجهه هلندا هلو اسلام تي
مرغ دل جو ويو اڏامي گلبدن جي بام تي
خالي داڻي لئه لهي پيو زلف واري دام تي
”دادنا“ دنيا جي صحبت آ بي جا تنهنجي ڪري
وڃ وڃي تون پنهنجي رندن سان جمع ٿي جام تي
*
دوست داري کان مون ڪئي توبهه!
دنيا ساري کان مون ڪئي توبهه!
يار جو يار ٿئي نه مشڪل ۾
اهڙي ياري کان مون ڪئي توبهه!
ڇا جي لاءِ انتظار ڪنهن جو ڪڍان
انتظاريءَ کان مون ڪئي توبهه!
هاڻي وٺبي ته دل ڏئي دل وٺبي
دل اوڌاري کان مون ڪئي توبهه!
هٿ ڪو لائيندو ته خون خون ڪبو
بردباري کان مون ڪئي توبهه!
جا سواري سِرُ وڃائي اي ”دادن“
تنهن سواري کان مون ڪئي توبهه!
*
زماني کي گهڻو ئي مون عزيزو آزمايو آ
مگر ان مان عجب جهڙو نتيجو پيش آيو آ
هُوا جي يارسي، اغيار ٿي ويا، ڌار ڏئي ڌوڪا
اسان جو آسرو حق پاڪ ٿي جنهن جڳ اپايو آ
سوين صدما ڏٺم اهڙا ذري گهٽ سر وڃڻ جهڙا
مگر ان مان اڃا تائين مون کي قدرت بچايو آ
دنيا جي خواب جون خبرون مٿان سمجهين سچيون ”دادن“
سوا دم جي آ، دم پيدا ٻيو ڪل ڪم اجايو آهي
*
اي يارو پاڻ کي ويچار ڏاڍو دلربا جو آ
چڱو ٿيو فڪر ناهي، خلقيل هرڪو خدا جو آ
نه ڪنهن کي زور سان ميندي لڳائي سگهجي ٿي هرگز
اهو سڀ ڪنهن جي مرضي تي ڇڏيل سودو رضا جو آ
نه ڪنهن طوفان قلزم کان ٿيل برباد مان آهيان
منهنجي قسمت جي ٻيڙي کي لڳي ويو هٿ قضا جو آ
ڏسي مايوس ۽ غمگين مون کي پيو چوي هرڪو
قسم آهي خدا جو هي ته ڪو کاڌل بلا جو آهي
اجايو زير بالا چئجي پرپٺ ٻين کي ڇو ”دادن“
پُڄي جي ڪين ڪي سگهجي ته ڪهڙو ڪم گلا جو آ
*
باوفا جانثار آهيان مان
سر ڏيڻ وارو يار آهيان مان
زندگي ڀر قرار ڪونهي ڪو
تنهنجي ڪاڻ بيقرار آهيان مان
منهنجي سيني جو هار تون آهين
تنهنجي سيني تي بار آهيان مان
منهنجي اکين جو ٺار تون آهين
تنهنجي اکين ۾ خار آهيان مان
جي اچان ڀرسان ته هَٽُ هَٽُ ٿو چوين
اهڙو ڪو عيبدار آهيان مان
ڪوڙي واعدي تي مون ڪيو ويسهه
ڪيڏو ايماندار آهيان مان
ناهيان عاشق نهڪي رقيب آهيان
خاص خدمت گذار آهيان مان
تنهنجو عشاق خسته دل ”دادن“
ملڪ ۾ آشڪار آهيان مان
*
لطف منهنجي واسطي آبادي کئون وڌ بر ۾ آ
باغ بر مون لاءِ آهي، سيم برگر ڀر ۾ آ
چشم جانا جيئن نڪي جادو نه ڪي منتر ۾ آ
مثل ابرو نڪي ڪنهن تيغ تر جي جوهر ۾ آ
گرچ مان بيمار آهيان، بستري تي موت جي
انتظاري يار ۾ ته به ديد پنهنجي در ۾ آ
منهنجي دل ۾ آهي دلبر واسطي الفت ۽ انس
ليڪن منهنجي واسطي جهڳڙو دلِ دلبر ۾ آ
ڇو ڪرڻ گهرجي اجائي جو ٻئي پاسي چور چور
جاچ وٺجي ٿي ته هوڏانهن چور پنهنجي گهر ۾ آ
تون قيامت جو ئي زاهد پيو ڀلي ڪر انتظار
منهن جي ڪان برپا قيامت يار جي نهڪر ۾ آ
بس خزان آئي چمن جو حال ڪهڙو ٿو رهي
اڄ فقط بلبل نه پر خود باغبان چڪر ۾ آ
ڇا ڪندو انسان ڪو ڪنهن تي نوازش ”دادنا“
آسرو پنهنجو اڳي پوءِ خالق و اڪبر ۾ آ
*
ٿبو عاشق ته سر تي عشق جا سَوَ بار ڀي سهبا
ڪبي جي گل سان گستاخي ته آخر خار ڀي سهبا
ڪنهين جي ڪان بي دردن جا طبل تڪرار ڀي سهبا
خوشي سان سور ۽ سختيون الم آزار ڀي سهبا
مٿي تي موزئي معشوق جا ڦهڪار ڀي سهبا
رتل ميندي سان دست يار جا ڦهڪار ڀي سهبا
اي يارو ڇا ته سهبو سڀڪي سهبو ناز وارن جو
انگل ۽ لاڏ ڪوڏ ارڏايون آٽار ڀي سهبا
ڪبي اُف ڀي نه اي ”دادن“ هٿان دلدار جي هر دم
پيا ڌڪ سهبا ڦٽ سهبا مٿي ۾ ڏار ڀي سهبا
*
تون مون کي جڏهن ڪڏهن اي سڄڻ سائين ستائين ٿو
مان تنهنجو آهيان مون کي تون پنهنجو ڪين ڀائين ٿو
رسامي جي آ معنيٰ خود محبت ٿا چون جنهن کي
هي حاضر آهي سر منهنجو اجايو آزمائين ٿو
اڳي جا هئي نوازش تنهنجي مون تي سا هينئر ڪانهي
نڪي مون ڏي نهارين ٿو نڪي مون سان ڳالهائين ٿو
خدا دشمن جي گهر ۾ ڀي نه دلين جو وجهي جهيڙو
ڏکيل آهيون وري ڀي تون ڏکين کي ڇو ڏکائين ٿو
پري کان ئي سون ۾ اي سڄڻ سائين قسم تنهنجو
سڃاڻان توکي ٿو باقي ڇو مون کئون منهن لڪائين ٿو
مري وينداسون هڪ ٻئي جو اهي ڏک پيٽ ۾ پائي
اجايو زور ”دادن“ ساڻ ايڏو آزمائين ٿو
*
رسامي يار جي يارو ڇڏيو آ تن ۽ من چيري
نه آهي رت ڦڙو منهنجو ڏسي ڪوئي بدن چيري
جنوني جوش کان پنهنجو ڇڏيم هي پيرهن چيري
لنگهي وئي آهي پنهنجي نيل گون چرخي ڪنهن چيري
پڇو اي رازدان خبرون ٿا ڪهڙيون منهنجي سورن جون
پلي وانگي وڌو آهي بدن هن گلبدن چيري
اي يارو لحد کان اڳ ۾ ائين ٿي پئي سڄڻ منهنجو
اچي تڪڙو ئي تڪڙو منهن ڏسي منهن تان ڪفن چيري
ڦڻي سامهون ڏئي تنهنجي مارڻ لئه اي ”دادن“
ڪڍي پيو سينڌ وارن مئون سڌي هو سيم تن چيري
*
ڪر دوست منهنجي دل کي نه برباد ايترو
هر هر ستاءِ ڪين ڪي افراد ايترو
تنهنجي ملڻ کان اڳ ۾ متان خاڪ ٿي پوان
مون کي نه پئه اي منهنجا سڄڻ ياد ايترو
دانهون ڪري بخار ڪڍان دل جي درد جا
ڇڏ ٿورو مون کي اي پرين آزاد ايترو
ڪنهن غير سان ستم جي شڪايت متان ڪرين
”دادن“ کي رک نه دلربا ناشاد ايترو
*
اي انسانو وٺي عبرت ڏسو الله جي قدرت
هي ٽوڙي شيشئي ڪسرت ڏسو الله جي قدرت
نه ٿيو غافل ڇڏي غفلت ڏسو الله جي قدرت
نه هرگز هاريو همت ڏسو الله جي قدرت
ڪڏهن شدت ڪڏهن شفقت ڏسو الله جي قدرت
ڪڏهن رحمت ڪڏهن زحمت ڏسو الله جي قدرت
ڪڏهن فرحت ڪڏهن فرقت ڏسو الله جي قدرت
ڪڏهن ڪلفت ڪڏهن الفت ڏسو الله جي قدرت
ڪڏهن حسرت ڪڏهن نصرت ڏسو الله جي قدرت
ڪڏهن نوڙت ڪڏهن نفرت ڏسو الله جي قدرت
ڇا دنيا ۾ ٿئي ٿو حال ڏس دنيا جي پيارن جو
ڪڏهن عزت ڪڏهن زلت ڏسو الله جي قدرت
ڪٿي راڻيون ڪٿي راڻا ڪٿي ڀاڳين سدا ڀاڻا
ڪٿي عيش آهي ڪٿي عشرت ڏسو الله جي قدرت
ڪٿي دارا سڪندر آ ڪٿي رستم پلنگر آ
ڪٿي تخت آ ڪٿي تُربت ڏسو الله جي قدرت
حسينن حسن وارن جا لٿا نئن مڙه مقامن ۾
ڪٿي سيرت ڪٿي صورت ڏسو الله جي قدرت
ڪٿي آ تخت شاهي ڪٿي آ تاج شاهانو
ڪٿي هيبت ڪٿي هشمت ڏسو الله جي قدرت
دليون مٽجي ويون ماڻهن جون ماڻهو ڀي ويا مٽجي
وئي برڪت پئي حرڪت ڏسو الله جي قدرت
نمازي آ ته ڪو ڪو آ، جي غازي آ ته ڪو ڪو آ
چڙهي وئي چوٽ تي بدعت ڏسو الله جي قدرت
جنهين وٽ آه ناڻو سو سياڻو آه پوءِ توڙي
سندس ٻولي هجي ٻَت ٻَت ڏسو الله جي قدرت
پني کان پوءِ تي هڪڙو ڀي دم دنيا ۾ اي ”دادن“
ملي ٿي ڪين ڪي فرصت ڏسو الله جي قدرت
*
تو جهڙو يار يار ڪيم هاءِ ڇا ڪيم
سيني جو هار بار ڪيم هاءِ ڇا ڪيم
هي پنهنجو حال زار ڪيم هاءِ ڇا ڪيم
ڇو توتي اعتبار ڪيم هاءِ ڇا ڪيم
صد حيف مون کي آه جو گل کي ڇڏي وڃي
غمخوار پنهنجو خار ڪيم هاءِ ڇا ڪيم
فرهاد ڪيس جهڙيون سڄڻ تنهنجي واسطي
تڪليفون اختيار ڪيم هاءِ ڇا ڪيم
افسوس پنهنجي موت کان توسان اي سنگدل
ڪيئن ايترو پيار ڪيم هاءِ ڇا ڪيم
ٿيو انتظار پورو مون ”دادن“ جو ڪين ڪي
بس پاڻۡ کي خوار ڪيم هاءِ ڇا ڪيم
*
خدا ڪري ته ڪنهين جو جدا حبيب نه ٿئي
اهو هي درد آ دشمن کي ڀي نصيب نه ٿئي
لکين رقيب جهان ۾ ڀلي وتن ڌوندا
فقط سوال رڳو جانِ من رقيب نه ٿئي
زنجير زلف جي ۾ بي وس بي خيال مون وانگر
مُبادا اوچتي قيدي ڪوئي غريب نه ٿئي
فراقِ يار ۾ بيمار ٿئي اگر ”دادن“
مٿانهه تنهنجي مقرر ڪوئي طبيب نه ٿئي
*
جهڳڙو ٽٽو مان بي وفا، تون ئي وفا جو گهر
هئن ڪير ٿو چوي ته ڪو تون آن جفا جو گهر
ڪاڏي وڃان مريض مان بيمار عشق جو
گهر تنهنجو منهنجي واسطي آهي شفا جو گهر
جيڪا ڪيئي دعا سا ته“ ٺهيو مگر پرين
تون ٿو پِٽين مان ٿي سمجهيو توکي دعا جو گهر
هيئن ڪونه ڪو چوي ته ڪو آجو مان آهيان
دنيا ۾ هرڪو آدمي آهي خطا جو گهر
گهر پنهنجي کان نه پنهنجي تون ”دادن“ کي ڪر منع
هر ڪنهن جو گهر اڳي آ، هتي آهي ڇا جو گهر
*
خدايا خير ڪر ڪنهن خار ۾ غمخوار ٿو ڏسجي
اڄوڪي وقت جي يارن جان پنهنجو يار ٿو ڏسجي
سبب اهڙو نه آهي بي سبب بيزار ٿو ڏسجي
اتيئي پيار ٿو ڏسجي اتيئي عار ٿو ڏسجي
ارادن ۾ سڄڻ جي موت جو آثار ٿو ڏسجي
مرڻ وارو سندس جي برهه جو بيمار ٿو ڏسجي
گُهلي ڪا اهڙي آهي باغِ الفت ۾ هوا ظالم
جو ڪلهه دلدار هو سو اڄ اهو غمدار ٿو ڏسجي
پيون نظرن سان ڪنهن مظلوم جو هو خون ويٺو آ
اکين ۾ اهڙو خوني رنگ جو خمار ٿو ڏسجي
هيو چالاڪ ڏاڍو دل ڦرڻ جي مهل دل وارو
عجب آهي هينئر معصوم ننڍڙو ٻارُ ٿو ڏسجي
ڪڏهن ايندو ڪڏهن ملندو ڪڏهن ٿيندو اچي مهمان
انهيءَ سوداء ۾ سوگهو ٻڍو ۽ ٻار ٿو ڏسجي
کلڻ سان ٿا ڪرن موتي سڃو چئي ڪير سهڻي کي
سڄڻ صورت سان گڏ هڪڙو وڏو زردار ٿو ڏسجي
ٿو ڏسجي بوجهه گردن تي گلن جو جوهار اي ”دادن“
ڪمر باريڪ تي وارن ڊگهن جو بار ٿو ڏسجي
*
سواءِ يار جي نڪري ٿو دم خدا جو قسم
وٺي ويو غم ٿي خوشي وئي عدم خدا جو قسم
درِ فراق نه فرحت اٿم خدا جو قسم
نه ڪنهن جو ڪنهن ۾ پوي ڪوئي ڪم خدا جو قسم
ڪمال آهي محبت جو جو تصور ۾
ٿو دل کي خم وجهي زلفن جو خم خدا جو قسم
ڏسي ڪو منهنجي اکين ساڻ بدگمان صاحب
خدا جو شان آ منهنجو صنم خدا جو قسم
ويو هو پاڻ فقط پنهنجو سنگدل مون وٽ
ڇڏي هليو ويو رنج و الم خدا جو قسم
چون ٿا خوامخواه منهنجو خون هارڻ لئه
کڻي رهيو آ مخالف قدم خدا جو قسم
پڇڻ گهرون ٿا جي ڪنهن ڳالهه جو ته هو هڪدم
کڻي ٿو ڪوڙا خدا جا قسم خدا جو قسم
اسان ته يار کي آهيون نه ياد يار پر ”دادن“
اسان کي يار جو کائي ويو غم خدا جو قسم
*
وئي عمر پنهنجي گذري وفائون ڪري ڪري
ويٺاسين غم پرائي ادائون ڪري ڪري
انصاف پيو پلئه نه پڇائون ڪري ڪري
خالي ويو سوالي صدائون ڪري ڪري
ناسور نينهن جو نه ڇُٽو ڪنهن علاج سان
ٿڪجي پياسين نيٺ دوائون ڪري ڪري
زنده اسان جو عشق آ مرڻو نه آ ڪڏهن
ويندو مري رقيب گلائون ڪري ڪري
دل ڀي ڏنم جگر ڀي ڏنم جان ڀي ڏنم
آيس نه باز اهڙيون خطائون ڪري ڪري
ڀل بددعا هو مون کي ڏئي دادنا مگر
ويندس نڀائي مان ته دعائون ڪري ڪري
*
جدا نه دم ٿئي دلبر هجي ته اهڙو هجي
جياري دل مُئي رهبر هجي ته اهڙو هجي
نقاب کولي ڇڏي هرڪو ير ڏسي خوش ٿئي
حسين حسن جو پرور هجي ته اهڙو هجي
ڀڳل ڄنگهون ۽ جي ٻانهون ڳنڍيائين ته ڇا ٿي پيو
ڀڳل دليون ڳنڍي ڪنڀر هجي ته اهڙو هجي
ٿي ڌار ڌڙ کان وڃي سر خبر نه پئي ”دادن“
اشاري سان ڪُهي خنجر هجي ته اهڙو هجي
*
ٿي ويو اڄ آسمان بردور برتر سنڌ جو
شان مسلم سان ٿيو آهي مٿي ڪر سنڌ جو
سنڌ کي لوڏو نه آهي سنڌ هوندي سبز سر
حشر تائين شل ڏسان آباد هر گهر سنڌ جو
سڀني مُلڪن ساڻ آهي سنڌ جو واپار پڻ
آهي قلزم تي ڪراچي شهر بندر سنڌ جو
عام چوڻي آهي، سنڌ آهي قلندر لعل جي
سنڌ کي آ فخر آ حاڪم قلندر سنڌ جو
سڀني ملڪن ۾ گهڻو مشهور آهي ”دادنا“
خُلق مهماني پلو ۽ انب چانور سنڌ جو
*
مون کي جنهن آ ماريو سو منٺار ٻيو آ
سڄڻ سر جو وارث وفادار ٻيو آ
صنم ساهه منهن جي جو سينگار ٻيو آ
جو دل ۾ وسي ٿو سو دلدار ٻيو آ
حڪيمن جي هرگز هٽائڻ جو ناهي
قسم آ خدا جو هي آزار ٻيو آ
ٻيا ڀي هزارين ڏٺم حسن وارا
مگر هن جو چالو ۽ چمڪار ٻيو آ
محبت جي سُڌ ناهي سڀ ڪنهن کي ”دادن“
محبت جو وهنوار ويچار ٻيو آ
*
مسافر ادا جند ڇڏايون هليو وَڃُ
مزي ساڻ ناٿو نڀايون هليو وَڃُ
سخن صاف سهڻو ٻُڌايون هليو وَڃُ
پهاڙن کي پاڻي بڻايون هليو وَڃُ
محب جا دونها دکايون هليو وَڃُ
تون ڪَسُ کائي رَسُ کي رهايون هليو وَڃُ
نه ناراض ڪر دوستن کي اي ”دادن“
تون هائو ۾ هائو ملايون هليو وَڃُ
*
محبت ۾ گهرجي ملڻ ٿورو ٿورو
کپي دوست جي گهر وڃڻ ٿورو ٿورو
عقلمند انسان کي ٿو جڳائي
خوشيءَ منجهه خاصو کلڻ ٿورو ٿورو
اجايو نه ڪاهي پئجي ڪنهن جي پويان
ڪنهين ٻي جو ڀي مڇ چوڻ ٿورو ٿورو
اشارن مئون سمجهان ائين ٿو مان ”دادن“
ٿيو آهي راضي سڄڻ ٿورو ٿورو
*
سڄڻ سائين ايڏو وسارو نه ڪر
زياده اي پيارا پسارو نه ڪر
تون ماڻهن ۾ مون کي گلارو نه ڪر
ڇني نينهن ڪم تون نيارو نه ڪر
عيوض دل جي دل وٺ اي دل جا خدا
ائين مون سان سودو اُڌارو نه ڪر
سڄڻ ڪهڙو آ ڀروسو ساهه تي
جي سانوڻ ۾ ڪم ٿئي ته سيارو نه ڪر
نه ڏي ڪوڙو الزام ”دادن“ مٿان
اڇي کي اجايو تون ڪارو نه ڪر
*
ٽُٽي عشق جي سِرَ تي آفات پئي آ
جلي جوش ۾ پنهنجي جسمات ئي آ
نڪي آه فرحت نه ڪي آهه فرصت
لڳي ساهه سان ڄڻ ته سڪرات پئي آ
تڪيان ويٺو تارا چوان ويٺو هر هر
اچي اوچتي من اڃان رات پئي آ
هو ويهي فقط هن جي ويهڻ جي دير آ
ٺهي يار جي دل ۾ محلات پئي آ
ڪجي ڇا حجابن جي ماري کان ”دادن“
ملاقات جي وٺڻي خيرات پئي آ
*
هي دل پنهنجي ڏاڍي ڏکاري ٿي پئي آ
ڏکئي يار سان پنهنجي ياري ٿي پئي آ
طبيعت زمان کان عاري ٿي پئي آ
بدن ساري ۾ بيقراري ٿي پئي آ
رٺل منهنجو مون سان ڏسي يار پيارو
رقيبن جي دل ۾ بهاري ٿي پئي آ
اڃان ڪجهه نه حاصل ٿيو آ اي ”دادن“
اجايو اسان جي خواري ٿي پئي آ
*
هاڪ تنهنجي حسن جي هر جاءِ هندستان ۾
آمريڪا ايشيا، رشيا ۽ پاڪستان ۾
مٽ نه تنهنجو آهي ڪو يورپ ۽ يونان ۾
آفريڪا چين ۾ اسپين ۾ ايران ۾
بيلجم هالينڊ ۾ پولينڊ ۾ انگلستان ۾
جرمني برما ۽ اٽلي ڇا مگر جاپان ۾
تنهنجي صورت جي ٻڌم تعريف ترڪستان ۾
اصفهان توڙي سڳوري ملڪ عربستان ۾
او مٺا! مُنهنجا مُنهنجي نظرن جي اڳيان
تنهنجو ثاني ڪونه آهي مصر ۾ ڪنعان ۾
سنڌ ۾ پنجاب ۾ آسام ۾ بنگال ۾
ڪونهي همسر تنهنجو ڪو سرحد بلوچستان ۾
جوڌپور ڀوپال ۾ جهونا ڳڙه ڪشمير ٻيو
ڀرتپور گجرات ڪاٺياواڙ ۽ مڪران ۾
شملي ۾ پوني ۾ دهلي بمبئي لاهور ۾
ديري غازي خان ميهڙ ڪلڪتي ملتان ۾
ڪين تنهنجو مٽ ڪراچي سکر حيدرآباد ۾
لاڙڪاڻي ۾ ته ڇا دنيا جي هر ميدان ۾
جهڙي صورت تهڙي سيرت رب ڏني توکي سڄڻ
لُطف آ جي گُڻ هجي صورت سان گڏ انسان ۾
اي پرين پيارا وڏي سڪ ساڻ آهي پراثر
خوب دادن شعر ٺاهيو آهي تنهنجي شان ۾
*
ڏسان ٿو مان توڏي پرين پيار وانگي
ڏسين تون ٿو مون ڏي ڇو تڪرار وانگي
سندءِ حڪم جو بنده حاضر آهيان مان
اڳيان بيٺو آهيان گنهگار وانگي
هُئين چالاڪ ڪيئن دل ڦرڻ مهل سهڻا
هينئر ڪيئن پِو ڏسجين ننڍي ٻار وانگي
پيارا سڄڻ تنهنجي چشمن جون پنبڻيون
لنگهي هنياءَ ۾ پيون تکي آر وانگي
جي ڳوڙهن جي تارن ۾ موتي وهي پيا
ٺهي پيا سي سيني تي سڀ هار وانگي
خدا جي آ قدرت جو کائيندي پيئندي
پيا پاسي ڀَر آهيون بيمار وانگي
الم درد فرقت جي داغن کان سارو
ٿيو سينو ”دادن“ جو گلزار وانگي
*
اچي جي نڪري اگر مون ڏي يار اوندهه ۾
ٿي اوندهه مئون پوي مون لاءِ نهار اوندهه ۾
خراب آهي ڪڍڻ انتظار اوندهه ۾
وجهي نه کائي اجائي ڪو مار اوندهه ۾
وڌو مون يار کي هيرن جو هار اوندهه ۾
پُڇي پيو ڪچ ڪري بي اعتبار اوندهه ۾
هينئر هجي ڪو وڃي کيس کي چوي ته تو لئه
هو تنهنجو ويٺو آ خدمت گذار اوندهه ۾
ڪري حجاب سڄڻ سوجهري ۾ ٿو ”دادن“
نصيب من ٿئي بوسه ڪنار اوندهه ۾
*
رڳو تنهنجو ماتم رڳو تنهنجو غم آ
اِها ڪار مُنهنجي اِهو مُنهنجو ڪم آ
سوا عشق جي عشق واري جو ڪوئي
نه اسلام ملت نه مذهب ڌرم آ
اوهان يار پويان ڪريو پير ڇو ٿا
اسان جو ته ساڳيو ئي ثابت قدم آ
دلارام ”دادن“ محبت کان تنهنجي
نه هٽندو هي جيسين حياتي جو دم آ
*
ڀلائي جي بدلي برائي وڌي وئي
حيا ويو ڇڏي بي حيائي وڌي وئي
سُڃي سيٽ سکڻي اجائي وڌي وئي
ويو نياز نوڙت وڏائي وڌي وئي
نٿو پاڻ ۾ ڪو ڏسي پاپ پنهنجا
پچر جا ٿي ڪاٿي پرائي وڌي وئي
وفادار دنيا ۾ ڪو آهي ورلي
وفا وئي ڇڏي بيوفائي وڌي وئي
شريفن جو ڪنهن وٽ ڀي ڪو قدر ڪونهي
رزيلن جي آهي رسائي وڌي وئي
منافق جو اڄ قدردان آهي هرڪو
خدايا هي ڪهڙي خدائي وڌي وئي
ڏسڻ ساڻ ڀي ڪونه ڀاسي ٿو ”دادن“
آ اهڙي ڪا اک جي پڪائي وڌي وئي
*
دغا باز سان دل لڳائين متان
سڄي عمر جو غم پرائين متان
پرائي کي پنهنجو تون ڀانئين متان
سڏين ڪنهن ڪميڻي کي سائين متان
اڻائي سان اکڙيون اڙائين متان
چوڻ منهنجو دل تان ڀلائين متان
ڏکي يار سان پيچ پائين متان
پنهنجي گهر کي هٿ سان جلائين متان
اجايو ڪري دانهون افراد تون
مٿئون خلق ساري کلائين متان
ڀڄي بيوفا کنئون تون بيزار ٿي
ڏسي وائسي زهر کائين متان
ڏئي دل تون هٿ سان ۽ هٿ سان سڏي
پنهنجو موت گهر ۾ گُهائين متان
جو بروقت آزمايل هجي
انهيءَ کي وري آزمائينِ متان
سچي دوست تان صدقي سڀڪجهه ڪجي
ذرو پرزو پٺ تي بچائين متان
رکي ڪو نٿو ڪنهن جي تر جيتري
پنهنجو راز ٻئي کي ٻڌائين متان
ڏئي سڀڪي ڇڏ تون وفادار کي
چئي پنهنجو ويسهه وڃائين متان
ڪنهن بي درد معشوق جو ”دادنا“
خبردار عاشق سڏائين متان
*
دغا باز دلدار، دلدار ناهي
نه غم کائي غمخوار، غمخوار ناهي
جنهن گلزار جو آهي، غدار مالهي
اهو سمجهو گلزار گلزار ناهي
سخي دوست رب جو، بخيل آه دشمن
سخاريءَ زرداري، زردار ناهي
توڪل آ الله پنهنجي تي جنهن جي
سو دنيا ۾ نادار، نادار ناهي
علي جو سڏائي، ڪري ڪم يزيدي
علي جو سو حبدار، حبدار ناهي
ٿئي اڻ سڏيو ڪنهن به محفل ۾ شامل
سو ڪيڏو ڀي فنڪار، فنڪار ناهي
پيا، ٻن ڪجل سرمان سينڌيون ۽ سُرخيون
سڄڻ ڌاران سينگار، سينگار ناهي
محبت ۾ ٿيندو آ، سڀ ڪجهه اي ”دادن“
محبت ۾ تڪرار، تڪرار ناهي
*
مُنهنجي ڀلي هن مُلڪ سڄي ۾ گلا هجي
دنيا ڦري وڃي ڀلي راضي خدا هجي
ڇا جو فساد ڇا جو حدث ڇاجي آ دشمني
ٻئي کي ڇڏي ڏي پنهنجي نيت صفا هجي
بادِصبا تون چئه وڃي مُنهن جي مسيح کي
زندهه ڪري مُئي کي ڪا اهڙي دوا هجي
اهڙو ڪو ڪم ڪندس نه مان ٻيهر ڪڏهن وري
مون کي هي ڀل ته دل جي لڳي جي سزا هجي
هن مُنهنجي مرض جو اهو ئي حڪيم آ
اڪثير جهڙي جنهن جي نظر ۾ شفا هجي
پئجي مري خدا جو قسم آهي ”دادنا“
اميد جو جي ڪين ڪي دل کي ڀرا هجي
*
آ پئجي وئي جان آزار ۾
لڳي ڌڪ ويو. آه ڪاپار ۾
اهي ڏينهن ۽ راتيون ڪاڏي ويا
مزو ڪيڏو هو پهرئين پيار ۾
نه گهر جي خبر آ نه سر جي خبر
مُئا يار جي پيا آهيون ديدار ۾
ملڻ جي ملي کيس فرصت نٿي
سڄڻ پورو آ هار سينگار ۾
مان پرهيزگار آدمي ”دادنا“
ڇو ڦاسي پيس حسن جي ڄار ۾
*
زماني سڄي کنئون رُٺو ويٺو آهيان
محبت ڪرڻ مئون مُٺو ويٺو آهيان
پلنگ بسترا ڪونه آڇي ڪو مونکي
جتي ويٺو آهيان سُٺو ويٺو آهيان
ڪريان ڳالهه ڪهڙيان سليمان سور ڪنهن سان
هٿان دوستن جي ڪُٺو ويٺو آهيان
*
عبث ٿو هٿ هڻان هاڻي هٿن سان دل ڦُرائي پو
ڪريان دانهون ۽ ڪوڪون ٿو اول ۾ گهر لٽائي پو
ڪرڻ واپار گهرجي سر يا دل جو پڪ ڄمائي پو
مٽائي مُنهن ٿو اڄ هرڪو ئي پنهنجو ڪم ٽپائي پو
نه نڪري يار شل ٻاهر ڪجل اکڙين ۾ پائي پو
خبر ناهي ته عاشق لاءِ ڇا ٿيندو الائي پو
رسي ٿو دلربا اڳلي کي ڏس چريو بنائي پو
ڪجي ڪهڙي شڪايت پاڻ کي عاشق سڏائي پو
سياڻا بعد صدمي جي ٿياسون نيٺ جو هُن کان
اڳي ڀي ڪيترن کي ئي ڇڏيوسين آزمائي پو
چوان مان ڇونه چريو پاڻ کي ٻئي جي چوڻ کان اڳ
ڏيان ٿو ڏوهه قسمت ڏي پکي هٿ سان اڏائي پو
ڪرڻ گهرجي نه دست اندازي اڄڪلهه اڻ پڇي ڪنهن سان
هميشہ ڪم ڪجي ياري ۾ هڪ ٻئي کي ٻڌائي پو
بهادر بڻجي ”دادن“ عشق جي ميدان ۾ گهڙجي
هڻڻ ڌڪ ٻئي کي گهرجي پهريائين ٻئي جو ڌڪ گسائي پو
**
ملي دلربا ساهه سُڌري پوي
سڙيل ڀي سلو سڪ سڪ جو اُسري پوي
آ قسمت جي قلزم ۾ منهنجو جهاز
رکي رب جبل سان نه ٽڪري پوي
ڳلي منهن جي ٿئي رشڪ جنت اگر
ڳلي منهنجي کان يار گذري پوي
پناهه ڏئي خدا ۽ خدا پيو ڍڪي
سٺو ماڻهو شل ڪين مڪري پوي
خدا جو اگر لطف آهي ته پوءِ
پرندن سان بي پر ٿو اُڏري پوي
غضب آ ملي مردي کي ٿو ثواب
اگر شِڪم ملان ۾ بُصري پوي
سيکاري ٿي نانيءَ کي ڏوهٽي سبق
ڏسو ڪيئن ٿي مهري ۾ اکري پوي
وهاڻي کي ڀاڪر خيالن ۾ يار
چوان پيو متان سج اُڀري پوي
هي اهڙو سمو آهي جو شينهن سان
اي ”دادن“ گدڙ ڀي ٿو الري پوي
ٽڙيل يار جو رُخ ڏسي خوش روا
کُلي دل جي هڪدم ٿي مکڙي پوي
*
عزيزو دل جي بيماري جا اڳ هُئي سا هينئر به آ
تپش فرقت جي لاچاري جا اڳ هُئي سا هينئر به آ
مونکان دلبر کي بيزار جا اڳ هُئي سان هينئر به آ
زبردستي جفا ڪاري جا اڳ هُئي سان هينئر به آ
اسان جي توبهه ۽ زاري جا اڳ هُئي سا هينئر به آ
ڳچي ۽ ڳل ۾ پيل ڳاري جا اڳ هُئي سا هينئر به آ
خطا ڪهڙي ڪئي سون جو الائي ڇو اڃا تائين
طبيعت يار جي عاري جا اڳ هُئي سا هينئر به آ
نه ڪجهه پرواهه آهي ڪنهن جي ڪهڙو ڪن ڏجي ڪنهن ڏي
اُهائي خلق جي خواري جا اڳ هُئي سا هينئر به آ
مون کي هو پاڻ دشمن پنهنجو ٿو سمجهي وڏو دادن
مگر مُنهنجي اِها ياري جا اڳ هُئي سان هينئر به آ
*
سچو دوست دلبر ڪو آهي يا ڪونهي
وفادار بي سَرڪو آهي يا ڪونهي
حسينن جي آهي ڪيو حسن جلوو
بچڻ جو ڪٿي گهر ڪو آهي يا ڪونهي
سيهه مار زلفن جو آهيان ڏنگيل مان
ڪنهن جوڳيءَ کان منتر ڪو آهي يا ڪونهي
ڪهين ڇو ٿو ڪاتيءَ مُڏي سان اي قاتل
تکو تيز خنجر ڪو آهي يا ڪونهي
ڪري زنده مرده کي اهڙو اي ”دادن“
مسيحا جو همسر ڪو آهي يا ڪونهي
*
پهريان نباهي سڀڪو نباهي ڪو توڙ ۾
منزل جي حد نه آهي ڪوٺي جي ڊوڙ ۾
آهيان سُڪي ٿيو سوڙهو مان سورن جي سوڙهه ۾
ديدار کان سواءِ نه ٻي شيءِ آ لوڙ ۾
تنهن کان ڪبو ڇا جيڪي جڙي ڪين جوڙ ۾
کائڻ کپي نه دوستو ڏسي مک ٻوڙ ۾
جنهن دوستيءَ ۾ دوستيءَ جو لطف ڪين آ
تنهن دوستيءَ کان کائجي بس ڦاهو نوڙ ۾
آهيون اسان به ڪين ڪي واندا اي ”دادنا“
پنهنجو به ڀاڱو آهي گهڻن ساڻ گوڙ ۾
* |