سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: دادن فقير جو ڪلام

باب --

صفحو :4

نظم

 

نه مر بي خبر ٿي دنيا دم گذر ٿئي

گهڙي لاءِ گهر ٿئي نه ٺولي ٺڪر ٿئي

مگر هڪ مڪر ٿئي قبر ٿئي حشر ٿئي

جتي صرف سر ٿئي نه مادر پدر ٿئي

 

هي طلسم جو سارو ئي سنسار ٿي

وڃي وقت ٿو جلد هوشيار ٿي

 

تون راضي خدا ڪر خدا جي ثنا ڪر

نه ڪائي خطا ڪر پڄئي گر ته ڇا ڪر

غمن کي غذا ڪر ڪا حاصل بقا ڪر

سڃن تي سخا ڪر ڪا همت حيا ڪر

تون مظهر جو اظهر آن اظهار ٿي

وڃي وقت ٿو جلد هوشيار ٿي

 

ايندئي ملڪ ماري ڪندئي ڀيڙ ڀاڙي

ويندئي سگهه ساري ڪندي زور زاري

عبادت کان عاري جلد ڪر تياري

زماني سان ياري نه رک پائينداري

اڳيان ويل واري قبر آهِ ڪاري

نه مر بي خبر ٿي خبردار ٿي

 

هي ”دادن“ زمانو آ باطل بهانو

ٿي ويندو ويانو نه رهندو نشانو

نه دم آ بدانو نه ڪم ڪار خانو

ٿي جاڳي جوانو نه ڪي خوب خانو

ڪري نفس کي ناهه نروار ٿي

منجهان ننڊ غفلت جي بيدار ٿي

*

 

جيڪو گذري ويو سو خواب هيو

ڄڻ آب مٿانهون حباب هيو

 

ڇا بچپن وارو باب هيو

نه گناهه هيو نه ثواب هيو

نه حساب هيو نه ڪتاب هيو

نه سوال هيو نه جواب هيو

 

ڪيڏي برهه جي بارش ڀاري هئي

ساري خلق جي سر تي خواري هئي

ته به يار جي مون سان ياري هئي

نه آزار هيو نه عذاب هيو

 

ڪهڙيون وصل جون لنبيون راتيون هيون

ڪهڙيون پرهه ڦٽيون پرڀاتيون هيون

گڏ ڇاتين سان ڪيئن ڇاتيون هيون

نه هجاب هيو نه نقاب هيو

 

ڪهڙا ”دادن“ دلبر يار هيا

ڪهڙا ماڻهو مڻيادار هيا

ڪهڙا قرب هيا ڪهڙا پيار هيا

ڇا شوق هيو ڇا شباب هيو

*

 

جواني جي جوش تي پرائي غوش ٿي

نشئي جي ياري تي نالي واري ناري تي

اڪ جي سوٽي تي پاڻي جي ڦوٽي تي

ڪچي سٽ جي تار تي رنگيلي جي ٻار تي _ ڀروسو نه رک

رنڊيءَ جي انجام تي ڪميڻي غلام تي

رشوتي امين تي اُٺي جي زمين تي

پاڻي جي ڇر تي پرائي زر تي

سانوڻ جي مينهن تي سياري جي ڏينهن تي

حاڪم جي چاهه تي چور جي ويساهه تي

سدائين ساهه تي ڪنوالي جي گاهه تي _ ڀروسو نه رک

پرائي مال تي زناني ڳالهه تي

نوڪري نيچ تي ڪچي جي پيچ تي

خيراتي خوراڪ تي سُڃي جي اوطاق تي

اُڌاري سؤ تي ڀت جي ڍَو تي

شيشي جي گلاس تي پرديسي جي پياس تي

ننڍن ٻارن تي ڪارن وارن تي _ ڀروسو نه رک

گُلن جي هار تي جواري يار تي

درياهه جي عار تي کڏ نڙي جي شڪار تي

گهڙي جي چٽ تي واپاري مِٽ تي

ڪاڇي جي دڳ تي اڪاري جي پڳ تي

يار کوٽي تي ٺڪر جي لوٽي تي

جهُڙ جي ڇانوَ تي چيني جي ٿانوَ تي

”دادن“ ادا دم تي ڪوڙي دنيا جي ڪم تي _ ڀروسو نه رک

*


 

 

ڪيئن نانگ سپن ۾ گذاري ٿو هاري

بکئي پيٽ لئه پاڻ ماري ٿو هاري

نه ڏک ڏي نه بک ڏي نهاري ٿو هاري

خدا تي رکي انّ هاري ٿو هاري

وڏيرو ته مخمور سرشار آهي

نه هاري ويچار جو آچار آهي

 

وڏيري جي سڏ تي جي هاري نه آيو

ته هاريءَ وڏو وير هٿ سان وهايو

ويو هاريءَ جو سڀ ڪيو ۽ ڪمايو

انهيءَ ڏينهن کان پوءِ اجايو سجايو

وڏيري جو هاري سان تڪرار آهي

نه هاري ويچاري جو آچار آهي

 

وڏيرو ته دهدار آ ديري وارو

آ هاريءَ جو هڪ ٻار تي گذارو

آ ان هاري جو اڌ ڀي آهي اڌارو

پيو پَهه پچائيندو هاري ويچارو

کرارن گهڻن جي الائي ٻار آهي

نه هاري ويچاري جو آچار آهي

 

اُٿي هاري هَر لاءِ ساجهر سويرو

اُٿي سج اڀري عياشي وڏيرو

ڏئي ڪار موٽر تي هر هر پيو ڦيرو

ڏس خوش پيو ٿئي پنهنجي سارين جو ديرو

مگر هاري ڳڻتين م گُم غار آهي

نه هاري ويچاري جو آچار آهي

 

اجايون سجايون جو خبرون ٻڌائي

وڏيري جي ڪڪڙن ڪُتن کي پڏائي

وڏيري جا اندروني ڪم جو ٺهائي

وڏيري کي وڇڙيا سڄڻ جو ملائي

وڏيرو انهيءَ جو وڏو يار آهي

نه هاري ويچاري جو آچار آهي

 

وڏيري جون گاڏيون ۽ گهوڙا ته ڏس

وڏيري جي گهوڙن تي ڏوڙا ته ڏس

وڏيري جا ڪلها ٻئي چوڙا ته ڏس

وڏيري جا هاري کي دوڙا ته ڏس

وڏيري جو هاريءَ مٿان وار آهي

نه هاري ويچاري جو آچار آهي

*

 

عجب اڄ زمانو مزيدار آهي

ڪو اغيار آهي ڪو دلدار آهي

ڪو غدار آهي ڪو غمخوار آهي

ڪو هشيار آهي ڪو بيڪار آهي

ڪو زردار آهي ڪو نادار آهي

عجب اڄ زمانو مزيدار آهي

 

اُتي ئي محبت اُتي ئي عداوت

اتي ئي رفاقت اتي ئي بغاوت

اتي ئي حڪايت اتي ئي شڪايت

اُتي ئي شرافت اتي ئي شرارت

ٿيو ڀاءُ کان ڀاءُ بيزار آهي

عجب اڄ زمانو مزيدار آهي

 

مٽن مائٽن سان هلي وئي محبت

اتي ئي آ الفت اتي ئي آ ڪُلفت

پيارو آ پئسو نه آهي اخوت

کِلن ٿا سُڃي تي خدا جي آ قدرت

سڃي ماڻهو کان سڀڪو بيزار آهي

عجب اڄ زمانو مزيدار آهي

 

ڪي شيعا ڪي سُني ڪي دهريا وهابي

ڪي سچا صحابي ڪي ڪوڙا ڪسابي

انهن کان سواءِ ٻيا ڀي ڪيئي ڪتابي

ڪڍي ملڪ مئون ڪين سگهيا خرابي

تباهي جو ڪارڻ هي تڪرار آهي

عجب اڄ زمانو مزيدار آهي

 

ڪو عادل هزارن ۾ عادل ڏسان ٿو

ڪو ڪامل هزارن ۾ ڪامل ڏسان ٿو

ڪو عامل هزارن ۾ عامل ڏسان ٿو

انهيءَ سان به شيطان شامل ڏسان ٿو

جي خود پاڻ ناهي ته مٽ يار آهي

عجب اڄ زمانو مزيدار آهي

 

نئون روپ آهي نئون رنگ آهي

نئين چال آهي نئون ڍنگ آهي

پين ڀي پٽن کي ڪيو تنگ آهي

ڌين جي مِٺي ماءُ سان جنگ آهي

هي ”دادن“ قيامت جو آثار آهي

عجب اڄ زمانو مزيدار آهي

*

 

سفر مسافر ڪرڻو آ توکي

پتڻ پرائو ڀرڻو آ توکي

دنيا ۾ تون ڇا ڇا ڪرين ٿو

ڪم نه ايندئي سي جن لئه مرين ٿو

مر تون الله لئه جي مرڻو آ توکي

ڪاڏي ويا سڪندر ڪاڏي ويا ساٿي

ڪاڏي ويا گهوڙا ڪاڏي ويا هاٿي

وئي کانپوءِ هيڏي نه وڻو آ توکي

”دادن“ باقي ڇا هي هاڻي

ڄاڻ مُئين تون اڄ يا سڀاڻي

قبر جو لکيل پرڻو آ توکي


 

 

غزل

 

دنيا ۾ چند گهڙيون باقي اسير آهيان

ٿورو ڪو وقت هاڻي زنده اخير آهيان

مارڻ کان اڳ ۾ ماريو مان خوفِ قدير آهيان

تندرست مان نه آهيان ضعيف ۽ ظهير آهيان

اڄڪلهه جي دوستن کان بلڪل سڌير آهيان

ڳالهين ڳهير ناهيان مان يڪ ضمير آهيان

سڄڻن جي واسطي ڄڻ مان کنڊ کير آهيان

دشمن جي دل ۾ ڪان ۽ مثل تير آهيان

شاهين آهيان مون کي گهرجي نه آشيانو

هڪ جاءِ منهنجي ناهي بي گهر سفير آهيان

محتاج ڪنهنجو ناهيان الله کانسواءِ مان

مفلس مان آهيان ليڪن دل جو امير آهيان

ڳولي وجهان وڏا ڪي ماڻهو مان جيل اندر

پر مان وزير ناهيان ”دادن“ فقير آهيان

*


 

 

ڏينهن ٿي آهن ويا ڏاڍا ڏٺي دلدار کي

واسطي دلبر جي پنهنجي مون ڇڏيو گهر ٻار کي

ڪين طاقت آهه ابرن جي اڳيان اوزار کي

سيف کي خنجر کي ڪريان تيغ جوهر دار کي

ڇا ڏسي مان ڇا ڏسان اڄ دوست جي اي دوستو

هار کي سينگار کي رفتار کي گفتار کي

ڪير ڀي هوندو پريشان جي نه ٿيندو جي ڪڏهن

منهن جي اکڙين ساڻ جي منهن جي ڏسي منٺار کي

دل جي مرضي دل جنهين سان پنهنجي مرضي ٿي لڳي

دل ڏسي ٿي ڪين ڪي نادار کي زردار کي

سرو کان وڌ قد سڄڻ جو سربسر سهڻو وري

مار زلفن جو ويو ماري سياهي مار کي

ساڳي اک ۽ ساڳي سُرمي مون کي اڄ ماري وڌو

ڪو هجي جو هي خبر جلدي ڏئي دلدار کي

منهن جو هي نازڪ نياپو باادب قاصد وڃي

جيئن چئي منهن جي زبان تئين شل چئي ڪو يار کي

هي وڏي ارمان جوڳي ڳالهه ”دادن“ آهي جو

ٿو وڃان ويجهو کڻي ٿو هٿ وجهي تلوار کي

*


 

 

چيم دلبر مون کان ڇاجي ڪري منهن کي لڪائين ٿو

چيائين گوڙ ڇڏ ناحق اجائي مار کائين ٿو

 

چيم اي بي رحم تو لئه خدا ڄاڻي مري ويندس

چيائين مر ڀلي جان مر مون کي چئي ڇا ٻڌائين ٿو

 

چين توتي خدا وٽ مان ڪندس فرياد قيامت ۾

چيائين ڏي ڀلي جان ڏي پنهنجو ويسهه وڃائين ٿو

 

چيم درويش ”دادن“ ساڻ ملڻ واري ڪندين ڪڏهين

چيائين تان ڏسي رهجي پُڇي پڪ ڇو ڄمائين ٿو

*

دغا باز سان دل دوباري نه رک

محبت به نقصان واري نه رک

 

خزاني سندو خرچ ڀاري نه رک

اگر ڪار ڌارين ته لاري نه رک

 

دلي دوست پنهنجو جواري نه رک

بچائين فصل چور هاري نه رک

 

ميان ٿي مٿي تي تغاري نه رک

جي ڄانگي سان مارين ته چاري نه رک

 

دلاسن تي ”دادن“ بهاري نه رک

ڏکيو سر جو واپار جاري نه رک

*

 

ڏسان تنگ ڏاڍو ٿو سارو زمانو

ٻڌايان ڇا کولي سڄو داستانو

 

عدالت آ ورلي مگر عام ناهي

وڌي ڪوڙ جو ويو آ هر جا بهانو

 

ڪميڻن جي بهتر اُڌي آبرو وئي

هڻي ٿو شريفن کي هر ڪوئي طعنو

 

ڪريمان گلستان پڙهي جي جڏهن ڪو

سڏائي پيو مولوي ٿو يگانو

 

ٻڌم بلبلين جون جتي باتيون ٿي

اتي ٿي چِٻن جو ويو آشيانو

 

مٽن مائٽن مان مٽي وئي ڇڏائي

نه چاچو نه مامو نه ڏاڏو نه نانو

 

خدا کان سوا خوف ڪنهنجو نه ”دادن“

ڀلي سچ ۾ ڪنهن جو ڦري ڪارخانو

*

سوا صورت سڃاڻڻ جي اجايو سير سارو آ

مگر هن مام مخفي جو مسئلو سخت ڀارو آ

 

لهي رُخ پاڪ تي بيٺو غلافي زلف جو پردو

سَنڌي مان سينڌ جي بس باب بيت الله وارو آ

 

ڪري ٻئي چشم چانڊوڪيون ٻرن قنڌيل ڪعبي ۾

حجر اسود عجب لب لال وارو خال ڪارو آ

 

بدانس درميان ابرن جي سجده گاهه ثابت ڏس

ادا اُت فرض ٿيندو سمجهه هي اونهو اشارو آ

 

سنڀالي سرپرستي جو درست ٿي درس پڙهه ”دادن“

نفي اثبات جو جنهن مئون نظر آيو نظارو آ

*

 

دل غضب ۾ وئي ملي بس داد دل جو ڪونه ٿيو

دوستو اهڙي جيئڻ کان موت منهنجو ڇو نه ٿيو

 

سک ڦٽائي ڏک پرايم واهه جو سودو ڪيم

جو مون پنهنجو ڀانئيو ٿي ڇاکنئون منهنجو سو نه ٿيو

 

عام چوڻي آهي ميندي زور جي لڳڻي نه آ

رنج جو ڪنهن سان ملڻ جهڙو ٿيو تهڙو نه ٿيو

 

يار جي خاطر اسان جو سِر ويو تان سون ٿيو

هيڏي قرباني منجهان ڀي داد ”دادن“ جو نه ٿيو

*


 

 

دنيا ۾ اڃا تائين سکيو آهي سفر پنهنجو

لاتقنطو من رحمت الله آ ثمر پنهنجو

ڪنهن مجلس يا ميل ۾ گڏ پاڻ سان ڪاٿهن

سنگت ۾ وس ڪئي هوندي نه سنگتي بي پنهنجو

صفا دل آهي نه آهي غير دل ۾ تنهن ڪري تڏهين

گذاريون ٿا ائين هر جاءِ جيئن هوندو آ گهر پنهنجو

سچائي ۽ صفائي جي ڪري جا ٿي شهر جنهن ۾

وڃون ٿا ڄڻ اهوئي آ سارو شهر پنهنجو

جڏهن خود پاڻ آهيون نياز نوڙت قرب جا ڪوڏيا

ته ٻيو ڪو ڀي سبب دشمن نه ٿيندو هت بشر پنهنجو

کڻي انسان عيبن ۾ غرق هوندو ته ڀي ٻين تي

ڪندو پيو ٽوڪبازي ڪين جاچيندو اندر پنهنجو

نٿا سمجهون زماني زيب ور جي زيب کي باقي

ڏسي حيران ٿينداسين ڪڏهن پويون پهر پنهنجو

واڌاري واقفيت جي واسطي ٻئي ملڪ ڏي ”دادن“

ڇڏي ٿو ڪين ڪي ڪڏهن سڄو آباد تر پنهنجو

*


 

 

صنم جي زلف پيچان کي سياهه مار ٿو چئجي

تکو خنجر کان ابرن جو عزيزو وار ٿو چئجي

 

قسم اي دوستو آهي مقابل روءِ ميگان جي

چوان ڇا تير جو پيڪان ڀي بيڪار ٿو چئجي

 

اکين ۾ يار جي الله جو اسرار ٿو چئجي

سندس جي واسطي عاشق ٻڍو ۽ ٻار ٿو چئجي

 

دهن دلدار منهنجي جو شڪر گفتار ٿو چئجي

اڳيان دم دم جي نيلم هيرو چمڪيدار ٿو چئجي

 

لبِ احمر کان گهٽ بس لالئه گلزار ٿو چئجي

حسينن جي مٿان منهنجو سڄڻ سردار ٿو چئجي

 

مگر زنجير گردن تي گلن جو هار ٿو چئجي

قمر باريڪ تي وارن ڊگهن جو بار ٿو چئجي

 

ڀلو ٻئي پار کان ”دادن“ پرين جو پار ٿو چئجي

اچي جو ڪم ٿو اوکي ۾ انهيءَ کي يار ٿو چئجي

*

اڄوڪي ڏينهن ۾ ڏاڍو ڏٺو مون يار کي يارو

مگر افسوس آيو ڪين منهنجو دوست دل وارو

 

سوا ديدار دلبر جي چلي ٿو ڪين ڪي چارو

ڪري پنهنجو اسان جي گهر ۾ ايندو قرب ڪوهيارو

 

نه آهي ذات تائين ڏات جنهن کي ڏئي ڌڻي منهنجو

افعالن جي ڪري سهڻي کان وڌ آ لک دفعا ڪارو

 

عجيبن جي ڪيو الفت اندر ۾ آهي اوتارو

خبر هوندي انهيءَ کي جيڪو ڦاٿو هوندو مون پارو

 

سچي سڪ جنهن کي آهي سوئي ٿيندو آهي سوڀارو

مٺو بلڪل مٺن ماڻهن ٻئي هٿ جو آ کٽو کارو

 

پنهنجي محبوب جو عاشق مان نالي آهيان ”دادن“

سڏن درويش ٿا ڪي ۽ سڏن ٿا ڪي ته سونارو

*


 

 

مون ڪريي جو حيا ڪري ڪوئي

منهن جي دک جي دوا ڪري ڪوئي

 

جيئن مجبور مان ٿي پيو آهيان

تيئن نه ٿي پئي خدا ڪري ڪوئي

 

هر ڪو عيبن ۾ پيو ڀريو آهي

ڪونه ڪنهن جي گِلا ڪري ڪوئي

 

هن جيئڻ کان مري وڃان ”دادن“

مون کي اهڙي دعا ڪري ڪوئي

*

 

ٿجي عاشق ته سر کارو خواري جو کڻڻ گهرجي

لٽي لوڙهو ملامت جو ٽپو ڏيئي ٽپڻ گهرجي

 

ٿجي بي سر ڏجي پو سر نه ڏسجي ڪنهن نصيحت کي

ڪشالو قرب وارن لئه چوڻ ڪهڙو ڪرڻ گهرجي

 

اگر ڪنهن جاءِ تي ويچار واري گفتگو ڪائي

ڪچهري ۾ ڪجي پنهنجي ته ٻئي جي ڀي ٻڌڻ گهرجي

 

جتي الفت صداقت ۽ محبت ناهي ڪنهن منهن جي

ته آزي سان اُتئون پنهنجي پڙي ساجهر پٽڻ گهرجي

 

خدا ڄاڻي سموري زندگي ۾ ”دادنا“ مون کي

نه گهرجي دور دنيا جو فقط هڪڙو سڄڻ گهرجي

*

 

مان خادم آهيان سارو خدا جي خلق ساري جو

اٿم رستو ننڍي توڙي وڏي سان قربداري جو

 

اي منهنجا دوست تون ڇا واسطي پابند ٿيو آهين

گذر آهي مزو دنيا ڪميڻي ٻوٿ ڪاري جو

 

اچي ويجهو ٿيو ٿئي وقت سايو ڪر سواري جو

سنڀاليندي سڀئي ڳالهيون ٻڌي پيغام ماري جو

 

ادا مسلم ڇو تو کان وسري ڪم ويو دينداري جو

وٺين پاسو نه ٿو افسوس تون مسجد سونهاري جو

 

نه ٿي گمراهه کڻ ڪجهه پاڻ سان توشو تياري جو

شڪار آهين ٿيو شيطان جي ڇو يار ياري جو

 

جواني پنهنجي مولا کي ڏئي مان سرخرو ٿيندس

سُجهي ”دادن“ پڇاڙي ٿو اڻانگو بار باري جو

*

 

تير جي وار کان بهتر زبان جو وار ڪافي آ

سياڻي کي اشارو ۽ چرئي کي نار ڪافي آ

 

دوا امراض منهنجي وصال يار ڪافي آ

دوا ڇاجي دوا کئون دوست جو ديدار ڪافي آ

 

خدا ٻيو موت منهن جي ڪان اڃا پيدا ڪندو ڪهڙو

منهن جو ئي منهنجي مارڻ واسطي دلدار ڪافي آ

 

وڃي چئه اي صبا دلبر کي ٻيو غم ڏي نه جو اڳ ۾

اسان کي هڪ ئي تنهنجي عشق جو آزار ڪافي آ

 

متان سوني يا هيري جو ڪري تڪليف گردن تي

گلن جو تنهن ڪري گلروءِ کي هلڪو هار ڪافي آ

 

قيامت ۾ ته ضامن واحد القهار وٽ منهنجو

مٺو حضرت محمد مصطفيٰ سردار ڪافي آ

 

کڻي ٻيا بار ڪهڙا مان سگهان ”دادن“ جو اڳ ۾ ئي

مون کي پنهنجي تري تي پنهنجي سر جو بار ڪافي آ

*

مدت کان بعد اڄ وري دلبر ٿو ياد پئي

بي اختيار شوخ ستمگر ٿو ياد پئي

 

بي اختياري ڇاهي هو هر هر ٿو ياد پئي

بي دادگي ۾ دل جو هو پٿر ٿو ياد پئي

 

سالن ڇهن جو باوفا ڇو ڪر ٿو ياد ئي

جو ننڍو هيو نپايو سو نينگر ٿو ياد پئي

 

پرين جي در جو ڪتو پنيهر ٿو ياد پئي

هيڪر ٿو ياد پئي وري ٻيهر ٿو ياد پئي

 

هن شوخ جي زبان مبارڪ منجهان چٽو

هٽ هٽ ٿو ياد پئيم ۽ مر مر ٿو ياد پئي

 

آهي قسم خدا جو اي ”دادن“ غريب سان

دل ڪين ٿي لڳي ۽ تونگر ٿو ياد پئي

*

 

سڀ ڪجهه هلي رهيو آ شرافت جي اوٽ ۾

آخر عيوض انهيءَ جو خراب آهي موٽ ۾

 

پدمن جي هوندي ڪنهن جي ڀي پوري نٿي پوي

پورو آ هرڪو سوٽ ۽ نيڪ ٽائي ڪوٽ ۾

 

اک سڀ ڪنهين جي تڏهن کلي ويندي ”دادنا“

ماڻهو کي لڳندو موت جو ڌڪ جڏهن چوٽ ۾

*


 

 

آهيان تيرِ نظر جو نشانو ٿيو

اک اک سان ملڻ جو بهانو ٿيو

 

وڍي رخصت جڏهن هو روانو ٿيو

مون لئه ظلمت سڄو هي زمانو ٿيو

 

منهنجي دل جو چمن ڀي ويرانو ٿيو

آهي آتش ڪرهه آشيانو ٿيو

 

وجهي پاڇو پري وانگي گم ٿي ويو

جنهن جي سر ڪان هي ”دادن“ ديوانو ٿيو

*

ڪيوسين سِر جو سودو پر نه تو سمجهو نه مون سمجهو

مزو الفت جو اي دلبر نه ٿو سمجهو نه مون سمجهو

 

عبس نڪري پيو آخر نتيجو دل لڳائڻ جو

پڇاڙي تائين شعله گر نه تو سمجهو نه مون سمجهو

 

عجب آهي پرن هوندي پرن وارا ويا رهجي

ڪري پرواز ويا بي پر نه تو سمجهو نه مون سمجهو

 

حڪم موجب حقيقت جي ڏکي ڏاڪڻ مجاز آهي

مٺو توکي ۽ مون کي ڍر نه ٿو سمجهو نه مون سمجهو

 

ڀلا لاغرض بي پرواهه ڏاڍا يار ”دادن“ جا

پرين پيارا پري پيڪر نه تو سمجهو نه مون سمجهو

*

سچي ڪر اي ادا قاصد اچڻ وارا ڪڏهن ايندا

مريضِ عشق کان پيارا پڇڻ وارا ڪڏهن ايندا

 

سراسر چاڪ سيني جا سبڻ وارا ڪڏهن ايندا

دلاسو درد وارن کي ڏيڻ وارا ڪڏهن ايندا

 

سٻاجها خوش طبع ماڻهو کلڻ وارا ڪڏهن ايندا

گهڻي مدت کان وڇڙي سان ملڻ وارا ڪڏهن ايندا

 

اُتر وارا ڪڏهن ايندا ڏکڻ وارا ڪڏهن ايندا

علڻ وارا ڪڏهن ايندا گلڻ وارا ڪڏهن ايندا

 

قريب الموت ٿي محبوب پيو مان آهيان ”دادن“

اڱڻ منهنجي پرين پيارا گهمڻ وارا ڪڏهن ايندا

*

منهنجا مٺا اوهان لاءِ دلڙي ڪباب آهي

رڳ رڳ ۾ راتيان ڏينهان تنهنجو رباب آهي

 

ڪاغذ لکيم مٺا مل، ورندو مليو نه مشڪل

ارمان خط ۾ بلڪل ڏاڍو جواب آهي

 

ليڪن تڪيندي تارا گذري ٿي رات پيارا

ٿي موم دل خدارا ڏاڍو عذاب آهي

 

”دادن“ چوي ثنا گر آيو هلي اوهان در

درويش کان اي دلبر ڪهڙو حجاب آهي

*

سور وارن کي سڄڻ سائين ستائيندو نه ڪر

درد ۾ دل درد وارن جي دُکائيندو نه ڪر

 

جوش جهل خاموش رهه، وڍ سر اجهو حاضر حبيب

ڪر قتل کڻ تيغ خنجر چئي ٻڌائيندو نه ڪر

 

خون منهنجي مئون ڀلي هٿ لال ڪر پنهنجا پرين

مون ڪسڻ آهي قبوليو آزمائيندو نه ڪر

 

سڀ مٿي صورت پرستي جي مزي ۾ ”دادنا“

ٿي سگهي تان سور سهه نه ته نينهن لائيندو نه ڪر

*

 

بدڪار اگر آهيان ايمان ته آهي

هن سيني ۾ سڪ سوز جو سامان ته آهي

 

صورت ۾ بدلجي نٿو حيوان ته آهي

انسان اڃا شڪل ۾ انسان ته آهي

 

هر وقت شريعت جو نه پابند آ ليڪن

هر ڪلمي پڙهڻ وارو مسلمان ته آهي

 

ديوانئه محبت کي رهڻ لاءِ جهان ۾

آهي نه خيابان بيابان ته آهي

 

هي ڪيڏو به ”دادن“ آ گنهگار خدا جو

پر سرور عالم جو ثناخوان ته آهي

*

لڳائي دل مان ويٺو آهيان نوخيز دلبر سان

بلا سان باهه سان قاتل سان شعله سان ستمگر سان

جنونِ عشق کان جيڪر چوان منهن ڏئي وڃان هيڪر

ڪوهستان سان بيابان سان هوا سان بحر سان بَر سان

وصال يار ڌاران ڪين ٿي سيماب دل وندري

ڪنهن محفل سان چمن سان چاندني سان شهر سان گهر سان

اها مون کي خبر آهي لڳت جيڪا لڳل آهي

ڪليجن سان جگر سان قلب سان ۽ ساهه سان سر سان

ڪري ويو شوخ مون کي نيم بسمل تيز ابرن جي

تبر سان تيغ سان تلوار سان ڪريان سان خنجر سان

سندس جي سرخ چشمن جون پسي پنبڻيون چيم سِرَ ويو

ڇري سان تير سان پيڪان سان نيزي سان نشتر سان

سڄڻ جي حسن تابان کي ڏيان تشبيهه مان ڪهڙي

ثريا سان قمر سان شمس سان شيشي سان اختر سان

نه آهي ننڊ ساري رات ٽڪر ٿو وتان هڻندو

پلنگ سان بستري سان فرش سان ديوار سان در سان

رهائي آسرن ۾ ويو هليو دلدار ”دادن“ کي

محبت سان مزي سان ناز سان ۽ ڍنگ سان ڍر سان

*

ڪنهن کي به بي قصور رنجائڻ حرام آ

دل ٻئي جي خوامخواه ستائڻ حرام آ

 

منجهه دوستيءَ راز ڇپائڻ حرام آ

هڪ جو ٻئي کي کي حال ٻڌائڻ حرام آ

 

ڪهڙي پئي لوڙ ڪوڙ جي آ ڪوڙ نيٺ ڪوڙ

انسانيت ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ حرام آ

 

آهي ڪو جو چوي وڃي مُنهنجي لئه يار کي

گهر ڪنهنجو بي گناهه جلائڻ حرام آ

 

يادِ صنم ۾ پاڻ کي هر دم اي ”دادنا“

پاڻي پيئڻ حرام آ کائڻ حرام آ

*


 

 

اڄ مون کي ياد پئي ٿو دلبر وري وري

برپا ٿئي ٿو مُنهنجي ڪان محشر وري وري

 

هائو ڪري ٿو پوءِ ڪري نهڪر وري وري

ٺاهيون ٿا مَس ڊهي ٿو پوي گهر وري وري

 

خلقت نه سمجهو توڙي جو خلقت ڏي موڪليو

هڪ هڪ ڪري خداءِ پيغمبر وري وري

 

بي شڪر آهيون ڏسو تڏهن ڀي ٿو ڪري

لک مهربانيون خالق و اڪبر وري وري

 

سمجهي نه يار ”دادنا“ ٿو باقي يار کي

ڪهڙو ٻڌايان کولي مان دفتر وري وري

 

ڪهڙي مجال آ جو مڃان حڪم ڪين ڪي

خدمت ۾ حاضر آهيان نوڪر وري وري

 

مان ٿو وري وري ڪريان ايلاز آزيون

هو ٿو وري کنيو اچي خنجر وري وري

*

ستائي ٿو انسان انسان کي

نه سمجهي ٿو نقصان نقصان کي

 

جڏهن ويڄ خود پاڻ بيمار آ

چئون ڇا جو درمان درمان کي

 

شريف آدميءَ کي نوازي نٿو

نوازي ٿو شيطان شيطان کي

 

ڏنو پٽ ڇُٽي جو اجهو ٿو اچي

ٻڌائي ٿو دربان دربان کي

 

ڏٺم ڪنهنجي اوطاق ۾ ”دادنا“

سهي پيو نه مهمان مهمان کي

*


 

 

ايندڙ زماني جو تون ذرا انتظار ڪر

بي فائدو هوا ۾ حياتي نه غار ڪر

اڄ مُنهنجي ڳالهه تي تون سچي اعتبار ڪر

هڪ رب تي ٻيو پاڻ تي پنهنجو مدار ڪر

ٻئي جو شڪار ڇو ٿئين، ٻئي کي شڪار ڪر

نالو سڄي جهان اندر آشڪار ڪر

بي اعتبار تي نه ڪڏهن اعتبار ڪر

جو اعتبار جهڙو هُجي سوئي يار ڪر

بيڪار ٿي نه ڪار سان اُٿ جار ڪر

ڪجهه ڀروسو خدا تي رکي روزگار ڪر

ٺوڪي ٺڪي ڪو، ڳولهي وفادار يار ڪر

ڪنهن نانگ جي ٻچي کي نه پالي پيار ڪر

مرضي سواءِ پنهنجي جي دنيا ۾ ”دادنا“

ڪنهن جي مٿانهون ڪين گران زور بار ڪر

*


 

 

جهڙو ملي جي توکي تهڙو تون خير وٺ

دل کي تون ڪر ڪباب اهو دل کئون وير وٺ

 

نڪري وڃئي نه ساٿ اُٿي گهٽ ۽ گهير وٺ

ٿئي بند ٿي بازار تون سودو سوير وٺ

 

وڻجارا وڻج وڻجي تون موتين جو ڍير وٽ

آنو ڪَتي ۽ آني جي بدلي ۾ سير وٺ

 

ٻُڏهير وانگي هٿ پيو رانجهن بغير وٺ

سسئي جان ڇڏ ڀنڀور کي پرين جو پير وٺ

 

اميد رک وفا جي نه ڪم عقل ۾ ڪڏهن

”دادن“ ادا چريو ٿي نه ٻٻرن کان ٻير وٺ

*


 

 

دانهون ڪجن ڇو هٿ ڪجن دل ۽ دماغ کي

رکجي اندر ۾ مخفي محبت جي داغ کي

 

موسم بهار جي آ، خزان مُنهنجي واسطي

دلدار کان سواءِ ڏيان، آگ باغ کي

 

هن چوٽ بعد ڏاڍو حسينن کان ٿو ڊڄان

جيئن ڪو ڪمان سامهون ڏيکاري ذاغ کي

 

آهي ته مُحتسب جو لحاظ ۽ نه شيخ جو

لبريز ڪر اي ساقي تون مئي جي اياغ کي

 

جيئري تي مليو ڪين ڪي دلدار ”دادنا“

من قبر تي اچي ڪري روشن چراغ کي

*


 

 

مون ڏانهن متان اي مُنهنجا سڄڻ دل کڻي وڃين

ناحق نه مون غريب کي اوجهڙ هڻي وڃين

 

منٿون ميڙون ڪيتريون توکي ڪيان ته ڀي

وهلور ڇو ٿو مون کان منهنجا ڌڻي وڃين

 

سرتين ٿي سسئي کي جهليو مون وانگي اي مٺا

ڇو ٿي پنهل جو پوئيان هڪڙي ڄڻي وڃين

 

اهڙي ته خبر ڪانه هُئي هيئن رهه روان سڄڻ

”دادن“ کي ڪيئن ٿو اوچتي جهٽ پٽ وڻي وڃين

*

 

عمر ساري ۾ مون کي وصل جي نعمت نه ملي

مان گنهگار هُيس تنهن ڪري جنت نه ملي

 

لائيان دل نه ڪنهن سان، نه ڏسان هان ڪنهن ڏي

ڪنهن کان افسوس مون کي اهڙي نصيحت نه ملي

 

ڪوئيٽا ڪشمير مسوري ۽ شمله پوني ۾

ياس فرقت جي تپش کان مون کان فرحت نه ملي

 

جي ملي ڪنهن کان عزت ته دولت نه ملي

ڇا مليو جيڪڏهن دولت ملي عزت نه ملي

 

مصر، ايران پرستان سڄو هڪلي ڏٺم

پر ڪٿي يار جي صورت جهڙي صورت نه ملي

 

انقلاب ڪهڙو اي ”دادن“ هي آهي جو

يار جي منهنجي طبيعت سان طبيعت نه ملي

*

 

ستا ڪر سجاڳي سمهڻ بند ڪر

تون غفلت ۾ پنهنجو هجڻ بند ڪر

 

وڌي وير ٿو واقفيت منجهان

گهڻو اڄ گهڻن سان ملڻ بند ڪر

 

نه راحت رسي روح کي جن وٽان

وري در انهن جي وڃڻ بند ڪر

 

سياڻو آ اڄ سڀڪو دنيا اندر

چرئي کي چريو ڀي چوڻ بند ڪر

 

غلامي ڏي اشراف جي صدق سان

ڪميڻي کي پيرين پوڻ بند ڪر

 

پڙهين ۽ عمل ڪين ان تي ڪرين

انهيءَ کان ته بهتر پڙهڻ بند ڪر

 

برايون تون پهريان ڏس پنهنجون عزيز

پرايون برايون ڏسڻ بند ڪر

 

بي غيرت جي جائز نه آهي نماز

بي غيرت سان کائڻ پيئڻ بند ڪر

 

جي غيرت جو مادو آ تو ۾ اگر

ته گهر واري جو ٻاهر گهمڻ بند ڪر

 

سڏائين ٿو الله وارو ته پوءِ

مريدن کان پهريان پنڻ بند ڪر

 

جو پئسي جي خاطر وڃائي وقار

انهيءَ ساڻ رشتو رکڻ بند ڪر

 

مُحمّد ﷺ جو آهين اگر اُمتي

ته ڌيءُ ڏوڪڙن تي ڏيڻ بند ڪر

 

خدايا تون اڄ پاڻ ڪاليج اندر

ننڍين نينگرين جو نچڻ بند ڪر

 

گهڻا چوندا هوندا ائين دل اندر

اهو شعر شاعر چوڻ بند ڪر

 

اجايو نه ڪنهن تي کلو خواه مخواه

بي معنيٰ بي لذت کلڻ بند ڪر

 

دلي حال ڪنهن سان نه ڪر ”دادنا“

خبر بي خبر کان پڇڻ بند ڪر

*

 

ٿيو موت مُنهن جي ڪان منٺار پيدا

ٿيس ڇو مان بدبخت بيڪار پيدا

پيو دل ۾ ٿي آهي دهڪار پيدا

الائي پيو ٿي ڇو انڪار پيدا

ڪيو ڪيئن خدا گُل سان گڏ خار پيدا

ٿيو پاڻ پيدا ۽ اغيار پيدا

ويو آهي قاصد خبر ناهي ڇا کئون

اڃان ڇو ٿيو ڪونه آ يار پيدا

جدائي جي ڳڻتين ۾ ڳوڙهن جي يارو

اجهو ٿو اکين مئون ٿئي نار پيدا

عدم ۾ هجان هان ڇو پيدا ٿيس مان

جنهن صورت ۾ هو منهنجو دلدار پيدا

اي همراز قانون قدرت جي موجب

محبت ۾ ڪونهي ڪو انڪار پيدا

نه پيدا هجان هان مان دنيا ۾ هرگز

هجي هان ڀلي ”دادنا“ يار پيدا

*


 

 

حقيقت جي چوڻ کان ڪوجي منڪر ٿيو ته ڇا ٿي پيو!

سهي وڃبو جي عادل ڀي ستمگر ٿيو ته ڇا ٿي پيو!

 

لٽائي صاحبِ زر ڪين ڪي ٿو راه موليٰ ۾

انڌي وٽ مال دنيا جو ميسر ٿيو ته ڇا ٿي پيو!

 

ڏسي خوش ٿي نه اي زردار پنهنجا محل ۽ ماڙيون

اگر درياه وهندڙ جي مٿان گهر ٿيو ته ڇا ٿي پيو!

 

کپي ٿي آدمي کي پهريان اخلاق جي دولت

ڪڃر لاهور جو ڪيڏو تونگر ٿيو ته ڇا ٿي پو!

 

اسان جي قوم عافل کي نه آهي قدر ماڻهن جو

ڪميڻو ووٽ ڪوڙي تي جي ميمبر ٿيو ته ڇا ٿي پيو!

 

اي ”دادن“ آ حڪومت مستقل الله اڪبر جي

هتي ڪو ٿوري عرصي لاءِ افسر ٿيو ته ڇا ٿي پيو!

*


 

 

اڃا تائين نه آيو ڇو پياري يار جو قاصد

ڪڏهن ڏسنديون اکيون منهنجون اکين جي ٺار جو قاصد

 

الائي ڇا ڪيو مون آ جو مون ڏي عمر ساري ۾

نه ڪي دلدار آيو ۽ نه ڪي دلدار جو قاصد

 

نه آيو يار جو قاصد و ليڪن يار ڏي هردم

ويو هوندو دفعا ڪيئي مون عاشق زار جو قاصد

 

ٻڌڻ ۾ آيو آهي يار ڏي ويندي وٺي نياپا

وڙهي پيا واٽ ويندي منهنجو ۽ اغيار جو قاصد

 

جدائي جي غمن ۾ بس ڌڻي ڄاڻي اي ”دادن“ هت

مري وينداسين ايندو ڪين ڪي منٺار جو قاصد

*

 

اڄ ٻئي تي ڀاڙڻ غفلت آ اڄ پنهنجي همت ڪرڻي آ

هن دوزخ جهڙي دؤر اندر ڪا پيدا جنت ڪرڻي آ

 

ڪو لطف نه آ ڪو انس نه آ ڪو پيار نه آ ڪو يار نه آ

بس عادت جي مجبوري کان مجبور محبت ڪرڻي آ

 

لوهر جو دڪان آ دنيا سڄي ويهڻ سان اچي چڻنگون ٿيون پون

ماحول جي حالت اهڙي آ نادان سان رغبت ڪرڻي آ

 

ڪنهن ڏي نه وڃڻ دل چاهي ٿي ڪنهن سان نه ملڻ دل چاهي ٿي

بيڪار بيدردي محفل ۾ لاچار کان شرڪت ڪرڻي آ

 

اي ”دادن“ هاڻي پئبو مري ڏسبو ته اکئين اچبو نه وري

هن هر هر جي آزارن کان ريءَ موت جي رخصت ڪرڻي آ

*

 

 

ڪڏهن حال وري ٿيندو پياري يار جو پاسو

نه وسري ٿو دلِ مغموم کان منٺار جو پاسو

 

خدا شاهد وهي ڳوڙها پون مُنهنجي ڳلن تان ٿا

پوي ٿو ياد جهڙي وقت دل جي ٺار جو پاسو

 

نه اهڙو مون ڏٺو ڪنهن حسن واري جو ڪٿي چهرو

گرم ۽ سيم بر نازڪ نرم دلدار جو پاسو

 

ويو جيئن آهي تيئن ڀيرو ڪيائين ڪين ڪي ”دادن“

پسند شايد مون کان آيس گهڻو اغيار جو پاسو

*

 

 

اڳوڻو وقت ناهي دوستو چوڏهين صدي آهي

امن الله ڏيندو ملڪ جي حالت ردي آهي

 

بلي سڀڪائي اڄڪلهه آهي مَٽ ٻئي کي ڪري ڇو ٿي

ڪِني ڪوجهي، انڌي ڪاڻي، ڦِنجهي توڙي ڦِڏي آهي

 

غضب نازل اڃان ڪيئن ٿي نه دنيا جي مٿانهون جو

پنهنجي مُنهن ساڻ مُنهن ڪارو ۽ ماڻهن ۾ ادي آهي

 

شفا جي آسري تي ايترو چئجي ٿو محشر ۾

ڇڏيندو ڪين ڪي جنهن جي اسان دامن ودي آهي

 

چڱو آهي چڱائي جي عيوض ”دادن“ چڱائي ڪر

لڪڻ واري ڪنهين جي ڪين ڪي نيڪي بدي آهي

*

 

 

گل اهڙي طرح ٿا هوا ۾ لڏن ڪو ها ٿو ڪري ڪونه ٿو ڪري

هڪڙا ٿا هسن هڪڙا ٿا رسن ڪو ها ٿو ڪري ڪو نه ٿو ڪري

 

ڪو رقص جي حالت ۾ آهي ڪو وجد جي حالت ۾ آهي

ڪئي آهي شروع پڪواز پنن، ڪو ها ٿو ڪري ڪونه ٿو ڪري

 

سو سور سهي آزار سهي گل خاطر گل جا خار سهي

زخمي ٿي پيو بلبل جو بدن، ڪو ها ٿو ڪري ڪونه ٿو ڪري

 

مر باغ ۾ لطفِ بهار هجي گلزار هجي گڏ يار هجي

ڪهڙيون طوطا پکي ٿا لاتيون لنون ڪو ها ٿو ڪري ڪونه ٿو ڪري

 

هڪ ڏينهن نه هوندو گل ۽ چمن رابيل رتن سوسن ۽ سمن

رهندو نه سلامت شاخ ۽ پن ڪو ها ٿو ڪري ڪونه ٿو ڪري

 

ڪري ”دادن“ هار سينگار نوان اکين جي اڳيان خونخوار نوان

گهمندا ٿا وتن سو سيم بدن ڪو ها ٿو ڪري ڪونه ٿو ڪري

*

 

ڏس ته مُنهنجي بدنصيبي جو ٿيو آ يار ڪڪ

ڀروسي جهڙو پيارو دوست دل جو ٺار ڪڪ

 

ڪو ته اهڙو هو زمانو جو نه ٿيندو هو ڪڏهن

منٽ هڪڙو ڀي نه مونکان ساهه جو سينگار ڪڪ

 

حسن وارن جا ڪڏهن ڀرپور ڀريل ڀاڻ ها

اڄ ته هڪڙو ڀي نه آهي سڀ ٿيا هڪ وار ڪڪ

 

منهنجو مون مان آهي اهڙي ريت ٿو دلدار ڪڪ

ٿيندو جهڙي ريت آ نادار مان زردار ڪڪ

 

”دادنا“ ڪڏهين به اُمت پنهنجي هن بدڪار مان

ڪين ڪي ٿيندو قيامت ۾ سچو سردار ڪڪ

*

 

مٺو مُحب مُنهنجو مزيدار آهي

جهڙو يار طلبيم سوئي يار آهي

 

اجايو ڇو پرواهه ڪڍجي ڪنهين جي

ڍڏيڻ وارو هر ڪنهين کي ڏاتار آهي

 

سڄڻ پنهنجي اکين ۾ ائين ئي ٿو سمجهان

خدا جي خدائي جو ديدار آهي

 

هجي زر ته هر در ڀلي واقفيت ڪر

سُڃي دوست کان دوست بيزار آهي

 

کنيو آهي سِر تي سهائي مون ”دادن“

محبت جو جيڪو ڏکيو بار آهي

*

 

اڃا دل چوي ٿي ڪبو يار ٻيو ڀي

وري دنيا ۾ وٺبو آزار ٻيو ڀي

 

اڳي ڀي پيتوسين وري پيئبو هاڻي

ڀريل زهر جو جام ٽمٽار ٻيو ڀي

 

ٿيندي ليليٰ وانگر ڪا ٻي ڀي جهان ۾

ٿيندو مجنون وانگي ڪو نروار ٻيو ڀي

 

لڀي پوندو ڪاٿؤن نه ڪاٿؤن اي ”دادن“

اڳئين جهڙو خونخوار دلدار ٻيو ڀي

*

 

دلبر سچو رهي ته حقيقت کُلي پوي

من وصل جو ڪو واءُ گهڙيءَ ۾ گُهلي پوي

 

ڏسجي انهيءَ کي رستو جو رستو ڀُلي پوي

ڇا لاءِ ڪو غريب اجايو رُلي پوي

 

ڪجهه ڀي نظر ۾ نه آ معشوق کان سواءِ

عاشق جي گرچه سر تي کڻي ڇَٽُ جُهلي پوي

 

ڇاهي پَري يا حور، اڳيان منهنجي يار جي

سرمو پوي اکين ۾ نڪ ۾ ڦُلي پوي

 

دلبر سواءِ ڪين رهي دل ٿي ”دادنا“

هر جاءِ هاڪ يار اسان جي هُلي پوي

*

 

 

منهنجا محبوب منهنجا سهڻا يار مان صدقي

ساهه منهنجا منهنجي سيني جا هار مان صدقي

 

ڇو نه توتئون ٿيان گهمرا هزار مان صدقي

تو مڃي منهنجي نه بي اعتبار مان صدقي

 

هڪ دفعو ڇا پرين پر بار بار مان صدقي

توڙي ليکين نه ته ڀي دل جا ٺار مان صدقي

 

ڇاهي ڇاکئون ٿو ڪرين مون کان عار مان صدقي

اڳيان وِسرن نه ٿا تنهنجا پيار مان صدقي

 

ٿا ڏنگن جهل اهي زلف جا مار مان صدقي

موت ”دادن“ جو تنهنجا ڪارا وار مان صدقي

*

 

 

مون کان سڄڻ ڀَڃي ويو ڀيرا نوان نوان

روئي ڏسان ٿو يار جا پيرا نوان نوان

 

هڪڙا جلي ويا، مان جيئڻ واسطي وري

پيدا ڪريان ڪي ٻيا، بڪيون جيرا نوان نوان

 

مون ڏي ڏسي ۽ پنهنجي ڪهڻ لاءِ دلربا

هر هر ڪاتي کي ڏئي ڇيرا نوان نوان

 

گذري ويا اڳوڻا اڳوڻا جي وقت ها

دنيا ۾ اڄ اچي پيا ڦيرا نوان نوان

 

اڄڪلهه ته ڪيترن جون حسينن ڪري ڇڏيون

دستارون ڏاڙهيون ڍيريون ۽ ڍيرا نوان نوان

 

جنهن دل ۾ ڪڏهن ماپي نه ٿي ”دادنا“ خوشي

تنهن دل ۾ درد ڪيا اڄ ديرا نوان نوان

*

 

 

تدبير ڪم نه ٿي ڏئي تقدير زور آ

منهنجي تباهي لاءِ مقدر کي شور آ

 

گم ٿي وئي ڇو اڄ منهنجي دل جي اور آ

شايد ته هي لڳل ڪو گهرو گهر جو چور آ

 

معشوق کي هنيانَو تي عاشق ٿيو تور آ

عاشق ته ڀي سندس جي مٿان اور گهور آ

 

عاشق تيئن مان يار تي آهيان اي دوستو

عاشق چون ٿا جو جيئن چنڊ تي چڪور آ

 

مان ڇا چوان ٿو ڇا هو چوي ٿو مان ڇا ڪريان

ڪهڙو نه ڏس ته اڳيون به سمجهڻ جو مور آ

 

غافل نه لطفِ عشق کان رهجي اي ”دادنا“

انسان عشق کان سواءِ ڄڻ گهور ڍور آ

*

 

 

تنهنجي اکڙين تي مان ايمان لُٽائي ويٺس

تنهنجو عاشق ٿي خدا پنهنجو ڀلائي ويٺس

پيچ تو يار بي پرواه سان پائي ويٺس

پنهنجو مان پاڻهين آرام ڦٽائي ويٺس

اوچتي ڪيئن مان اکيون توسان اڙائي ويٺس

پنهنجي مان پاڻ لاءِ تقدير بنائي ويٺس

راهه ۾ سارو ئي سامان کسائي ويٺس

ٻئي جو ڇا پاڻ مان دل پنهنجي ڦرائي ويٺس

واهه ڪيئن سور پراوا مان پرائي ويٺس

تو ستمگر جي ڪري جان جَلائي ويٺس

تنهنجي تصوير تصور ۾ ڄمائي ويٺس

ڌوڻي در تنهنجي تي بس ديرو ڄمائي ويٺس

راز اغيار کي ناحق مان ٻڌائي ويٺس

پاڻ تي پنهنجي قسمت کي کِلائي ويٺس

تنهنجو ”دادن“ ٿو چوي تنهنجي محبت ۾ مِٺا

ناه پرواهه جو سڀ سِر تي سهائي ويٺس

*

 

 

ياس ڀي درد ڀي ٻي خلق جي رسوائي ڀي

بڻجي پيس چريو ڀي مستانو ڀي سودائي ڀي

 

تنهنجي مرضي تون ڏسين شوخي سان يا نرمي سان

موت ڀي تنهنجي آ چشمن ۾ مسيحائي ڀي

 

ٿيندو انصاف ڏسڻ جهڙو قيامت ۾ تڏهن

رب اڳيان ايندو جڏهن ٻڪرو ڀي ڪاسائي ڀي

 

آهيان روز ازل کان مان وڍي اڄ سوڌو

تنهنجو عشاق ڀي مشتاق ڀي شيداڻي ڀي

 

ڇا چوان ڪنهن کي قصور آهه نه ڪنهنجو ”دادن“

مون ته دل هٿ سان ڦرائي ڀي ڦاسائي ڀي

*

 

 

منافق دوست کان دشمن ڀَلو آ

سُڃي کان کن وڃي سوکن ڀلو آ

 

لڀي چيني جو ڪاٿي ڪين تا ٿي

ٺڪر جو تنهن ڪري برتن ڀَلو آ

 

ٿو ڳل پئجي ته ٿئي ٿو شور پيدا

پري کان يار جو درشن ڀلو آ

 

ڏئي جو ڪينڪي خوشبو ”دادن“

انهيءَ گل کان ته گل جو پن ڀلو آ

*


 

 

آهيان زمين تي ليڪن فلڪ تي ڌيان آ

مون بندي جو مٿاهون فرشتن کان شان آ

 

رحمت ڀي منهنجي واسطي زحمت ڀي منهنجي ڪاڻ

پر ساڳي وقت ٻانهي تي رب مهربان آ

 

ٿو پنهنجي مرده زندگي زنده ڪري سگهان

ڪنهن ڳالهه ۾ ته موت ڀي خود رازدان آ

 

مٽجي نه ٿو سگهان جو مان انسان آهيان

بُت جي طرح ڪعبہ ۾ منهنجو نشان آ

 

ان ڳالهه ۾ وڃي ٿو ڇا ڪجهه ٻئي جو ”دادنا“

قدرت جي ڪنهن جي سر جي مٿان مهربان آ

*

 

 

ستائيندي تون اي مِٺا ڪيستائين

رهي مون کان سگهندين جدا ڪيستائين

 

ڪندين منهنجي ويٺو گِلا ڪيستائين

۽ ڏيندين وري بد دعا ڪيستائين

 

حياتي کي هوندو بقا ڪيستائين

ڇڏيندو ڪنهن کي خدا ڪيستائين

 

جو آهي مرڻ وارو تولئه تنهن جي

ڪندو ڇا ڪو حاذق ڪيستائين

 

اجائي جو بي عذر ”دادن“ سا هيئن تون

رٺو رهندين ڏس دلربا ڪيستائين

*

 

 

منزل کي ڪڏهن پهچندي هيءَ ٽور ڍري جي

هڪ بيوسي ٻي سرتي ڀَري بار ڳري جي

 

حالت نه پڇو مون کان ڏسڻ جهڙي نه آهي

دل ۾ ٿي ٻري باهه جا ڄڻ باهه کري جي

 

آسان اَٿو جيڪي ڪجهه سڀ ٿي سگهي ٿو

پر آهِه ضرورت رڳو همت جي ذري جي

 

بجلي جي جهلڪ ڇاهي انهيءَ کان به زياده

ماري ٿي سڄڻ واري مون کي ديد پري جي

 

مون کي ٻيو کپي ڇا ٻيو خدا کان گهران مان

جي خاڪ هجان يار جي جوتي جي تري جي

 

ڪو ڪو ٿو هزارن مان بچي ”دادنا“ اڄڪلهه

قسمت جي سٺي آهي ڪنهين بخت ڀري کان

*

 

 

جان سورن ۾ وئي سڙي آهي

ياد سک جي نه ڪا گهڙي آهي

 

هڪ ته همراز هم جليس نه آ

لاتي دردن ڀي ڌم ڙي آهي

 

عمر ڀر ڪين ڪي ڇُٽي سگهبو

دوست دل قرب ۾ ڪڙي آهي

 

جا ٿي خود موت ڀي مري ٿو وڃي

ڪيئن وڃي اک اتي اڙي آهي

 

ڪن ڪٽي رات عيش ۾ ”دادن“

ڪن ڪٽي روئي رت رڙي آهي

*

 

 

مخالف منهنجو ڇاکئون بي سبب اي دلربا ٿيو آن

عجب آهي اجائي جو اسان کئون تون خفا ٿيو آن

 

تون مُنهنجي واسطي اي جانِ من فتنه قضا ٿيو آن

دماغ آهي نه هڪ جاءِ، جڏهن لاڪون جدا ٿيو آن

 

اڇا مجنونءَ وانگي مان ٿيو مشهور ڪين آهيان

نه ڪي مشهور تون ليليٰ جي وانگي جا بجا ٿيو آن

 

خدا کي علم آهي ڪا خدا جي آهي قدرت جو

ختم ٿي آس مُنهنجي ڪين، توڙي بيوفا ٿيو آن

 

جوانيءَ جو پرايو موت ”دادن“ تُنهنجي الفت مئون

ٿين دشمن دوست مئون، افسوس آهي ڇا مان ڇا ٿيو آن

*

 

 

مون يار کي يار گهڻو ئي ڪيو، پر يار نه مُنهنجو يار ٿيو

افسوس اهو ئي يار اٿم جو يار مئون هو اغيار ٿيو

 

هُئي ڪانه ڪا هي اميد، سڄڻ سر پنهنجي ڀڄي بيزار ٿيو

مُنهنجي ڪاڻ زمانو آهي سڄو ڄڻ اوندهه انڌوڪار ٿيو

 

آ ڪلهه جي خبر آغوش ۾ هو، هڪ پل نه ٿي مون کان ڌار ٿيو

قدرت رب جي آهي جو آهيان يار مٿئون هاڻي بار ٿيو

 

ٿي عمر سڄي برباد وئي اهڙي پاڻ کي پهريان ڪَل نه پئي

اچي موت ته ٿي پئي ڏاڍو چڱو مُنهنجو جڳ ۾ جيئڻ لاچار ٿيو

 

هاڻي ”دادن“ اهڙيون دانهون نه ڪر، انصاف نه آ، آهون نه ڪر

جو آيو ڪرڻ ۾ يار لئه آخر ڪم ڪار سڄو بيڪار ٿيو

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org