سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: دادن فقير جو ڪلام

باب --

صفحو :1

دادن فقير جو ڪلام

اياز لاکير

 

 

انتساب

 

”سنڌ جي انهن گمنام شاعرن جي نانءِ جن جي قيمتي شاعري ڪتابي صورت ۾ منظر عام تي اچڻ کان رهجي ۽ اڏوهيءَ جو کاڄ بڻجي وئي.“

_ اياز لاکير

 

 

بنا ٽٻڪي جي شعر

 

دادگر گاروءِ گوهر دار ڪو دلدار ڪر

سرس آ سوداءُ واهر ڪر سگهو ڪا سار ڪر

 

حال مُحرم ماهرو سرڪار اعليٰ موءِ ۾

وار وارو وار آ سگهو مسلسل وار ڪر

 

دائما آ درد ۾ سڪ ۾ سدا سائل مُدام

ڪارگر هڪ وار ڪا ساڻس مدد سالار ڪر

 

اداران پاران

 

الڳ الڳ دوستن سان دادن فقير جي ڪلام سهيڙي ڏيڻ لاءِ رابطو ڪيوسين پر انهن پنهنجين پنهنجين مصروفيتن سبب اهڙو ڪم هٿ ۾ کڻڻ کان لاچاري ڏيکاري.

هڪ ڀيري خيرپور ناٿن شاهه جي ميلي واري موقعي تي دوست علي گل کوسو جي بڪ اسٽال تي ڀاءُ اياز لاکير سان ملاقات ٿي، ڳالهين ڳالهين ۾ جڏهن دادن فقير جي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪلام کي سهيڙي نئين سر ترتيب سان ڇپرائڻ جي ڳالهه هلي ته هن کليءَ دل سان اهو ڪم پنهنجي ذمي کنيو ۽ ان ڪم لاءِ هن سڄو تر لتاڙيو. کيس جتي به ڪنهن دادن جي چاهيندڙ جو ڏس پتو پيو ته هو اُن وٽ هلي ويو ۽ کانئس دادن جو شعر حاصل ڪيائين. اهڙيءَ طرح سندس ٻن سالن جي مسلسل محنت سبب دادن فقير جو سمورو ڪلام سهيڙجي پڙهندڙن تائين پهتو ۽ ان لاءِ ادارو توڙي دادن فقير جا چاهڪ اياز لاکير جا هميشه ٿورائتا رهندا.

 

پبلشر

 


 

 

هنجڙا هليا ويا ساجهُر سويرا

 

پکيئڙي پر سوئيا، ٿيو پڃرو پُراڻو،

اجهو اڏاڻو، دادن پنهنجي ديس تي!

 

هو هيو به فقير_ ۽ سڏائيندو به فقير هو. تنهنڪري سندس نالي پٺيان راءُ، رام يا رئيس، خان وغيره جهڙو ڪو لقب ڪونه هو. پر سندس نالي پٺيان به فقير گڏيل هوندو هو. تنهنڪري سڀڪو کيس دادن فقير سڏيندو هو. هو ڄائو به اڪيلو ۽ زندگي به اڪيلي گذاريائين. مرڻ وقت به هن جي مٿان ڪو عزيز ڪونه هو. اگر ڪو همدرد هيو ته ميان غلام قادر سولنگي هو، جنهن جي دڪان نما ڪمري ۾ هن بنا مسواڙ جي زندگيءَ جا آخري ڏينهن گذاريا، جو هُو سندس پيالي ڀائي به هو ته حال ڀائي به! مرحوم دادن فقير 19 آڪٽوبر 1979ع تي اهو چئي هن فاني دنيا مان موڪلايو ته:

دنيا کي سمجهي رستو اويڙو ڇڏي ڏنم،

عزت بچائي، بس متو ميڙو ڇڏي ڏنم.

فقيرن جو ورثو ڦاٽل گودڙيءَ کان سواءِ ٻيو ڇا هوندو؟ سو هن فقير جي گودڙيءَ ۾ به اهي ئي شعر هئا، جن جي ڪري عام ماڻهن ۾ سندس مقبوليت ۽ سڃاڻ هئي.

اها حالتن جي وڏي بي رحمي آهي جو وقت جا سگهارا ۽ ناميارا ماڻهو ڳاريو ۽ ميساريو ڇڏي. اهو ڀونءِ جي ڀلائيءَ تي ڇڏيل آهي ته، ڪنهن کي ٿي حياتي بخشي ۽ ڪنهن کي ٿي فنا ڪري!

شعر و ادب جي دنيا ۾ به سوين نالا آهن، جن مان ڪي پنهنجي دور ۾ پنهنجي خطي جا تمام مشهور ۽ معروف نالا هئا، پر پوءِ اهي دؤر گذرڻ سان گڏ پاڻ به ڄڻ گذري ويا. ڪي اهڙي ڪتاب وانگر رهجي ويا، جن کي دور پڙهندا ۽ ٺپيندا رهن ٿا ۽ ڪي ڳالهين وانگر ياد ڪيا وڃن ٿا.

دادن فقير کي وئي ڪو گهڻو وقت ناهي ٿيو، تنهنڪري هن جو وڃڻ ڪالهوڪي ڳالهه ٿي لڳي. هونءَ به اهڙا مرد مرڻا ناهن.

دادن فقير به اهڙن شاعرن مان هو، جن پنهنجو ڪلام ماڻهن تائين ڳوٺن، محفلن ۽ مشاعرن ۾ پڙهي توڙي ڳائي پهچايو. سندس ڪلام جو لهجو ۽ ٻولي ٺيٺ سنڌي ۽ ڳوٺاڻي آهي. جنهن ۾ بيحد گهڻي رواني، سولائي ۽ ميٺاج آهي، جنهنڪري ئي هن جي ڪلام ايڏي مقبوليت ماڻي، جو ڪيترن ئي ماڻهن کي سندس شاعريءَ جو ڳچ حصو بر زبان ياد آهي. هن جي شاعريءَ ۾ ڪا فلاسافي ڪانهي، بلڪل ساديون ۽ سڌيون ڳالهيون آهن. دانائيءَ جون ڳالهيون، عمر جا تجربا ۽ مشاهدا ان انداز سان بيان ڪيل آهن، جو اهي ٻڌندڙن کي اهڙو ته دل سان ٿا لڳن، جو پاڻهئي ياد ٿيو وڃن ۽ موقعي مناسبت سان زبان تي اچيو وڃن!

هنڌ دوستيءَ جو سودو هجي پر کرو هجي،

لالچ جو رستو دوست سان بلڪل ڍرو هجي.

 

شرم ۽ حيا جو اک ۾ ذرا ڪجهه ذرو هجي،

اهڙو نه کڻجي جو بار جو وت کان ڳرو هجي.

 

بس ٻيو خدا کان ڪجهه نه گهران ٿو اي ”دادنا“،

هي پنهنجو سر سڄڻ جي جُتيءَ جو ترو هجي.

دادن فقير وارهه تعلقي جي ڳوٺ ميان داد چِنجڻيءَ ۾ 17 جنوري 1906ع ۾ جنم ورتو. هو ذات جو جويو هو. سندس والد محترم جو نالو ڌڻي بخش هو.

هن شروعاتي تعليم محترم صاحب خان شاهاڻيءَ وٽ ڳوٺ محراب سنديلي ۾ حاصل ڪئي ۽ لالو رائنڪ جي برک عالم ۽ شاعر حضرت نجف علي ”تارڪ“ وٽ عربي، فارسي پڙهيو ۽ استاد ۽ مرشد مڃيندو هو.

نصير آباد (قنبر_شهدادڪوٽ) ۾ 23 سال رهيو. ان کان پوءِ راڌڻ (اسٽيشن) کي پنهنجو مسڪن بڻايائين. سندس مشغلو شاعري ۽ راڳ هو، جنهن سان هو دل ۽ ديهه کي وندرائيندو هو.

 

گل اهڙي طرح ٿا هوا ۾ لُڏن، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نهه ٿو ڪري،

هڪڙا ٿا هسن، هڪڙا ٿا رسن، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نهه ٿو ڪري.

 

ڪو رقص جي حالت ۾ آهي، ڪو وجد جي حالت ۾ آهي،

ڪئي آهي شروع پڪواز پنن، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نهه ٿو ڪري.

 

ڪري دادن هار سينگار نوان، اکين جي اڳيان خونخوار نوان،

گهمندا ٿا وتن سو سيم بدن، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نهه ٿو ڪري.

 

مرحوم دادن فقير سنڌي، سرائڪي ۽ اردوءَ ۾ شاعري ڪئي. بيت، ڏوهيڙا، قصيدا، مناجات، مولود ۽ ڪافيون لکيائين. جيڪي هو محفلن ۾ ڳائيندو به هو. مشاعرن ۾ به ويندو هو. ڪڏهن محفلن ۾ پاڻ ڳائيندو هو ۽ سندس شاگرد سلطان فقير باجو وڄائيندو هو. چون ٿا ته سندس آواز ۾ ايڏو ميٺاج نه هو، پر راڳ جي اصولن ۽ لاهن چاڙهن کي سمجهندو هو. سندس غزل جو انداز نظم جهڙو آهي.

دم ڏئي مران خدا ڪري دلبر جي سامهون،

ٿئي قبر منهنجي شال سندس گهر جي سامهون.

 

ڪنڌ ڪين ڪي ڪڍائبو خنجر جي سامهون،

ٻڪري جيان بيٺو آهيان ستمگر جي سامهون.

 

هٿ ڪر دماغ پنهنجي کي ڪر صبر ”دادنا“،

سر ڦاٽي پوندو، هڻبو جي پٿر جي سامهون.

دادن فقير جي ڪلام ۾ طنز ۽ مزاح جو عنصر به ملي ٿو. اِهوئي انداز سندس شاعر شاگردن مرحوم حمزه علي مولائي ۽ گل حسن گوپانگ شاد وغيره به پنهنجايو:

اڄ ياد يار کي ڪري ڳوڙها وهي پيا،

قسمت خراب پنهنجي، ٺهيل ڪم ڊهي پيا.

 

دلبر به منهنجو مون کان ويو، دل به منهنجي وئي

ڏاڍو چڱو ٿيو، بار گهڻن تئون لهي پيا

*

دغاباز سان دل دوباري نه رکجي،

محبت به نقصان واري نه رکجي.

 

دلي دوست پنهنجو جُواري نه رکجي،

بچائين فصل چور هاري نه رکي.

 

ميان ٿي مٿي تي تغاري نه رکجي،

جي ڄانگهي سان مارين ته ڄاري نه رکجي.

 

دلاسن تي دادن بهاري نه رکجي،

ڏکيو سر جو واپار جاري نه رکجي.

 

هن کي سهڻا نظارا ۽ سهڻا ماڻهو وڻندا هئا. هو انهن ڏي لڙي ويندو هو، جيڪي سندس گفتي جو قدر ڪندا هئا ۽ آڌرڀاءُ ڪندا هئا. راڌڻ جو پيارو خان رند، الطاف حسين جانوري، محمد سومر حلوائيءَ سان هن جي گهڻي لڳندي هئي.

چون ٿا، دادن فقير جي هڪڙي دلبرڻي به هئي. فنڪارا هئي، هُوءَ به دادن وانگر سائي پلُر جي پياڪِ هئي. دادن کي به ڀائيندي هئي ته، دادن جو به منجهس ساهه هوندو هو. قنبر ڀرسان ڳوٺ دوست علي جو زميندار سرائي محمد نواز نائچ ٻنهي جي ڏاڍي عزت ڪندو هو. کين لَٽو ڪپڙو ۽ اناج به ڏياري موڪليندو هو يا ڏئي ويندو هو. شاعري ڪندو هو ۽ دادن جو شاگرد سڏائيندو هو.

فقير صاحب وڏيون مڇيون ۽ هلڪي ڏاڙهي رکندو هو، پٽڪو ٻڌندو هو. رنگ جو ڪڻڪائون هو. بُت ۾ سنهو هو. ويتر جو ڇاتي وٺجي وئي هُيس ته تن تَنبُورو ٿي ويو هوس.

توڙي جو فقير ماڻهو هو ۽ ماڻهن سان ٻانهن ٻڌڻ واري واٽ هئس، پر هن خودداري ڪانه وڃائي. سچ ته اهڙا سچا، سادا ۽ مخلص ماڻهو وڏي تعظيم لائق آهن ۽ سنڌ انهن تي ناز ڪري ٿي، جن جي گودڙي ۾ گوهر هئا ۽ هر طمع کان بي نياز هئا. سندن پير ته اگهاڙا هئا پر پيشانيءَ تي ڪنهن وڏي در جي مٽي لڳل نه هئي. سندن ڪپڙا ته ميرا هئا، پر ضمير اجرو هو!

ستا ڪر سجاڳي سمهڻ بند ڪر

تون غفلت ۾ پنهنجو هجڻ بند ڪر

 

وڌي وير ٿو واقفيت منجهان

گهڻو تون گهڻن ڏي وڃڻ بند ڪر

 

نه راحت رسي روح کي جن وٽان

وري در انهن جي وڃڻ بند ڪر

 

غلامي ڏي اشراف جي صدق سان

ڪميڻي کي پيرين پوڻ بند ڪر

 

بي غيرت جي جائز نه آهي نماز

بي غيرت سان کائڻ پيئڻ بند ڪر

 

سڏائين ٿو الله وارو ته پوءِ

مريدن کان پهريان پنڻ بند ڪر

 

جو پئسن جي خاطر وڃائي وقار

انهيءَ ساڻ رشتو رکڻ بند ڪر

 

محمّد جو آهين اگر اُمتي

ته ڌيءُ ڏوڪڙن تي ڏيڻ بند ڪر

 

خدايا تون اچ پاڻ ڪاليج اندر

ننڍين نينگرين جو نچڻ بند ڪر

 

گهڻا چوندا هوندا ائين دل اندر

اهو شعر شاعر چوڻ بند ڪر

 

دلي حال ڪنهن سان نه ڪر ”دادنا“

خبر بي خبر کان پڇڻ بند ڪر

 

علي دوست عاجز

فريد آباد

 

مهاڳ

سنڌ امڙ جي سائي ڪُکِ مان هميشہ ڏاهن عالمن، فلسفين، سياستدانن صوفين اديبن ۽ شاعرن جنم پئي ورتو آهي، جن وقت به وقت ڀٽڪيل ماڻهن کي دڳ لائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي ۽ انهن جي رهنمائيءَ لاءِ راهون ٺاهيون آهن. ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو آهي، سنڌ جو هر خِطو پنهنجو مٽ پاڻ آهي، ڌرتيءَ تي ڪجهه اهڙا مڻيادار ماڻهو ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي مڻيا وسيلي ماڻهن اڳيان موهجڻ جو سبب بڻيا آهن. پنهنجي ڏات ۽ ذات وسيلي ماڻهن جي، ٻوليءَ جي ۽ ادب جي خدمت پئي ڪئي آهي. پنهنجي ڏات وسيلي لولي ۾ مليل ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪندڙن ۾ ”دادن فقير“ جو نالو به اچي وڃي ٿو.

اها ڀلاري گهڙي ۽ ڀلارو ڏينهن هو، 17 جنوري 1906ع جو، جنهن ڏينهن جي سٺي ساعت ۾ تعلقي وارهه جي ڳوٺ ميانداد چنجڻيءَ ۾ ڌڻي بخش جويي جي گهر سندس دل جو ٽڪرو ۽ وارث ۽ سندس گهر واريءَ جي اکين جو ٺار ڄائو، ڇَٺيءَ جي ڏينهن سندس نالو ”دادن“ رکيو ويو، ڪي چون ٿا ته داد محمد رکيو ويو، ان وقت ڪنهن نه ٿي ڄاتو ته هي ننڍڙو اڳتي هلي ”دادن فقير“ جي نالي سان مشهور ٿيندو ۽ پنهنجي انداز ۾ هڪ يگانو عالم ۽ شاعر ٿيندو.

پرائمريءَ جا سبق ڳوٺ محراب سنديلي مان استاد صاحب خان شاهاڻي کان وٺندڙ دادن فقير جيئن ئي جوانيءَ ۾ پير رکيو ته حضرت عشق اچي هٿ ملايس، سونهن پرست ته اڳي ئي هيو ويتر حسن جي گهري گهاءَ مجاز جون منزلون طئي ڪرايس. شاعري ننڍي کان وٺي سندس اندر جي اظهار جو ذريعو پئي رهي. محبت جون منزلون اڃا وڌيڪ طئي ڪرڻ ۽ علم جي پياس اجهائڻ لاءِ سنڌ جي وڏي عالم فاضل ۽ صوفي شاعر هدايت علي ”تارڪ“ نجفي (لالو رائنڪ) وٽ ويو، جنهن وٽ عربي پارسي پڙهي، کيس پنهنجو رهبر استاد مڃيائين. علم فقه ۽ تصوف جا سبق حاصل ڪري مجاز سان لنءُ لائي فقيري ويس ڍڪيائين، فقير خوش خير محمد هيسباڻي جي صحبت ۾ رهيو، سندس شاعري حقيقت ۽ معرفت جو رُخ اختيار ڪيو. پنهنجي سڄي ڄمار فقيريءَ واري انداز ۾ گذاريندڙ دادن فقير 23 بهارون نصير آباد (ضلع قنبر_شهدادڪوٽ) ۾ رهي حياتيءَ جا آخري 30 سال راڌڻ شهر ۾ گذاريا. سندس زندگيءَ جو مشغلو سندس ئي چواڻي ته:

رهيو مشغلو پنهنجو در زندگي

هڪ راڳ، ٻيو شعر، ٽيون بندگي

شاعريءَ جي حوالي سان فقير قادر الڪلام شاعر هيو. ويٺي ويٺي شعر لکندو ويندو هو. اهڙو في البديع شاعر هيو جو اگر ڪنهن شاعر کي پرکڻو هوندو هُيس ته انهيءَ کي شعر جي سٽ ڏئي چوندو هو ته هن کي گِرهه هڻ ۽ جي يڪدم اهو شاعر ٻي سِٽ اُتي جو اُتي چئي ويندو هو ته دادن فقير ان کي شاعر تسليم ڪندو هو، ٻي صورت ۾ انهيءَ کي شاعر تسليم نه ڪندو هو، اهڙي قسم جو ذڪر وفان ناٿن شاهي پنهنجي ڪتاب ”وفا“ جي مُهاڳ ۾ به ڪيو آهي.

دادن فقير کي پنهنجي شاعريءَ تي ناز هوندو هو، جنهن لاءِ چيائين ته:

ناز دولت مند کي دولت تي آ پر ”دادنا“

مون کي پنهنجي شيرين شعر و شاعري تي ناز آ

ٻيو دادن فقير جي مشغولي جو سبب راڳ به هو، جنهن کي سندس گذر سفر جو ذريعو به چئي سگهجي ٿو، توڙي جو چون ٿا ته سندس آواز ايترو ڀلو ڪونه هو، پر راڳ جي فن کان بلڪل واقف هوندو هو ۽ ايترو ئي واقف هو، جيترو هڪ سٺي راڳي کي هجڻ گهرجي. ماڻهن جي شادي مُرادي تي ڪنهن خوشيءَ جي پروگرام تي يا ڪوئي حاجي حج ڪري موٽي ايندو هو ته دادن فقير کي خاص دعوت ڏئي گهرايو ويندو هو، جو محفل کي اچي مچائيندو هو ۽ ٻڌندڙن کي سڪون ۽ سرور بخشيندو هو. پنهنجي تر جي زميندارن جي هجو گوئي به ڪئي اٿس، سندن عادتن اطوارن تي نالي ۽ ذات سان شعر لکيا اٿئين، پر اُهي هِتي (هن ڪتاب ۾) ڏنا نه ويا آهن، ڇو ته متان ڪنهن جي دل آزادي ٿئي.

عبادت ۽ رياضت جي حوالي سان سندس ڪافي واقعا ۽ شعر آهن، جيڪي هتي ڏيڻ هروڀرو وڌاءُ ٿيندو، دادن فقير پنهنجي زندگي واقعي فقيري انداز ۾ گذاري. سندس عشق جا قصا ماڻهن وٽ عجيب انداز ۾ بيان ڪيا وڃن ٿا.

دادن فقير پنهنجي سڄي زندگي بنا شاديءَ جي گذاري. سندس شعر تعداد کان گهڻا هئا، جيڪي زماني جي ستم ظريفي ۽ سندس ڀَر ۾ رهندڙن جي بي ڌيانيءَ سبب هيٺ مٿي ٿي ويا. سندس زندگيءَ ۾ ڪجهه شعرن تي مشتمل چوپڙي ”هڻ کڻ“ جي نالي سان سندس اجازت کان سواءِ ڇپائي وئي، جنهن تي فقير ڏاڍو ناراض ٿيو، سندس گذاري وڃڻ کان ڪافي پوءِ 1979ع ۾ ”آفتابِ عشق“ جي نالي سان ڪتاب ڇپايو ويو، جنهن ۾ سندس اڌوري شاعري ڏني وئي آهي ۽ انهيءَ ڇپايل اڌوري شاعريءَ ۾ به ڪافي شيون اڻ پوريون آهن. اڻ پوريءَ شاعريءَ کي هيٺ مٿي ۽ بي ترتيبي سان رکيو ويو.

سندس همعصر شاعرن ۾ احمد خان آصف مصراڻي شهيد، حافظ محمد احسن چنا، محمد حسن سالم لاکير، رئيس خدا بخش خادم، الله ورايو مسرور، اسحاق راهي ۽ ناظم منگي سميت ان وقت جا ڪافي نامور شاعر اچي وڃن ٿا، شاگرديءَ جي حوالي سان جيڪي سندس وٽان فيضياب ٿيا، انهن ۾ گل حسن گوپانگ شاد، حمزه علي مولائي، الطاف لاکير (سردار)، شيرل گوپانگ ۽ سلطان فقير اچي وڃن ٿا، جن جي شاعريءَ تي ساڳيوئي دادن فقير جي شاعريءَ وارو اثر آهي. سلطان فقير سندس پيارن شاگردن مان آهي، جو اڄ تائين سندس زندگيءَ جي گذريل نموني تي هلي رهيو آهي.

ڪچهرين جو ڪوڏيو دادن فقير کلڻو ملڻو ماڻهو هو، سندس شاعري کي محفلن جا مور ماڻهو زباني ياد رکيو ٿا اچن. سندس شاعريءَ جو مڪمل طور تي منفرد انداز آهي، ٻولي به ايتري ته سادي ۽ سولي استعمال ڪئي اٿائين جو پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل، شهر جو توڙي ٻهراڙيءَ جو اديب توڙي ادب سان واسطو نه رکندڙ، شعر جو ڄاڻو توڙي اڻڄاڻ، سندس شعر ٻڌڻ کان پوءِ بي اختيار زبان مان واهه واهه جا لفظ ڪڍندو آهي.

دادن فقير هڪ ماهر جراح وانگر زماني جي دردن ۽ دشوارين جو نه رڳو ذڪر ڪيو آهي پر ان جو علاج به ڏسيو آهي. سندس شاعري سنڌ جي مختلف فنڪارن جي آواز ۾ ريڊيو، ٽيليويزن ۽ آڊيو ڪيسٽن ۾ رڪارڊ ٿيل آهي ۽ ٿيندي رهي ٿي.

پنهنجي شاعريءَ وسيلي ڪڙو سچ چوندڙ سنڌي ٻولي جو هي انوکو شاعر ڪجهه ٽائيم بيمار رهڻ کان پوءِ 19 آڪٽوبر 1979ع تي هن دنيا مان گذاري ويو، سندس آخري آرام گاهه جي جڳهه راڌڻ شهر جي ڀرسان گهڙي واري مُقام ۾ آهي.

سندس شعر لاءِ محترم جوهر بروهي چوندو آهي ته دادن جو شعر هجي ۽ چوڏهن پندرهن مصرعن کان گهٽ هجي، اهو ٿي نٿو سگهي. هن ڪتاب ۾ ڪجهه اهڙا شعر به آهن جن ۾ مصرائون/ بند بلڪل ٿورا آهن، اُهي شعر به انهن ٻهراڙين جي ڪراڙن ماڻهن کان هٿ آيا آهن، جن دادن جي شاعريءَ کي زبان ياد رکيو.

ڪجهه اهڙن ماڻهن وٽ به وڃڻ ٿيو، جيڪي جوانيءَ ۾ دادن جي شاعري سازن تي ڳائيندا هئا، انهن کان نه رڳو سندس آواز ۾ رڪارڊ ڪري شعر ورتاسين پر ڪن دوستن کان لکت ۾ به آندا ويا، جن ۾ لطف علي جو نالو نمايان آهي، جن وٽان ناياب شعر مليا، دادن فقير جا هٿ سان لکيل شعر ۽ سندس آواز ۾ ٽيپ رڪارڊ ٿيل شعر به مليا. اهڙيءَ طرح ٿورو ڪي گهڻو مختلف ڳوٺن مان مختلف ماڻهن کان سندس شعر مليو آهي، جيڪو هن ڪتاب ۾ ڏنو ويو آهي. هن ڏکيائي واري ڪم ۾ مون سان علي گل کوسو گڏ گڏ رهيو آهي. انهيءَ کان علاوه ڊاڪٽر عامر فاروق مهيسر ۽ محمد حسن همدم لاشاري ۽ فقير سڪندر چانڊيي مختلف موقعن تي مدد پئي ڪئي. آخر ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊياري جي محترم علي نواز گهانگهري جي مهرباني به مڃيندو هلان، جنهن ذاتي دلچسپي وٺي مون کي هن ڪتاب جو مواد ڪٺي ڪرڻ لاءِ اُتساهيو ۽ ڇپائڻ جو پڻ بندوبست ڪيو.

خادم

اياز لاکير

ليڪچرار سنڌي

ڪيڊٽ ڪاليج، لاڙڪاڻو سنڌ

 

 

 

دادن فقير جو ڪلام

 

حمد

 

اي مالڪ جا مالڪ هيءَ مون کي معاف خطا ڪر

بَس پنهنجي محبت جي ڪا ادراڪ عطا ڪر

منزل کان فنا جي مون کي نزديڪ بقا ڪر

مخلوق جي خالق سگهو مشڪل کي رها ڪر

هر جاءِ ۾ هر رنگ ۾ هر هنڌ وسين ٿو

تون پنهنجي قدرت کي پيو پاڻ پَسين ٿو

 

سمجهان ٿو سوا تنهنجي بنا کي نه بنا مان

آ شوق ٿيان تنهنجي محبت ۾ فنا مان

شب روز ڪيان، بَس نه ڪيان تنهنجي ثنا مان

پر پورا ڪندس ڪين لکي شان پَنا مان

تون ربّ اسان اِنس ڇا هَستي آ اسان جي

دنيا ۾ گهڙيون چار هي وَستي آ اسان جي

 

تعريف جي لائق آ وڏا تنهنجي وڏائي

هر طرف سندءِ آهي بي پايان بنائي

اعدا کان نبي عيسيٰ جي عزت تو بچائي

يوسف جي وري مصر ۾ قيمت تو ڪرائي

فرعون کي موسيٰ جي هٿان مات ڪيو تو

نمردو جو گم لات و منات ڪيو تو

 

ڇا ڇا مان ثنا تنهنجي ڪريان خالق و اڪبر

آ راز خفي تنهنجي عجب واليءَ مظهر

گر ڪنهن تي ٿئين راضي ته بي پرکي ڏين پَر

بيشڪ آ وڏي هستي سندءِ خلق جا پرور

سرڪار اڳيان تنهنجي ٻي سرڪار زير آ

مان دل ٿو ڏيان توکي تون دل وٺ نه دير آ

 

دنيا جي زماني کي تو رنگين بنايو

سبحان عجب تو هي پنهنجو سير ڪرايو

ڪم تنهنجو ڪنهين کي نه ڪڏهن سمجهه ۾ آيو

ريءَ ٽيڪ جي اي نيڪ تو آ عرش اڏايو

اظهار وري حسن جو گلزار ڪيو تو

ڪو ڪنهنجو ته ڪو ڪنهنجو دلي يار ڪيو تو

 

ڏِسُ! اهنجي روش منهنجي نه ڪر پنهنجي عنايت

غالب نه رهي مون تي عدون جي عداوت

رک منهنجا خدا منهنجو سدا عشق سلامت

هن حال جي معلوم آ توکي ئي حڪايت

”دادن“ کي فقط آسرو تنهنجو ٿئي خدايا

تون بخش مون عيبن ۾ گهڻا وقت وڃايا

*


 

 

انسان جي صورت ۾ بنده نواز آيو

مخلوق بانياز ۾ خالق بي نياز آيو

 

مطلوب ڪاٿي ٿي ۽ طالب ٿي آيو ڪاٿي

ڪاٿي شڪار ڪاٿي بڻجي هو باز آيو

 

ڪاٿي ٿي آيو تخت هزاري جو رانجهن چاڪ

محمود ڪاٿي ڪاٿي بڻجي اياز آيو

 

منصور جي هو پردي ۾ سوري تي پاڻ هو

زاهه جو دين ٽوڙي ڇپائي ڪو راز آيو

 

احمد احد جي وچ ۾ فقط ميم جو فرق

معمولي ميم جو هو رکي امتياز آيو

 

شبير ڪربلا ۾ ڪسڻ وارو ڪير هو

خود هي شهيد ٿيڻ لاءِ ٿي خود جان باز آيو

 

ٻيو وقت ئي نه شمر کي هو قاتل شاه لئه

وجه شمر کي لڳو جڏهن وقت نماز آيو

 

هر شيءِ ۾ آه پاڻ هو اي ”دادن“ محيط

آهي وٺي عدم کان حقيقت دراز آيو

*

 

آداب سان الله کي اصبات ادا ڪر

هوشيار ٿي هت پنهنجو خيالات خدا ڪر

هو ناهه جدا توکان تون هن کي نه جدا ڪر

ونحن جو وفادار سخن ياد سدا ڪر

ڀُل ڪين ڀُلين ڇو تو ڀُلڻ ڪم نه ڀَلن جو

ميدان ملهائج هي آ ميدان مَلهن جو

 

تون عرش جو ساڪن ٿي ڪري فرش تي آئين

هن خاڪ جي پُتلي ۾ عبادت لئه سمائين

تون پاڻ ٿو پنهنجو هي هٿان وقت وڃائين

سَوَ توکي ملن ساهه جي هڪ ساههُ سَهائين

هت ساهه جي سوداگري درڪار رکي آ

پرواهه نه آ ڪشتي اسان پار رکي آ

 

ڪٿي آههِ سليمان ڪٿي آهي سڪندر

ڪٿي آههِ زبردست هو پهلوان پلنگر

ڪٿي آهي اهو دور درخشان بدر بَر

گهر سڀ جو ٿيو نيٺ وڃي ارض جو اندر

سنسار خبردار اٿئي دم جو ٽِڪاڻو

دک درد ۽ تڪليف الم غم جو ٽِڪاڻو

 

حق پاڪ زبردست جو سَڏُ نيٺ ته ٿيندو

سَو سورَ پيو پنهنجا ته هرڪو ئي پٽِندو

بَس ڀاءُ سڳو ڀاءُ جي ڀرساڻ نه ويندو

ڪم جيڪي ڪيان ٿو ۽ سي ڪڏهن ڪين ڇڏيندو

سِر ساهه گهُري کاڄ ٿو گهُل موت جو گهوڙو

ڏسنداسين اکين سان پيا هڪٻئي جو وڇوڙو

 

دنيا جي مزي موهه لکين مرد منجهايا

ڏئي ميٺ هڻي هيٺ گَبرگير گنوايا

هيڏانهن ويا جي وري هوڏانهن نه آيا

آهين هتي رهڻ جا عنوان اجايا

هر ڪنهن جي اڳي پوءِ جڳهه جاءِ قبر آ

اڄ مَرجي سُڀان مَرجي ادا ڪهڙي خبر آ

 

خود ذات الاهي جو عجب عار ٿَئي تو ۾

هوشيار ٿي غفار جو ديدار ٿئي تو ۾

سِر واري خودي مارِ ٻيو اسرار ٿئي تو ۾

رزاق جي ڳجهه راز جي انوار ٿئي تو ۾

تو ۾ ٿئي خبردار نفي نور جو تجلو

موسيٰ جي جبل وصف ڪيل طور جو تجلو

 

”دادن“ تون وسارج نه حق خالق و اڪبر

ذيشان درخشان سڄي ڏيهه جو ڏاتر

طئه ڪرڻو اڳيان آهي قيامت جو وڏو بر

هڪ گرم زمين زرد ٻيو تلوار جو سَنتر

ارمان اِهو آهي جو هن دورِ فنا ۾

ٿي وقت گذر مفت ويو دنيا جي ثنا ۾

 

ست سير سان رک خالقِ اڪبر جي محبت

وڌ سمجهه سڄي ڏيهه کان ڏاتر جي محبت

پڪ پُرجهه ڪري پاڙ تون پرور جي محبت

هِن در کان سواءِ غلط آ ٻي در جي محبت

دنيا جي محبت جو مزو سِر جو زلل آ

ٿي مرد سڃاڻيس منجهس خوف خلل آ

*

 

ڪڏهن شدت ڪڏهن شفقت ڏسو الله جي قدرت

ڪڏهن رحمت ڪڏهن زحمت ڏسو الله جي قدرت

 

ڪڏهن فرحت ڪڏهن فرقت ڏسو الله جي قدرت

ڪڏهن حسرت ڪڏهن نصرت ڏسو الله جي قدرت

 

ڪڏهن اُلفت ڪڏهن ڪُلفت ڏسو الله جي قدرت

ڪڏهن نوڙت ڪڏهن نفرت ڏسو الله جي قدرت

 

ڇا دنيا ۾ ٿئي ٿو حال ڏس دنيا جي پيارن جو

ڪڏهن عزت ڪڏهن زلت ڏسو الله جي قدرت

 

ڪِٿي راڻيون ڪِٿي راڻا، ڪٿي ڀاڳين سدا ڀاڻا

ڪٿي عيش آ ڪٿي عِشرت ڏسو الله جي قدرت

 

ڪٿي دارا سڪندر آ، ڪٿي رستم پلمبر آ

ڪٿي تخت آ ڪٿي تُربت ڏسو الله جي قدرت

 

ڪٿي آ تخت شاهي ۽ ڪٿي آ تاج شاهاڻو

ڪٿي هيبت ڪٿي هشمت ڏسو الله جي قدرت

 

حسينن حُسن وارن جا نيا ويا مڙهه مُقامن ڏي

ڪٿي سيرت ڪٿي صورت ڏسو الله جي قدرت

 

دليون مَٽجي ويون ماڻهن جون، ماڻهو ڀي ويا مٽجي

وئي برڪت پئي حرڪت ڏسو الله جي قدرت

 

نمازي آ ته ڪو ڪو آ، جي غازي آ ڪو ڪو آ

چڙهي وئي چوٽ تي بدعت ڏسو الله جي قدرت

 

جنهين وٽ آهي ناڻو سو سياڻو آههِ پوءِ توڙي

سندس ٻولي هجي ٻَت ٻَت ڏسو الله جي قدرت

 

پني کان پوءِ تي هڪڙو ڀي دم دنيا ۾ اي دادن

ملي ٿي ڪين ڪي فرصت ڏسو الله جي قدرت

*


 

 

جو برعرش - برين آهي سو خود اهلِ زمين آهي

جو آهي لامڪان سو دل جي ڪعبي جو مَڪين آهي

 

پري ٻانهي کان ناهي هو هميشہ هم نشين آهي

سميع ۽ بصير آهي هو داور دانابين آهي

 

اي همت وارا ڇو اڄ تنهنجي همت نُڪتچين آهي

درِ اغيار سجده ۾ جهڪيل تنهنجي جبين آهي

 

اهو ڪم جو ڪري عاقل جو بلڪل بدترين آهي

سڃاتو جن خدا پنهنجو انهن کي آفرين آهي

 

سندس رحمت جو دريا جوش ۾ ايندو جڏهن ”دادن“

گـــنهگارن کي بخشيندو اهو دل کي يقين آهي

*


 

اي منهنجا خدا تون شاهه و گدا

يڪسان ڪرين ته ڪري ٿو سگهين

تون ڪنهن به غريب کي ساٿ ڏئي

سلطان ڪرين ته ڪري ٿو سگهين

 

تون يڪدم ٿوري هوا مئون وڏو

طوفان ڪرين ته ڪري ٿو سگهين

تون حشر جو برپا اڄ ئي اگر

ميدان ڪرين ته ڪري ٿو سگهين

 

تون حاڪم کي هڪ نوڪر جو

دربان ڪرين ته ڪري ٿو سگهين

ڪنهن ڀينگي سڃي مفلس کي

جي خان ڪرين ته ڪري ٿو سگهين

 

حڪمت ۾ حڪيمن جي نه اها

طاقت آ ايئن اي منهنجا خدا

تون ڪنهن به ڪراڙي ماڻهوءَ کي

نوجوان ڪرين ته ڪري ٿو سگهين

 

تون ڪيڏي به مشڪل ”دادن“ جي

آسان ڪرين ته ڪري ٿو سگهين

گهر دادن جي محبوب سندس

مهمان ڪرين ته ڪري ٿو سگهين

*

 

منهنجي قدير پاڪ جي قدرت دراز آ

مالڪ سڄي مُلڪ جو ئي بندهه نواز آ

 

گردش عبس زماني ڏَس تنهن کي ڇا ڪندي

جنهن جي مٿانهن دائمي رازق جو راز آ

 

ناهي ڪو خوف حشر قيامت جو جيڪڏهن

يادِ خدا ۾ دل هي سدا سرفراز آ

 

ڪهڙو ڪيان بيان عيان شان ڪبريا

ساري جهان جو، جو قوي ڪارساز آ

 

حضرت رسولؐ پاڪ سندس يثربي حبيب

جنهن جي شفا تي، پنهنجي گناهن تي ناز آ

 

هردم سنڀال خالق و اڪبر کي دادنا

لاريب جنهن جي ذات وڏي بي نياز آ

*

 

 

نعت

 

محشر ۾ وڃبو شافيءِ محشر جي سامهون

سردار پاڪ مصطفيٰ اطهر جي سامهون

هر هر پيو چئي آهي ٿيو احسان خدا جو

هن جو آ سڀئي جيڪو آ سامان خدا جو

سڀ شڪل نبي کي ڏسي حيران ٿيون حورون

صد بار پئي پيزار تان قربان ٿيون حورون

 

حورون پيون چون سيد سالار اچي ويو

جو سڻنديون هيونسين اهو سردار اچي ويو

همدرد تيمن جو سچو يار اچي ويو

محبوبِ خدا مصطفيٰ مهدار اچي ويو

جبريل به وچ تائين وري آئيو موٽي

ٿي ارڙهه ورهه رات ملاقات جي ڇوٽي

 

دربار جي نزديڪ جُتي لاٿي پَئي سرور

ٿيو پردي منجهان حڪم جُتي لاهه نه دلبر

محجوب نه ٿي منهنجا اي محبوب منور

سڀ تنهنجي مون دعوت ۾ هتي آهي ڪيو محضر

گهر تنهنجو آ تون آءُ جُتي ساڻ پيارا

دعوت تون اچي کاءُ ڀَلي منهنجي ڀلارا

 

ٿيو عبد ۽ احدي جو ذرا ڪو نه تفاوت

بَس ”دادنا“ ٿي نور سان ويو نور ملاوت

ڪيڏي نه عطا ٿي وئي سيد کي سعادت

عربيءَ جي حوالي ڪئي خدا پنهنجي ارادت

جو پردو هيو وچ ۾ اهو پردو کڄي ويو

طرفينِ ڏهون ڪوٽ حجابن جو ڀڄي پيو

*


 

 

سڳوري شهر مڪي ۾ سچو سردار پيدا ٿيو

شفيع المذنبين سيد مٺو مهندار پيدا ٿيو

 

سڄي عالم جو سرور پيشوا سالار پيدا ٿيو

اسان پارن گنهگارن سندو غمخوار پيدا ٿيو

ڀلاري وقت امت جو اجهو - آڌار پيدا ٿيو

ربيع الاول جي ٻارهين احمدِ مختيار پيدا ٿيو

سعادت مند محبوبِ خدا منٺار پيدا ٿيو.

سڳوري شهر مڪي...

 

لهي آيا ستارا نوري عبدالله جي گهر ۾

اُڀا بيٺا ملائڪ منتظر ڪوئي پيغمبر ۾

وجهن پيون هارَ حورون آمنه کي حال خوشتر ۾

خوشي ٿي آسمان ۾ ۽ زمين ۾ بحر ۾ بر ۾

پيارو رب جو اطهر نبي نروار پيدا ٿيو

سڳوري شهر مڪي....

 

خضر، الياس، يونس، عيسيٰ آيا خاص خدمت ۾

ٿيو اميدوار آدم ڀي خود حضرت جي شفقت ۾

وسامي باهه وئي دوزخ جي ٿي وئي عيد جنت ۾

چوي هر هر پئي دائي حليما پئجي حيرت ۾

اڳي منهنجي هٿن ۾ هيئن نه ههڙو ٻار پيدا ٿيو

سڳوري شهر مڪي....

 

ٿي ڳايا سهرا حورن ۽ وحي جهولو جهُلايو ٿي

مبارڪباد جو هر طرف کان آواز آيو ٿي

نبين سڀني اي ”دادن“ ادب کان سر جهڪايو ٿي

ابوجهل ۽ ٻين هڪ ٻئي کي ڪُنڊ سُنڊ ۾ ٻڌايو ٿي

هي عبدالله جو پٽ غالب ڪفار پيدا ٿيو

سڳوري شهر مڪي....

*

خدارا ڪر مدد منهنجي محمد مصطفيٰ مدني

پهاڙن ۾ پيو آهيان ٿي ڀيڙو ڀرجهلا مديني

 

مان تنهنجو اُمتي بدڪار آهيان اي مٺا مدني

مددگار آهي منهنجو ڪونه ڪو تو کانسوا مدني

ڪِري مون تي گناهن جا پهاڙ آهن پيا مدني

 

خدا کي راضي ڪر منهنجي مٿان بحرِ خدا مدني

خدا جي سا رضا آهي جا تنهنجي آ رضا مدني

خدا جو خاص آهين تون ۽ تنهنجو آ خدا مدني

 

مريض آهيان گناهن جو مان لاغر لا دوا مَدني

شفا منهنجي لئه ڪافي تنهنجو آ دارالشفا مدني

نظر تنهنجي آ منهنجي ڪان دوا مدني دُعا مدني

 

نڪي تارو نڪي ترهو نڪي سيڻاهه ساڻ آهي

نڪو سنگتي نڪو ساٿي فقط بَس پنهنجو پاڻ آهي

ڏئي هٿ ٻاجهه جا هُن پار ڪر خير الوريٰ مدني

 

ٿيا درخت به اي شاهد نبي تنهنجي نبوت جا

پڙهيو جن توتي ڪلمو تن کي ملي ويا جامِ جنت جا

تون آهين رحمت العالمين اي دلربا مدني

 

 

نه هڪ ”دادن“ شفاعت تنهنجي ۾ اميدوار آهي

مگر هر اُمتي ڪهڙو ڀي تو وٽ عرضدار آهي

سڀن جو تو ۾ آهي آسرو نورالهديٰ مدني

*


 

 

مديني وڃان مصطفيٰ چوندو چوندو

تنهان پوءِ نجف مرتضيٰ چوندو چوندو

 

حسين ابن حيدر ڪسڻ وقت تائين

ويو دشمنن کي دعا چوندو چوندو

 

ابوجهل آخر جهنم کي پهتو

نبي پاڪ کي ڇا مان ڇا چوندو چوندو

 

محمّد کي معراج جي رات خالق

ڏئي هٿ پيو صلي عليٰ چوندو چوندو

 

محمّد جي تعظيم خاطر خدا خود

اٿيو پردي مان مرحبا چوندو چوندو

 

مران هن جهان مان اڳ پوءِ اي ”دادن“

رسولِ خدا جي ثنا چوندو چوندو

*


 

 

محمّد اسان لئه پيغمبر ٿي آيو

حقيقت جو حضرت سمندر ٿي آيو

 

ٻڌون ٿا ته موسيٰ هيو دوست حق جو

مگر هي ته داور جو دلبر ٿي آيو

 

شريعت ڪنان ٿو ڊڄان نه ته چوان آءٌ

نبي پاڪ الله اڪبر ٿي آيو

 

سندس آل مان مرد فياض ”دادن“

ڪو چشتي، بُلا، ڪو قلندر ٿي آيو

*

يا رسول الله ڇڏ ديدار جون کولي دَريون

ڀرجهلا توکي ڏسي آجيون ٿين عيبن ڀَريون

 

توکي ڏسڻو آ ڪنهين کي عشق جي اک سان ڏِسي

ڇا ڏسي سگهنديون سڄڻ توکي انڌيون ان جون چَريون

 

ٿيا شڪي شمس و قمر تارا ڪتيون ٽيڙو ٽنگڙ

حسن تنهن کي ڏسي حيران ٿيون حورون پَريون

 

سرمو پاتو طورسينا جو ڀي اکڙين ۾ مگر

خاڪ پاتم تنهنجي در جي تڏهن تا اکڙيون ٺريون

 

آهي بي ادبي چمڻ ۾ تنهنجي پيرن جون پٺيون

چپ مٿان ٿين پير هيٺان تنهن ڪري چمچن تَريون

 

يا رسول الله ڪر تون درد ”دادن“ جا دفع

تون ڪرين جنهن تي نظر ٿين بي خطر کوٽيون کَريون

 

يا رسول الله مان توسان مديني ۾ اچي

روبرو کولي ڪندس آهن ڳجهيون ڳالهيون ڳريون

*

مٺي مرسل سندي معراج تي اڄ رات تياري آ

وٺي جبرئيل جنت مان آندي سالم سواري آ

 

فرشتن جون صِفون سالم لڳي ويون حَرَمَ جي اڳيان

و ليڪن وقت ان شيطان کي ٿي شرم ساري آ

 

ڪري بيدار سرور کان پڇو روح الامين ڇا ٿئي

هلو حضرت سندي مولا ڪئي مهمانداري آ

 

ڏسي عيسيٰ عجب ۾ پيو فلڪ چوٿون ويس وسري

چيو سبحان اڄ موليٰ نئين قدرت ڏيکاري آ

 

جڏهن داخل ٿيو جنت، ٿيون حيران سڀ حورون

چون بيشڪ جهلڪ تو ۾ الاهي نور واري آ

 

جڏهن تشريف فرما ٿيو - مٿي عرش معليٰ تي

اجهامي ويا سڀئي دوزخ بهشتن ۾ بَهاري آ

 

چيو ڇا ذات خالق جي اي عربي دلربا جنهن کي

وٺائين يا ڇڏيائين ڪل اوهان جي اختياري آ

 

ڏسي ”دادن“ محمّد سان خدا جو پيار چئجي ٿو

ڪٿي عيسيٰ ڪٿي موسيٰ ڪٿي يحيٰ جي ياري آ

*

 

ناشاد مصطفيٰ کان دلشاد بڻجي آيو

برباد جو هيو سو آباد بڻجي آيو

 

موصوف هر صفت آ سردار مرسلن جو

هر عيب کان محمّد آزاد بڻجي آيو

 

آدم کان ابتدا ۾ مظهر هيو محمّد

آدم جو بعد ۾ هي اولاد بڻجي آيو

 

خير النساء جو بابو حَسنين جو آ نانو

مشڪل ڪشا سندس جو داماد بڻجي آيو

 

امي نه چئه نبيءَ کي شاگرد آ خدا جو

دنيا جي عالمن جو استاد بڻجي آيو

 

آڌار عاصين جو مهندار بيڪسن جو

بيداد جو اي ”دادن“ هيءُ داد بڻجي آيو

*


 

 

اسان جي واسطي آهي شفاخانو محمّد جو

کلي ويو آهي رندن لئه مئه خانو محمّد جو

 

مون پيتو آهه پر مئه وارو پيمانو محمّد جو

نه ٿيندو حشر ۾ مئه نوش بيگانو محمّد جو

لڳو پيو يادگيرو آهه روزانو محمّد جو

فقط پنهنجي زبان تي آهي افسانو محمّد جو

 

مديني ۾ وڃي مان نوڪري ڏيان شاهه شاهان جي

ٻُهاريان خاڪ ڏاڙهيءَ سان سندس روضهء جي ايوان جي

نه مستانپ ۾ مون سان آهي حاجت ڪا زليخان جي

هو مستاني آ يوسف جي مان مستانو محمّد جو

 

محمّد جي محبت ديس ۾ پرديس ۾ آهي

طبع خوش مارئي وانگي کٿي ۾ کيس ۾ آهي

نه هيئن ديوانگي مون وانگر مجنون ڪيس ۾ آهي

هو ديوانو آ ليلان جو مان ديوانو محمّد جو

 

نه ڪنهن ڀي اُمتي کي حشر ۾ حضرت وساريندو

وٺي نالو مگر هڪ هڪ ڪري حضرت پڪاريندو

اي ”دادن“ حوضِ ڪوثر جا ڀري پيالا پياريندو

وساريو ڪين احسانو مسلمان محمّد جو

*

 

رتبي کان مصطفيٰ جي ڪو برتر نه ٿي سگهيو

مهمان عرش تي ٻيو پيغمبر نه ٿي سگهيو

 

معراج واري رات هو الله ميزبان

اعزاز ۾ هو ڇا جو ميسر نه ٿي سگهيو

 

يوسف حسين ڪيڏو به آهي اگر مگر

حضرت جي حسن پاڪ جو همسر نه ٿي سگهيو

 

دشمن سان ڀي ڀلايون ڀلارو ڪندو رهيو

ناراض ڪنهن تي سيدِ سرور نه ٿي سگهيو

 

آبوريا نشين شهنشاههِ دوجهان

دنيا ۾ هيئن ڪو دين جو رهبر نه ٿي سگهيو

 

مصري ۽ ماکي ڇا لڳي لب جي لعاب سان

ثاني پگهر جو عطر ۽ عنبر نه ٿي سگهيو

 

لکندي ثنا نبي جي اچي عمر ٿي تمام

”دادن“ کان پورو شان ۾ دفتر نه ٿي سگهيو

*

 

مران دم ڏئي شل پڪاري محمّد ؐ

وهان ڪيئن وسيلو وساري محمّد ؐ

 

قطب غوث هڪدم وڃي ڇو نه بنجي

فقط جنهن ڏي ٿورو نهاري محمّد ؐ

 

سڏي حوضِ ڪوثر جو هرهڪ کي هٿ سان

پيالو ڇڏيندو پياري محمّد ؐ

 

ڪريون ليڙيون لهريون ۽ شينهن جون مائون

پهاڙن ۾ ٻڪريون پيو چاري محمّد ؐ

 

خدا ڀي انهيءَ کي ڌڪاري ڇڏي ٿو

اي ”دادن“ ٿو جنهن کي ڌڪاري محمّد ؐ

*

 

سوداءُ نه مون کي آهي ڪو سروئي چمن جو

مان شيدا آهيان قدِ رسول مدني جو

 

حضرت جا نمايان ڏسي، دندان مبارڪ

ٿي رنگ کِجل ويو، عقيقي يمني جو

 

ڇا قيس کي نسبت، اويس قرني سان

ليلان جو هو عاشق، هي رسول مدني جو

 

مرڪڻ سان محمّد جي، تجلات ٿي اهڙي

جلوو نه رهيو ”دادن“، در عدني جو

*

 

التجا منهنجي مٺا يا مصطفيٰ منظور ڪر

قلب روش ڪر و ليڪن دور هي ديجور ڪر

 

امن پنهنجي سان نبي ويري سڀئي وهلڪور ڪر

مهر شفقت ساڻ منهنجو من گهڻو مسرور ڪر

 

رعب آتش ڪر، سندم، دشمن سندم ڪافور ڪر

جي ڦرن مون ڏانهن تن جي، چيلهه چِڪنا چور ڪر

 

عشق ذاتي ساڻ مون کي، ڀرجهلا ڀرپور ڪر

طور ڪر سينو سندم، ۽ دل چراغ طور ڪر

 

مجتبيٰ ”دادن“ گدا مجبور کي مشڪور ڪر

درد غم الزام عصيانه پيغمبر دور ڪر

*

 

ٻڌوسون ڪونه ڪو ڪاٿهن محمّد مصطفيٰ جهڙو

ڏٺوسون ڏيهه ساري ۾ نه عربي دلربا جهڙو

 

حبيب آهي نه ڪنهنجو ڪو حبيب ڪبريا جهڙو

ٿيو ڪا انبيا اڳ ۾ نه فخر النساءَ جهڙو

نه والد آهي ڪنهن جو والدِ خيرالنساءَ جهڙو

 

نه محبوب آهي دنيا ۾ ڪو محبوبِ خدا جهڙو

نه ٿيو آهي ڪو سهڻو سهڻي احمد مجتبيٰ جهڙو

قدم جي خاڪ جو ذرو آ روشن مهلقا جهڙو

 

ڇڏيندو ڪينڪي اُمت پيغمبر پيشوا پنهنجي

قيامت ۾ ڪندو عاصين مٿان شافع شفا پنهنجي

گنهگارن جو ڪونهي خير خواه خير الوريٰ جهڙو

 

دوا، دارون انهن جو آجي آهن لادوا جهڙا

سوالي خالي ويندا ڪين ڪي ”دادن“ گدا جهڙا

ڪري ادنيٰ کي اعليٰ هي آ اهڙو دَرُ سخا جهڙو

*

 

ربيع الاول جي ٻارهين رات، ختم الانبياء آيو

رکي سر پاڪ تي سردار، تاجِ انما آيو

 

آ عبدالله جي گهر ۾ حبيب ڪِبريا آيو

مريضن لئه دوا جي واسطي دارون دوا آيو

 

ڀلارو ڪالي ڪملي وارو سچو رهنما آيو

شهنشاههِ دو عالم والدِ خِير النساء آيو

 

ڪري ڪنگرا اچي پٽ تي پيا ڪيئن ڪوٽ ڪسريٰ جا

شفيع المذنبين سيد نبي نورالهديٰ، آيو

 

ڪيا ٿي رقص غلمانن ۽ حورن جام جنت ۾

عرب جي سرزمين تي جڏهن محبوبِ خدا آيو

 

ملائڪ ڏي مبارڪ پيا چون آداب سان هوريان

هي حفصه، امه سلمه، عائشہ جو قد خدا آيو

 

وڃون ها بحر عصيان ۾ سڀئي عاصي ٻُڏي ليڪن

خدا جي فضل سان ڪشتي جو ڪامل ناخدا آيو

 

لهي آيو زمين تي عيسيٰ استقبال جي خاطر

ستاري سعد ۾ پيغمبرن جو پيشوا آيو

 

نه دنيا ۾ ڏٺو ڪنهن ابن عبدالله جو پاڇو

مجسم نور ذاتي جو منور مجتبيٰ آيو

 

ضرورت ڪانه هئي سينگار سرمي جي ڪا سڄڻن کي

ڪري سينگار ۽ سرما اڳيئي دلربا آيو

 

ڏسڻ ۾ شام جي ڏاچن جون آيون ٿي ڳچيون ”دادن“

آ جهڙي وقت مڪي ۾ محمّد مصطفيٰ آيو

 

وحيءَ جي معارفت نازل ٿيو اقراء بسم جو تحفو

کڻي غارِ حرا مان ڇا نه نسخه ڪيميا آيو

*

 

منهنجي ڪر ڪا مدد يا نبي مصطفيٰ

اي حبيبِ خدا خاتم الانبياء

 

توکي خاتون خير النساء جو قسم

توکي حيدر شہ ڪربلا جو قسم

توکي عباس زين العبا جو قسم

اچي مشڪل ۾ ٿي ساڻي سيد سچا

 

منهنجي دشمن کي بدحال برباد ڪر

مون کي دنيا ۾ عقبا ۾ آباد ڪر

مون کي ماحول گندي کان آزاد ڪر

رهي انسانيت ۾ نه آهي وفا

 

تو جهڙو نه رهبر پيغمبر ڏٺم

تو جهڙو نه عالم ۾ سرور ڏٺم

تو جهڙو نه ڪو بنده پرور ڏٺم

جيڪا تنهنجي رضا سا رب جي رضا

 

تون ياسين طــٰــہ مزمل منير

تون وليل و شمس روشن ضمير

تون محبوب الله جو بي نظير

تون ماکيءَ کان آهين مٺو اي مٺا

 

تنهنجي وصف و ثنا برزبان ڇا چوان

ٿيندي پوري نه هرگز هِجي ياروان

عمر ساري لکان ڪين پورو پوان

تنهنجي عظمت کي ڄاڻي ٿو بس ڪِبريا

 

تنهنجو مرسل مدح خوان ”دادن“ فقير

ڏاڍو آهي گنهگار هيڻو حقير

حيات آهي، آهين سميع ۽ بصير

سگهو حاضر حمايت ۾ ٿي مجتبيٰ

*

 

اي صبا منهنجو کڻي پيغام پيغمبر ڏي وڃ

مصطفيٰ مهندار مرسل سيدِ سرور ڏي وڃ

 

۽ علي مشڪل ڪشا خاتون جي شوهر ڏي وڃ

واسطي الله جي شبير ڏي شير ڏي وڃ

 

منهنجي بنسبت خالقِ اڪبر ڏي ڏس اڪبر ڏي وڃ

گهوٽ قاسم ڏي تون وڃ ۽ تشنه لب اصغر ڏي وڃ

 

عابد بيمار ڏي وڃ زينبِ مفطر ڏي وڃ

وٺ خبر منهنجي تون ننڍڙي عون ۽ جعفر ڏي وڃ

 

درد ”دادن“ جي ڪا پرگهور هڪدم لهه صبا

وڃ حبيب حضرتِ عباس ڏي ۽ حُر ڏي وڃ

*


 

 

الله ڪيو اعليٰ ڇا شان محمّد ؐ جو

شاهد ٿيو رسالت ۾ قرآن محمّد ؐ جو

 

امت کي قيامت جي گرمي ۾ پڪاريندو

ڪيڏو نه اهو هوندو احسان محمّد ؐ جو

 

جنت کي ڪندس ڇا مان جنت نه کپي مون کي

جنت کان زياده آ ايوان محمّد ؐ جو

 

سگ بڻجي مديني جي گهٽين ۾ پيو هوندس

ان ريت وڃي ٿيندس محمّد ؐ جو

 

هيئن ڇو نه چوان ”دادن“ عزت ۾ مٿي آهي

دارا ۽ سڪندر کان دربان محمّد ؐ جو

*

 

ٿيندو نه ادا شان محمّد ؐ جو چوڻ ۾

طاقت آ قلم کي جو ڪري ختم لکڻ ۾

باطن ۾ هيو نور ۽ آدم هو ڏسڻ ۾

ازغيب کان اڄ آئيو آواز ٻڌڻ ۾

برپشت براق عرش ڏي سردار وڃي ٿو

معراج تي اڄ مصطفيٰ مهندار وڃي ٿو

 

وڃ هيٺ لهي جلد ٿيو حڪم وحيءَ کي

مهمان آ اڄ منهنجو وٺي آ تون نبيءَ کي

دعوت ڏي وڃي منهنجي سردار سخيءَ کي

بس کولڻو هن ساڻ آ ڪنهن راز خفيءَ کي

اڄ آه ارادو ته هو مهمان اچي ٿئي

پردو نه رهي پاڻ ۾ يڪسان اچي ٿئي

 

وَڃُ مون ڏي سگهو سيد سرور کي وٺي آ

محبوب مٺي روءِ منور کي وٺي آ

گهر منهنجي ۾ اڄ پياري پيغمبر کي وٺي آ

برعرش والئي ڪوثر کي وٺي آ

آ ننڊ ۾ سردار تون جاڳاءِ ادب سان

خدمت ۾ نبي پاڪ جي ڳالهاءِ ادب سان

 

وَڃُ منهنجو پرينءَ کي اهو پيغام وڃي ڏي

اڄ راز آهي کولبا اڳ مخفي هيا جي

جبريل ٻڌي حڪم لهي آيو زمين تي

ان وقت لکن ٿا ته هو آرام نبيءَ کي

جبريل محمّد کي ادب سان اٿاريو

جبريل ڏي سردار کڻي نيڻ نهاريو

 

جبريل ڪيو عرض اٿو ختم نبوت

اڄ عرشِ معليٰ تي آ الله جي دعوت

حاصل نه اها ڪنهن به پيغمبر کي ٿي عزت

معبود کي ٿي تنهنجي ملڻ جي آ محبت

خدمت ۾ براق آهي سڄڻ تنهنجي سواري

تون آهين سوار ۽ مان مٺا آهيان مَهاري

 

برپشت براق عرش ڏي سردار چڙهي پيو

الله ڏي الله جو دلدار چڙهي پيو

معراج تي اڄ مصطفيٰ مهندار چڙهي پيو

سالار سوا لک جو پڳدار چڙهي پيو

عرشن جا ستئي ان گهڙي دروازا کُلي پيا

خوشبوءِ جا سڄي ملڪ ۾ هڳسان هلي پيا

 

عيسيٰ کي چيو موليٰ ته هوشيار اي عيسيٰ

تعظيم ڪرڻ لاءِ ٿي تيار اي عيسيٰ

مون ڏي ٿو اچي سيد سردار اي عيسيٰ

ڪر منهنجي پرين پياري جو ديدار اي عيسيٰ

هن وقت اجهو نور اچڻ وارو اٿيئي

گهر منهنجي ۾ مهمان ٿيڻ وارو اٿيئي

 

حورن کي ٿيو حڪم ته صورت کي سينگاريو

هڪٻئي کي قطارن ۾ ڪري سهڻو سنواريو

صورت ڏي محمّد ؐ جي ادب ساڻ نهاريو

جنهن وقت محمّد ؐ اچي صلوات پڪاريو

گهر منهنجي ۾ اڄ منهنجو هو محبوب اچي ٿو

طالب کي ملڻ عرش تي مطلوب اچي ٿو

 

پهتو آ جڏهن چوٿين فلڪ تي وڃي حضرت

پيدا ٿي وئي سڀني نبين ۾ مسرت

حيران ٿيا هيڏي ڏسي عربيءَ جي عظمت

سڀني کان وڌ ٿي سيد سردار جي سبقت

عيسيٰ ۽ ٻيا انبياء ديدار لئه آيا

تعظيم ڪرڻ خدمتِ سردار لئه آيا

 

جنت ۾ جڏهن آئيو مهمان خدا جو

ادريس ڏٺو نورِ درخشان خدا جو

هر هر پيو چئي آهي ٿيو احسان خدا جو

هن جو آ سڀئي جيڪو آ سامان خدا جو

سڀ شڪل نبي کي ڏسي حيران ٿيون حورون

صدبار پئي پيزار تان قربان ٿيون حورون

 

حورون پيون چون سيدِ سالار اچي ويو

جو سڻنديون هيونسين اهو سردار اچي ويو

همدرد يتيمن جو سچو يار اچي ويو

محبوبِ خدا مصطفيٰ مهندار اچي ويو

جبريل به وچ تائين وري آئيو موٽي

ٿي ارڙهه ورهه رات ملاقات جي ڇوٽي

 

دربار جي نزديڪ جُتي لاٿي پئي سرور

ٿيو پردي منجهان حڪم جُتي لاهه نه دلبر

محبوب نه ٿي منهنجا اي محبوب منور

سڀ تنهنجي مون دعوت ۾ هتي آهي ڪيو محفر

گهر تنهنجو آ تون آءُ جُتيءَ ساڻ پيارا

دعوت تون اچي کاءُ ڀلي منهنجي ڀلارا

 

ٿيو عبد ۽ احدي جو ذرا ڪونه تفاوت

بس ”دادنا“ ٿي نور سان ويو نور ملاوت

ڪيڏي نه عطا ٿي وئي سيد کي سعادت

عربي جي حوالي ڪئي خدا پنهنجي ارادت

جو پردو هيو وچ ۾ اهو پردو کڄي ويو

طرفين ڏهون ڪوٽ حجابن جو ڀڄي پيو.

*

 

مدينو ڏٺئه ان جو منظر ڏٺئه

ڏٺئه روضهء سرور نه سرور ڏٺئه

 

ڏٺئه ڪعبه پر ڪين پرور ڏٺئه

مصلا ۽ ديوار پٿر ڏٺئه

 

نه گهر وارو گهر واري جو گهر ڏٺئه

نه ٻاهر ڏٺئه ۽ نه اندر ڏٺئه

 

نه ڪي روح پنهنجي ۾ رهبر ڏٺئه

نه ڪي دل جي ڪعبي ۾ دلبر ڏٺئه

 

ڪنهين حد تائين برابر ڏٺئه

نه لاحد جو عشق اڪبر ڏٺئه

 

گهٽيون گهاٽ يثرب جا آئين گهمي

قسم کڻندي اکئين پيغمبر ڏٺئه

 

ٻڏي وئين تڪبير جي درياه ۾

ڏٺئه لهر لوڏا نه بندر ڏٺئه

 

نه ”دادن“ جو ساقي نه ساغر ڏٺئه

نه ان جي سخن جو سمندر ڏٺئه

*

ٿو جيئن سونهين سدائين آسمان چنڊ ۽ ستارن سان

ٿو تيئن سونهين سدا سرور سڳورن چئن يارن سان

 

شفيع المذ نبين سيد ميدانِ قيامت ۾

اگهاڙن سر ڪٺو هوندو گناهگارن ويچارن سان

 

لڙيو الله ڪارڻ ڪيئن پيادو ٿي سوارن سان

هي هڪ هو هڪ خدا سان ۽ هيا هوڏهون هزارن سان

 

مرڻ کان اڳ ۾ اي ”دادن“ خدا کي هي سوال آهي

اکئين هيڪر ڏسان روضو محمّد ؐ جو منارن سان

*

 

نه ٻارن سان نورالهديٰ کيڏندو هو

اگر کيڏندو هو جدا کيڏندو هو

 

سڏڻ ايندا ها مڪي جا ٻار ليڪن

نه ڪنهن سان وڃي مصطفيٰ کيڏندو هو

 

ڪتين سج ۽ چنڊ تارن سان مرسل

وڃي خادم الانبياء کيڏندو هو

 

حويلي ۾ حضرت اڳيان آمنه جي

کڻي پنهنجي ننڍڙي عصا کيڏندو هو

 

اي ”دادن“ ڪنهين کي لت ۽ ڪنهين کي مڪ

بتن سان رسولِ خدا کيڏندو هو

*

سرور سهڻا مون کي آهي قسم تنهنجي سر جو

تون پيارو آهين پرور جو تون شافي آهين محشر جو

 

آدم کان هيئن اڳ ۾ ظاهر غيب جي ساري علم جو ماهر

تون ساقي آهين ڪوثر جو تون شافي آهين محشر جو

 

رب قرآن ۾ ڏني آ گواهي آهين افضل نور الاهي

هيو ڏيک ۾ بيک بشر جو تون شافي آهين محشر جو

 

شان اوهان جو بالا برتر دائم در تي دارا سڪندر

نوڪر آهي نوڪر جو تون شافي آهين محشر جو

 

غارِ حرا مان جلوه نما ئي نور جي ٿي ڀرپور ضيائي

رهيو تاب نه شمس قمر جو تون شافي آهين محشر جو

 

”دادن“ تنهنجو آهي ثناگر تون ئي هادي تون ئي رهبر

سگهو داد ڪجو ڪمتر جو تون شافي آهين محشر جو

*


 

 

تنهنجو سڀني کان مٿي شان رسولِ عربي

شاهدي ٿو ڏئي قرآن رسولِ عربي

 

منهنجي مشڪل ڪيو آسان رسولِ عربي

نه ته پئي مون کي ٿو نقصان رسولِ عربي

 

توکي الله ڏنو ڇا ڇا نه رسولِ عربي

تنهنجو ثاني نه سليمان رسولِ عربي

 

توتي ڪلمي جو فقط ٿورو ڪري ٿي اُمت

تنهنجي اُمت جو آ ارمان رسولِ عربي

 

پنهنجي شفقت ڪا ڪجو پاڻ ڏسي محشر ۾

حال ”دادن“ جو پريشان رسولِ عربي

*


 

 

مديني ڏي وڃڻ جي واسطي ڏاڍو خيال آهي

مديني ۾ مران هيءُ رب کي منهنجو سوال آهي

 

جمالِ حضرتِ يوسف ڀي چئجي ٿو ڪمال آهي

و ليڪن رشڪ يوسف منهنجي حضرت جو جمال آهي

 

نه منهنجو آب داڻو آهي ڪو شايد مديني ڏي

جو هوندي سوندي پهچڻ ٿي پيو منهنجو محال آهي

 

مُحمّد جي شفا مون کي اماڻيندي بهشت اندر

مُحمّد جيئن ڪندو تيئن رب جي اڳيان بحال آهي

 

نه آرام آهي پنهنجي سر کي ساعت سنڌ ۾ ”دادن“

حياتي منهنجي، منهنجي واسطي هتڙي وبال آهي

*


 

 

مونکي شال ڏاتر ڏيکاري مدينو

قسم آهه ٿو ساهه ساري مدينو

 

مدينو اهو جنهن ۾ روضهء مُحمّد

وِهان ڪيئن هتي مان وساري مدينو

 

مديني کي ويجهي پوڻ وقت ڏاڍو

ٿيا خوش پري کان نهاري مدينو

 

مديني جا ماڻهو سڀئي منهنجا سائين

وڏو شان ٿو شرف ڌاري مدينو

 

ٻهاري جي هوندي مان ڏاڙهي سان ”دادن“

ڪريان صاف سارو ٻهاري مدينو

*


 

نِئين شَل مون کي ماري خالق اڪبر مديني ۾

ڏسان سهڻو نبي جو مقبرو اطهر مديني ۾

 

هميشہ واسطي ساڪن هجان جيڪر مديني ۾

لڳائي خاڪ تي پنهنجو وهان بستر مديني ۾

بنائي ويهجي ڇوٽو ڪکن جو گهر مديني ۾

وڃي پهچان رڳو مان هڪ دفعو هيڪر مديني ۾

 

زياده ڇو نه چئجي آبرو عزت مديني جي

قسم آهي خدا جو مَٽُ نه آ جنت مديني جي

مريضن لاءِ آ خاڪِ شفا شفقت مديني جي

جو آهي دفن دو عالم جو پيغمبر مديني ۾

 

مديني جون گهٽيون مان پنهنجي ڏاڙهيءَ سان ٻهاريندس

ڀري پاڻي هٿن سان پاڻ حاجين کي پياريندس

مٺو نالو مُحمّد جو پيو پلپل پڪاريندس

کڻي اک شوخ پنهنجي ڪينڪي ڪنهن ڏي نهاريندس

گذاريندس مان پنهنجي عمر بس ان پر مديني ۾

 

گهران دم دم دعائون ٿو پيو مان رب الاهي کان

بچائيندو مونکي موجوده گردش جي تباهيءَ کان

هتان جو گهٽ تونگر آ مديني جي سپاهي کان

اي ”دادن“ ڏاڍو بهتر آ هتان جي بادشاهي کان

وڃي ڪنهنجو نه ڪنهنجو بيجهي نوڪر مديني ۾

*

 

اسان جو پيشوا محبوب مرسل مصطفيٰ آهي

شفيع المذنبين سيد حبيبِ ڪبريا آهي

 

هو آهي محب مولا جو ۽ فخر انبياء آهي

سڄو عالم سندس ئي نور سان ٿيو پُرضيا آهي

 

شفا ناهي ثوابن لئه گناهن لئه شفا آهي

اڳي پوءِ انبيائن جو مدد خير الوريٰ آهي

 

ادا ”دادن“ ڍڪيندو ڄامُ احمد نه ته اسان کي تان

قبر ۽ ڪا قيامت جي خبر ناهي ته ڇا آهي؟

*


 

 

حيات آهي اسان جو سيد سرور اڃا تائين

آ آجو موت کان الله جو دلبر اڃا تائين

 

مديني ڏي نٿو قسمت ڪري پرور اڃا تائين

گهرائي پاڻ ڏي ٿو ڪين پيغمبر اڃا تائين

 

خدا کان بعد شان آهي ته بس آهي محمّد ؐ جو

نه ٿيو آهي نه ٿيندو ڪو سندس همسر اڃا تائين

 

نبيءَ کان پوءِ بلال آهي ڪريو بي هوش ٿي جا ٿي

انهيءَ مسجد ۾ بيٺو آ اهو ممبر اڃا تائين

 

رسول الله جي چائنٺ چمائيندو خدا ”دادن“

گهڻي مدت کان پنهنجو ٿو جلي اندر اڃا تائين

*


 

 

محمّد مصطفيٰ سهڻو حسين آهي حسينن ۾

سندس ثاني نه آهي آسمانن ۽ زمينن ۾

 

سندس جي سهڻي صورت پاڪ جو ڪهڙو بيان ڪريان

ثنا ساراهه سرور جي زبان سان ڇا عيان ڪريان

نه پورو شان احمد ٿيندو هفتن ۾ مهينن ۾

 

نه ثاني حسن حضرت جو آ يوسف ماهه ڪنعاني

بشر جي آههِ صورت ۾ مگر آ نور نوراني

هي محبوبِ خدا محبوب آهي مہ جبينن ۾

 

لڙي پيا حجر اسود جي کڻڻ تان سڀ قريش اعظم

کڻايو سڀني کي حضرت وجهي چادر ۾ سو هڪدم

ٽٽو جهڳڙو ڏسو ڪيڏو امين آهي امينن ۾

 

سدا سرسبز آ اسلام جو گلشن اڃا تائين

خدا جي فضل سان محفوظ اي ”دادن“ اڃا تائين

امانت عشقِ عربي آ مسلمانن جي سينن ۾

*


 

 

رسول الله جو ثاني نه همسر ڪو جهان اندر

فلڪ اندر زمين اندر بلڪ ڪونو مڪان اندر

 

پڙهن صلواة کي ٿا فرشتا آسمان اندر

مفرح نام احمد ڄام جو هرهڪ بيان اندر

 

مون کي پنهنجي پيغمبر جي محبت جسم جان اندر

جگر اندر ۽ دل اندر، زبان اندر دهان اندر

 

سندس جي شان جو نغمه ٻڌم هر هنڌ ۾ ”دادن“

بيابان ڪوهه اندر صحرا اندر بوستان اندر

*

اي عاشقِ رسول ٻڌو هي ٻڌل بيان

هڪ ڏينهن نڪتو سير تي سردار دوجهان

خدمت ۾ هئا فرشتا هو الله پاسبان

نازان هئي زمين ۽ هو بوسيده آسمان

جيئن پهتو جهنگ ۾ وڃي محبوب مهربان

ڦاٿل ڏٺائين ڦاهي ۾ هڪ هرڻي بي زبان

 

هڪدم حضور پاڪ ٿيو هرڻيءَ جو رازدار

آيو مٿانهون هرڻي جي آقاءِ نامدار

دلدار بيڪسن جو اسيرن جو غمگسار

هرڻي ڏسي حضور کي روئي پئي زار زار

دلبر ڏنس دلاسو نه خطرو خيال ڪر

ڪيئن ڦاٿي آهين ڦاهي ۾ هرڻي ڪو حال ڪر

 

هرڻي به عجز عرض ڪيو روئي اڳيان عجيب

آيس ٻچا ڇڏي مان بکئي پيٽ لاءِ غريب

ڦاسي پيس مان اوچتي ڦاسي ۾ بدنصيب

ڪر ڪا مدد تون منهنجي اي الله جا حبيب

آزاد ڪر ته کير پياري اچان وري

ٻچڙن کي پاڻ ساري قطاري اچان وري

 

واعدو ٻڌي هي هرڻي جو محبوب ڪبريا

هٿڙن سان ڇوڙي ڳنڍيون پيو ڦاهي جون مصطفيٰ

حضرت حبيب هرڻي کي ڇوڙي ڇڏيو صفا

ڪيڏو نه آهي باحيا پيغمبرِ خدا

هرڻي حضور پاڪ کان اجازت وٺي وئي

ٿوري وڃڻ جي واسطي فرصت وٺي وئي

 

هڪدم ٻچن کي پهتي هڻي جال ڇوهه جا

رئندي ٻچن جي ماءُ ٻچن کي چيورابا

آخري هي کير پي وٺو منهنجا ننڍا ٻچا

شايد اوهان کان ٿيندي اوهان جي امان جدا

ضامن حبيب رب جو ڏئي آئي آهيان

آيس اجها حضور کي چئي آئي آهيان

قابو هيس مان دام ۾ دلدار آئيو

بس اوچتي ائين ڪندس سردار آئيو

واهر وسيلو آسرو آڌار آئيو

منهنجي مدد ۾ منهنجو مددگار آئيو

 

ڇوڙي ڇڏيائين هٿن سين پيو رحم کيس کي

واعدي وٺي ورڻ جو آ بيهي رهيو اتي

ٻچڙن چيو اسان به هلون ٿا ڪٺا امان

ڏيکار سو اسان کي حبيبِ خدا امان

ضامن جو تنهنجو آهه پيو باوفا امان

مارائيندو اسان کي نه سو باحيا امان

 

هرڻي چيو ٻچن کي ڀلي جان هلو ٻچا

اميد آهي ٿيندو ڀلي کان ڀلو ٻچا

هرڻي ٻچا وڃي ڪري واپس وهائيو

ماري به هوڏهون اوچتي ان وقت آئيو

هرڻي ڏسي نه شور شڪاريءَ مچايو

حضرت کي هيئن چيائين اي حضرت ٻڌايو

ڦاٽل هئي جا هرڻي سا آزاد ڪنهن ڪئي

اڄ روزگاري منهنجي آ بربادي ڪنهن ڪئي

 

حضرت چيس اي ماري تون نادان ڪين ٿيءُ

انسان ٿي تون جهنگ جو حيوان ڪين ٿيءُ

هرڻي اجها اچي ٿي تون پريشان ڪين ٿيءُ

ضامن مان آهيان هرڻي جو حيران ڪين ٿيءُ

ماريءَ چيو ته ناههِ اها ڪا خبر کري

ڪيئن جهنگ جو حيوان ٿو واپس اچي وري

 

پريان ائين ڪندي وئي اچي هرڻي باغيال

خدمت ۾ آئي ٻچڙا وٺي ننڍڙا نونهال

قدمن تي مصطفيٰ جي رکي سر ٿي پائمال

پئجي ويو عجب ۾ هي ماري ڏسي مثال

باعجز بانياز باادب باحجاب

ماريءَ چيو حضور کي تون ڪير آن جناب

 

حضرت چيس ته منهنجي خبر خاص عام آ

احمد به منهنجو نام، محمّد به نام آ

نازل مٿان ٿيو منهنجي خدا جو ڪلام آ

صلواة مون تي آهي ۽ مون تي سلام آ

آ رب موڪليو ڪري رحمت جهان تي

پيو رحم روح ۾ اچي هن بي زبان تي

 

نالو ٻڌي حضور جو حيران ٿي پيو

بروقت جي چوڻ تي پشيمان ٿي پيو

قدمن تي سر رکي ڪري قربان ٿي پيو

ڪلمو پڙهي نبي تي مسلمان ٿي پيو

رخصت ملي وئي هرڻي کي آزاد ٿي وئي

ڪيئن ساڳي ساڳي جهنگ ۾ آزاد ٿي وئي

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org