سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: دادن فقير جو ڪلام

باب --

صفحو :5

ڪشمڪش ۾ زندگي گذري وئي

سڀ حقيقت ٿي اڇي اُجري وئي

 

ٿي جواني ختم وئي اهڙي طرح

ڄڻ هٿن مان ڪا پَري اُڏري وئي

 

ٿي سگهيو پنهنجو ڀي پنهنجو ڪين

ڪاش پنهنجي اهڙي ڪا اُتري وئي

 

ٿيو سکن جو ڪين ڪي حاصل مزو

ٿي ڏکن ۾ نيٺ دل ڏُٻري وئي

 

زال دنيا ڪئي نه مردن سان وفا

رهندو ئي رن گهر کي ڏئي گُهمري وئي

 

بات بلبل جي نه طوطي جي تنوار

باغ مان ڪوئل وئي قمري وئي

 

داد محفل ۾ نه محفل جو مليو

ڀروسي جهڙي سنگت مُڪري وئي

 

بعد صدمن جي به ”دادن“ بعد ۾

تون نه سُڌرين خلق سڀ سُڌري وئي

*

 

ٿو ڀانيان موت پنهنجو مان وڃڻ دلدار جي ويجهو

جهلي دهشت وڃان ٿو ڪين ڪي مان يار جي ويجهو

 

دماغ آهي نه پورو ۽ طبيعت ڀي نه پوري آ

لڳي وئي تار وڃجي ڪين ٿو ڪم ڪار جي ويجهو

 

سندس رخسار ويجهو وڃجي ڪيئن جو مار زلفن جو

ڏنگڻ جي لاءِ ويٺو آ سندس رخسار جي ويجهو

 

ڪري بر مُنهن هليو وڃبو، هي سمجهي يار ٿو چرچو

وري اچبو نه اصلي بي وفا منٺار جي ويجهو

 

ڪئي سون عمر ڀر توبهه، چڱو ٿيو جو وري ٻي هر

محبت جي لاءِوڃبو ڪين ڪي دلدار جي ويجهو

 

خبر ناهي هي مون کي ڪهڙي بيماري ٿي وئي آهي

جو پنهنجو ڀي اچي ٿو ڪين مون بيمار جي ويجهو

 

کڻي تلوار مارڻ مُنهنجي لاءِ ايندو ته اي ”دادن“

جهليندس پنهنجو گردن مان وڃي تلوار جي ويجهو

*

 

وقت ٿو غيرت لتاڙي، ڇا ڪجي؟

ڪاڏي ڀڄجي ڪنهن تي ڀاڙي، ڇا ڪجي؟

 

ڇا ڪجي هت سچ چوڻ آهي گناهه

صبر ڀي ٿو ساهه ساڙي، ڇا ڪجي؟

 

ويو وڌي بس بدگماني جو مرض

هرڪو ٿو هڪٻئي کي تاڙي، ڇا ڪجي؟

 

چور ٿو چوري ڪيو کلندو وتي

ڀاڳيو ويٺو ڳوڙها ڳاڙي، ڇا ڪجي؟

 

ڪونه ڪو آهي ٻڌڻ وارو هتي

ڪنهن کي چئجي هنياءُ، ڦاڙي، ڇا ڪجي؟

 

پيون لهي ٽوپيون ۽ پٽڪا پيا لهي

سڀڪو ٿي پيو سر اگهاڙي، ڇا ڪجي؟

 

ڪنهن جي ڀي عزت سلامت ڪين آ

گهوڙا گهوڙا ڙي الاڙي، ڇا ڪجي؟

 

پاڙو پاڙي کي ٿو کائي ”دادنا“

ويهجي وڃي ڪنهن جي پاڙي، ڇا ڪجي؟

*

 

 

بي سمجهه کي ڇڏي ڏي ڀلي اڳڀرو هجي

تاڏي ڏسيس نانگ جو جاڏي ڏرو هجي

 

هنڌ دوستي جي سودو هجي پر کرو هجي

لالچ جو رستو دوست سان بلڪل ڍرو هجي

 

شرم ۽ حيا جو اک ۾ ذرا ڪجهه ذرو هجي

اهڙو نه کڻجي بار جو وت کان ڳرو هجي

 

ٻن ڏئي انهي کي ساڙجي صدبار دوستو

کائڻ جو کرو هجي ڪم جو ٻرو هجي

 

بس ٻيو خدا کان ڪجهه نه گهران ٿو اي ”دادنا“

هي پنهنجو سر سڄڻ جي جُتي جو ترو هجي

*

 

 

گذري ويو جو وقت سو موٽي نه سارجي

بي سمجهه ساڻ پنهنجو مٿو ڪين مارجي

 

اڄڪلهه بس غريب ٿي گهر ۾ گذارجي

ٿوري گهڻي ڳالهه تان جهڳڙو نه وارجي

 

اهڙو ڪجي تجربو جو پٿر پگهارجي

دشمن کي هٿ سان ڪين ڪي رستو ڏيکارجي

 

قدرت خداءِ جي آه اسان کئون اي ”دادنا“

سو ڀي ٽهي ٿو جنهن کي نه ڀرسان بيهارجي

*

 

بي اعتبار مٿان اعتبار ٿي نه پوي

هميشہ واسطي دل بيقرار ٿي نه پوي

 

ڪجي ڪمي نه ادائي ۾ قرب وارن سان

اجائي پاڻ تي ڪنهن جي ميار ٿي نه پوي

 

نه وڃجي اڻ سڏيو محفل ۾ يار جي هرگز

مبادا ڪنهن تي ڳرو پنهنجو بار ٿي نه پوي

 

چتائي ڪانُ ستمگر هڻي ٿو نظرن جا

ڪو واٽ ويندي مسافر شڪار ٿي نه پوي

 

ڀريل ٻئي مئي سان ڏسي جام چشم جانان جا

شرابي ڪو متان پرهيزگار ٿي نه پوي

 

مزو جواني ۾ ورتوسين عشق بازيءَ جو

سفيد ريش هينئر داغدار ٿي نه پوي

 

خزان ۾ آه ٿي ايجاد گل جي فطرت جو

خزان بدلجي وري نئون بهار ٿي نه پوي

 

رزيل ساڻ ڪڍي راز دل جو اي ”دادن“

شريف ماڻهو اجايو خوار ٿي نه پوي

*

 

 

دشمن ڪنهين جو رب ڪري دلبر نه ٿي پوي

برپا ڪنهين غريب ڪاڻ محشر نه ٿي پوي

 

گمراه راهه ۾ ڪو مسافر نه ٿي پوي

شل رحمدل ڪو ماڻهو ستمگر نه ٿي پوي

 

واعدي جي منهنجي يار کي ويسر نه ٿي پوي

هائو منهنجا اي دوستو نهڪر نه ٿي پوي

 

دانهون نه ڪر اي ”دادنا“ دانهن منجهان متان

دل دلربا جي ميڻ مان پٿر نه ٿي پوي

*

 

منهنجا حبيب مون کان تون هڪ پل پري نه ٿي

ڏاڍي بدن ۾ باهه ٻري ٿي ٺري نٿي

 

وئي جا هٿن مان دل سان ڪڏهن ڀي وري نٿي

تنهنجي سري ٿي پر مٺا منهنجي سري نه ٿي

 

سچ يار آهي، ڪوڙ جي ٻيڙي تري نٿي

جنهن دل ڌڻي سڃاتو اها دل مري نه ٿي

 

آهي جا ليک ۾ سا ڪڏهن ڀي ٽري نه ٿي

سڀ ڪجهه ڪري ٿي قدرت قسمت ڪري نه ٿي

 

”دادن“ غلام آهي سڄڻ تنهنجو عمر ڀر

ڳاري وڌو جدائي، جدائي ڳري نه ٿي

*


 

 

نه ڪڇڻو آ پڇڻو آ نه ڪي تڪرار ڪرڻو آ

اوهان کي عار ڪرڻو آ اسان کي پيار ڪرڻو آ

 

هجن پهرا هزارين مر هجن پسٽل ۽ بندوقون

سڄڻ سائين سندءِ ڪيئن ڀي ڪري ديدار ڪرڻو آ

 

ڪري بَر مُنهن هليو وڃبو انهيءَ اولهه جي هُن پاسي

اي سهڻا تنهنجي سرتئون پنهنجو هلڪو بار ڪرڻو آ

 

ضرور اچڻو آ تنهنجي اسپتال اندر بهاني سان

پڇاڙي پاڻ کي هٿ ساڻ ئي بيمار ڪرڻو آ

 

ڏٺوسين نيٺ اي ”دادن“ نتيجو دل لڳائڻ جو

محبت ڪرڻي اڄڪلهه ڪنهن سان ٻيڙو غار ڪرڻو آ

*


 

 

محبت ۾ رنج و بلائون به آهن

وفائون به آهن جفائون به آهن

 

سزائون به آهن ادائون به آهن

رضائون به آهن قضائون به آهن

 

مريضن مٿانهون حبيبن جا هٿڙا

دواون به آهن دُعائون به آهن

 

هميشہ چمن ۾ نه هوندي بهاري

ڪڏهن مختلف ڪي هوائون به آهن

 

بشر گهر خطائن جو آهي اي ”دادن“

بشر کان ئي ٿينديون خطائون به آهن

*


 

 

ديدار کان سواءِ نه ڪنهن شيءِ جي لوڙ آ

ڏاڍي وڌي اندر ۾ وڇوڙي لوڙ آ

 

ساجن سواءِ ساهه کي سڪرات سوڙهه آ

ساري بدن ۾ سور جي ڀڃ ۽ پروڙ آ

 

قصه دراز درد ٻڌي ڪين ڪي سگهيو

همراز ڀي خفا ٿيو قدرت جي جوڙ آ

 

ڪيڏيون به آفتون جي ٽُٽِي سِر مٿان پون

جهڙي يا تهڙي پاڻ کي بس ڪرڻي توڙ آ

 

ڪنهن کي ٻڌايان حال اندر جو اي ”دادنا“

هرهڪ زخم آ سيني ۾ ڄڻ هر جي اوڙ آ

*


 

 

ملائي يار جو تنهن کي ثواب ٿي ويندو

غريب هوندو ته هڪدم نواب ٿي ويندو

 

نه ايندو يار ته جيرو ڪباب ٿي ويندو

ڪندس جي آهَه تي پٿر به آب ٿي ويندو

 

وڄڻ ڪان مُنهنجي رڳن مان رباب ٿي ويندو

حسين ماڻهون کي هڪدم حساب ٿي ويندو

 

نصيب وصل جواني ۾ ٿيو نه اي ”دادن“

اڇي ڏاڙهي خانو خراب ٿي ويندو

*

 

زماني جون خبرون کٽڻ جون نه آهن

ٻڌايان ڇا ٻاهر ڪڍڻ جون نه آهن

 

سچيون دليون هرگز رسڻ جون نه آهن

سرن جي سٽن ۾ گسڻ جون نه آهن

 

جي ٻولين ٻڌيون سي ٽٽڻ جون نه آهن

هزارن جي ضد ۾ هٽڻ جون نه آهن

 

هي خون ۽ کٿوريون لڪڻ جون نه آهن

گريون ۽ گنجون ڀي وٺڻ جون نه آهن

 

جي بيماريون عشق بازي مان ٿي پيون

سي لقمان کنئون ڀي ڇٽڻ جون نه آهن

 

ڏسين بي رُخي ساڻ ٿو اڄ اي ”دادن“

اهي اکيون ساڳيون سڄڻ جون نه آهن

*

 

سِر ڏيڻ ۾ دير مان ساعت نٿو ڪريان

الفت ۾ پاڻ ساڻ ڪفايت نٿو ڪريان

 

ڪنهن سان به سچ چوڻ ۾ رعايت نٿو ڪريان

دشمن جي ڀي اجايو شڪايت نٿو ڪريان

 

ڦِٽڪيءَ جي مصري ساڻ ملاوت نٿو ڪريان

ڪنهن بي درد آدمي سان رفاقت نٿو ڪريان

 

سايو ڪري مان ڪا ڀي خيانت نٿو ڪريان

رحمت جي آسري تي عبادت نٿو ڪريان

 

اي ”دادن“ هي ڇاهي جو صدمن کان بعد ڀي

مان ختم پنهنجي عشقيه عادت نٿو ڪريان

*

 

اڙائي ديد دلبر سان سِر بازار ٿيو آهيان

ستم گر شوخ بي پرواهه جو مان يار ٿيو آهيان

 

بچڻ جو آسرو ڪونهي وڏو بيمار ٿيو آهيان

چوان ٿو پنهنجي قسمت کي سڄڻ کان ڌار ٿيو آهيان

 

رقيبن سان وتي ريڌهو ٿو هو روز شب باقي

ڀري ٻيڙيءَ سڄي ۾ مان اچي هڪ بار ٿيو آهيان

 

اي ”دادن“ دين مُسلم تي اسان کي اعتبار آهي

ڪليسا، ديرُ، مندر کان اچي بيزار ٿيو آهيان

*

 

محبت ۾ انڪار فطرت نه آهي

محبت کان خود خالي قدرت نه آهي

 

محبت نه جنهن ۾ مصيبت نه آهي

محبت ۾ سُک سان محبت نه آهي

 

محبت سِوا لطفِ ملت نه آهي

محبت ري جنت ڀي جنت نه آهي

 

محبت سچي جهڙي نعمت نه آهي

محبت ۾ سر ويو ته حرڪت نه آهي

 

بنا درد ”دادن“ ٻي لذت نه آهي

جي فرقت نه آهي ته فرحت نه آهي

*


 

 

ڇو اڄ ڪنهن کي احساسِ غيرت نه آهي

سو گل ڇا ڪبو جنهن ۾ نگهت نه آهي

 

جا دولت حرام آ سا دولت نه آهي

جنهن عزت ۾ ذلت سان عزت نه آهي

 

اڳئين وانگي ماڻهن جي نيت نه آهي

تڏهن رزق ۾ ڪنهن جي برڪت نه آهي

 

هي اهڙو سمو آه جو شير کي ڀي

گدڙ جي غلامي کان نفرت نه آهي

 

ڇا مائٽ هجي ڇا هجي دوست ”دادن“

ڪنهين ڪم جي هڪ ٻئي ۾ حجت نه آهي

*


 

 

اڳي ورلي مڪر هو اڄ سڄي دنيا مڪر ٿي وئي

ڪمايم جو ڪلر ۾ سا ڪمائي سڀ ڪلر ٿي وئي

 

بي آرامي خدا جي رات جا چارئي پهر ٿي وئي

ڪيئن ڪنهن جي انتظاري ۾ اکين جي ننڊ زهر ٿي وئي

 

چمن ۾ هوڏانهن هر شاخ آهي پُر ثمر ٿي وئي

مگر بلبل جي هيڏانهن عُمر پڃري ۾ گذر ٿي وئي

 

عصه وئي جبو ويو تسبيح وئي دستار وئي ”دادن“

هٿن ۾ حسن وارن جي ڊگهي ڏاڙهي پڌر ٿي وئي

*

 

خدا ڏي ڏس ٺهيو هاڻي گهڻو مون کي ستايو ٿئي

ستائڻ منهنجي مان چئه هيستائين هٿ ڇا آيو ٿئي

 

ڪيو ٿئي سڀڪي مون سان، ڪين ڪي سهڻا گهٽايو ٿئي

پنهنجي عاشق ۾ ڇا مُنهنجا مِٺا باقي بچايو ٿئي

 

سچي ڪر ايترن ڏينهن ۾ اڄ ڇو مُنهن لڪايو ٿئي

ائين سمجهان ٿو شايد ڪنهن پڪي ماڻهون پڙهايو اٿئي

 

لبن جو اڻ گهريو بوسو سڏي ڏي پنهنجي عاشق کي

سوالي ڪين ڇڏ خالي ڌڻي تعاليٰ وڌايو ٿئي

 

ٻڌائي ڪين ”دادن“ کي وڃين ٿو گهر رقيبن جي

خبر ناهي اُنهن جي گهر الائي ڇا وڃايو ٿئي

*

 

خيالن جي دنيا ۾ آباد آهيان

گهڻن انتظارن کان آزاد آهيان

 

سکڻ جي سيکارڻ جي ناهي ضرورت

نه شاگرد آهيان نه استاد آهيان

 

نه ليليٰ جو عاشق نه شيرين جو شائق

نه مان آهيان مجنون نه فرهاد آهيان

 

پيو خاڪ ۾ آهيان نيم بسمل

نه مقتول آهيان نه جلاد آهيان

 

دعاگو مان سڀ ڪنهنجو آهيان اي ”دادن“

نه دنيا ۾ ڪنهن کان به ناشاد آهيان

*

 

آ هڪ دل دلين هزارن جي وچ ۾

پيل آهيان ڪن پسارن جي وچ ۾

 

ڪجي ڳالهه ڪوڙي نه يارن جي وچ ۾

ڪسو ڇو ٿجي قربدارن جي وچ ۾

 

وڄي ديٻڪي ڪيئن نقارن جي وچ ۾

پيادو ڇا هلندو سوارن جي وچ ۾

 

جيئن چنڊ روشن آ تارن جي وچ ۾

تيئن يار آ حسن وارن جي وچ ۾

 

قيامت ۾ هوندس نشانبر اي ”دادن“

مان مجنون ۽ فرهاد پارن جي وچ ۾

*

 

چڙهيو آ دلربا اڄ الائي ڪهڙي آٽي تي

وڌائين بار ڳڻتين جو اڇلي مُنهنجي ڳاٽي تي

 

ڏئي پناهه پرور چڱي بک کنئون رکي ماني

ڪڏهن بک تي نه ويهاري نه ٽنگائي هٿ ٽواٽي تي

 

اسان پارن غريبن بي سهارن جو گذر آهي

ڪڏهن ڪا دال دو فاني ڪڏهن بصر چماٽي تي

 

ٿيو آ شوق مُنهنجي سهڻي کي ساڙهي سبائڻ تي

رهي ڪيئن روح اي ”دادن“ گلابي رنگ گهاٽي تي

*

 

خطا اهڙي نه آهي بي خطا ٿو دلربا ماري

ڏِسي ۽ وائسي ڏس جو پرين ٿو پانهنجا ماري

 

اکين دلدار جي آهن لکين ماڻهون وڌا ماري

اگها ماري سگها ماري ننڍا ماري وڏا ماري

 

تصور ۾ ڏسان ٿو ڄڻ ته هو بس خودبخود آهي

سڄڻ سائين جي صورت آ ڇڏيو مون کي صفا ماري

 

الائي ڪنهن جي فتني کان سچڻ نارا ض ٿو ڏسجي

رقيبن رو سياهن کي اي ”دادن“ شل خدا ماري

*

 

درد هن ديرا ڪيا دل جي اندر دلدار يار

نالي خالق جي اي جانان ڪينڪي ڪر ڌار يار

 

ڪا ته ڳُڻ ڪر اي سڄڻ هن درد دل جي کي ڏسي

گڏ کڻي نالي ڌڻي جي ڇڏ اهي انڪار يار

 

عشق جي آڙاهه آتش جان جا ساڙي ڇڏي

شڪل ساڳي تنهن نه ڪئي هئه هئه هيئن جا هار يار

 

آسرا ڏيندين گهڻائي عاشقن کي اي حَسين

جان آزاري ڇڏيئي اهنجا ڏئي آزار يار

 

هي اگهائج التجا صدقي سخي سر ناز جي

ڏي اچي نادار ”دادن“ زار کي آڌار يار

*

 

رس ٿو دلربا اڳ پوءِ جي ڳڻي نه ڳڻي

خبر خدا کي الائي هي ڪم بڻي نه بڻي

 

اڄوڪي وقت ۾ سڀڪو آ يار مطلب جو

چوان ٿو سچ ڪنهن کي وڻي نه وڻي

 

لبن جي لالي زياده آ لعل کان توڙي

ساڳ سرخي لبن کي سڄڻ هڻي نه هڻي

 

نباهه ”دادنا“ دلدار ساڻ پنهنجي تون

اڳئين جي مرضي قدم قرب جو کڻي نه کڻي

*


 

 

دادگر گارو ۽ گوهر داد ڪو دلدار ڪر

سرس آ سوداءُ واهر ڪر سگهو ڪا سار ڪر

 

هال مُحرم ماهرو سرڪار اعليٰ موء ۾

وار وارو آر آ سوگها مسلسل وار ڪر

 

دائما آ درد ۾ سڪ ۾ سدا سائل مُداح

ڪارگر هڪ وار ڪا ساڻس مدد سالار ڪر

*

 

وفا منهنجي حق ۾ جفا بڻجي آئي

خوشي جا هئي سا سزا بڻجي آئي

 

سڌي سامهون منهنجي سيني ۾ هڪدم

نظر هن جي بجلي هوا بڻجي آئي

 

چوان ڇا ته ڇا مئون آ ڇا بڻجي آئي

رضائِه ستمگر قضا بڻجي آئي

 

تمنا جو آخر ٿيو انداز پورو

جا اڳ دل ۾ هئي سا اهي بڻجي آئي

 

اسان جو آ ڪو لوڻ ڪڏڻو اي ”دادن“

جا نيڪي هئي سا گِلا بڻجي آئي

*

 

جن توتئون فِدا تن من کي ڪيو ڏس تن جو تدارڪ ڪير ڪري

جيئرا ته ملن ٿا جيئرن سان مردن جو تدارڪ ڪير ڪري

 

لقمان به تون ته مسيح به تون مون لاءِ حڪيم طبيب به تون

تو کان به دوا دارون نه ملي دردن جو تدارڪ ڪير ڪري

 

هڪ ناهي مرض جو ماٺ ڪجي هتِ حاجت ناهي حسابن جي

زخمن جو تدارڪ ڪير ڪري زهرن جو تدارڪ ڪير ڪري

 

سنگتي نه رهيو ساٿي نه رهيو پانڌي نه رهيو ڪانڌي نه رهيو

لاوارث لاش ٿيو عاشق جو مدفن جو تدارڪ ڪير ڪري

 

قمري نه رهي ڪوئل نه رهي بلبل نه رهي گل ڀي نه رهيو

مالهي به خزان ۾ رخصت ڪئي گلشن جو تدارڪ ڪير ڪري

 

دل ڀي نه رهي جان ڀي نه رهي جنهن صورت ۾ تون ڀي نه رهين

تنهن صورت ۾ ”دادن“ ڇا ڪري، دادن جو تدارڪ ڪير ڪري

*

 

سوا در سڄڻ جي گذاريان ڪٿي

اندر جا مان اوٽار ٽاريان ڪٿي

 

سڄي رات ويٺي ٿي گذري وڃي

بي آرام دل کي سمهاريان ڪٿي

 

اها جاءِ مون کان لڀي ڪانه ٿي

اچي هو ته هن کي وهاريان ڪٿي

 

نه اڄ داد فرياد آ ”دادنا“

ستمگر صنم کي پڪاريان ڪٿي

*

 

ڪو زوال آهي ته مئي نوشن جي مستي واسطي

جيڪي ڪن ٿا ڪين ٿا ڪن پنهنجي هستي واسطي

 

بت پرستي ٿو ڪريان مان حق پرستي واسطي

عشق آهي ڪين ڪنهن جي زير دستي واسطي

 

ڪهڙو دنيا ۾ ڪجي غم تنگدستي واسطي

وقت ٿا ويهي وڃايون ٿوري وستي واسطي

 

انتظار آهي نه مون کي انتظامِ روزگار

منهنجو خالق آهي جڏهن رزقِ الستي واسطي

 

”دادنا“ تون چئون طبيبن کي نه تنهنجي ڪن دوا

ڪافي آ ديدار تنهنجي تندرستيءَ واسطي

*


 

 

دنيا کي سمجهي رستو اويڙو ڇڏي ڏنم

عزت بچائي بس متو ميڙو ڇڏي ڏنم

 

ماڻهو ڇڏيم وطن جا ۽ مائٽ وطن جا ڇڏيم

آباد وسندو پنهنجو ويڙهو ڇڏي ڏنم

 

طوفان وقت پنهنجي خدا تي رکي ڪري

درياهه ۾ نصيب جو ٻيڙو ڇڏي ڏنم

 

روخ يار مئون سمجهي ويس اڄ ئي ”دادنا“

حجت جو اڳتي يار سان جهيڙو ڇڏي ڏنم

*

 

آهي ڪو جو سمجهائي وڃي منهنجي سڄڻ کي

اي دوستو هو ليکي نٿو منهن جي چوڻ کي

 

گذرن ٿا سڀئي موت جا ڏينهن موت جون راتيون

صدقي ڪري مان ساڙيان جدائي جي رهڻ کي

 

برسات ٿي ڳوڙهن جي وسي منهنجي اکين مان

اي يارو مان روڪي ٿو سگهان ڪين روئڻ کي

 

مون زندگيءَ ۾ اهڙو اڳي ڪم نه ڪيو هو

لڳندو نه گهڻو وقت آ ماڻهو جي کرڻ کي

 

ٻيو ڦاٽي پوي جيڪي اي يارو مان ڏسان ٿو

شاباس نه هجي منهنجي انهيءَ صبر ڪرڻ کي

 

دلدار سڄڻ يار بنان ڪهڙو جيئڻ آ

اي ”دادنا“ مان باهه ڏيان اهڙي جيئڻ کي

*

 

انسان آيو آهي شرافت جي واسطي

انسان آيو آ نه بغاوت جي واسطي

 

انسان عادي آهي خرابت جي واسطي

الله پاڪ آهي عنايت جي واسطي

 

آ انتظام جنگ قيادت جي واسطي

آ انتظارِ عام اِمامت جي واسطي

 

اميد ڪهڙي ڪنهن ۾ ڪيون هرڪو ”دادنا“

ويٺو کنيون آ پاڪي حجامت جي واسطي

*

 

نه آهيان مان ڪنهن جي ملاقات جهڙو

ٿو هرهڪ کڻان ساهه سڪرات جهڙو

 

تڪيندو ٿو تارا وتان روشنيءَ ۾

سڄو ڏينهن مون لاءِ آهي رات جهڙو

 

ڪندي ياد اڄ پنهنجي پياري پرينءَ کي

اکين آب آندو آ برسات جهڙو

 

قبول عرض پوندو ضرور دل جو ”دادن“

سندس گهر جو نقشو آ عرفات جهڙو

*

 

تنهنجو عاشق سڄڻ مُنهنجا گهڻو توکي سنڀالي ٿو

پري توکان پيارا موت جا سڀ ڏينهن جالي ٿو

 

اسان جو اي مٺا اڳيان اوهان جي حال حاضر آ

رکان ڇا توکنئون تُنهنجي ڪريان گهر ٻار حوالي ٿو

 

نه آهي روح کي راحت ڦٽو آرام اکڙين جو

ڏسي ٿو رب اڪبر جو سڀن کي پاڻ پالي ٿو

 

چوي ”دادن“ ٿي دل ماپي نه سيني ۾ تڏهن سهڻا

جڏهن تُنهنجي مهانڊي يا ڏسان تُنهنجي ڪو نالي ٿو

*

 

حقيقت اهڙي آهي جو ٻڌائي ڀي نه ٿي سگهجي

ٻڌائي ڀي نه ٿي سگهجي، لڪائي ڀي نه ٿي سگهجي

 

وئي جا دل هٿ مان، سا ورائي ڀي نه ٿي سگهجي

مصيبت آهڙي آ جو جند ڇڏائي ڀي نه ٿي سگهجي

 

ڏسي سگهجي نٿو روئي صنم ڏي تاب جي ضد کان

سراسر ديد ديدن سان ملائي ڀي نه ٿي سگهجي

 

وري ڪنهن سان زماني ۾ ڪجي الفت نه پر ”دادن“

ڪجي ڇا جان الفت کان بچائي ڀي نه ٿي سگهجي

*

 

سوا تُنهنجي ڳلي کان اي مٺا سائين رهان ڪاٿي

نه مُنهنجي زندگيءَ جو سُجهي ٿو آشيان ڪاٿي

 

خدا جي آهي قدرت جو ڏسو ماڻهون لکين جڳ ۾

اهي ئي ڏس ڏنگا ڪاٿي اُهي ڏس نِوان ڪاٿي

 

هي مُنهنجي دل نه هُئي پر گهر هو تُنهنجو تنهن ڪري سهڻا

تِکي آ ديد تُنهنجي جنهن چُٽيو ڏس آ نشان ڪاٿي

 

ڪيان ڪيئن ۽ وڃان ڪاڏي سڄڻ سائين مون ”دادن“ سان

وڏو لاچار آهي نه ته گهڻو توکي چوان ڪاٿي

*


 

 

هزارين حسن وارن جون، ڳڻي ڳڻتيون ڳري ويندي

هُنن جو ڇا هڙئون ويندو، اجايو تون مري ويندي

 

اگر ڪڏهين رُسي ايندين ته ايندئي ڪونه ڪي پويان

سوالي ٿي سندءِ در تي وري ڀي تون وري ويندي

 

اجائي ڪُل وڏائي زيب زيور آ زماني ۾

ڇڏي هڪ ڏينهن دنيا مال گهر زيور ذري ويندي

 

نصيحت ڪَنُ ڏئي ٻُڌ منهنجي مُنهنجا دوست دنيا ۾

جي صُحبت بد ڪندي ڪنهن بد خصالت سان کري ويندي

 

شهنشاهه پاڪ حضرت عشق جي درياهه اعظم کان

سچو هوندين ته هڪدم تار توڪل تي تري ويندي

 

ٽُٽي سانگا سڀيئي ويندا هٿئون آخر ادا ”دادن“

چڱاين ۽ مداين جي کڻي سِر تي ڀَري ويندي

*


 

 

ڪري تياري پرهه جي اڄ اُٿي ٿو ڪين ڪي اختر

پري کان ئي ڏسي ماهِه لقا جو روء رُخ انور

 

مزي جهڙو هيو ميلو سڄاڻي خلق ساري ۾

هنيو مونکي سڄڻ پنهنجو مگر مخفي پڙهي منتر

 

الائي جان ڪهڙيءَ جو ٿيو آ خون اڄ ناحق

ڏٺم اڄ هٿ ۾ دلبر جي ٻُڏل هو خون ۾ خنجر

 

وري هاڻي نصيبن تي وجهڻ ڏيندو ڏکيو ڏاڍو

وڌل جيڪو ڪڍائي ويو، دلين جو پيچ ئي دلبر

 

چيائين رڙ ڪري وجهه ڪين، ڪڍ جلدي سگهوئي ڇڏ

مُنهنجي گردن منهنجا اي بي حيا آغوشِ مُضطر

 

ڪڍي هن سنگدل کي مون ڏيکاريو پنهنجو پورو

سمورو ئي ڊگهو هن دل جي دردن جو سڄو دفتر

 

ڏَڌلُ آهيان ڏکن جو ۽ ڏکارو ٿي چوان ”دادن“

حسينن جي نگاهن کان بچائي خالقِ اڪبر

*

 

سياڻو ماڻهو صدمي کان بعد ٿيندو آ

ڏکڻ پوءِ سکن م سواد ٿيندو آ

 

ڏٺو مون آهي محبت جي جاءِ تي اڄڪلهه

ضرور ڪوئي نه ڪوئي فساد ٿيندو آ

 

شبِ وصل جو جڏهن لطف ياد ايندو آ

تمام عاشقِ ناشاد شاد ٿيندو آ

 

پرائي هر ڪا مزو چيز ڏيندي آهي پر

هميشہ پنهنجي تي گهٽ اعتماد ٿيندو آ

 

چيم ته داد سڄڻ ڪر چيائين چُپ ڪر

جي ابتو پڙهبو ته ”دادن“ نه داد ٿيندو آ

*


 

 

خفا ٿي ڪين ڪي خوش رهه، محبت ۾ نفعا آهن

سِرن جا ساهه جا توسان سڄڻ سودا صفا آهن

 

سَٺو تو مُنهنجو ڪڏهين هڪ دفعو ڪجهه ڀي نه هوندو پر

سٺا مون سور تُنهنجا پنهنجي سِر تي سؤ دفعا آهن

 

اڻائي عشق جي آزار واري ضرب زوراور

لڳي جن کي وئي داخل سي ئي دارالشفا آهن

 

اي مُنهنجي جان جا مالڪ اوهان جو ڏوهه ناهي جو

اڄوڪي وقت جا ماڻهو برابر بي وفا آهن

 

ادا ”دادن“ هزارين حسن جا شاهه و گدا تابع

مُٺل مشتاق مون وانگي پياسي پُر وفا آهن

*

 

سڄي رات سهڻا نه آرام آيو

نه آئين نڪي تُنهنجو پيغام آيو

اي مُنهنجا وفادار دلدار توکي

سنڀاريندي وقتِ صبح شام آيو

عجب ٿو لڳي جو اوهان جو اسان کي

اڳيون ڪين ڪي ياد انجام آيو

پڇڻ مون کان هيءُ خاص ۽ عام آيو

ته ڇو تنهنجو تو وٽ نه گلفام آيو

ٿيو ڪجهه نه حاصل اجايو اسان تي

خواري ملامت جو الزام آيو

ملي وڃ مبادا ٿئي موت ممڪن

اجل جو اٿم شمس برهام آيو

هو قاصد اوهان ڏي هڻي هام آيو

الائي خالي موٽي ڇو ناڪام آيو

وتي هن جي تصوير ڪنهن کان اٿئي

ڏسڻ ۾ ٿي الله جو نام آيو

ٻُڌي شعر شيرين هي منهنجو مِٺا

رقيبن جي سر ۾ ٿي سرسام آيو

مٺا محب مضطر محبت ۾ ”دادن“

نه سنڀري ته دل کي ڪو آرام آيو

*

 

حال مُنهنجا هن طرح آهن ڪيا ڪنهن يار چٽ

ٿيو جڏهن کان آ جدا ٿيا هار ۽ سينگار چٽ

 

عشق جي سرڪار ۾ نادار چٽ زردار چٽ

اٽڪلون چٽ عقل چٽ وهنوار چٽ ويچار چٽ

 

دل لڳي کان پوءِ هجي ڪهڙو به دلبر آ ته آ

پوءِ هجن توڙي کڻي اڳلي جا سڀ اطوار چٽ

 

هاءِ آخرڪار ”دادن“ گلشنِ الفت منجهان

ويا پکي اُڏري لڳو طوفان ٿيا وڻ ڏار چٽ

*

 

صدمي کان بعد آدمي هوشيار ٿو ٿئي

داڻو ملي ٿو خاڪ ۾ گلزار ٿو ٿئي

 

تر جيڏي ڳالهه مان وڃي تڪرار ٿو ٿئي

پهريان ٿئي ٿو پيار پوءِ آزار ٿو ٿئي

 

رازي رهان ٿو هو توڙي بيزار ٿو ٿئي

ڪاوڙ جيئن ڪري ٿو تيئن پيار ٿو ٿئي

 

گهر جو ته شينهن هرڪو آ پر وقت احتياج

غازي جوان سو آ جو نروار ٿو ٿئي

 

ٻين ساڻ پنهنجو واسطو ڪونهي ”دادنا“

پر پياري پرين جو پاڻ کي ويچار ٿو ٿئي

*

 

جن جي سر تي تاج هو اڄ اُهي انسان ڪٿي

راجا ۽ راڻيون ڪٿي ملڪ جا سلطان ڪٿي

 

شيرين فرهاد ڪٿي، سي اڳيان سامان ڪٿي

بخت لقمان ڪٿي ۽ تخت سليمان ڪٿي

 

يار محفل ڪٿي ساقي ڪٿي مئخان ڪٿي

مان ڪٿي شمع ڪٿي سرفدا پروان ڪٿي

 

ليليٰ مجنون ڪٿي يوسف ڪٿي زندان ڪٿي

دل زليخان جي ڪٿي مصر ۽ ڪنعان ڪٿي

 

عاشق زار ڪٿي خوبرو ۽ خوبان ڪٿي

حسن وارن جا خريدار ۽ خواهان ڪٿي

 

رعب هستي جي ڪري جيڪي لڙيا دنيا اندر

سي سڪندر ڪٿي لشڪر ڪٿي ڪپتان ڪٿي

 

ڇا چوان ناگهان آمد کان خزان جي ”دادن“

دؤر بلبل جي ڪٿي ۽ دؤر گلستان ڪٿي

*

 

گهڙي پل جي محبت لئه پرايم سور سالن جا

ڪريان ڇا پيچ پئجي ويا اڻاوا ڪم ڪشالن جا

 

ڏکائڻ عشق ۾ جائز نه ڪنهن کي آهي نه ته جيڪر

رقيبن جي مٿان حملا ڪجن ڀڙڇن ۽ ڀالن جا

 

سڄڻ مُنهنجي وچئون فتني وجهڻ وارا لکين پيدا

گهڻائي ٿي پيا آهن ٻٽاڪي پٽ ٻٽالن جا

 

ڏٺا مون ڪيترائي دل ڦٽيل ديوانا دلبر جي

ڪي چشمن جا ڪي ابرن جا ڪي لب خط جا ڪي خالن جا

 

ڪروڙين قيس ۽ فرهاد جهڙا گم ٿيا ”دادن“

خيالِ يار ۾ صاحب وڏو اونهن خيالن جا

*

 

 

جڏهن کان آ جانب رُسي ويو رُسي ويو

چوانڪن سان چولو پُسي ويو پُسي ويو

 

جيئڻ ان جو دنيا ۾ آهي نه ممڪن

محبت ۾ جيڪو مُسي ويو مُسي ويو

 

هٿان شوخ نوخيز قاتل جي ناحق

وفادار عاشق ڪُسي ويو ڪُسي ويو

 

لڳا تير چشمن جا جيڪي جسم ۾

انهن مان نه هڪڙو گُسي ويو گُسي ويو

 

نشاني ڏنل پنهنجي ورتئين ورائي

ڪري ٻانهن مُنهنجي ٻُسي ويو ٻُسي ويو

 

طرف يار ڏي يار خاطر اسان جو

پنڌن ۾ سليپر کسي ويو کُسي ويو

 

نه چئه ڪنهن کي چئه پنهنجي قسمت کي ”دادن“

اُهو وقت توکان گُسي ويو گُسي ويو

*

 

 

هر ڪنهن کي ڏئي ڇڏيا ڏاڍا خودي خمار اڄ

ٿا وڏن کان پاڻ کي داناءُ سمجهن ٻار اڄ

ڪابه هستي ڪين هُئي جن جي اسان هوندي اُهي

ٿي پيا آهن ڏسو سي بي خبر بيدار اڄ

هندو مسلم پيشوا اي هم وطن همت ڪريو

وقت آهي تيار ٿيو نعرو هڻي نروار اڄ

پاڻ آهيون پاڻ ۾پر پاڻ جي ڀائڻ ڪري

وئي هلي هڪ ٻئي کان، هڪ ٻئي واسطي آڌار اڄ

قوم مان، قومي جنابن مان وئي قوميت ڇڏي

هرڪو صاحب پنهنجي مُنهن سان ٿو گذاري ڌار اڄ

ٿئي ترقي يافته سڄو ملڪ هي پر ڇا ڪجي

مُلڪ وارن مُلڪ ۾ آهي وڌي ڦرمار اڄ

سال پورا ٽي ٿيان آهن اليڪشن کي ڏسو

ڇا اڃان ڪن ٻيو اسان لئه مُلڪ جا مهندار اڄ

هيڏي ساري اوج هوندي ڀي وڏو افسوس آ

ديس کي ٿو ديس کائي دؤر هن ۾ يار اڄ

داد ناهي ڪو سمو اهڙو ته آيو آهي جو

دوست ٿيندا دوستن کان ٿا وڃن بيزار اڄ

*

 

ڌڻي وس آ ڪنهن کي ڊاهي يا ٺاهي

سوين درد ٿو هڪڙي لحظي ۾ لاهي

 

انهيءَ کي ڏجي دل جو دل ساڻ چاهي

اجايو وڃي چڙهجي ڇاڪاڻ ڦاهي

 

اڄوڪي زماني ۾ هلجي سنڀالي

پرائي مصيبت ۾ پئجي نه ڪاهي

 

مزو ۽ محبت جڳهه جنهن تي ناهي

هليو وڃجي پنهنجا سُتت پير ڊاهي

 

جتي خيال اٽڪل اسان جو نه آ

ڇڏائڻ کپي جند ڇڏائڻ ۾ ڇاهي

 

منڊو جيڪڏهن پاڻ ڏاڍن کي ”دادن“

سگهي ڪين پهچي ته سينو ڇو ساهي

*

 

رڳي رب سچي جي ستاري هُجي

مخالف ڀلي دنيا ساري هُجي

 

سُڌاريندو اُهو چال ٻئي جي ڪيئن

نه جنهن چال پنهنجي سُڌاري هُجي

 

سو ڪهڙو ڪندو قدر گهوڙي سندو

جو خفتي گڏهه جو نوناري هُجي

 

ڏئي اڄ شريفن تي الزام ٿو

جو زاني شرابي جواري هُجي

 

ڪري ماٺ سچ جي چوڻ کان هينئر

جنهن کي عزت پنهنجي پياري هُجي

 

سو ٻاريندو ڪيئن ٻئي جي اي ”دادنا“

نه پنهنجي ڀلا جنهن ڪا ٻاري هُجي

*

 

اکيون دلدار جي در ۾ لڳايون ويٺو آهيان مان

سِڌيون ديدون سندس در ۾ اڙايون ويٺو آهيان مان

 

ڳليءَ ۾ خاڪ تي بستر وڇايون ويٺو آهيان مان

ٿيو جهڳڙو ته ڌڪ وڌ گهٽ سهايون ويٺو آهيان مان

 

چريو ناهيان پکين کي ڀي پڙهايون ويٺو آهيان مان

۽ ڪيئي نانگ ڪِنگرُين ۾ پنايون ويٺو آهيان مان

 

روئي رت سان جسم سارو رڱايون ويٺو آهيان مان

چرين جي لسٽ ۾ نالو لکايون ويٺو آهيان مان

 

جهڳو هٿ سان پنهنجو ”دادن“ جلايون ويٺو آهيان مان

جو پاڻهئي پاڻ تي ماڻهو کلايون ويٺو آهيان مان

*

 

ڪنهن کان دوا درد نه ٿي ڪارگر ملي

رشڪِ مسيح رب ڪري ڪو چاره گر ملي

 

شرم ۽ حيا حجاب جو پردو کڄي وڃي

دل ساڻ دل ملي ۽ نظر سان نظر ملي

 

عاشق بي موت تنهنجو مري ٿو اي سنگدل

اهڙي الله ڪري انهيءَ کي خبر ملي

 

واپار ٿو ڪندو وتان دل جو ”دادنا“

من ڪاٿئون نه ڪاٿئون ڪجهه ڪا ڪسر ملي

*

 

دنيا ۾ جيڪي آيا سي آخر مري ويا

هئا جاڏهون جا تاڏهون وري ويا

ڇا نيئون، ڇڏي جهان ۾ سيم ۽ زري ويا

سِر تي اُٺائي نيڪي بديءَ جي ڀري ويا

غوراب غرق ٿي ويا ڪن جا عميق ۾

تُرهي سوا ڪي تار منجهائون تري ويا

ڪنهن کي چيائون ڪين چوڻ بعد ڀي وري

صد آفرين تن کي جي سرندي ٽري ويا

فروعون خود پرست ۽ نمرود بت پرست

دوزخ جو ٿي آکير ٻئي ٻارڻ ٻري ويا

بهرام ڪاٿي، ڪاٿي آ رستم ۽ پيلتن

قبرن ۾ تن جو ماس هڏا ڀي ڳري ويا

اڄڪلهه ڪو لڳي واءُ ويو آهي اهڙو جو

ڪهڙا نه سياڻا سيبتا ماڻهون کري ويا

اي ”دادن“ سوير ويا ساٿ سان سڄڻ

فرقت ڏئي اسان جي ڪري دل چري ويا

*

 

نه ڏيئي جو ڪم سو وفادار يار ڇا جو آ

رکي نه دل ۾ اهو رازدار ڇا جو آ

جو پاڻ ڀيري ڪري اعتبار ڪين ڪڏهن

انهيءَ تي پنهنجو وري اعتبار ڇا جو آ

وڻي ٿي ڪابه نه ڳالهه پاڻ کي ڪنهن جي

الائي هي وري دل تي غبار ڇا جو آ

جدا ٿي سال ٿيا ڪيئي هُن ستمگر کان

عجب لڳي ٿو اڃان يادگار ڇا جو آ

هُئي ليليٰ پردي ۾، مجنون ته هو سرِ ميدان

خوار ٿي ليليٰ ٿي مجنون خوار ڇا جو آ

ڪري هزار حج، زيارتون ۽ ڪربلا ڏي وڃي

نه دل آ صاف ته حاجي زوار ڇا جو آ

رُڪيل دم آ ۽ در ۾ ديد ۽ اي ”دادن“

پتو پوي نٿو هي انتظار ڇا جو آ

*

 

مري ويا پيارا وفادار ماڻهو

بچيا باقي بي درد بيڪار ماڻهو

 

چڱو ٿيو ائين ٿيو جيئن ٿي رهيو آ

ڇا ماڻهن مئون ڄاڻن ٿا مُردار ماڻهو

 

ڦُري دل پرائي نه پنهنجي ڏين ٿا

هي ڪهڙا نه آهن مزيدار ماڻهو

 

نه واپار ڪر ڪنهن سان دل جو اي ”دادن“

خطرناڪ آهن خريدار ماڻهو

 

خدايا ڇا بدلي انهن جي سُٺا جي

نه ماريئي اُهي دل جا آزار ماڻهو

*

 

دلبر ملي ته منهنجي دکي دل جو غم لهي

بيٺو لُڪي ۾ آهي نٿو هيٺ دم لهي

 

ڪهڙي نموني دوست رنج و الم لهي

پنهنجي تئون ڪين ڪي ٿو ستمگر صنم لهي

 

ماري وڌو آ يار جي رفتار ڇا ڪريان

هرهڪ قدم حبيب جو لک لک پدم لهي

 

در دلربا جي جيڪي سوالي انهن منجهان

منهنجو خدا ڪري ته چکي ريت ڪم لهي

 

آگاهه ناهه عام کي هن اونهي راز جي

ڪر صبر ”دادنا“ جو هڏن تئون ٿو چم لهي

*

 

ههڙو ڪنهن کي به نه مون جهڙو الم غم هوندو

پر جي هوندو ڪنهن کي ته مون کان ڪم هوندو

 

ڏند ڏسبا ڇا انهيءَ جا ڇا اڏاوت ڏسبي

جنهن جو معلوم ننڍي هوندي اگر ڄم هوندو

 

عمر ساري نه کلڻ جي نه خوشي جي هوندي

مون کي محبوب رُٺل جو رڳو ماتم هوندو

 

ڪونه ٿو ياري رکي ڪنهن سان اوئين اڄ ”دادن“

جي رکي ٿو ته ضرور آ، اڳلي ۾ ڪو ڪم هوندو

*

 

ٻيو نه ڪجهه مون کي کپي هڪ دادگر دلبر کپي

شاهه خوبان شعله رو بس حسن جو پرور کپي

 

ٿو کپي دلبر خلاصو ٻيو نٿو ڌمچر کپي

شهر آبادي کان مون کي ڪوهِه صحرا بر کپي

 

دل چوي ٿي يار ڏي اڏري وڃان جيڪر شتاب

پر اڏامڻ واسطي ٿو مرغ دل کي پر پکي

 

خان صاحب کي خدا جي نالي تي ووٽر کپي

ڀڄ ڀڄان جي واسطي بگي موٽر موٽر کپي

 

تون ڀلي اي زاهد پڙهه وڃي فرضه نماز

مون کي سجده واسطي ”دادن“ سڄڻ جو در کپي

*

 

بي دادگي جي باري ۾ دلبر کان ڇا پڇان

ڪنهن دير جو سبب سان ستمگر ڇا پڇان

 

ٿيڻو جو هو سو ٿي ويو مقدر کان ڇا پڇان

بربادي گهر جي، گهر جو جلڻ، گهر کان ڇا پڇان

 

ايذاءُ پنهنجي جان جو نشتر کان ڇا پڇان

قاتل جي هوندي خون جو، خنجر کان ڇا پڇان

 

پرواز آسمان جو، بي پر کان ڇا پڇان

نادار جو مان حال تونگر کان ڇا پڇان

 

منهن جي سفيني جو آ جڏهن ناخدا خدا

ساحل جو پوءِ نشان، سمندر کان ڇا پڇان

 

رخصت کان پوءِ ”دادنا“ لطفِ وصال سان

ديوار در کان ڇا پُڇان بستر کان ڇا پڇان

*

 

اظهار راز عشق جو اي دلربا نه ڪر

مون باوفا سان يار تون جورو جفا نه ڪر

 

ڏي منهنجي دل جي بدلي ۾ دل پنهنجي دلربا

ايماندار ٿي ڪري اهڙي دغا نه ڪر

 

ڇا ٿو چوين نه آهيان اشاري جو منتظر

او بدگمان اهڙي تون مون کي دعا نه ڪر

 

صدمو جدائي جو نه سهان ٿو اي همنشين

هڪڙي گهڙي به پاڻ کان مون کي جدا نه ڪر

 

وجهه هار تون گلن جو گلي ۾ تون غير کي

”دادن“ جي دل جي شيشي تي پٿر ڦٽا نه ڪر

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org