اميدن جو شهر
هي شهر به ڪوئي شهر آهي؟
هِت در در ڄڻ ڪو دار آَهي،
هت جيوت ڄڻ ڪو ڄار آهي،
هيءُ شهر نه منهنجو شهر آهي،
هن شهر جي رسم نرالي آ.
هن شهر جي اوچن محلن کي
محنت ئي خون پياريو آ،
۽ رنگين روشن گلين کي،
غيرت جي مڌم لاٽ ڏئي،
غربت ئي ته جيئاريو آ.
هت مارئيءَ جا ورلاپ گهُٽيا،
هت مومل جا محلات لُٽيا،
هت مريم تي الزام پيا،
هت سِيتا تي ڀي واڪ ٿيا،
هن شهر جي رسم نرالي آ.
ڪو شهر هجي اميدن جو –
جت آس هجي، پر پياس ٻجهي؛
جت ساز چُري، آواز ٻُري،
۽ روح ۾ ڪوئي راز سُري؛
جت صبح هجي – رنگين صبح،
۽ شام به سون پگهاري، لا!
جو فردا جو ڪو غم نه ڪري،
۽ ماضيءَ ڏي نه نهاري، لا!
ڪو شهر هجي اميدن جو –
جت سُوريءَ جو معراج هجي،
جت منصورن جو راڄ هجي،
پوءِ نيٺ ته رات به کُٽندي هو!
۽ آخر باک به ڦٽندي، هو!
لوئي نه لاهج مُور
ڄاڻ ته آيو ڄام تماچي
نوري! تنهنجي دوار.
سهڻيون مُهڻيون راڻيون رولي،
نيٺ ته لهندو توکي ڳولي:
تنهنجي خاموشيءَ جي خوشبو
۽ مُگري جهڙي مرڪ مِٺي،
اکڙين جي آکيرن ۾ ڄڻ
آڪاسن جا ديِپ پَسي،
ڄاڻ ته آيو ڄام تماچي!
تخت وساري، تاج ڀُلائي،
ڀاڳ لتاڙي راڄ رلائي،
سوني چانديءَ ۾ سينگاريل
پنهنجي راڻين کي ڏنءُ لائي،
تنهنجي دواري ايندو، نوري!
ليڪن هڪڙي ڳالهه ٻڌي ڇڏ:
ناريءَ جو آ نياز، چري!
جيئن واريءَ کي پنهنجو چمڪو،
ٽاريءَ کي آ ٻُور:
هيرن ۾ هٿ وجهجان ليڪن،
لوئي نه لاهج مُور!
اڌوري اُڏام
وري وقت جي واڳ واري نه سگهبي،
جو ڪَرڻو آ، سو هاڻ ڪرڻو ئي پوندو:
ڀلي سُوري سرمد جو سينگار بنجي.
اسانکي اُڏيءَ تي اُترڻو ئي پوندو.
اڃا ڀي آ انسان، انسان جو قيدي،
اڃا ڀي آ زردار جي حڪمراني:
اڃا ڀي محبت آ قابو ڪَڙن ۾،
اڃا ڀي هوس جو نشانو جواني.
ڀلا ڇو ڪو روئي ٿو لاچار بنجي،
نياڻي وڪامي ٿي واپار بنجي.
راڳ راڳ کي ڀاڳ آ پنهنجو
راڳ راڳ کي ڀاڳ آ پنهنجو،
ڪو سِر ساهي، ڪو سِر لاهي،
ڪو سٿرچائي، ۽ سِرُ پائي،
ڪو سِر سوريءَ کي سينگاري،
نيرو بنجي روم کي ٻاري؛
ڪو جهونگاري دل جون ڳالهيون،
صحرا جهاڳي، ڳولي ڳائي:
راڳ راڳ کي ڀاڳ آ پنهنجو.
ڏات اسان جي
ڏات اسان جي ساوڻ جهڙي،
تائلَ، گهائلَ ۽ ترسايل!
پل ۾ پوٺي جهڙي پياسي،
پل ۾ پاڻي پلٽي جل ٿل:
کَنَ ۾ کنوڻين جيئان کِل کِل،
کن ۾ بادل جهڙي بوجهل:
ڏات اسان جي سانوڻ جهڙي،
تائل، گهائل ۽ ترسايل!
مون کي ٿوري ڏات ته ڏين ها!
جي ڪوئي مون لئه روئي ها،
۽ آنسن جي لڙهه پوئي ها،
جي ڪوئي مون لئه ترسي ها،
۽ بادل بڻجي برسي ها:
جي منهنجا مٺڙا ٻول هجن ها،
دل جا رنگ رتول هجن ها،
پوءِ مان ڀي جيڪر جيئان ها،
۽ زهر ڀي مُرڪي پيئان ها:
پر منهنجون راتيون آتيون آهن
مون گهائل لاتيون تاتيون آهن،
اک اک ۾ برساتيون آهن،
گهَٽ گهَٽ تي ڄڻ گهاتيون آهن.
آهُن جي، آنسن جي، غَم جي،
ههڙي دنيا ڪهڙي ڪم جي؟
مون کي ٿوري ڏات ته ڏين ها،
سائل کي سوغات ته ڏين ها،
مون کي ٿوري ڏات ته ڏين ها!
ڄار
هي وقت الائي ڪنهنجي ڪارڻ ويٺو ڄار وڇائي؟
ڪوئي مونکي سمجهائي.
ڪهڙو راڻو ٻيهر ايندو،
مومل کي ڏنءُ لائي ؟
ڪهڙي ليلان هيري خاطر،
ايندي پريت رلائي ؟
ڪهڙو چارڻ سُر تي موهي،
ايندو راءِ ڪُهائي ؟
ڪهڙو هوشو سنڌڙيءَ خاطر
ايندو سِرُ سَهِسائي ؟
ڪو ئي مون کي سمجهائي !
هي وقت الائي ڪنهن جي ڪارڻ ويٺو ڄار وڇائي؟
ڪوئي مون کي سمجهائي.
او چري، او بانوري
او چري،
او بانوري،
اوري ته آ، او سانوري!
ڪنهن لئه ڀِڳا هي نيڻ تو؟
ڪنهن لئه سَٺا هي ويڻ تو؟
چئه چئه مِٺي، چئه ڀي کڻي،
ڏَس، ڪير ٿئي دل جو ڌڻي؟
او چري،
او بانوري
اوري ته آ، او سانوري!
خاموش هي چپڙا ته ڏس،
ليڙون لٽا ڪپڙا ته ڏس،
آنسو ته اُگهه، مکڙو ته ڌو،
دل ٿي ڏري، ايڏو نه رو –
او چري،
او بانوري،
اوري ته آ، او سانوري!
ڪنهن لئه رئين، ڪنهن لئه رڙين،
سيني ئي سيني ۾ سڙين،
ويران دل، آليون اکيون،
اڻڀيون چڳون، خاموش تون –
او چري،
او بانوري،
اوري ته آ، سانوري!
غمگين ڇو آهين پَري؟
يا پيار ۾ ٿي آن چري؟
لاشڪ ويو توکي ڇڏي،
ڪو بيوفا غم ۾ گڏي –
او چري،
او بانوري،
اوري ته آ، او سانوري!
دل کي دوست نه سمجهه
رات اڪيلي،
هاءِ ڳهيلي،
دل کي دوست نه سمجهه، سهيلي!
ڪوئي دل جو چور ته هوندو،
تنهنجي من جو مور ته هوندو:
راتين جو رولاڪ سهي،
بي گهر ۽ بي ٿاڪ سهي؛
مٺڙو ماڻهو، موتيءَ داڻو،
خوابن جو رنگيلو راڻو،
سيني ۾ سوداءَ کڻي،
گهرا گهرا گهاءَ کڻي،
ايندو ايندو، نيٺ ته ايندو،
دور وٺي پوءِ توکي ويندو.
هاءِ ڳهيلي،
رات اڪيلي،
دل کي دوست نه سمجهه، سهيلي!
رشتا
ڪو اهڙو غم، جو گهاءَ جيان،
هينئڙي ۾ چُڀيو، پڇتاءَ جيان.
ڪو اهڙو سڱ اڻ ڄاتو هو،
جو اکڙين ڀي نه سڃاتو هو.
ڪو اهڙو شخص پرايو هو،
ماٺيڻو هو، يا سايو هو.
ڪو رشتو نازڪ سوچن جو،
ڪو ڌڙڪو دل جي لوچن جو.
ڪو سڏڪو، شايد ٽهڪ هئو،
يا منهنجي من جو چهڪ هئو:
مان اهڙا غم ۽ گهاءَ کڻي،
ڪي اهڙا سڱ ۽ ساءَ کڻي.
اڄ دکندڙ چنڊ کي گهوريان ٿو،
۽ جلندڙ اکيون پوريان ٿو.
*
ڪو ٿوهر اُسريو سيني ۾،
جيئن مندر ڪوئي مديني ۾.
مان ڳوليان ٿو ويرانن کي،
يا دردوندن ديوانن کي.
هي رشتا، غم جا، آهُن جا،
هي رشتا پيار پناهُن جا.
هي رشتا پنهنجي خوابن جا،
ڄڻ صحرا منجهه سَرابن جا:
مان اهڙا رشتا ڳوليان ٿو،
مان اهڙا رشتا ڳوليان ٿو.
راڳي
راڳي!
تنهنجي سُر ۾
غم جي پيڙا جاڳي!
ڪير اَڀاڳي
توکان وڇڙي،
ڪنهن لئه دنيا
تو آ تياڳي؟
ڪنهن لئه ترسن
تنهنجون اکڙيون،
ڪنهن لئه تنهنجا
ساز سوالي؟
ڪنهن کي ڳولن
تنهنجون آهون،
ڪنهن لئه آهين
تون ويراڳي؟
تنهنجي سُر ۾
ڪهڙي پيڙا جاڳي،
راڳي؟
جاڳ
انسان جي عزم کي روشن ڪجان لَهوءَ سان:
هيءَ زندگي به تنهنجي،
هيءَ روشني به تنهنجي،
تنهنجي ئي ڌرتي ساري، تنهنجو ئي هيءُ جهان آ.
ليڪن او منهنجا ساٿي،
مسڪين جا ٻه ڳوڙها،
اکڙين جي آڳ آهن،
جيون جي جاڳ آهن،
ڀوريءَ جا ڀاڳ آهن:
مسڪين جا ٻه ڳوڙها،
سيني سمائي رکجان، مسڪين جا ٻه ڳوڙها.
ماڻهو
ڪالهه تي ڪنهن جو وس نه هليو آ،
اڄ ڇا ٿيندو؟ ڪنهن نه سليو آ،
آئيندي کي ڪنهن نه جهليو آ.
ماڻهو ايڏو بيوس آهي،
ڪنهن تي ڪنهن جو وس نه هليو آ –
ماڻهو ايڏو بيوس آهي.
رُڪ جهڙا ڪي ڪُوپا ماڻهو،
رک جيئن وکري ويندا آهن،
ڪيئي سگهارا، راڄ دلارا،
ماڻي جو بَکُ ٿيندا آهن.
اهڙا پيارا پيارا ماڻهو،
ڪالهه، سُڀان ۽ اڄ جي وچ ۾،
هفتن ۽ ڏينهن ۾ ونڊجي،
پنهنجو پاڻ وراهي ڊاهي،
ڪئلينڊر جي ڦاهي پائي،
لٽڪي لٽڪي،
تڙپي تڙپي،
نيٺ اجهامي ويندا آهن،
دور اڏامي ويندا آهن.
ڪالهه، سُڀان ۽ اڄ جي وچ ۾،
ماڻهوءُ جوئي هڏ ۽ چم آ،
ماڻهوءَ جو ئي مرڻ جنم آ،
ماڻهوءَ جوئي خيال وهم آ،
ماڻهوءَ جوئي رنج الم آ،
ماڻهو جوئي گوندر غم آ:
هر هڪ ساعت هر هڪ لمحي،
وقت جو ماڻهوءَ سان ئي ڪم آ،
دم دم، جنهن سان دم آ قائم،
هڪڙي ماڻهوءَ جوئي دم آ.
ليڪن سوئي مورک ماڻهو،
ڏاڍي ساٺ سُڳن سان سنڀري،
پنهنجي سوري سينگاري ٿو،
ماڻهو ماڻهوءَ کي ماري ٿو!
ڪالهه، سڀان ۽ اڄ جي وچ ۾،
تختن جا تابوت ڏسي،
مان سوچيان ٿو:
هي ڪهڙو ڪڙم قبيلو آهي،
جنهن جا جوڌا
وار به ڪن ٿا، مارُ به ڪن ٿا،
سوريءَ جو سينگار به ڪن ٿا،
ليڪن سي ئي اياڻا ماڻهو،
چانڊوڪيءَ کي چهڪ ڏين ٿا،
پاڻ کي گهائي ٽهڪ ڏين ٿا!
ماڻهو ايڏو بيحس ڇو آ؟
ماڻهو ايڏو بيوس ڇو آ؟
اڄ
اڄ وري مون پهه ڪيو آ رت جي راند رچائڻ جو،
ڏاڍي کي ڏهڪائڻ جو ۽ قاتل کي ڪيرائڻ جو.
اڄ وري مون پهه ڪيو آ ٻيهر مَچُ مَچائڻ جو،
پتنگن وانگر پڄري کامي، پنهنجي جند جلائڻ جو.
اڄ وري مون پهه ڪيو آ ڌرتيءَ کي دهلائڻ جو،
تن من ڌن کي گهوري واري، گهاتُو گهرموٽائڻ جو.
اڄ وري مون پهه ڪيو آ گهائل کي پرڀائڻ جو،
سورهيه کي سنگينن تي ڀي مُرڪي منهن مُرڪائڻ جو.
اڄ وري مون پهه ڪيو آ جاڳي جوت جلائڻ جو،
طوفانن ۾، انڌيارن ۾، ڀٽڪي رستو پائڻ جو.
اڄ وري مون پهه ڪيو آ، وڄڙين کي ورسائڻ جو،
ٻيجل جو ٻهروپ مَٽائي، وڇڙيل ويل ورائڻ جو.
اڄ وري مون پهه ڪيو آ، سوڍي کي سنهجائڻ جو،
مومل واريءَ ماڙيءَ تي اڄ ٻيهر واڳ ورائڻ جو.
اڄ وري مون پهه ڪيو آ سنڌڙيءَ کي سرچائڻ جو،
ڪنڌ ڪپائي، جيءُ جلائي، پنهنجي منزل پائڻ جو.
(٢)
اڄ وري زنجيرون ڇڄنديون،
مارئيءَ جي مجبورين جون:
اڄ وري تقديرون کلنديون،
صديون جاڳيل سورين جون.
اڄ وري جهنڊا جهُلندا، راهوندن تي، رستن تي،
اڄ وري سرمد جهڙي مستي ايندي مستن تي.
اڄ وري شعلا اُٿندا، آڳ لڳي آکاڙي ۾،
اڄ وري ڪانئر ڪُسندا، رنگ – محل جي راڙي ۾.
اڄ وري تقديرون ڦرنديون، ڪينجهر جي ڪاڻيارن جون،
اڄ وري تدبيرون ٺهنديون، تاريڪيءَ جي تارن جون.
اڄ وري آديسي ايندا، صدين جا سوداءَ کڻي،
انسانن جي انيائن جا، سيني ۾ سؤ گهاءَ کڻي.
اڄ وري خوابن جي خوشبو، ڦهلي ويندي بستيءَ ۾،
هوشو ايندو هوڪاريندو، للڪاريندو، مستيءَ ۾،
اڄ وري قنديلون ٻرنديون، جهرڻا جهانجهه وڄائيندا،
اڄ وري ماروئڙا مِڙندا، گڏجي جهومي ڳائيندا.
(٣)
نئون نياپو آيو آهي، ماضي هاري موٽي ويندو،
جيڪي ٿيندو، اڄ ئي ٿيندو، اڄ ئي ٿيندو، اڄ ئي ٿيندو:
جيڪي ٿيندو، اڄ ئي ٿيندو، اڄ ئي ٿيندو، اڄ ئي ٿيندو.
رائي جي هُن پار
رائي جي هُن پار ڏسين،
شل، رائي جي هُن پار ڏسين!
رائي جي هُن پار، اي يار،
چڻنگون چڻنگون ڌرتي آهي؛
اُڀ جي آڳنڌ تي ڏس، ارڏا،
لال – رتي ڪا ارٿِي آهي.
ان کُهنبي کهنبي خون منجهاران،
سحر جي سرخي ڄاڻ ته اُڀري؛
رائي جي هُن پار، او يار،
آزادي بس ڄاڻ ته اُجري!
رائي جي هُن پار ڏسين،
شل، رائي جي هُن پار ڏسين. |