غزل
*
سوريءَ جو سينگار مليو،
هئه ڙي ڏاهپ، تنهنجا ڏنگ!
پرديسيءَ جو پيار مليو،
وه ڙي ويري تنهنجا ونگ!
انڌياري ۾ مور ٽليو،
سڏڪِي ساري پنهنجا سنگ.
هِير گهُلِي ۽ ٽارَ جهُلِي،
الهڙ جهڙا آتا انگ.
بادل گرجيو، بجلي چمڪي،
ساوڻ سرچايا سارنگ.
مرڪي هڪڙيءَ وار ڏٺوءِ،
چهڪي اٿيا چوڏس چنگ.
پنهنجو دامن ڇيهون ڇيهون،
ديوانن جا ڪهڙا دنگ.
*
چانڊوڪيءَ کي چاهي ڏس،
سِرَ تان سانگو لاهي ڏس.
منهنجي جهوليءَ ڏي نه نِهار،
منهنجي دل ۾ ڇاهي، ڏس.
ديول دل کان پاڪ نه ڄاڻ،
ڪنهنجي دل کي ٺاهي ڏس.
مونسان ايڏو پيار، مٺا!
ڪير ڪَنهين جو ناهي، ڏس.
بادل، برکا بند نه ڪر،
نيڻن ساڻ نباهي ڏس.
*
اچو ته پنهنجي ئي پاڇي کي سنگسار ڪيون،
اچو ته روح جي تاڃيءَ کي تار تار ڪيون.
اچو ته گڏجي زهر جو پيالو پي ڇڏيون،
اچو ته موت کي ڪنهن ريت پُروقار ڪيون.
جيئون ته اهڙي طرح جو زمانو جِي اُٿي،
مرون ته موت کي هڪ ڀيرو اشڪبار ڪيون.
وڏي جتن سان، محبت سان سُوري سينگاري،
وفا جي نانءَ جي قاتل جو انتظار ڪيون.
مڃوسين ڌار سهي، راهه پوءِ به ساڳي آ،
پو ڇو نه درد جي صحرا کي گڏجي پار ڪيون.
ڪنهن جي چاههَ ۾ جيڪر حياتي گذري وڃي،
ڪٿي آ وقت جو ويهي بُتن کي پيار ڪيون.
*
گهُٽ، ٻوسٽ، اُس نِٽهڻ، ڌرتتيءَ جو تاءُ آ،
سج سوا نيزي تي آيو، ٽَچڪي پيو هر گهاءُ آ،
ڪک ڪانا، گاهه تيلا، اوڇنگارن جيئن اُڏيا،
تنهن وڇوڙي جي گهڙي، جا روح جو ايذاءُ آ.
ڪو به پاڇو، ڪو به سايو، ڪو ڇپر، ڪا ڇانوَ ناهه،
ڪيترو وياڪل اڪيلو تنهنجو پٽڙو، ماءُ آ.
تنهنجا ديوانا سنجهي ئي دار ڏي راهي ٿيا،
درد وارن ڪيترو سستو کٽيو هيءُ داءُ آ.
ڪو نه روڪي، ڪو نه ٽوڪي، ڀل ته بادل پيو رڙي،
ڪو ته سُڏڪي، ڪو ته روئي، ڪو ته منهنجو ڀاءُ آ.
اڄ اُجهايل ديپ آهن، موت جهڙي ماٺ آ
اڄ اسان جي سوچ تي ڪنهن سانت جو سوداءُ آ.
زندگيءَ جا قافلا، صحرا ۾ رلندا ئي رهيا،
ڪنهن پڇيو: هيءَ جيت آ، يا هارَ سان سرچاءُ آ.
*
مورَ! هَٺِيلو تنهنجو موهه،
نِٽهڻ اُس جو ڪهڙو ڏوهه؟
ڳڱ ڳاڱاٽيو سارو ڏيهه،
لڱ لڱ تي لپٽيو آ لوهه.
آڏا ترڇا، اؤکا لَڪَ،
راهون روڪي بيٺو روهه.
وِک وِک تي واچوڙن وارَ،
ڇُلڪي پيو آ ڇاڇر ڇوهه.
پهڻ هٿن ۾، گوڙ وڳوڙ،
ڪنهن تي مَڇريو هيءُ انبوهه؟
دل وارن کي ساريو دار،
پَل ۾ ڪاڏي ويو پاٻوهه؟
ڄاڻ جا ٻاڻ سنڀاري ماڻهو،
سنڀري نڪتا ڊاهڻ ڊوهه.
*
جوڌا، جيءَ جياري سگهندين؟
سُوريءَ کي سينگاري سگهندين؟
مُور مُئو، پر ٽورَ نه مرندي،
ماريِ! ڇا ڇا ماري سگهندين؟
گل گل ۾ خوشبو آ پنهان،
باغ سڄو ڇا ٻاري سگهندين؟
مستانا ٽانڊن تي ٽِلندا،
گهائل سان ڇا گهاري سگهندين؟
ساوڻ کي اچڻو آ، ايندو،
پِرت جا وعدا پاري سگهندين؟
رات هجر جي ڄاڻ ته ڇانئي،
سوداين کي ساري سگهندين؟
منهنجي مستي مستي آهي،
سَستيءَ سان ڇا ٺاري سگهندين؟
*
رات هجر جي ڇانئي هَلڪي،
اکڙين ۾ ڄڻ ڇولي ڇُلڪي.
ڌرتيءَ جو دونهاٽِيل مُکڙو،
جهونجهڪڙي ۾ جهلمل جهَلڪي.
بادل ايندو، برسي ويندو،
اُڀ جو آنچل شال نه ڍلڪي.
ديوانا، ڇو دل جي دل ۾؟
ادڙا! آءُ، سُورَ ته سَل ڪي.
*
آڳ اکين ۾، راڳ چپن تي، ڪير آهين تون وڻجارا؟
ڇا ٿو ڳائين، ڇا ٿو چاهين، ڇو نه ٻڌائين ٿو پيارا؟
هاءِ ندوري ڪينجهر! تنهنجو وينجهر ڪين وريو
نوري سوريءَ تي ٿي روئي، چپ ڇو آهن تنهنجا ڌارا؟
ڏير اڃا ڀي ويري تنهنجا، ڀاڳ نه لُٽجن، جاڳ، چري!
پاڳل! بادل رهڻا ناهن، کن ۾ کلندا ڪيئي تارا.
ماڻي سان ڪو راڻي کي ڇا ريجهائي، ڇا پرچائي،
پريت جي ريت نرالي آهي، پيار جا چڻنگن ۾ ئي چارا.
ويڄ بنا مان ڇيڄ چوان ڪيئن، مٺڙا موتي! موٽي آءُ،
ساجن ريءَ ڇا ساوڻ سهجي، ڪينءَ برسن هي بادل ڪارا.
نيهي پيهي نيٺ ته ايندا، ڏک جا ڏونگر پرزا ٿيندا،
اکڙين ۾ مکڙيون ئي رهنديون، مٽجي ويندا گهرا گهارا.
*
پيار، پکيئڙو بنجي، اڏري آيو منهنجي دُوار،
آءُ پرين تون آءُ کڻي، ڪي ڏينهن اسان سان گهار.
ساوڻ ويندو، سپنا رهندا، يادون ڏِيل ڏنگينديون،
توريءَ مکڙي مرڪي ناهي، ساوڻ کي سينگار.
لَهَر لَهَر کي لَک لوڏا، ويرون ويري آهن،
دل جي ڪشتي دريا وچ۾، تنهنکي پار اُڪار.
دل جون ڳالهيون دل ئي ڄاڻي، دنيا جو ڀئُه ڪهڙو،
روحن کي ڇا روڪي سگهندي ڌوکي جي ديوار.
صدين کان آ ساهه سڪايل ڪنهن ساٿي جو سائل،
پيرُ پيرَ ۾ پائي مٺڙا تنهن پياسي کي پيار.
تارن ۾ جو تارا پائي تُنهنجي راهه تڪي ٿو،
تَنهنجي انڌياريءَ دنيا کي، آءُ اچي اجيار.
*
خدا ڄاڻي تنهنجين نگاهن ۾ ڇا هو،
اسان کي ته گهورن سان گهائي ڇڏيائون.
بهارن جي بيباڪ مستيءَ جان موهي،
سوين پيچ الفت جا پائي ڇڏيائون.
اُفق کان سندس لال چڻگون چورائي،
اڙي ڪنهن جو جهوپو جلائي ڇڏيائون.
پري ڪر، پري ڪر، پري ڪر هي شعلا،
ڏسين ٿي ته دل ئي دکائي ڇڏيائون.
نماڻيون نماڻيون، هي نيڻن جون پياليون،
مون کان مئي جي مستي ڀلائي ڇڏيائون.
*
وڃين ٿي ته وڃ، پر وساري نه ڇڏجان،
گهڻو دور گهاري، ڌڪاري نه ڇڏجان.
وري مينهن ايندا، وري گل به ٽڙندا،
بهارن ۾ پر بي سهاري نه ڇڏجان.
مڃان ٿو، حياتيءَ جي منزل به ايندي،
بنا موت مٺڙي، تون ماري نه ڇڏجان.
دعا آ ته شل خير سان يار پهچين،
اسان کي مگر هِن ڪناري نه ڇڏجان.
*
جنهن راه تي مونکان ڌار ٿئين، سو موڙ جدائيءَ وارو هو،
جنهن گهاءَ کي سانڍيم سيني ۾، سو زخم جهان کان نيارو هو.
ڪو نٽهڻ اُس ۾ ڪومايو، ڪو سانجهيءَ ٽاڻي مرجهايو،
جومُرڪي سوريءَ تي آيو، سو تنهنجي چاهت وارو هو.
مون درد ڏٺو ديوانن جو ۽ پيار پسيو پروانن جو،
جنهن گهاءَ سٺو انسانن جو، سو ماڻهو ڏاڍو پيارو هو.
هُو آڌيءَ آڌيءَ آيو هو، ۽ ساهن منجهه سمايو هو،
ڪا سوچ هئي يا سايو هو، ڪو گيت اُڃيو آسارو هو.
ڪي پور به پورن جهڙا ها، سي روح تي رهڙا رهڙا ها،
ڪي آگم اکڙين جهڙا ها، ڪو بادل ڄڻ تاسارو هو.
*
جڏهن رات رئندي سمهي پئي سُکاڻي،
تڏهن آه ڪنهن جي اُڀامي اڏاڻي.
مون گيتن ۾ گوندر ملائي به پيتو،
مگر پياس پنهنجي نه پيارا اجهاڻي.
حياتيءَ تي هڪڙي گهڙي بار آهي،
اِهائي گهڙي، جا توهان ريءَ وهاڻي.
هلو دار تي، جو اِهوئي آ دارون،
اها ئي رسم پيار جي آ پراڻي.
اسان تي جيئڻ جو به الزام آهي،
اسان جي مرڻ لئه گهَڙيو هاڻي گهاڻي.
اوهان جي پڄاڻا نه مُرڪي کلياسين،
ڪڏهن رات ڪائي نه سَرچِي سهاڻي.
*
هر رات اُداسي آ، هر صبح ستم آهي،
ڪجهه پنهنجي نصيبن جو، ڪجهه تنهنجو ڪرم آهي.
ڇا لاءِ بهارن ۾، اڄ بوءِ ڀنل ناهي،
هر مکڙي آ ڪومائي، هر گل ۾ زخم آهي.
خاموش فضائن ۾ آواز هي ڪهڙو آ،
آڪاس ٿو جهونگاري، يا منهنجو صنم آهي.
هر وار اُڃايل کي، ڪجهه زياده اُڃائين ٿو،
يا روح ئي پياسو آ، يا پيالي ۾ خم آهي.
تون دل ۾ جڳهه ڏيئي، پوءِ پل ۾ ڀُلي ويٺين،
هن دل ۾ ليئو پائي، ڏس تنهنجو ئي غم آهي.
ڪيئي ڀيرا خيال آيم، مان توکي وساريندس،
ڪا ريت ته ڪانهي پر، هي دل جو مرم آهي.
*
رات اسان کان پيارا وڇڙيا، چانڊوڪيءَ کان چارا وڇڙيا،
ساوڻ ڪهڙي ڪارڻ ايندو، دل کان جو دل وارا وڇڙيا.
ڪنهن سونهن ڏني، ڪنهن ساءُ ڏنو، ڪنهن دردن جو درياءُ
ڏنو،
ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو آيا، ڪهڙا جيءَ جيارا وڇڙيا.
خوابن جي ايوانن ۾، مان تنها تنها ڇو آهيان؟
جن جوت ڏني سي موت نِيا، هئه! تاريڪيءَ ۾ تارا وڇڙيا.
تون گيت هئين، سنگيت هئين، يا منهنجي من جو ميت هئين،
اڄ گيتن کان گونجار وئي، اڄ دريائن کان ڌارا
وڇڙيا.
ڪي ڏينهن هئا جو مينهن پيا، جن پيار ڪيوسي ڌار ٿيا،
تون جو وڇڙئين دنيا وڇڙي، مونکان ساٿي سارا وڇڙيا.
*
چوڙيليءَ جو چندن چهرو، ساهن منجهه سڳنڌ ته ڏس.
مکڙين وانگر اکڙيون جرڪن، سونو هر هڪ سَنڌ ته ڏس.
مرڪن سان ٿي ماڻهو ماري، الهڙ جو هيءُ
اَنڌ ته ڏس.
رات سموري جاڳي آڪر گهنجيل گهنجيل هَنڌ ته ڏس.
اَڌيءَ ٽاڻي، پيار منجهاران، پاڻياريءَ جو پنڌ ته ڏس.
پرهه ڦٽيءَ جو، ڪوڏر هيٺان، ڪونجن جهڙو ڪنڌ ته ڏس.
موتئي جهڙي مهڪ به ڏس تون، ڪانئر جا تون ٽهڪ به ڏس.
چوٽيءَ هيٺان چچريل گلڙا، چاهت جا هي چَهڪ به ڏس. |