سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: چنڊ رهين ٿو دور

باب --

صفحو :6

نظم

 

 

 

 

 

نَظَمَ

 

چنڊ جي چاهت

 

ننڍڙي هوندي، ماءُ جي هنج ۾

هڪڙي ڀيري

انگل سان مون چنڊ گهريو هو.

امڙ منهنجيءَ،

مُرڪي مون کي ”چنڊ“ چيو هو.

 

اڄ وري مون

سالن کان پوءِ

چنڊ کي پائڻ چاهيو آهي:

ليڪن مون کي ”چنڊ“ چئي پرڀائڻ واري

ماءُ ڪٿي آ؟

 

آشا

 

ڌرتيءَ جي کهري سيني تي

هڪ لڱا ڪو گل ٽڙيو –

ننڍڙو نازڪ، پيارو پيارو،

ڪومل پنکيون، سهڻا رنگ،

جهلمل جنهن تي چِٽ، چِٽيل،

اهڙو ننڍڙو نازڪڙو

ڪو گل ٽڙيو،

کهريءَ ڌرتيءَ جي سيني تي.

 

ڦول کي ساهه سان سانڍي، ڌرتي

مُرڪي ڳاٽ کڻي –

ڄڻ ڪا ماتا،

پنهنجو ٻچڙو ڇاتيءَ ساڻ لڳائي،

ڄڻ ڪو راهي،

بن بن ڍونڍي منزل جو ڏس پائي؛

ڄڻ ڪو سامِي،

سَئنَ هئي، ۽ سامهون ساجن پائي:

هڪڙو اهڙو گل ٽڙيو،

کهريءَ ڌرتيءَ جي سيني تي.

 

پر پوءِ، مٺڙا، تون ياد آئين!

منهنجي اجڙيل ۽ انڌياري هردي ۾،

تون اُڀري آئين ڦول سمان.

تنهنجيءَ مٺڙيءَ مرڪ سهاري

جيئان ٿو،

تنهنجي پريت جي خاطر، ڍوليا،

زهر به مرڪي پيئان ٿو:

شال ڪيِنَ تون مُرجهائين،

شل تنهنجو روپ امر رهي!

 

هي گدلو گنگا جو پاڻي

 

هي گدلو گنگا جو پاڻي،
تنهنجي من کان اُجرو ناهي.

تنهنجو من آ موتيءَ داڻو،

تنهنجو من هيري جي کاڻ؛

پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پاءِ،

تو کي ڇا دولت جي ڪاڻ؟

 

هي گدلو گنگا جو پاڻي،
تنهنجي من کان اُجرو ناهي.

تنهنجي من ۾ موتيو مُرڪي،

تنهنجي من ۾ مُگري واس؛

ڌرتيءَ تي ڇو سِيس نوائين،

تنهنجي منزل آ آڪاس:

 

هي گدلو گنگا جو پاڻي،
تنهنجي من کان اُجرو ناهي.

تنهنجو من مندر کان مُهڻو،

تنهنجي دل ديول کان پاڪ؛

جنهن کي پنهنجي هٿ سان جوڙين،

سو ڪيئن ٿيندو تنهنجو ٿاڪ؟

 

هي گدلو گنگا جو پاڻي،
تنهنجي من کان اُجلو ناهي.

تنهنجا بازو بڙڇي آهن،

تنهنجي اک اک تير سان،

تون جي هيڪر ڀرجي گرجين،

ٿڙ – ٿڙ ٿڙڪي هيءُ جهان:

 

هي گدلو گنگا جو پاڻي،
هي گدلو گنگا جو پاڻي.

تون ۽ مان

 

تون ڪوڪ ته ڪوئل ساهه پٽي،
تون ڳاءِ ته جهرڻا جهانءِ سکن؛
تون مرڪ ته موتيو مهڪي اُٿي،
تون چهڪ ته دلڙي ٽهڪ ڏئي.

تون گهور ته گهاتو گهر موٽن،
تون تلڪ ته ڌرتي تلڪ هڻي،
تون جهوم ته بادل برسي اٿن،
تون تڙپ ته کنوڻيون کِلول ڪن.

تون ڳول ته منهنجا خواب لڪن،
تون پاءِ ته فن لافاني ٿئي؛
تون گهاءَ ته دل ۾ درد ڦٽن،
پِرڀاءِ ته پياسا پنڌ پڇن.

تون چنڊ کي چنڊ مڃين به ته ڇا،
هيءُ چنڊ ته تنهنجو پاڇو آ؛

تون جوت کي جوت چوين به ته ڇا،
هر جلوو تنهنجو پرتؤ آ.

مون تنهنجي ڇڪ ڇهاءُ پسي،
اڄ ڪشتي ڪُنَ ۾ لاٿي آ،
۽ تنهنجي سڪ سنيهه ڏسي،
مون جيءَ ۾ جاتي پاتي آ.

(تنهنجو روپ، رسيلو سپنو،
منهنجو روح رڃايل راڳ،
تنهنجو گيت، مڌ جو ماٽو،
منهنجو چاهه، چرئي جو جاڳ!)

مان رات آهيان، مان رات آهيان،
مان ڪاري ڪاري رات آهيان،
جنهن سوچ کي ڪائي لوچ نه آ،
مان لڇندڙ سائي لات آهيان!

وقت ۽ پريت

 

وقت ائين، جيئن واريءَ تي

ڪنهن پياريءَ جي پيرن جا نشان،

پريت ائين، جيئن پوٺي تي

ٿئي پياسي کي پاڻيءَ جو گمان.

 

جيون، جهڙو ساوڻ ۾

ڪو چنگ چُري ۽ ساهه سُري،

موت ائين، جيئن موتئي جي

ڪا شاخ سِري ۽ مالڪ ڪِري.

 

مان وقت جو ويري ناهيان،

پر

مان پريت جو پيري آهيان.

خوشيون ڏين يا ڏيندين ڏکڙا،

مُرڪي توکان وٺندس، مٺڙا!

 

 

چانڊوڪيءَ جي چاهت ۾

 

چانڊوڪيءَ جي چاهت ۾، مون اوندهه ساڻ نڀايو.

تارن جي پاڇولن ۾

هر بار جڏهن ڀي ماڪ ڀِنِي،

چانڊوڪيءَ جي چارن ۾

هر بار جڏهن ڀي رات رني،

هر بار جڏهن ڀي هير گهُلي

۽ ياد اوهان جي آئي،

مون ڀانيو ڪوئي آيو آ

جو سانجهي آ شرمائي!

هر بار مون مُرڪي گهاءُ سٺو،

هر بار مون تولئه واجهايو –

چانڊوڪيءَ جي چاهت ۾، مون اوندهه ساڻ نڀايو

 

 

پڇتاءَ جا موتي

 

پلڪن تي آنسن جا موتي،

پيار جي ريکا، جيون جوتي،

 

برپٽ ۾ ڄڻ برکا برسي،

جهومي ڪائي ٽاري،

جهلمل جهَلڪي واري.

 

پلڪن تي آنسن جا موتي،

شعلي تي شبنم جا ٽيرا –

ڄڻ ڪا ليلان

نيرُ وهائي، پاڻ ڀلائي، پڇتائي،

ڪونئروءَ آڏو بيٺو آهي، ڪنڌ جهڪائي،

هار ڇني،

داڻا ڦهلائي!

 

 

 

نئين ڪوئل

 

 

منهنجي اڱڻ تي،

انب جي وڻ تي،

اڄ ڪا ڪوئل آئي آهي؛

روئي ٿي، ڄڻ گهائِي آهي،

رکي رکي ڪا ريهه ڪري ٿي:

ڪُو – ڪُو – ڪُو!

 

منهنجي من ۾،

هڪڙو بَن آ،

جنهن جي ڪنهن پراڻي بڙ تي

عرصي کان ڪا ياد جي ڪوئل رهندي آ.

روئندي آ نه رڙندي آ،

ماٺ ميٺ ۾،

سڀڪجهه ويٺي سهندي آ:

ڪڏهن ڪڏهن ته لڳندو آهي

مري وئي آ – تڏهن ته چپ آ!

اڄ الائي ڪهڙي ڪارڻ،

انب جي وڻ تي

نئين ڪوئل جي ريهه ٻڌي،

سڏڪي پئي آ.

اڄ الائي ڪهڙي ڪارڻ،

ياد جي ڪوئل دانهن ڪئي آ:

ڪُو – ڪُو – ڪو!

 

 

تنهنجي ياد به سپنو

 

هيءُ سانوڻ ڄڻ ڪو سپنو هو،

جو سايو بنجي آيو هو،

۽ بادل بنجي ڇايو هو:

پوءِ بوندون بنجي برسيو هو،

ڄڻ ڪنهن لئه صديون ترسيو هو.

 

۽ پوءِ هوا جي جهوٽي سان،

ڪنهن ڇيڪ جي ڇڙيل وارن جان،

پل کن ۾ وکڙي وکڙي ويو:

هيءُ سانوڻ ڄڻ ڪو سپنو هو.

 

مون اکڙين جي نيسارن مان،

نيڻن جي وهندڙ نارن مان،

هيءَ ورکا رُت واجهايو هو،

پر تنهنجي ياد به ته سايو هو:

ڄڻ تنهنجي ياد به سانوڻ هئي،

ڄڻ تنهنجي ياد به سپنو هو.

 

 

 

 

 

 

 

درد جا رشتا

 

راز ته آخر راز ئي رهندو –

تنهنجو منهنجو راز ئي ڪهڙو؟

 

دل جا رشتا درد جا آهن،

دل ئي ڄاڻي دل جون ڳالهيون:

دل ئي چانڊوڪيءَ ۾ چهڪي،

چانڊوڪيءَ جا چهڪ سڃاڻي،

گهائل گهائل ٽهڪ سڃاڻي،

دکندڙ دل جي مهڪ سڃاڻي:

دل ئي ڄاڻي دل جون ڳالهيون،

دل جا رشتا درد جا آهن.

 

تنهنجو منهنجو راز ئي ڪهڙو،

راز ته آخر راز ئي رهندو!

 

 

ٽي رخ

 

(١)

ڪڏهن تو زندگيءَ جي ساز تي سرگم سڻائي هئي،
ڪڏهن منهنجي اُڃايل روح ۽ پياسي نگاهن کي،
فقط تنهنجي نمنا جي، سهاري جي ئِي وائي هئي.

مگر هاڻي محبت هار کاڌي آهي دولت کان،
نه تون ساڳي، نه مان ساڳيو، نه وعدا ئي رهيا ساڳيا،
وري هڪ وار عورت ٿي وئي مجبور فطرت کان!

(٢)

مڃان ٿي، تنهنجي دنيا کان گهڻو ئي دور مان آهيان،
مڃان ٿي، پيار جي رستا انوکا ڀِي ۽ اوکا ڀي،
مگر زر جي بنايل قيد ۾ مجبور مان آهيان.

شڪايت کان ته بهتر هو، وساري ئي ڇڏين ها تون،
ڪري بدنام اُلفت کي، ڪجي ڇو پيار کي رسوا،
ڪيا تو ڀي ته ها واعدا، اهي پاڙي ڇڏين ها تون !

(٣)

وري هُن کي ڪنهين جي ياد ۾ غلطان پاتو مون،
خريديو مون جسم سارو، خريديان ڪينءَ اُلفتَ کي،
هِي دولت – هاءِ، هن دولت کي هو ايمان ڄاتو مون.

سندس هر اَشڪ ۾ پِنهان، گُذشته ڪا ڪهاڻي آ،
ڪَنهِين ڪنگال سان وعدو نڀائڻ جو ٿيو هُن کي،
مگر منهنجي هوءَ ٻانهي آ، هوءَ منهنجي در وڪاڻي آ!

موٽي وڃ

 

منهنجو ساٿ نه ڏيئي سگهندين،

موٽي وڃ، تون موٽي وڃ!

 

منهنجي پريت پپيهي جهڙي،

منهنجو چاهه چڪوري ڄاڻي،

منهنجون راهون اوکيون آهن،

منهنجو پنڌ پرانهون آ.

 

منهنجو جيون جوالا آهي.

جنهن جي ٽانڊن تي ئي منهنجي

پياسي من جي آس ٽِلي:

منهنجي من ۾ ڪائي سُوري،

صدين کان سينگاريل آ.

منهنجو ماڳ نه پڇ تون، مٺڙا،

منهنجي مَڃ، تون موٽي وڃ!

 

 

مان ۽ تون

 

مان درد جو صحرا ته ناهيان

جو ڊڄين ٿو.

مان هجر جي پيڙا ته ناهيان

جو ڀڄين ٿو.

مان گهري، سمونڊن جي ڪائي ماٺ به ناهيان

۽ اونچي پهاڙن جي ڪائي مات به ناهيان.

مان آس جي قدمن تي ڪريل

ڪوئي سوالي

آڪاس جي چاهت ۾ چريو

آهيان ازل کان.

ڌرتيءَ تي ڪريل پِيلو

ڇڻيل پَنُ ئي ته آهيان،

پٿر ته ناهيان جو ٿڏين ٿو.

 

مان دور فضائن ۾ کڙيل

تارو ئي ته آهيان.

ڪو گهاءُ ته ناهيان،

 

پڇتاءُ ته ناهيان!

 

 

 

درد جو ميلو

 

اي رات نه رو، ڏات نه رو، لات نه رو،
ڪجهه دير سهي شدتِ جذبات، نه رو.

هي زخم به گهرو آ، هر اشڪ تي پهرو آ،
جو تنهنجي هٿان مليو سو گهاءُ سنهڙو آ.

هي گيت به گهايل آ، سنگيت اُڃايل آ،
هڪ دل جي اُداسي آ، جا توتي ئي مائل آ.

اڄ مور اڪيلو آ، اڄ دور سويلو آ،
هن دل ۾ سوين يادون، ڪو درد جو ميلو آ.

تون ياد هجين ها مان دل ۾ ئي سمايان ها،
تون درد هجين ها، مان سيني سان لڳايان ها.

تون گيت هجين ها، مان توکي ئي ته ڳايان ها،
سنگيت هجين ها تون، مان ڪنڌ ڪپايان ها.

پاڇولو هجين ها تون پڙلاءُ هجان ها مان،
جي گهُور هجين ها تون ۽ گهاءَ هجان ها مان.

جي پيار هجين ها تون، پر ڀاءُ هجان ها مان،
جي پُور هجين ها تون، پڇتاءُ هجان ها مان،

مان رات هجان ها ۽ لات هجين ها تون،
مان چشم هجان ها ۽ برسات هجين ها تون.

مان گهُور هجان ها ۽ گهات هجين ها تون،
مان روح هجان ها ۽ رات هجين ها تون.

تقدير جي آڏو پر تدبير نه هلندي آ،
جي خواب اڌورو آ، تعبير نه ملندي آ.

اڄ موت ڏني مات آ، برسات نه رو،
اي رات نه رو، ڏات نه رو، لات نه رو.

سڙهه جا پاڇا

 

 

سِڙهه جا پاڇا لهر لهر تي –

سمنڊ ائين، جيئن گهاٽو جهنگل!

 

منهنجي من ۾ ٿوهر وڻ آ،

جنهن تي ڪائي ڪاري ڪوئل

پل کن ڳائي اڏري ويندي،

برکا ايندي، گذري ويندي.

(بادل ڪنهن جو ساٿي ناهي!)

 

تنهنجون يادون بادل جهڙيون،

تنهنجون باتيون ڪوئل جهڙيون –

(منهنجي من ۾ ٿوهر وڻ آ،

سمنڊ ائين، جيئن گهاٽو جهنگل!)

 

سڙهه جا پاڇا ابدي آهن،

لهر لهر کي ڇهندا رهندا:

 

جيسين پاڻيءَ جو هي جهنگل،

ٻُڏندڙ سج جو پويون ڪرڻو

پنهنجي شاخن منجهه ڇپائي،

اونداهيءَ کي ڳلي لڳائي،

سڏڪي سڏڪي چپ ٿي ويندو.

 

بن ۾ ڪوئل رڙندي رهندي،

ڳل تي بادل بَرسِي ويندو:

سڙهه جا پاڇا ابدي آهن،

بادل ڪنهن جو ساٿي ناهي،

بادل ڪنهن جو ساٿي ناهي!

 

 

اوهان جي پڄاڻا

 

(١)

اوهان جي پڄاڻا

نه بلڪل ئي چهڪي، نه مکڙي ئي مهڪي،

نه بادل ئي برسيا، نه ورسيا وٿاڻا –

اوهان جي پڄاڻا...

 

اوهان جي پڄاڻا،

اسان روح کي ڄڻ نچوڙي چڪاسين،

اداسي نگاهن ۽ تشنه لبن سان

هر گام،

هر شام توکي پڪاري ٿڪاسين،

مگر تون نه آئين،

نه آواز آيو؛

بهارون نه موٽيون،

۽ ڪونجن جون وڇڙيل قطارون نه موٽيون،

گلن جا زخم ڪين ڀريا، نه ڀريا،

 

ويا دور وڇڙي، سي ساٿي نه وريا،

ساقي سمهي پيا ۽ مقتل وساڻا –

اوهان جي پڄاڻا...

 

(٢)

چراغن جا دونها،

فضائن ۾ گم ٿي،

ستارن کي ڇهندا،

گهڻو دور،

ڪنهين قافلي جي مڌم ٽَلين جينءَ

اڏندا ئي رهندا:

۽ گلشن ۾ خوشبو،

جواني لٽائي،

ننگيءَ نياڻيءَ جينءَ، بازار ۾

هر راهرو آڏو هٿڙو وڌائي،

حياتيءَ جو دان مڱندي ئي رهندي.

 

ڪنارن تي رنگين آنچل به اُڏندا،

۽ ڇولين جي ڇَرَ تي ڪي مدهوش جوڙا،

نگاهون ملائي، کلي مسڪرائي،

اميدن جا موتي پلاندن ۾ پائي،

ٽِلندا ئي رهندا، ملندا ئي رهندا.

 

(٣)

مگر منهنجي دامن ۾ تارا نه آهن،

اداسي اکين ۾

فقط چند بيسود آنسو ئي آهن:

آنسو،

جي گيسو سنواري نه سگهندا،

مٺا، تنهنجو مکڙو اُجاري نه سگهندا.

 

ڊڄان ٿو

ته راتين جي خاموش وادين ۾، سائين،

اهي تنهنجا تحفا، اهي منهنجا ساٿي،

گهڻا ڏينهن مون سان به گهاري نه سگهندا!

 

 

ڪجهه ته گهرين ها

 

جي سونهن گهرين ها ساٿيئڙا،
مان چانڊوڪي چورايان ها.

جي پيار گهرين ها پانڌيئڙا،
مان مرڪي جان جلايان ها.

جي گيت گهرين ها منهنجا پرين،
مان سڏڪن جي سُر ڳايان ها.

جي سوچ گهرين ها سانولڙا،
مان روح جي لوچ لڪايان ها.

جي جيت گهرين ها جاني تون،
مان هار تي لڙڪ نه لاڙيان ها.

جي ساهه گهرين ها ساجن تون،
مان چاهه تي ساهه لٽايان ها.

جي لڙڪ گهرين ها اکڙين جا،
مان نيڻن نير وهايان ها.

پر سونهن نه ڪو سوداءُ گهريئي،
يادل جو گهرو گهاءُ گهريئي.

ڪا سوچ نه ڪائي لوچ گهريئي،
يا گيتن جو گهراءُ گهريئي.

ڪي گيت نه ئي سنگيت گهريئي،
يا پوڄا جو پڇتاءُ گهريئي.

چپ چاپ اڪيلين راهن ۾،
ڇو نٽهڻ اُس جو تاءُ گهريئي؟

تون اوجهل ٿي وئين اکڙين کان،
جيئن واس جدا ٿئي مکڙين کان.

مان درد ڇپائي نيڻن ۾،
هر ويل ٿو مرڪان ويڻن ۾.

تون ڪجهه ته گهرين ها ساٿيئڙا،
تون ڪجهه ته گهرين ها ساٿيئڙا.

دل جا ويرانا

 

دل جي ويراني جو ڇا هي؟

ويرانو، ويرانو رهندو.

 

ديواني جي دنيا آهي،

پل ۾ آنسو، پل ۾ آهون،

پل ۾ مُرڪن جا ميخانا!

ڪنهن جي آئي اکڙيون آليون،

ڪنهن لئه ڳائي جيون جاليون:

دل جي ويراني جو ڇاهي؟

ويرانو، ويرانو رهندو.

 

واريءَ تي خمدار وراڪا

ڄڻ ڪنهن ويران مندر جي

مرجهايل ماضيءَ جا ڏاڪا –

تهخانن ۾ ڀٽڪيل سايا،

ماضيءَ جون مجبور نشانيون –

بيوس، بيحس.

بيرس، بيچس –

ڄڻ ڪنهن پاڳل مصور پنهنجي

بي پر تخيل کي آ سانڍيو،

ڄڻ ڪنهن بدصورت دوشيزه

آئيني کان پاڻ ڇپايو،

ڄڻ ڪو پنڇي، ڀلجي آيو،

بيگاهي، اونداهي بَنَ ۾:

 

دل جي ويراني جو ڇا هي؟

ديواني جي دنيا ڇاهي؟

 

 

آءٌ اڪيلو

 

من تي مونجهه

ساهُ به ساڻو؛

رکي رکي ڪو باهه جو جهوٽو

ڄڀي اوڳاري،

ٽهه ٽهه کلندو،

رڃ جي رٿ تي ڪاهيندو،

باهه منجهاران باهيندو،

هليو وڃي ٿو دور ڏکڻ ڏي،

 

آءُ اڪيلو،

آءُ اڪيلو، ويچارو،

گهائل من کي پرڀايان ٿو،

يادن جي ڪنهن ڪاڪ محل ۾

دل جو ديپ جلايان ٿو.

 

پر –

پر باهه جو جهوٽو

ٽهه ٽهه کلندو،

رڃ جي رٿ تي ڪاهيندو،

باهه منجهاران باهيندو،

ٻيهر موٽي آيو آهي:

آءُ اڪيلو –

آءُ اڪيلو، ويچارو.

 

ڪاڪ جي خاڪ

 

ڪاڪ جي شايد خاڪ اُڏي آ،

رات رني ويراني ۾!

پياسا راڻا، سُرڪيءَ ڪارڻ،

صدين جا ايوان اورانگهي،

پنهنجي ماضيءَ جو ڪو مڌم

جهيڻو تصور دل ۾ سانڍي،

آيا ساڻا ويڳاڻا،

مومل جي ميخاني ۾:

ڪاڪ جي شايد خاڪ اُڏي آ!

 

 

 

لاٽ

 

درد جي ڪائي لاٽ اُٿي آ،

دلڙي، هاڻي ڌيرج ڪهڙو؟

 

ڪهڙيءَ ڪاڪ پڪاريو آهي،

ڪهڙيءَ مومل ساريو آهي؟

ڪهڙي نيرو، سُر جي ڪارڻ،

روم کي ٻيهر ٻاريو آهي؟

 

ڪهڙي چنڊ چڪوري بنجي،

پنهنجي پاڇي پائڻ خاطر،

بَنَ بَنَ روئي ڳايو آهي،

پرينءَ کي پرڀائڻ خاطر؟

 

مان راڻو ناهيان،

راڻي جو ٻهروپ سهي،

پوءِ ڀي آخر ڪينءَ چوان

ڪهڙيءَ چانڊوڪيءَ جي خاطر

آيو آهيان،

 

جنمن جي پهچاڻ ڇڏي،

ابديت جا اهڃاڻ ڇڏي،

چاهت جي چانڊاڻ ڇڏي،

پنهنجو آيس پاڻ ڇڏي!

 

منهنجا همدم، منهنجا قاتل!

اوري آ، تون اوري آءُ،

منهنجي دل جي ويرانيءَ ۾

ڪاري ڪاري ٻاٽ ته ڏس،

بوند جي اُساٽ ته ڏس،

اميدن جي آشائن جي،

صدين کان جا سانڍيل آهي،

دل جي گهائل گهراين ۾

درد جي ڪائي لاٽ ته ڏس!

 

وهر جو، سورج جو رشتو

 

ڪي آهُن جا رشتا،

ڪي دانهن جا رشتا،

ڪي گهايل، ستايل نگاهن جا رشتا،

ڪي سُوريءَ تي سَهميَل پناهن جا رشتا،

ڪي گهريءَ جدائيءَ ۾ جالڻ جا رشتا،

ڪي چاهت جي پاپن کي پالڻ جا رشتا.

 

ڪي رشتا،

جي ڌرتيءَ جي آنچل جيئن ڪُومل،

جي مُرجهن ته مارئي، جي مُرڪن ته مومل.

 

ڪي رشتا،

جي ساوڻ جا گهنگهور بادل،

جي ترسن ته تاسا، جي برستن ته جل ٿل.

 

ڪي رشتا،

جي اوچن پهاڙن جيئن پلجن،

نه جهوريَن جئن جهَلجن،

نه سُورن جيئن سَلجن.

 

 

ڪي رشتا،

جي اکڙين جي اوٽن ۾ ٽانڊا ٿي ٽمڪن،

۽ بيوس نگاهن ۾ خوابن جئن جهلڪن.

 

ڪي رشتا،

جي واسينگ وانگر ورن ٿا،

۽ مرليءَ مٿان ڪنڌ ڪوري ڪِرن ٿا.

 

ڪي رشتا،

جي گمنام،

ناڪام،

بينام آهن،

اسان جي اڌوريءَ تپسيا جو انجام آهن.

 

۽ اهڙن ئي رشتن جي پاڇي ۾ ويهي،

مون پنهنجيءَ حياتيءَ کي گهُوري ڏٺو آ –

ڪڏهن درد بنجي،

ڪڏهن دانهن بنجي!

 

تڏهن تنهنجي چپڙن تي چنبڙيل،

اُداسيءَ جا چاپڙ ڇڻن ٿا:

 

اداسي،

جا گونگي ۽ ٻوڙي ۽ نابين آهي،

جا منهنجي اندر ۾ اِئين ئي رهي ٿي،

ڄڻ ڪوئي ٿُوهر جو ٿاريلو وڻ آ،

يا سورج جي ٽانڊاڻ گولي جي وچ ۾،

ڪا ننڍڙي جهُڳي آ،

جا منهنجو ئي گهر آ!

 

اهو ئي آ رشتو،

تنهنجو ۽ منهنجو –

گونگو ۽ ٻوڙو ۽ نابين رشتو،

ٺوهر جو رشتو،

۽ سورج جو رشتو!

 

انهيءَ ۾ اسان جي

محبت ۽ نفرت،

چاهت، عبادت،

جهنم ۽ جنت،

سڀڪجهه دفن آ.

انهيءَ ۾ اسان جي ڏکن ۽ سکن جي

ڪلهاڻي ڇُپيل آ:

 

 

ڪهاڻي،

جا بيجوڙ، بيرط، بيڍنگ آهي –

نه جنهن جي اڳياڙي،

نه جنهن جي پڇاڙي،

نه ٽهڪن جا ٽانگڙ،

نه خوابن جي خوشبو،

نه ڪائي تمنا،

نه ڪو رنگ آهي:

 

ڪهاڻي،

جا رشتن جي محتاج ناهي:

ڪهاڻي،

جا ماضيءَ جي پاڇن جو پڙلاءُ آهي،

۽ يادين جي وادين جو ڦهلاءُ آهي،

حياتيءَ جي ڇاتيءَ تي ناسور آهي،

گهرو گهاءٌ آهي:

 

ڪهاڻي،

جا سُوري آ، سنياس آهي،

اسان جي محبت جو انگاس آهي:

 

 

 

 

ڪهاڻي،

جا پهرئين پگهر جئن پراڻي –

جو تَرسي ته موتي، جي تِرڪي ته پاڻي:

ڪهاڻي، جا مارئيءَ جي لوئي به آهي،

ڪهاڻي، ڏونئرن جي ڏوئي به آهي:

 

ڪهاڻي،

جا ڇولين جي ڇَر تي

پکيءَ جي پرن سان لکيل آهي:

ڪهاڻي،

جا کَنُ آ،

گهڙي آ،

ساعت، لمحو ۽ پَلُ آ:

 

ڪهاڻي،

جا جوڌن، جوانن، جُنگن جيئن،

اڻموٽ،

ارڏي،

اٽل آ،

اجهل آ!

اِها ئي ڪهاڻي آ تنهنجي ۽ منهنجي،

اهو ئي آ رشتو،

اهوئي آ ناتو،

تنهنجو ۽ منهنجو –

گونگو ۽ ٻوڙو ۽ نابين رشتو،

ٿوهر جو رشتو،

۽ سورج جو رشتو!

---

 

 

 

 

تڙپياسين، تدبير نه بدلي

 

 

ساگر سک جو ساههُ نه سنبري،
وارياسي جي ويِرَ نه بدلي:
اُوچي اُڀ ۾ تنهنجي هوندي،
تارن جي تقدير نه بدلي.

گيت به بدليا، مِيت به بدليا،
ساوڻ جا سنگيت به بدليا:
سڀڪي بدليو، تنهنجي سنڌو!
سون سريکي سِير نه بدلي.

پل پل پهرا ديوانن تي،
وک وک تي سؤ ويَل وهيا:
صديون گذريون، سينڌ نه سنوري،
تڙپياسين، تدبير نه بدلي.

لڏندي ٻيڙي، ٻڏندا پاڇا،
لهرن لُڙَ ۾ گذريو ڇا ڇا:
واچوڙن ۾ واٽ ڏٺيسين،
تصور جي تصوير نه بدلي.

تنهنجو منهنجو تُرهو ساڳيو،
ڦِيڻ به ساڳي، ڦرهو ساڳيو:
تڙپي تڙپي پار پُڳاسين،
هچياري پر هير نه بدلي.

جت رڃ رڙي

 

جت رڃ رڙي، جت ساهه سڙي
۽ آه نه ڪو انسان ڪري،

اُن ڌرتيءَ تي ڪو ڪيئن رهي،
اُن ڌرتيءَ تي ڪو ڪيئن رهي؟

جت پريت نه ڪو پرڀاءُ هجي،
۽ گهاءَ مٿان سؤ گهاءُ هجي،
جت راڳ نه ڪوئي رنگ هجي،
جت چنگ رڳو پيو ڏنگ سهي-

ان ڌرتي تي ڪو ڪيئن رهي؟

جت واڳونءَ جهڙا وات سوين،
۽ ڏائڻ بڻجي ڏات لنوين،
جت ساوڻ آئي ساٺ نه ٿئي،
۽ ڏاوڻ ڏک جو ڪين لهي –

اُن ڌرتي تي ڪو ڪيئن رهي؟

هي ڪارا ڪارا بادل ها،
جي پريتم جهڙا پاڳل ها،
هُو ترسيا ها ۽ برسيا ها،
جيئن نينهن وچان ڪو نار وهي –

اُن ڌرتي تي ڪو ڪيئن رهي؟

مون اوچا اوچا ڪوٽ ڏٺا،
مون گهائل گهائل گهوٽ ڏٺا،
ڇا ڇا نه ڏٺو مون دنيا ۾،
ڪيئن لوڀي ٺوڳيءَ سان ٿو ٺهي –

اُن ڌرتيءَ تي ڪو ڪيئن رهي؟

سنڌو

 

سنڌو، توسان سو سَڱ آهن،

ديس وارن ديوانن جا؛

درد جا رشتا، دل جون ڳالهيون،

پور پراڻا، خواب خوشين جا،

ورهين کان تو سانڍيا آهن،

اڻڄاتل انسانن جا!

 

منهنجي ديس جي ڌرتيءَ تي آ

تنهنجي ڇايا، تنهنجا ڇيڄ،

ڏيههُ ڀلي ڏهڪاءُ هجي پر

ڏاهپ ڏاهپ تنهنجا ڏيج.

 

ماروئڙن جو ساهه به تون آن،

چاههُ به تون آن،

خوشيون توسان،

ڏک – سک تو سان،

گيتن جو گونجار به توسان،

 

قرب ڪڙا اقرارَ به توسان،

جيت به توسان هار به توسان،

محبت جي مهڪار به توسان

تنهنجي لات لطيف جي وائي،

تنهنجو پاڻي امرت ڌارا،

تنهنجون لهرون گئوا لوليون،

تنهنجي چاهت چوڏس جهڙي،

ٻههَ ٻههَ ٻُرندڙ تنهنجون ٻوليون،

 

ڪاڪ منجهان ڪا خاڪ اُڏاڻي،

مهڪِي پيو مهراڻ جو پاڻي.

 

منهنجو ماضي:

منهنجو ماضي، اُڀ کان اوچو،

تنهنجي تِڙڪي منجهه تريو هو،

ڪلهه جو ماڻهو ڪوڏن جهڙو،

تنهنجي چاهت منجهه چريو هو.

مان ان جو پاڇولو آهيان:

 

ساڳيون ڳالهيون، ساڳي ڳڻتي،

ساڳي ئي ڳڻڳوت منهنجي،

راهه به ساڳي، واهه به ساڳي،

سِيرَ اُها، سيڻاهه به ساڳي.

 

اڄ جو مون سان جاڙ ڪئي ٿئِي،

ان جو ڪو ارمان نه آهي؛

تنهنجو منهنجو درد جو رشتو،

ڪينءَ ٽُٽي – آسان نه آهي.

 

تنهنجي پاڻيءَ ۾ ئي پلجي،

ٻارُ وڌي ٻلوان ٿي ويندو:

اوڀر کان جو باک ڦٽي آ،

اُجيارو ايوان ٿي ويندو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org