متفرقات
۽
تاريخي قطعا
مخمس برغزل، خواجه حافظ رحمته الله عليه
جنون جي جوش ۾، صحرا گهميا اٿم سارا،
نه مست مون جيان، اهو ڦرن ٿا ويچارا،
نه ڪوهه اهڙا ڪي ڪاٽيا ٿي ڪو هڪن ڪارا،
”صبا به لطف بگو آن غزال رعنا را،
که سر به ڪوه بيابان، تو داده اي مارا“.
ڪڏهن نه شائق پنهنجو ڪيو ته شاد اي گل،
پڳي نه منهنجي آ من جي اها مراد اي گل،
بهار موسم ۾ تو ڪيو نه ياد اي گل،
”غرورِ حسن، اجازت مگر نه داد اي گل،
که پرسشي نه کني، عندليب شيدا را“.
ڪڏهن نه دلبر جاني، سنڀال ڪئي ڪائي،
نه منهنجو آهه سفر ۾ ڪو مست سودائي،
ڪري جا هاڻ ڪا محبوب مجلس آرائي
”چو باحبيب نشيني و باده پيمائي،
بياد آرِ ، حريفان، باده پيما را“.
تون روز حسن تي، دلڙيون وٺين ٿو زوراوَر،
ستم ۽ جورو جفا، جي پرين ڇڏين نه پَچَر،
تون سک ڪا عادت، مهر و وفا سندي دلبر،
”به حسن خلق توان کرد، صيد اهل نظر،
بدام دانه نگيرند، مرغِ دانا را“
اوهان جي حسن ۾ آهي، جو زور زينت، زيب،
نه آهي حور و پري، شمس و ماهه ۾ لاريب،
ذرو نظر ن اچي، تنهن ۾ قبح، ظاهر و غيب،
”جز آن قدر نه توان يافت در جمال توعيب،
که خال مهر و وفائيست، روئي زيبا را“.
دهن توهان جو ته آهي، شڪر سخن جي سرا،
لبن تي شهد جا آهن، مگر ڪريا قطرا،
جو بوسي ساڻ پون ٿا، شهد، شڪر جا ذرا،
”شڪر فروش که عمر ش دراز باد چرا،
تفقدّي نه کند، طوطي شڪر خارا“.
الاهي ربط محبّت، درين خدائي نيست،
نصيب عاشق شيدا، به جز جدائي نيست،
که ڪاروبار بتان، غير، بيوفائي نيست،
”ندانم از چه سبب، رنگ آشنائي نيست،
سهي قدان سيه چشمانِ ماه سيما را“.
سِکج تون ”بلبل“، نڪتا نهفتئه حافظ،
بهار معنيٰ جو آ، گل، شگفتئه حافظ،
سخن جي سلڪ ۾ ڏس دُر، تون سفتئه حافظ،
”بر آسمان چه عجب گرز گفتئه ”حافظ“،
سماع زهره به رقص آورد، مسيحا را“.
مخمس بر غزل حافظ خواجه رحمته الله عليه
نه حلقي زلف جي مون کي وڌو آ زور ڪمند،
نه دام خط جي ڪيو بند، دانه خال گزند،
نه چشم تنهنجي تي، آئون چريو ٿيس هر چند،
غلام نرگس مستِ تو تاجدار انند،
خراب باده لعلِ تو هوشيار انند.
ڇپايو مون ته گهڻو، پنهنجي دل ۾ راز ونياز،
هي بار دردِ هجر ساڻ سور، سوز و گداز،
بهار حسن اوهان جي جي بوءِ ناز انداز،
ترا صبا و مرا آب ديده شد غمّاز،
و گر نه، عاشق و معشوق راز دار انند.
اوهان جي ڪاڪل ڪمتر ڪيو، سمن نسرين،
حيا کان، سنبل و ريحان رکيو آسر به زمين،
جي ڳالهه منهنجي تي، توکي نه آهه، يار يقين،
گذارڪن چو صبا بر بنقشه زار به بين،
که از تطاول زلفت چه سوگوار انند.
نه سور قد تي هتي، قمري آهه پا به قفس،
نه برگِ لب تي لکين بلبلون رهن بيوس،
ڪروڙ مرغ چم کي، انهيءَ هوا جي هِوس،
نه من بران گلِ عارض غزل سرايم و بس،
که عندليب تو از هر طرف، هزار انند.
توهان جي هجر ۾ منهنجو رليو هي روح و بدن،
نه عيش و عشرت گلشن وڻي نه سي چمن،
ضعيف، مسڪين، بي پر، بيواه ۽ بيوطن،
تو دستگير به شو خضر پي خجسته که من،
پياده مي روم و همرهان، سوار انند.
وڌو جو دام، محبت جو دل کي تو صّياد،
رهي اوهان جو هي زندان خانه شل آباد،
اسيرِ عشق جو ”بلبل“ نه گل ڪري آزاد،
خلاص ”حافظ ازان زلف تابدار مباد،
که بستگان کمندِ تو رستگار انند.
مخمس بر غزل خسرو رحمته الله عليه
آڻيان سڄڻ جي شعر ۾ تنهنجي سراپا سرسري،
سارهه سندي سوداءَ ۾، هيءَ عمر مون ويندي ڳري،
ته به ان منجهان، هڪڙي ذري، پوري نه ٿي مون کان
وري،
”اي چهرهء زيباءِ تو، رشڪِ بتان آذري،
هر جند و صفت مي کنم، ليکن ازان بالاتري“،
مون ساري عالم ۾ ڏٺا، سهڻا چتائي سربسر،
سڀ نازنين، ناز آفرين، نازڪ بدن، نازڪ نظر،
نقاش قدرت جا ڏٺم، نقشا مڙئي نادر مگر،
”هر گز نيامد در نظر، نقشي ز رويت خوبتر
شمسي نه دانم يا قمر، حوري نه دانم، يا پري“.
جاني هلين ٿو لوڏ مان، لٽڪي چلين ٿو لاڏ سان،
سايه مثل آن ٿو ٿيان، بي ساهه، بيتاب وتوان،
بيهي ته ٻڌ، منهنجو بيان، سائل ٿو مان سڪندو و
تان،
”اي راحت و آرامِ جان، يا قدّ چون سرو روان،
از من مرو دامن ڪشان، کي آرام جانِ مَن بَري“،
درياءُ وحدت جو وهي،دل ۾ اهو نالو ندي،
ٿيو ذات واحد پاڪ مان، نروار نورِ احمدي،
جو ذات ان ۾ گم ٿئي، سالڪ ٿئي سو سرمدي،
”من تن شدم، توجان شدي، من تو شدم، تو من شدي،
تا کس نه گويد بعد زين، من ديگرم، تو ديگري“،
جي تون مصوّر مور تون، لکها ڪڍين ٿو مه جبين،
تنهنجو مڃان ”ماني“ تڏهن، هٿ ۽ قلم حسن آفرين،
جي تون ڪڍين، اهڙي ڪڏهن، تصوير نازڪ نازنين،
”صورتگري نقاش چين رو صورتِ آئينه بين،
يا صورتي کش اين چنين، يا ترک کن صور تگري“،
”بلبل“ جهان جي باغ ۾، سڀ گل رهن ٿا بيوفا،
ان حسن جي گلزار ۾، اٽڪن هزار ين خار ٿا،
تڙجي چمن مان ٿو چوي، هر مرغِ دل، اي گل لقا،
”خسرو“ غريب است وگدا، افتاده در شهرِ شما،
باشد که از بَهر خدا، سوئي غريبان بنگري“.
******
تاريخي قطعا
(1)
ماده تاريخ طبع، از ترشيح، کلک فيض، سلک سالکِ
مسالک حقيقت، مناهج معرفت، جناب رشادت مه آب.
مخدوم ميان محمد ابراهيم صاحب مدظله صديقي،
نقشبندي،
متخلص به ”خليل“ ، ساکن ننگر تته.
شکرِ حق، ديوان ”بلبل“ يافت اتمامِ عجيب،
يک همين گويد غريب است آن دگر گويد عجيب.
از سر جان، طوطِي طبعِ سنِ اتمام او،
گفت: در باغم چه زيبا، نغمه هاي عندليب.
(2)
تاريخ طبع کتان از طبع ”بلبل“ شيراز، سخنداني
شهباز،
بلند پرواز اوج، واقف رموزِ خفي و جلي، جناب مير
زا
احمد علي صاحب، ”احمد“، سالٽ انسپيڪٽر جهرک
چو شد ديوانِ ”بلبل“ طبع با الخير،
ز شادي شد چمن، پر شور و غلغل
ز هر جانب، مبارکباد گفتند،
تذرو، طوطي وقمري و بلبل.
ز هاتف، سال طبعش، جست ”احمد“،
کي به فرّخ رسيد اين دستئه گل.
شکسته بائي بوم گفت ”هاتف“،
گلستان تازه کرده طبعِ ”بلبل“.
(3)
تاريخ از قلم اعجاز رقم، امير جاگير شعر عالمگير،
سلطان دلپذير، نکته رس کنار داد- جناب سيّد حاجي
غلام محمد شاه ”گدا“ حسيني ”گدا“ ساکن حيدرآباد.
در گلستانِ جهان گل باشميمِ دلپذير،
با لباس احمر، جلوس آورد به اخضر سرير.
ابرنيسان، آبپاشي کرد در صحنِ چمن،
هر طرف باد صبا شد، در دهن جاروبگير.
آمد فصل بهار ست اينکه مي بينم جلوس،
از گياه سبز گويا فرش شد اخضر حرير.
آب چون سيماب از کاريز در طرف چمن،
پاءِ بوس هر شجر گرديد، باشوقِ کثير.
نغمه سنجانِ چمن هر يک ترنّم تازه کرد،
ليک ”بلبل“ برد سبقت از همه اندر صفير،
حذا ”ديوان بلبل“ هم کريما نيچرل،
دائما در دهر بادا، همچو شمس الدّين منير.
سال طبعش راچو جستم گفت: هاتف اي ”گدا“،
باسر ِالفت بگو، ”ديوان بلبل“ بي نظير.
(4)
از: ”گدا“
زهي شمس الدين، بلبلي، خوش ترنم،
ز فکرش شد اين نسخئه پر لطائف.
”گدا“، با سرِ هوش تاريخ طبعش،
شنيدم زهاتف، ”لطائف ظرائف“.
(5)
تاريخ از طبع رنگين گلچين، گلستانِ مضامين، باغبان
بوستان نوامين، حضرت پير صاحب پير ثان، رفيع الدين
صاحب سرهندي، مجدّدي، نقشبندي دام برکاته، ساکن
شڪارپور (سنده)
سحر به باغ صوشي، مطربِ خجسته شعار،
غنا نمود بر ِ دنگ وني، دف و سه بار،
چمن چمن شد، ابيات گل، شگفته وسبز،
صداي لحن بر آمد ز عندليب هزار،
هزار فاخته، طو طي و تذرو آن جا،
چه سرو ِ گل چه شقائق شدند در گفتار.
بناي جشن نمودند، هر يکي ز سرور،
زعيش شادي ، و فرخت، هزار تازه بهار.
دران چمن شده چون، جشن روز نوروزي،
رسيد با من از عندليب اين اخبار.
که شدز ”بلبل“ خوش گوي ، خوش نوا، خوش خوي
عجيب نسخئه زيبا، به طرز خوش اطوار.
نديده چشم چنين نسخئه به رمزِ عجيب،
بزير گنبدِ ميناي طارمِ دَوار.
هزار فرحت شادي به دوستان برسيد،
رسيد در دلِ حاسد ازين هزاران خار.
يه گفت سرو به بستان، ”رفيع“ مسکين را،
که سال طبع بدان، طوطو پري رخسار.
1308 هه
(6)
ايضاََ
آفرين شمس الدين، ”بلبل“ را،
يا چنين طبع وفکر وفهم نجيب،
باغ رندان به گفت هاتف دوش،
سال تاليف، اين کتاب عجيب.
(7)
تاريخ از کلکِ جواهر سلک، غواص گوهر اشعار آبدار
معنيٰ پرور مضمون زيباي، جناب سيّد مير ميان
محمد شاه صاحب حسيني، لکنوي، ساکن عامري (سنده).
چو در اخبار ديدم اشتهاري،
به گل جويان بر آمدبس بهاري.
ز استعداد اهلِ علمِ اسلام،
بچشمِ غير زين گلي گشت خاري،
بشرطِ شعشئه اين شمس الدين واه،
شده در ”سنده“ روشن روزگاري.
به بستانِ بلاغت و هم فصاحت،
چو ”بلبل“ کس نه يابد آبياري.
ترّنم هم تراش، قابلي ديد ديد،
نمود از نو نوائين خوش نگاري.
به نکته نکته چينان، نقطئه داد،
به برده گوئ سبقت در دياري.
شگفته غنچئه دل بي غل وغش،
چنين گفتا به گلشن گلعذاري.
کريما نيچرل ”ديوان بلبل“،
بگيرد، انطباع انتشاري.
درو لطف لطائف، خوش ظرافت،
سده موجود، با نقش ونگاري.
مبارک صد مبارک باد تبريک،
بگو بر شاعرانِ خوش شعاري.
ز فرط شوق بس، اين همين قدر،
نه از بيروُيتي آريم عاري.
چو سال طبع، ديوانش بجستم،
به گوشم مصطفاي گفت باري.
شود مرغوب دلها، با سرِ گل،
زجز ديوان ”بلبل“ آشکاري.
(8)
تاريخ از نتيجئه افکار، عالي سلک بند گوهر آلي،
سخنور بيعديل دلفريب، صددل، جناب آخوند ميان
عبدالقادر صاحب، ”بيدل“ مدرسه خانگي، شکارپور
(سنده)
بنگر کريما نيچرل، ديونا دلستان،
کسن نقد جان نثار بدست آر رائگان.
ديونا بي نظير کريما ست بي مثال،
مثلش نه ديد ديده دوران در جهان.
چون شمسي باد روشن، چون، اين مشتهر،
از شمس الدين ”بلبل“ تصنيف بي گمان.
در داد مڙدهء هاتف ديشب به گوش ”بيدل“،
تاريخ طبعِ او را، نامه، غريب خوان.
(9)
ايضاَ
در کراچي، به مدرسه اسلام،
گفتگو جانبين باشد ياد.
اين کريمان، به پيش ”بيدل“ هم،
بي سر انديشه، ارمغاني باد.
1308هه
(10)
تاريخ طبعزاد فصاحت و بلاغت، شاعر شيرين مقال
نازڪ خيال، جناب مير غلام مرتضيٰ شاه صاحب
”مرتضائي“ تتوي.
عجب، ديوان ”بلبل“ داستانو،
طراوت ده، گل و گلزار ڪيائين.
ڏسڻ جهڙو رهيو، سڀ قابلن وٽ،
منجهس الفاظ عمدا، ڏس وڌائين.
اڳيان سڀ قابلن، قابل پسندن،
وڏو دادِ سخن، هن ۾ ڏنائين.
پڙهي جيڪو پڄائي، سو ٿئي خوش،
ظرافت جون منجهس رمزون رکيائين.
ٿي ڳوليو ”مر تضائيءَ“ سال تاريخ،
اچي پورو ٿيو، جنهن ۾ ڇپيائين.
ڏيکاريو ان کي هاتف، ”عقل اظهر“،
طبع جي دل وٺي، سن ٿي چيائين.
طلب جو سر وٺي، ڪيو سال پورو،
چيو هاتف! ولا، موتي ڳتيائين.
ٿيو مطبوع هر شاهه و گدا کي،
طبع کي ”مرتضائي“ خوش رکيائين.
از ميان عبدالقادر صاحب ”بيدل“ شڪارپور
ڪتاب، نازڪ، نڪتن ڀريل نهاري ڏس،
منجهيس ظرائفِ بلبل، ظرافتي جا عجيب.
ڳنهي اهو جو ڳڻن وارو، هوءِ، ڳڻ ڳولو،
آهي گڻن سندو، اقبال اهڙو عام نصيب.
اڃا ڇپيو به نه آهي، ته سنڌ ۾ سڀڪنهن،
رکيو آ شوق مطالع سندو، بعيد و قريب.
نه آ ڪتاب، ولي، گلستان حڪمت آهه،
ڪري سو سير جو علم و فهم رکي ٿو اديب.
نه قدر ڪانگ ڪميني، نه بوم بدصورت،
ڪئي آ طوطي طائوس، ناز وارو نجيب،
ڏسو جو ”بيدل“ تاريخ طبع تنهنجي چئي،
ڪتاب ”بلبل“ بيشڪ آ، وه عجيب و غريب.
تمت با الخير
الحمد للهِ، هي ڪتاب 24 - جمادي الاول
1308 هه مطابق 6 - جنوري 1891ع، خير سان پورو ٿيو.
نڪته چين، ناظرين جي خدمت ۾ التماس آهي،
ته سڀڪو پنهنجي راءِ ۽ رياء کي ڇڏي، انصاف جي نظر
سان هجو مليح، يا نو مذهبن جي تنبيهه ۽ رمز ڪتابن
تي عيب جو ئيءَ کان برڪنار ٿي، غور فرمائين ۽ ان
منجهان پند ۽ تعجّب جي معنٰي وٺن ۽ امر کي با
العڪس نهي ڄاڻن، جو اهي سڀ پاپوش، رومال ۾ ويڙهيل،
کرين ماڻهن ۽ زماني جي فندن، روءِ رواج تي لڳل آهن
نه ائين ته ڪي صاحب وري، هن کي سَند، يا مثال ۽
حجت تي ڪم آڻين، پر ان کي نيڪ نفرين سمجهي، اهڙين
ڳالهين کان احتراز ڪري، دين جي رستي تي محڪم ٿين،
پڙهندڙ هن مصنف مسڪين کي دعائي خير سان ياد ڪن.
مصنف
شمس الدين ”بلبل“ ميهڙ
نوشته بماند سيه بر سفيد
نو يسنده را نيست فردا اميد |