سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ديوان بلبل

باب --

صفحو :3

 

 

 

متن

(ديوان بلبل)

 

 

بسم الله الرحمٰن الرحيم

 

سر سخن جي سونهن اول، پاڪ پرور جي ثنا،

خلق جي رزاق ۽ خلاق داور جي ثنا.

ٿيو ڪلام الهام، امرو نهي جو جنهن تي نزول،

واجب آهي، تنهن سچي سالار سرور جي ثنا.

همدم و همراز، هر دم، هم مصاحب، يار غار،

صدق دل سان چئو سدا، صديق اڪبر جي ثنا.

هو دلاور دين جو حضرت عمر ابنِ خطاب،

زينت دل، زينت محراب و ممبر جي ثنا.

ڪامل الايمان ۽ صاحب حيا، جامع قرآن،

ڪر عجب عثمان، ذوالنّور ين انور جي ثنا.

جي ڪريمن سان مدامي، آب ڪوثر کي پيئن،

جو ڪه، اسد الله غالب، شاهه حيدر جي ثنا.

مالڪ جَنَّت آ، سيده نساء العالمين،

رڪن ٿي ايمان جو، شبّير، شَبّير جي ثنا.

حمزه و عباس اعلى مرتب، افضل امير،

ڪر سندي ٻآرهن امامن، سلڪِ گوهر جي ثنا.

پوءِ سندن اصحاب ۽ اولاد ۽ ازواج تي،

تابعن ۽ تبع تابع هوءِ هر هر جي ثنا.

عالمن ۽ صالحن ۽ مومنن ۽ ڪاملن،

چار مذهب جي امامن، دين گستر جي ثنا.

۽ طريقه معرفت جي سلسن چئني سندي،

پر تنهين ۾، نقشبندي خضر رهبر جي ثنا.

پاسبان اسلام جو سلطان اعظم شاهه روم،

سنڌ ۾ ڪونسل تنهين جي خانبهادر جي ثنا.

مَجمَعِ احباب وارن دوستن سڀني سميت،

۽ ”معاون“ جي معاون ڇاپ دفتر جي ثنا.

يار ۽ غمخوار، واقفڪار، سڀ سنڌ و پنجاب،

خيوش اقرب، صله رحمي، هر برادر جي ثنا.

ٿو وطن ”ميهڙ“ سندو، وه وه جو دل کي وڻي،

هر در و ديوار رونق، باغ بازر جي ثنا.

هيءَ ثناخواني نه ٿيندي، هونءَ ته هرگز دلپسند،

جي ڪندين تون ڪين ”بلبل“، دوست دلبر جي ثنا.

*

منجهه شان، لبن لعل، بدخشان چوان ڇا،

مرجان کان مر جان ٿي، بيجان چوان ڇا.

ياقوت کي جو قوت، جگر خون ٿيو هر دم،

پاپوش  تي چسپان جي ٿئي پان چوان ڇا.

بئنسر جي سراسر تي جو گوهر ۾ گُهر آهه،

درد ان ۾ در دانشه دندان چوان ڇا.

جهومڪ سندي جهالر ۾ جو جوهر به جواهر،

تنهن ڪن کي انهيءَ ڪان جو دڪان چوان ڇا.

جو چاه ڪري، چند ته زندو ئي ٿئي بند،

ان چاه زنخدان کي زندان چوان ڇا.

اقرار ۾ انڪار جو بيڪار ڪري ڪو،

احسان فراموش کي انسان چوان ڇا.

حاسد کي ٿئي ساڙ، جو هن فهم سخن ۾،

غلطي ۾ ٿئي غلطان ته شيطان چوان ڇا.

مضمون جو ميمونُ نه انصاف ڪري صاف،

معنيٰ جو نه ٿئي مان، ته ارمان چوان ڇا،

”بلبل“ جي غزلخواني ۾، غلغل جي شغل کان،

نارسَ ٿئي نادان، سخندان چوان ڇا.

*

تڪيندي ٿڪي پيام، تارَن ۾ تارا،

ڏيو وَر پون ٿا، سي پارن ۾ پارا.

ائين هوت هاريان ٿو هنجون هجر ۾،

وهن ٿا ڦڙا، جئن نيسارن ۾ سارا.

ڳوليندي اوهان جي ڳلي آئي هٿ ۾،

ڀُلي ٻيا ويا سڀ، ويچارن ۾ چارا.

ٿي هڪ ڪاري ڪاڪل، ٻي شام فرقت،

ڪيا ان ۾ دل ياد وارن ۾ وارا.

ڪڙي بند زلفن جي اهڙو زبون ڪيو،

لڳي تار ۾ تار، ڳارن ۾ ڳارا.

ائين تون سڄڻ سائين، سهڻن جي وچ ۾،

ٿو سونهين جيئن تاجدارن ۾ دارا.

محبت ۾ جيڪي وڍيا، سي نه موريا،

ڪري برهه، ”بلبل“ بيمارن ۾ مارا.

جمالت جو بيان ظاهر، ذرا جانان ڪيو ڇو ٿا،

ائين ئي، پاڻ کي مٺو ميان منهن سان ڪيو ڇو ٿا.

رخ انور، هزارن کي، ڪيو حيران حيرت ۾،

تنهين کي ٻول سان ٻيهر وري حيران ڪيو ڇو ٿا.

جيڪي عشاق آهن، رنج ۽ ايذاءَ ۾ راضي،

دل آزاري، انهن جي اي مٺا، ارمان ڪيو ڇو ٿا.

اسين آزاد آهيون، منهن رکون ڪنهن جي نه ملت ۾،

ادا اي واعظو! هت ذڪر دين - ايمان ڪيو ڇو ٿا.

رڳا قاضي رهيا ڪوڙا، وتن ٿا برهمن بيبيا،

اجايو بحث تن سان، انگريزيدان ڪيو ڇو ٿا.

جيڪي آهي سو هت آهي، رڳو اولو آ آخر جو،

اوهان پو، نرڳ توڙي سرڳ جو سامال ڪيو ڇو ٿا،

گلستان جي در ديوار تي زاغ وزغن ويهي،

ٻڌي ”بلبل“ سنديون باتيون، اوهان ”ڪان ڪان“ ڪيو ڇو ٿا.

*

وڃي هڪ ڇاپ تي ويهي برانڊي کي ڪيون ها ها،

الا يا ايها الساقي، ادر ڪاساََ و ناولها.

زمينون زر ڦُرائي، پو وڃي پئو قرض ۾ ڪاهي،

ڪه عشق آسان نمود  اوّل، ولي افتاد مشڪلها،

مڙي جي پاڻ ۾ ميمبر، جو ڪن ٿا ڪنهن ڪميٽيءَ کي،

نهان ڪي ماند آن رازي ڪز و سازند محفلها،

وٺن ٿا عيب انگريزيءَ مٿي، جو هي سنڌي جاهل،

ڪجا دانند حالِ ما، سبڪسارانِ ساحلها،

ولايت ڏي وڃي تو ميل اسٽيمر، ڪيو جلدي

جرس فرياد مي دارد، ڪه بر بنديد محملها،

ڏني آ پير مون کي پادري لڪچر سندءِ لذّت،

ڪه سالڪ بيخبر نمود، ز راه و رسم منزلها،

ٻڌي وارن ۾ وانگوڙا، هلي ٿي مس جڏهن ”بلبل“،

ز تابِ جعد مشڪينش ، چه خون افتاد در دلها.

*

جي وس پڄي ڪو منهنجو ڪيان وات ساڻ وارا،

دردا ڪه راز پنهان، خواهد شد آشڪارا،

وڪڻي هي ملڪ ساري، ڪيان ترت مان تياري،

باشد ڪه باز بينم، آن يار آشنارا.

ڏاڙهيءَ ۾ هٿ جيئن جو، پادر پرين جا سر تي،

گر تو نمي پسندي، تغيير ڪـُن قضارا.

سانجهيءَ صبوح چاڙهج، ڀري ڀنگ جو پيالو،

تا بر تو عرضه دارد، احوال مُلڪ دارا.

ڳُڻَ ۽ تني جون ڳالهيون، ڳارين ڇو نه دل کي،

دلبر ڪه در ڪفِ او، موم است سنگ خارا.

ميلي ۾ تون وڃين جي، مجرا ڏسين تنين جا،

در رقص حال آرد، پيران پارسا را.

پٽڪو ڳچيءَ ۾ پاتل، جي گهلبو ڏسين تون،

اي شيخ پاڪدامن، معذور دار مارا.

قلقل صراحي مان ٿي، ”بلبل“ ٻـُڌو هي غلغل،

هات الصبوح حَيّوا يا ايّها السّڪارا.

*

سراپا جو امثال آهي عجب،

عجبين جو احوال آهي عجب.

ڏنور زلف جو پيچ، رخسار تي،

اهو جيسم ۽ دال آهي عجب.

ڀرون ”بي“ سندي ٻاسم، بيني الف،

طرح، نقطه ۽ خال آهي عجيب.

دهن ”ميم“، داناءَ دلبر سندو،

جو قرات ۾ هي قال آهي عجب.

ستي ياد نالو سراسر سندس،

فقرن سندو فال آهي عجب.

ٿيو اسم اعظم، سندس پنج انگشت،

عزيزو هي اشڪال آهي عجب.

ڪرڻ لاءِ پرواز، پرين طرف،

هي ”بلبل“ پر و بال آهي عجب.

*

ڏسان ٿو خواب ۾ ڄاڻي ٿو هڪ ربّ،

ڪه آمد ناگهان، دلدارم امشب.

صفائي سِرَ کي ڏئي، پتلون پاتم،

بحمد لله نِڪو ڪردارم امشب.

ڪلب اندر وڃي کاني تي ويٺس،

ڪه سرپوش از طبق بر دارم امشب

چيم دل ۾ ته ٿيندس، عيسوي اڄ،

چو منصور ارڪني، بردارم امشب.

چيو، هڪ ميم مون کي، مئي ڊئر سِر!

رسيده طالعِ بيدارم امشب.

ولايت ڏي وڃي ٿيان گل ٿي ”بلبل“ ،

ازين سودا ڪه در سر دارم امشب.

*

گهرجي شائق کي هڪ پيالو شراب،

الصبّوح الصبّوح يا احباب.

هڪ پُري چهره پڻ هجي همدم،

المدام المدام يا احباب.

کڻي هٿ آبرو ۽ مال اتان،

پس بنو شيد دائما مئي ناب.

جي حياتيءَ کي تون حلال ڪرين،

مئي نوشين بخور، به بانگ، رباب.

اُٿي اڌ رات جو گُتي تي چئو.

افتح يا مفتح الابواب.

حيف تن کي هجي جو سانجهيءَ سا،

ڪه به بندند ميڪده به شتاب

خوب بيهوش بڻج اي ”بلبل“،

فاتقو الله، يا اولي الباب.

*

ڪنهن فڪل سان تون وڃي هڪوار ڦٻ،

ٿي ڦڻيءَ جان وارَ ۾ اي يار ڦٻ.

ڏس ته هو ساغر صراحي ٿا وڃن،

مئي سندي محفل ۾ نئي ميخوار ڦٻ.

ڇو نه خدمت خوبروءَ جي ٿو ڪرين،

ڪنهن نه ڪنهن ڪم ڪار ۾ بيڪار ڦٻ.

يار کي اڄ عطر جو آ انتظار،

تون کڻي بغچو بڻي عطار ڦٻ.

من رقيبن ۾ به ڪو رخنو پوي،

رات جو چوريءَ، گهمي چوڌار ڦٻ.

ڇو وٺين پيو، بوءِ، بالائي بهار،

هاڻ ’بلبل‘ گل اندر ٿي خار ڦٻ.

*

عسرت تي رسي عشق کان، ايذا ۾ رهي اڀ،

سو طرح سخندان جا طعنا ٿو سهي اڀ.

چاندوڪي جو سنسو نه ڪر اي يار چمن ۾،

جي نيڻ کڻي توڏي ته اکڙين ۾ لهي اڀ.

مَہ رخ مٿي موتين جي نه جهالر کي سنوارج،

نارنج   ۾، ان ريس جي، ٿي رت نه وهي   اڀ.

محبوب، لڪي سوگهو ٿي سمجهانءِ مبادا،

پاسي ۾ ڏسي، پنهنجي پيو پَههَ نه پَهي اڀ،

گردش ۾ اچي، ڦيرو نه ڏئي، ابتو هي گردون،

بيراهه،   انهيءَ  باهه  ۾،مون سان نه ٺهي اڀ.

هن   باد    بهاري  جو   آه   انجام   خزان   تي،

”بلبل“ نه سهي گل سان پيو ڳڻتين ۾ ڳهي اڀ.

*

ستم مون تي سڄڻ تو ڏس ڪيو سڀ،

مڙئي، سر تان لنگهي منهنجي ويو سڀ.

اڃا ڀي جي هجئي ڪو دل ۾ ارمان،

اهي ڀي ڏک اچي مون کي ڏيو سڀ.

وئي جي جان منهنجي، فڪر ڇا جو،

اوهان جو ڪم ته بس پورو ٿيو سڀ.

سهان ٿو ڪين تنهنجي ڪين، هڪڙي،

ستم سر تي سٺم، پنهنجو، ٻيو سڀ.

رقيبن روبرو آڻي ڏنو سم،

پرينءَ مون کي چيو: پيالو پيو سڀ.

سڏائي گلرخن، عشّاق کي چيو،

جي ”بلبل“ ٿيو ته هِئَن سِڪَ ۾ جِيو سڀ.

*

اٺئي پَهر مون کي توهان جي آ تات،

ڏکن جو لنگهيو ڏينهن، رنجور رات.

اول بيوفا تون ٿئين بر غلط،

ننڍي ۽ وڏي کي اها وائي وات،

ڀلي ڇا پيو گذري، وهي واپري،

ڪڍي ڪير ويهي، ڪو تو سان ڪهات.

وهامي سگهو رات وئي وصل جي،

ملا کي لڳي، حيّ عاليٰ الصّلوٰت.

هڻي ڪير توسان مٿو مفت ۾،

ٻڌين ڪين ٻوڙا تون ”بلبل“ جي بات.

*

ادا هن رَهَ روان ۾، دم غنيمت،

عمر جي ڪاروان ۾، دم غنيمت.

ڏهاڙن چئن جو هي چهچٽو آهه،

دنيا جي نَنهنَ ۽ هان ۾، دم غنيمت.

پڪي ماڙي نه جي تو کي ميسّر،

ڪَچي، ڪنڌي، مڪان ۾، دم غنيمت.

اگر حاصل نه ٿيو حلوو ۽ پوري،

ته ڄاڻج، خشڪ نان ۾، دم غنيمت.

سواريءَ لاءِ جي فيل وشتر ناهه،

پيادي پا، روان ۾، دم غنيمت.

کڻي مشهور جي نالو نه ٿيندو،

ته بهتر،بي نشان ۾، دم غنيمت.

ڪري وٺ بوستاني گل جي ”بلبل“،

اٿئي باغِ جهان ۾، دم غنيمت.

*

جان جان، پنهنجو يار آهي ڪِٿِ،

مهربان پنهنجو يار آهي     ڪِٿِ.

ڪئن ڀلا، دور، دل موافق ٿئي،

آسمان، پنهنجو يار آهي ڪٿ.

ڇو آڏائين ٿو محل ۽   ماڙيون،

هي جهان پنهنجو يار آهي ڪٿ.

مون ته توکي چيو هو، هي محبوب،

اي ميان، پنهنجو يار آهي ڪٿ.

جتي     هر   دم   ٿي   گڏ    گذاريون،

سو مڪان، پنهنجو يار آهي ڪٿ.

شوق ٿئي شعر جي چوڻ جو ڪيئن،

قدر دان، پنهنجو يار آهي ڪٿ.             

  گَهر بنائج نه باغ ۾ ”بلبل“ ،

باغبان پنهنجو يار آهي ڪٿ.

*

يد بيضا، سڄڻ جو آهي هَٿ،

شال مون تان نه هوت لاهي هَٿ.

جو سخن ۾ رکي نه دست رَسي،

سو سپيرين جو ڪِئن سراهي هٿ.

هو ڪري ڪئن هي ماهيت معلوم،

جنهن جو هن هاجَ ۾ نه آهي هٿ.

روز، باغِ جِنان جو گل ٿي ڇنو،

ڏس، حبيبن جو ڇا نه ڇاهي هٿ.

آسمان ڀي، اچي زمين تي پوي،

سوز وارو جي هوند ساهي هٿ.

محتسب جي ته ميڪدي ۾ اڄ،

مستُ پڳڙي هڻي ٿو ڊاهي هٿ.

ڪو ئي ”بلبل“ سان گل وفا نه ڪري،

ائين منهنجو ڏٺو آ، ڏاهي هٿ.

*

دل وڃي تون عرض ڪر، دهلين متان دلدار وٽ،

ڇو نه حق تنهنجو ٿئي ٿو، جاءِ پهلودار وٽ.

نوڪ ابروءَ جي نوائي، دل کي سٽيو سينڌ وٽ،

ڏس ته سودائي ٿئي ٿو، قتل ڪيئن بازار وٽ.

ڪئن بچي، سا بي چئي دلڙي، ڏکن جي ڏنگ کان،

جنهن ڪيو مسڪن مدامي، پنهنجو آهي مار َوٽ.

ڇا پڇين ٿو حال اي آزاد سِڪ وارن سا،

لٽڪندو ڏسندين ڪڏهن، يا تار وٽ، يا دار وٽ.

ڪئن ڀلا سيماب جهڙي دل وٺي يڪجا قرار،

اڄ چُري وئي چين ڏي، ڪلهه رهي تاتار وٽ.

ڏس ته توکي دل چوان ٿو، ڀَڄ نظر جي تير کان،

جان ڏٺئين تان ترت ٿيندءِ، نَذر جان، خونخوار وٽ.

اي صبا، قاصد صبح جا، ڪر الله ڪارڻ هي ڪم،

وڃ کنيون، صلواته جو هديو، سچي سردار وٽ،

واٽ تي ويندي، گلستان ۾ اگر گڏجيئي گل،

چئينس، رهندين ڪيترو هن بوءِ، خانه خار وٽ.

هجر ۾ آيا هزارين ٿي عيادت لاءِ دوست،

تون پڇڻ ڀي ڪين آئين ”بلبل“ِ بيمار وٽ.

دل لڳڻ لاءِ، دل ڪري جهٽِ پَٽ،

مَهه رخن تي وڃي مَري جهٽِ پَٽ،

حسن اڳيان هي دل، پتاشو ڏس،

جيئن پاڻيءَ ۾ ٿو ڳري جهٽ پٽ.

جي ڪيان ٿو سوال بوسي جو،

هٿ هڻي ٿو وڃي، پري جهٽ پٽ.

يارَ جا نيڻ، فير باڪَس ڄڻ،

باهه تيليءَ ۾ جئن ٻري جهٽ پٽ.

ڪئن ناصح ادا مان صبر ڪريان،

ڌڪ لڳو، سو نٿو ٺري جهٽ پٽ.

جي تون حيلا کڻي هزار ڪرين،

ڪئن لکيو ناٽري، پَڙي جهٽ پٽ.

صحبتَ بد سندو اَثَر بَد ٿئي،

کير ڏُڌَ جي پئي، کري جهٽ پٽ.

وَرُ ڏئي ٿي گلاب جي گل تي،

اچي ”بلبل“ ذري ذري جهٽ پٽ.

*

ڪري  ٿو ڪو نه ڪنهن کي ياد پرپٺ،

هجي،   پر  هانو  ڀي  همزاد،  پر  پٺ،

جڏهن ڪنهن ملڪ مان ماڻهو لڏي ٿو،

ته    ڇا   آباد،    نا   آباد،    پرپٺ.

سنواري،  زلف،   دل جي   دام   ڪارڻ،

وڌي   آ چَؤڻ،   اڄ   صياد   پرپٺ.

رقيبن  جي  چئي  ڇو  منهن  مٽي  ٿو،

 

ٻڌي ٿو ڪو نه هيئن فرياد پرپٺ.

وڪالت، عَقد لئي، هي آشڪ، ڪافي

ٿئي ايجابَ جو ايجاد، پرپٺ.

فقط تون نامه بر، نالو ٻڌائج،

ڏسان ڇا ٿو ٿئي، ارشاد، پر پٺ.

سند ءِ قامت جي ”بلبل“ کان ٻُڌي قال،

رهي سڪ ۾ ٿو سَرو آزاد، پر پٺ.

*

وئيءَ شيءِ جو ارمان، آهي عبث،

حياتيءَ جو سامان، آهي عبث.

جيڻ ناهه، جيتوڻِي، جَڳَ ۾ گهڻو،

هي گوندر جو گذران، آهي عبث.

ڪيو اَڌَ، ڀرُن، هڪ اشاري سان، ٻيو،

ڪُٺيءَ کي هڻڻ ڪانُ، اَهي عبث.

ڪَرن اشڪ اظهار ٿا راز کي،

هي طفلن جو طوفان، آهي عبث.

دونالي دو چشمن ۾، بينيءَ جي مَکِ،

نظر لاءِ نيشان، آهي عبث.

لڄائي ٿو لالي لَبن جي پرين،

چپن ۾ چٻڻ پان، آهي عبث.

عبادت ڪرڻ آهه افضل مگر،

بنا عشق، انسان، آهي عبث.

ٻُڌي داستان، منهنجو، دلبر چيو،

ديواني جو ديوان،آهي عبث.

جهان جي گلن کي نه ”بلبل“ ڏي دل،

عبث باغ، ابستان، آهي عبث.

*

خطوط برگِ سمن، ياسمين، ڇا باعث،

رهي ٿي، شوخ کي چين، برجبين، ڇا باعث.

ڇڏي ٿو زلف کي ڇوڙي، او منهن مٿي محبوب،

وجهي ٿو باهه ۾ ورق عنبرين، ڇا باعث.

سوال بو سٻهء لب تي، کلي دندانِ يار،

چيو ته پي نه، اي شيرانگبين، ڇا باعث.

ٻڌم ته ڪالهه انهيءَ خوبرو جي خال مٿان،

وڪيو ٿي، زاهد، ايمان ودين، ڇا باعث.

رڳو نه اهل زمين کي آهه راهه پيمائي،

رهي ٿو، چرخ ۾ چرخ برين، ڇا باعث.

اهو ته ”بلبل“ کي باغبان ڏسج تعبير.

رهي ٿو، خار سان، گل همنشين، ڇا باعث.

*

زلف،  جو  سيني  سڄڻ  تي آدهه  سپ،

ڪونه ٿئي ٿو، ان مان تنهن کي ڊاءُ ڊپ.

ڇو     لڙي      پيو      آهه      پستانن      مٿان،

کير جي چشمي تي تنهن کوڙيو آ چپ.

ڏک سندي، صحرا نوردن تي، اي ڏينهن،

تپ گهڻو، فرقت جو آ ٻيو ڪين تپ.

گرچه تون مرهم موافق ٿو رکين،

پر سڄڻ، منهنجو ٺري ٿو ڪين ٺپ.

گرد، گردش سان نه گڏجي ماهه کي،

شمعرو تي آهه کاڻوٺن جو کپ.

چشم جو باشو چمن ۾ حسن جي،

دل جي ”بلبل“ کي کڻي ويو ڏيئي جهپ.

*

ٻري ٿي، آڳ اندر ۾ اچي نه ٻاهر ٻاڦ،

اچي نه سينئه بريان منجهان ٿي ٻاهر ٻاڦ.

فلڪ تون پاڻ سنڀالج، متان ٿئين پرزا،

اڃا ته هاڻ اٿي ٿِي، اَلَههَ تو آهر ٻاڦ.

برهه جي باهه جا ڀڀڪا ڪري ٿي، سيني ۾،

جلي وڃي هي بَدن، جي ڪري نه واهر ٻاڦ.

ڪري ٿي، گرمٻي گردون تي هيءُ جو لاف و گزاف،

بڻي نه سا تپشِ دل جگر جي ماهر ٻاڦ.

بنايو ٿي جي فسون سازَ، مار فرعوني،

سڙيو سو مارِ سحر، آئي جئن ٿي ساحر ٻاڦ.

اٿاري باهه کي ”بلبل“ ٿو شعر جو شعلو،

ڪڍي جي، شورو وشرر جي سخن سان شاعر ٻاڦ.

*

ڪو ڏ سيو يارو مون کي، دل برده دلبر جو علاج،

اي ادا آهي به ڪو هن مرض مضطر جو علاج.

زلف جي ڏنگ جو وڃي، جئن حال جوڳيءَ سان ڪيم،

تنهن چيو، ٿيندو اسان کان ڪين ازدر جو علاج.

اڄ ڏسي اک جي اشاري سان عجيبن هئن چيو،

مَر ڏسون ڪهڙو ملان ٿو ڄاڻي منظر جو علاج.

سڀ طبيبن ٿي چيو، ٿيندو نه ڪڏهن ڪاگر،

طب، ارسطو جو نه لقمان جو نه اڪبر جو علاج.

ٿا چون، جرّاح، هڪڙي زخمِ ابروءَ کان سواءِ،

ٿا ڪيون سڀ، تيغ، خنجر، تِير، تبّر جو علاج.

بوسئه لب ۽ گزند ڏند جو هي ڏس مليو،

ڪو نه ٿئي هيري وڍيل ۽ لعل احمر جو علاج.

دل کسي جا گلبدن، سا ڪئن وري موٽي ملي،

هاڻ ڀانئج صبر ”بلبل“، پهرين نمبر جو علاج،

غافل وڃي ولايت، لنؤن ليڊيءَ ساڻ لائج،

سو قرب سان ڪرستان، وڃي چرچ ۾ چوائج.

سِک ناچ، راڳ تن جو، پڻ بينڊ باجو بلڪل،

پو خوب بڻجي بابو، پيو بينڊ بد بجائج.

پهرائڻ، پائجامو، پٽڪو، پنيت، بوڇڻ،

ڏئي ٻَن تنين کي، ٿو پي، پتلون، ڪوٽ پائج.

ممبر ميونسپل ٿي، ڏي خوب مـُڇ کي موڙو،

مخلوق کي رنجائي، ميٽنگ کي ڄمائج.

پنهنجا عزيز، اقرب بيگانا ڄاڻ احمق،

سرمست سرخرو ٿي ”صاحب“ سدا سڏائج.

مجلس ۾ تنهنجي ڪارو ماڻهو نه مور گهرجي،

ڏئي ڊاءَ ”ڊيم فل“ جو تنهن کي درئون تڙائج.

تڪبير ۾ وڃي ٿي، مرغ ۽ تتر جي لذّت،

گردن مروڙي، تن جي، پيو جوش ۾ جلائج.

ماڻهو هي واهڻي سڀ ٿا جانور جان کائن،

چمچا، ڇريون ۽ ڪانٽا، ٽيبل مٿي رکائج.

سنڌي نَفر ۽ نودر، سڀ چور ۽ چريا هِن،

بٽڙيل ۽ ببر چي، لنڊن منجهان منگائج.

ملان توڻي برهمڻ، بيهودگي بڪن پيا،

وعظن ۾ ڪين تن جي، پيو مغز کي کپائج.

بي. اي. جو شوق، ”بلبل“ رک رات ڏينهن دل ۾،

پيا خيال خوف خطرا، عقبيٰ سندا ڀلائج.

*

نينهن جو نياپو، صبا آندو کڻي ناياب اڄ،

منجهه بهارِ حسن آهي، برهه کوليو باب اڄ.

زلف ان جي کان جو آئي، زهر آلودي نسيم،

ناگهان ٿي نيشزن، پيو دل ۾ پيچ و تاب اڄ.

لعل لب کان، نرخ، شب جي لعل جو کسجي چڪو

سي سڻي ساراهه سرخيءَ جي ٿيا خونناب اڄ

يوسفِ ڪنعان جو يارو حُسن ٿيو جلوه نما،

خيال ۾ ڪنهن خوبرو جي جو ڏٺم، خوش خواب اڄ.

ڪر خدايا خير، طرحِ غير تي ٿي اک ڦري،

چشم سان چورائيندو ڪو، عقل جو اسباب اڄ.

دام ۾ ڪنهن گل لقا جي ٿيو گرفتاريءَ جو شوق،

ترڪ ڪيو، ”بلبل“ تڏهن پيخوف، دانه و آب اڄ.

*

حوصلو دل جو لٽي ويو، هار ڪجهه، سينگار ڪجهه،

ناز ڪجهه، غمّاز ڪجهه، رفتار ڪجهه، گفتار ڪجهه.

وصل جي پيغام تي محبوب، ورنديءَ ۾ چيو،

ٿي مذبذب، بين ۾، اقرار ڪجهه، انڪار ڪجهه.

جانِ جانان کان جو پنهنجي سوال جو گهريم جواب،

هوڙيان هائو ڪيائين، چار ڪجهه، ناچار ڪجهه.

ڇا هي ان۾، آهه معشوقن جو معمولي عمل،

عاشقن کان عار ڪجهه، بيزار ڪجهه ۽ پيار ڪجهه.

ٻيو نشان ڪهڙو اسان ۾، ڪفر جو ڏسندين ادا،

خال خط رخسار ڪجهه ۽ زلف جو زنار ڪجهه

آهه فتني کي سمهاريو، در سندس اپٽيو رکي،

خواب جي خمار ڪجهه ۽ اڌ اکين بيدار ڪجهه.

همدم وهم باش، ”بلبل“ سان رهي هر وقت ٿو،

عشق جو آزار ڪجهه ۽ درد دل افگار ڪجهه.

*

واٽ وحدت جي، غير واري ڀڃ،

بلڪ ديهي دُئيءَ جي ساري ڀڃ.

پاڻ ڄاڻج ته، پاڻ ”تون“ آهين،

هن ڳجهارت جي ڳالهه ڳاري ڀَڃ.

نفس امّاره سان نه رک الفت،

اهڙي سرڪش جي سربراري ڀِڃ.

مُنهن تي مٺڙو ۽ پو، گِلا جو گهر،

تنهن دور وئي جي يار، ياري ڀَڃ.

رکي شانه، تون شوق جي شب جو،

زلف جي پيچ، پيچداري ڀَڃ.

رک، دم ۾ عدم، نفيءَ جو تون،

ڪري اثبات، ”لا“ جي لاري ڀَڃ.

روز وحدت جي باغ مان ”بلبل“،

سر به زانو ٿي سبز ٽاري ڀَڃ.

*

ياد وارن ڏي ٿي يڪدل يار اچ،

درد دوريءَ ساڙيو، دلدار اچ.

من گهريا محبوب، ماهي، مون سڄڻ،

ماهرو منهنجا مٺا منٺار اچ.

وئي سَحر تنهنجي سڄڻ سڪ سوز ۾،

هئن سڪان ٿو ساهه جا سينگار اچ.

هجر ۾ ٿيون هارجن. هنجون هزار،

هوت، هيڪر، هيج مان هڪوار اچ.

هر گهڙي، هر کر، اوهان جي ٿي هُري،

تون هلي هاڻي، هنئين جا هارَ اچ.

نينهن ۾ تنهنجي نسورا، نازنين،

نير جا نيڻين وهن ٿا، نارَ اچ.

برهه ۾ ”بلبل“ رهي ٿو بيقرار،

بيوسيءَ بيحد رکيا هن بارَ اچ.

*

اسان جي انتظاريءَ جو الله لڳ آ، نظر کان پڇ،

شرارِ شوق جا شعلا، اچي اک جي شرر کان پڇ.

اوهان جي هجر ۾ جانان، ٿيو هت حال آ هيڻو،

ڪيان ڇا ڳالهه پنهنجي، پاڻ تون ساري شهر کان پڇ.

جگر جو لخت ٿي کَاڌم، ۽ دل جو خون ٿي پيتم،

گواهي تان اچي، گاهي، ڪا دل کان پڇ، جگر کان پڇ.

پڇين ٿو غير کان ڇا يار، منهنجي غم سندي حالات،

وهاڻي آهه جا مون تي، اها منهنجي اندر کان پڇ.

رڳي تحرير تي توکي جي آهي تندخو ڪو شڪ،

زباني ڀي ذرو احوال، پنهنجي نامه بر کان پڇ.

رقيبن روڪ ڪئي اهڙي، جو در بيٺي چيائون ٿي،

اندر آ ڪين، ٻاهر بيهه، پڇڻو ٿي ته در کان پڇ.

رهن گلرخ سندي رخسار تي ڪيئن عرق جا قطرا،

اهو احوال ”بلبل“ زار، گل جي برگِ تر کان پڇ.

*

آءُ پرين، پرت جو پيار قدح،

پُر ڪري، اڄ ته ڏاڍو ڏيار قدح.

جامِ جانب جو طور، غور ڏسي،

ٿو ڪري، اڄ فلڪ، نثار، قدح.

خوب مستن جي خوشدلي ٿو ڪري،

خوبرو جي هٿان، خمار، قدح.

رند مشرب، خطاب سان خضري،

ٿو رکي، دست ۾، تيار، قدح.

بي خدا، باخدا ٿئي مئينوش،

جو پئي ان کان پنج بار، قدح.

بزم ۾ بيدلن جي ڪين ٿئي،

چشم ميگون جو برقرار، قدح.

گردش روزگار کان ڇا غم،

ٿو ڪري، پنهنجو ڪاروبار، قدح.

داغ لاله جو، باغ ٿئي ”بلبل“،

جو ڏئي گلعذار يار، قدح.

*

تن زيب، توهان جي تي ڏٺي، چست قبا سرخ،

گل چاڪ گريبان ٿو رهي، غم ۾ سدا سرخ.

گلرخ جي اگر سرخ سواريءَ جو سحر ۾،

گلشن مان گذر ٿئي ته رهي ساري صبا سرخ.           

     هن پنجئه جانان مٿي، پامال ڏسي رنگ،

ٿيو پنجئه مرجان سندو، انگشت نما سرخ.

فندق جي ڏسي فن کي ٿيو، فڪر هي غالب،

ڪنهن دل جي رتا رت مان ٿيا، ساڻ حِنا سرخ.

مصنوعي وَٺي رنگ نه ٿئي مثل نڪيِ مَٽُ،

تنهن لعل لبن ساڻ ڪيو جن کي قضا، سرخ.

گل سرخ جو پردو جي پوي زلف تي هر دم،

ان عڪس کان هر روز ٿين، صبح ومسا سرخ.

لب لعل، شڪر مال، کان بوسي جي عِوض ۾،

ڪئي عاشقِ فرهاد به شيرين غذا، سرخ.

محبوب جي مذهب ۾ ٿيا فرض رڳا چار،

لب سرخ، زبان سرخ، سرِ دست، دوپا سرخ.

”بلبل“ جي جنازي جي وصيّت هي ڪئي گل،

کٽ سرخ، عطر سرخ، ڪفن سرخ، ردا سرخ.

*

اک ڦَري آههِ يار جي آمد،

ٿي نِگَهه ۾ نگار جي آمد.

بوءِ قاصد، صبا مان ٿي معلوم،

يار، مشڪِ تتار جي آمد،

بي طرح ٿو ڏسي، اٿس ٿيڻي،

چشمِ خون ۾ خمار جي آمد،

سروِ ساجن، جي نونهال آُتي،

آهي شايد، :انار جي آمد.

دل ۾ اڄ ولولو اُٿي ٿو وري،

آهي، غم جي غبار جي آمد.

سسن جي هَٺَ تي ٿئي نه جي هلچل،

هوند، گهٽجي بزار جي آمد.

ٿي خوشيءَ ۾ غزل سَرائي ڪر،

آئي ”بلبل“ بهار جي آمد.

*

ڇنڊڪار ڏئي وار، سڄڻ سِرَ تي سِٽي اڌ،

مهتاب سندي منهن جو آبر ، زلف لُٽي اڌ.

هن مسئلي پيچيده ڪيو پيچ اندر پيچ،

دل اڌ ٿي   ٿئي، چوٽي جو وَر ڏئي ٿو وٽي اڌ.

محبوب سندو، ناز به اعجاز سراسر،

ابروءَ جي اشاري سان قمر دل جو ڪَٽي اڌ.         

   هن تيرنگهه کان جو سندم نيم رهي جان،

بوسي جي بها سان ڪو ڀلي، جان جو مٽي اڌ.   

    هن خوبرو جو خواب ۾ ڪئي نيم نگاهي،

جادوءَ جي جبر ساڻ ويو، دل جو جهٽي اڌ.           

  اڄ باغبان، مضمون سندي آه وفغان تي،

”بلبل“ کي ڏنو، بابِ گلستان جو پِٽي اڌ.

الف جي ماڙي اندر ۾ پنهنجي آڏ،

پنج طبقا، پـُر ڪري، پوءِ لوءِ لڏِ.

تون   نفي   اثبات   کي   اثبات   ڪر،

”لا“جي”لا“سان، ”لا“سندي سڀ لات ڇڏِ.

منهن رکي موني آُتي، موجود ٿي،

ساهه کي سوگهو ڪري، ساجن کي سڏِ.

دم تنهين ٿي، دم ڪنان بيدم ادا،

ماسو! الله وارا سڀ محلات سڏِ.

بي وجوديءَ ساڻ حاصل ٿئي شهود،

هن هُوڻَ سان ڪين گڏجي هوت، هڏ.

هن جهان فانيءَ جي ”بلبل“ باغ ۾،

دل دنيا جي گلرخن سان ڪيم گڏ.

*

هن چست فسون ساز سان ڪنهن جو نه چَلي منڊ،

جو چشم جي جادوءَ سان جادوءَ جو جَهلي منڊ.

هن وار سندي مار کي لکَ وار کڻي مار،

گوگي جي گروءَ جو نه هنومان جو هلي منڊ.

هي نانگ نه ڪنهن ڏانگ جي ڏهڪار کان ڏرندو،

افعي، نڪو اڙدر سندي جوڳيءَ جو جهلي منڊ.

سو تال، جي جيپال ڪري، دشت وجبل ۾،

هن مار کي سو وار نه مرليءَ جو مَلي منڊ.

جنهن ريت، هُنر جيت، سان هي زلف ٿئي زير،

سو سامري ساحر ٿو صحي ڪين سلي منڊ.

شب تار، گلِ شمع چيو، تار کي ڏسندي،

ڏس ڪئن  تو هنيون، ”بلبل“ بي پر، هي بلي منڊ.

*

ڪجي نه پست پين سان، اي يار پيارا ڏاڍ،

ڪِ سمجهه، سرنديءَ وارا، هلن نه سارا ڏاڍ.

تون سچ چئين ٿو، ڪنهن کي نٿو ستائين، پر

مڃن ٿا، زلف مسلسل سندا، اشارا ڏاڍ.

جواب ڏس ته مُڪو ڇاهه، منهنجي رشڪ ڪليم،

اهو ته: ”نيٺ ڪندا سائين ناز وارا ڏاڍ.“

هي ڇا مجال، سڄڻ جئن چوي: ”ائين ناهي!“

ڏيکاري ڏينهن ڏٺي جو ٿو ترت، تارا ڏاڍ

هجي جي هڪڙو ڪو ڏاڍو ته اُن کي منهن به ڏجي،

هي ڪن ٿا زلف، زبر، نيڻ جا نظارا، ڏاڍ.

سري ٿي ڪينڪي ساعت، جنين جي جانب ري،

سهن ٿا سيئي، ڏئي ور، وري ويچارا ڏاڍ.

ڪرين ٿو ڪلڪل، بيهودو، غصّو، ”بلبل“ سان،

ڪِ ڊڄ خدا کان، اي خوشرو نه ڪر خدارا، ڏاڍ.

*

لب شير شڪر، قند ته تنهنجو دهن لذيذ،

هن باغِ سراپاء ۾ ته سيبِ ذِقن لذيذ.

ڇا ڇا نه چوان، شير و شڪر، ماکي ڪِ مصري،

مطلب ته مٺو آهين، ۽ سارو بدن لذيذ.

آهي نه مٺو خاص فقط جسم سندءِ، پر

رفتار ۽ گفتار سندو، فڪر وفن لذيذ.

شيرين سندي شوق ۾ ٿي ڪوهه پيو قَندّ،

پَٿر کي به سنجهيو ٿي، جنهين ڪوه ڪَن لذيذ.

ٿو غم کي غذا ڄاڻان ۽ دک درد دوا پڻ،

عاشق کي محبّت ۾ آهي هر محن لذيذ.

جئن چئن ٿي لبِ يار تي مضمون کي سوچيم،

تئن تئن ٿي برآمد ٿيو هي حسن ظن لذيذ

گلرخ جي بِنا ڪين وڻي باغ ٿو ”بلبل“،

جنهن ۾ نه هجي گل سو لڳي، ڪِئن چَمن لذيذ.

*

زلف تنهنجي جي اَڙي آ، دل ۾ ساري راتِ، تار،

ان تصوّر ۾ ڪَٽيندي وئي، ته ڪئن ٿئي رام، مار.

مون گهڻو ئي، عشق کي مَن جي اندر مخفي ڪيو،

پر روئي اکڙيون ئي ڪن ٿيون، عام ظاهر راز، زار،

سچ پچين منهنجي ته مرضي آههِ دائمي گڏ رهون،

هاڻي اڳتي جئن ٿئي ازروءِ مصلح، راءِ، يار.

نقد موڙي مال ودل جي سڀ تلخ تاراج ڪر،

اي چريا اڳ ۾ ته تارج تن ۾ پنهنجي راس، سار.

هن محبّت، جانبازيءَ، جنگ جُو، ميدان ۾،

قتل ٿي ڪيئي ڪري ويا، رڻ ۾ پنهنجا راو، وار.

هي ٽئين جي ٽول پاسي ٿيا ته پنهنجا ڪِيَم ڄاڻ،

رک تَريءَ تلوار هر دم، مرد، پنهنجي، ران، نار.

عشق گل گل بي بقا کان شوق، ”بلبل“ بند ڪِر،

لعل و گوهر، دم غنيمت جا، نه تون هِن راههَ-هار.

*

تنهنجي لباس لال کان گلنار نار، نار.

۽ زلف مشڪ بوء سان، مشڪ تتارَ، تار.

جنهن وقت، جوڙ توڙ سان، گلشن ۾ ٿو گهمين،

تڏ رشڪ ساڻ ٿو رئي، گلزار، زار، زار.

منجهه ياد سَر وقد، هتي هر ويل ٿي وَهي،

هڪ نهر نيڻ نيڻ مان، خونبار، بار، بار.

ڪو ڏينهن ياد ڪر ته سندءِ هس وفا شعار،

هاڻي ڪيا سڄڻ، ڪئين اغيار، يار، يار.

سو ڇو هجي نه فَند ۽ ڇندن کان فڪر مند،

جنهن جي پوي ٿي، مه روئي مڪار ساڻ ڪار.

سيني ۾ خار خار نه ڇا کان خلش ڪري،

بادَم رهي ٿو، هِن گُل بي خار ساڻ خار.

پيغامِ غير، صِحّتِ بي يار ڏئي صبا،

هن طرح تي تون ”بلبلِ“ بيمار کي نه مار.

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org