سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ديوان بلبل

باب --

صفحو :4

”وَنگي“ دل وئين منهنجي ولِ ساڻ وَر،

ڇنان هوت، ”ڇاهون“ نه تو لئي ڇپر.

سوا تو نه ”گدڙن“ ۽ بگهڙن جا هُلَ،

ڏکي هاڻ ڏونگر، ”ميٿي“ ڪيم ڏر.

پنهل لئي اٿي ”پاءِ لَڪَ“ ۾ ليا،

”ڪري لاڙ“ لوڪن ڪنان ٿيلهه -ٿر.

متيرن، مين، ڪين ڪڻڪيو ڪڏهن،

ڏٺو ننڊ، ”چوڪو“ به آبل آبر.

اديون، ”ري ڀڙائيءَ“ نه رب جي رسان،

جبل ۾ وهائن اکيون جام، جر.

پنهون ڄام تنهنجو نه شل غم ڏسان،

جو ”توريءَ“ ڪو منهنجو نه واهر نه ور.

توڻي منهنجي ڏيرن ۾ ها ويرَ وَڍَ،

نه تن کان پيم ڪو ”ڪدو“ رت ڪَٽَر.

نه ”بلبل“ تون رک، باغ، چوڙا، اڱڻ،

خزان باد رنگي ڪو آڻي نه بر.

*

سوال هي جو ڪيم ته سائين نه سونهين،

تو دلربا کي گڙٻڙ.

جواب جلدي ڏنو هي جانان،

نه گهرجي پڻ تو گدا کي گڙٻڙ.

لکيم ٿي اڄ رات، هي عريضي،

دو پشت مضمون  هو طول پيچي،

رهي ٿي دل ساڻ منهنجي هر دم،

توهان جي زلفِ دوتا کي گڙٻڙ.

هو گوڙ گلشن ۾ اڄ ته اهڙو،

جو غنچه جو بَند دَم هو،

جو تنگَ گرميءَ کان گلبدن ٿِي،

ڪيو ٿي بند قبا کي گڙٻڙ.

گذر ڪيو آهي ڪالهه شايد،

سحر جو محبوب جي مڪان تان،

ائين ٻڌو ٿَم ته ڏينهن سارو،

هئي گلن سان صبا کي گڙٻڙ.

سڏائي هڪ ڏينهن، سَر و آزاد،

مون کي اهڙي ڏني نصيحت،

نهال نازانِ حسن و خوبي،

تي ڇا لڳي بينوا کي گڙ ٻڙ.

ڪيو هزارن کي شاهِ ڪونين،

اَهنجي قامت،. بغيرِ سايه،

ائين ئي معدوم ٿي رهڻ کان،

وَڌي آسايهِ هما کي گڙ ٻڙ.

وسيلي تانيث سان جو ابليس،

خلد گهر مان تڙايو آدم،

سبب، اهي حرڪتون ئي چئجن،

رهي ٿي هت پڻ حوا کي گڙٻڙ.

جو اهل معنيٰ، مزاج منصف،

سو منهنجي مضمون کي مڃندو،

جو آهِه حاسِد، اصل کان ”بلبل“،

هجي تنهين ڪج ادا کي گڙٻڙ.

*

زلف، ابرو، خال خط، جاتي هجن هي چارچيز،

قيد، قتل ۽ دام ڦاسي، ٿا سکن هي چار چيز.

حسن حضرت شاهه اڳيان، منجهه پلڪَ انسان کان

دين، ايمان، عقل، دل، وهلو وڃن هي چار چيز.

عشق جا جنهن جي جُثي تي، ٿا لڳن تنبو تڏهن،

صبر، شرم ۽ عيش، عزّت، ڪوچ ڪن، هي چار چيز.

زود رنجي ۽ تڪبّر، بيوفائي ۽ رُسَڻ،

دائما دلدار وٽ، حاضر رهن هي چار چيز.

برهه جي بازار ۾ جيڪو اچي سودو وٺڻ،

درد، زحمت، ياس، حسرت، ٿا مِلن، هي چار چيز.

بيقراري، دل فگاري، انتظاري، اضطراب،

مونس ۽ همراز سي، هر وقت هِن ، هي چار چيز.

هجر ۾ دلدار جي آهي رهڻ، اهڙيءَ طرح،

آب، نان ۽ خواب، راحت ٿا ڀُڄن، هي چار چيز.

دين و ايمان، تندرستي، آبرو، ”بلبل“ کي رَبَّ،

ڪر عطا ان کي وسيلي پنجتن، هي چار چيز.

*

گردشِ گردون کان ٿيس، ناڪام بس،

تون فقط، جاني پيارج جام بس.

مرغِ دل جي لاءِ، نو صياد کي،

خال، داڻا زلف آهن، دام بس.

آهه ڪافي عاشقن جي قتل لئي،

ابروئي تنهنجي صنم صمصام بس.

آهي خالي خشڪ مغزن کي مفيد،

چشم تنهنجي، روغنِ بادام بس.

هو تپ هجران، اڳيئي سور ساڻ

اڄ ته سودا مان ٿيو سر سام بس.

سَرو کي چئو لاهي پنهنجي لاڏ، جو

هاڻي تنهنجو مثل ٿيو آ عام بس.

واءُ جي شايد وئي موسم ڦري،

جو پرين جو آهه ٿيو پيغام بس.

ڇو هڻو دم، عندليبو عشق جو،

برهه ۾ ”بلبل“ ٿيو بدنام بس.

ِ*

 

جان آخر وئي آيو نه هو جاني افسوس،

دل سندو دل ۾ رهيو، راز نهاني افسوس.

صبرِ ايوب ڪيم، گريهء يعقوب ڪيم،

نه مليو، پر نه مليو يوسف، ثاني افسوس.

مشڪ زلفين جون وڪاڻيون ٿي اڳي ئي رَتيون،

ڪئي وري گول گره ان ۾ گراني افسوس.

جڏهن تصوير ۾ نڪتو نه بريزد جو ناز،

اٿي بيوس چيو بهزاد ته ماني افسوس.

ڇو انهيءَ خيال ۾ تون خونِ جگر پيو کائين،

ڪير تنهنجي هي ڪندو، قدرِ معاني افسوس.

ڏسي دلبر، منهنجي ديوان کي گلشن ۾ چيو:

بس رڳي، هيءَ رهي، ”بلبل“ جي نشاني افسوس.

*

سودي سرور سرمد جي راس آهي ناس،

ڪل عقل ۽ قياس جي اجناس آهي ناس.

آ رشڪ درج درّ جي دٻلي سندي دهن،

هڪ دم سو لعل، زمرد و الماس آهه ناس.

مسهل ٿئي ٿي مغز جي، خمسه حواس حل،

نزله نزول خارجِ خنّاس آهه ناس.

چيٽي تنهين جي چاڙهي ٿي، عرش عظيم تي،

دافع بلاء نافعِ وسواس آهه ناس.

عقده ڪشا، حقائقِ اسرار غيب جي،

عبرت نما عجائب منجهه ناس آهه ناس.

قدسي صفت جو قبلو، رستو آ ذات جو،

منزل مراد. پاس ۽ انفاس آهه ناس.

سمجهي سخن کي منهنجي ٿو سالڪ فصيح ڪو،

”بلبل“ بلاغتن جي صحي باس آهه ناس.

*

موٽي بهار آئي، چمن لاله زار ڏس،

هن باغي دل جي داغ کي اڄ نوبهار ڏس.

بوئي نسيم زلفِ سيه، مشڪبار کان،

سرسبز، سمن سنبل وتر، تابدار ڏس.

بيدار ۽ نزار، اچڻ جي اميد ۾،

هن چشمِ انتظار جئن، نرگس کي يار ڏس.

ڪيو هجر ۾ اوهان جي، اي گلرو ۽ گلبدن،

گلزار بي خزان کي خزان خار خار ڏس.

محروم سايه، قامت مجنون، مثل مدام،

تنهنجي جدائي کان هي سروَ جو ثبار ڏس

مستن کي عشق ۾ نٿو يڪجا رهي قرار،

جامِ مئي کان گردشِ، در روز روزگار ڏس.

اي برق سوز خرمنِ صبر و قرارِ دل

اک اشڪبار مان هي، گُهر آبدار ڏس.

انصاف شرط آهه، عدالت ۾ عشق جي،

پنهنجي جفا ۽ منهنجي وفا، باربار ڏس.

خاطو ۽ ناظريننِ شعراء ۾ شور پيو،

آئي چمن ۾ ”بلبل“، هو  بيقرار ڏس.

*

روز مون کي، تنهن يگاني يار جي آهي ڪشش،

دل   اندر،   دلدار   جي  ديدار   جي آهي ڪشش.

دانئٻه تسبيح مان مطلب نه منهنجي ٿيو تمام،

زاهد اڄ، زلف جي زنٿار  جي   آهي   ڪشش.

هُس گهڻائي ڏينهن مسجد ۾ مصلّي اي ملان،

ابروئي محراب جي خمدار جي آهي ڪشش.

ٿا رهن، محبوب جي مصحف اندر پارا ٻٽيه،

ورد   ۽   اوراد ان   اذڪار  جي   آهي  ڪشش.

ڪالهه ميخاني ۾ رندن جي، ٻئي گروي رهيا،

مولويءَ  جي  جبه و دستار  جي آهي  ڪشش.

ڇو نه دشمن ٿئي دورنگو مات ۽ مغلوب سو،

حبّ  مون کي  حيدر ڪرّدار جي آهي ڪشش.

تپّ  هجران  ۾  وري اڄ   ”بلبل“ِ   بيمار  کي،

سَرو  ساجن مان  ثمر، آنٿار جي  آهي  ڪشش.

*

شه  هسن  سپه  زنگّي وشهزور پس و پيش،

ٿا دل کي هڻن ڌاڙو ته شب چو رپس وپيش.

محبوب کان مخفي نه رهي، عشق جو احوال،

جلاّ   ۾  برابر  آ   ٿيو   بلّور، پس   و پيش.

ٿو  سنگدلن  سان  جو  رهي،  شيشئٻه  خاطر،

سو نيٺ ڀڄي پوندو، ٿي ڀور، پس و پيش.

سڀ داغِ   جگر،   مثل   ڏين جي  رهيا   روشن،

لڳندي سا ڪڏهن آتش بي طور، پس و پيش.

تون سِک نه مٺا سائين، ستم جي اها عادت،

ڪنهن ڌينهن ڪندو جهيڙو اهو جور، پس و پيش

”بلبل“ ٿو لڪائين، ائين بازن کان پکي دل،

هڪڙو نه  ٻيو   نيند ئي،  خونخور،  پس  و  پيش.

*

ڇو   يار  ڪيو  مون  کي  تو يڪبار  فراموش،

منهنجي ته نه ٿئي، دل کان ٿو، زنهار فراموش.

ريءَ عشق سندءِ، ڪفر نه اسلام ٿو ڄاڻان،

تسبيح      فراموش   ته      زنار    فراموش.

جئن آهه وساريو مون کي پرديس ۾ پرين،

ڪو يار ٿئي ڪنهن کان نه هيئن يار فراموش،

ڪجهه ياد رهيو تو کي نه اي يار، هجر ۾،

انڪار     فراموش   نه   اقرار    فراموش.

ڄاتم ته ڪندين تون دلِ بيمار جو ارمان،

پر تو نه    ڪيو   زار   هي بيمار فراموش.

”بلبل“ ته ڪيو ڪين ڪڏهن باغ ۾ گل گل،

گلزار فراموش نه آزهار فراموش.

*

رکن ٿا ڪين ڪنهين ساڻ، سيمبر اخلاص،

جي ٻاڻ سيم بدن تن جو سيم وزر اخلاص.

هي چند روز جو چُٽڪو، ٿيو ٿيو نه ٿيو،

غرض جي ياري فقط، فتنه وشرر ؛ اخلاص.

نه لُهو ولعب جي بازيءَ ۾، مرد ٿئي مشغول،

رکي جو طفل هجي، راند ۾ نظر، اخلاص.

ڏسو ته دور جهان جي دلين کي ڪيئن ميٽيو،

نه ڀاءُ ڀاءُ نه پيءُ کي سندو پسر، اخلاص.

هزار حسن انهيءَ هڪ حسين جي آڏو هيچ!

رهي ٿو شمس به شيدا، رکي قمر، اخلاص.

سڀيئي ماڻهو سڏن ٿا ته بت پرست آهيان،

ائين صحي ئي هجي، شل اهو اندر، اخلاص،

سوال شام و سحر هي سندوم تابه لحد،

الاهي گل سان جي ”بلبل“ ڪري بر، اخلاص.

*

واعظا مون کي نه ڪو ٿي، دين و ايمان سان غرض،

مصحفِ روشن ڏسان پيو، ڇاهي قرآن سان غرض.

ٻيا نڪي دوزخ سندي درجات جا دڙڪا ڏيو،

ٿم طلب طبقات جنّت جي نه غلمان سان غرض.

ڇو مزوريءَ ۾ مرين پيو، اي ميال مهجورِ حق،

رک نه اجرت جي پيائي، اجر وغصيان سان غرض.

گرچه ظاهر غير شرعي بات، ظاهر ٿي ٿئي،

سمجهه ۾ سالڪ وٺن ٻيو، ناهه نادان سان غرض.

نوڪ ابروءَ چي ڪيو آ، نيم بسمل پر اڃان،

ڪم تمامي لاءِ آهي، تير مڙگان سان غرض.

قطره قطره اشڪ پنهنجو، رشڪِ گوهر ٿو ٿئي،.

صدق دل منهنجي کي ناهي، ابر نيسان سان غرض.

قال جو تون قال ڇڏ، پر حال جو تون حال ڪر،

جو اڃا تو کي آ ”بلبل“، صحن بستان سان غرض.

*

 

تنهنجي نظر جي آسري، مون ڪيو وطن غلط،

آرام   غلط،   عيش   غلط،   تن،   بدن   غلط.

صد حيف اي پرين نه سندءِ ڳالهه هڪ بَڙي،

وعدو غلط، وفا به غلط، سڀ سخن غلط.

دل جي دلال ڪالهه جو لَب جو ڪيو ٿي ذڪر،

ٿيو خام جوهرين ۾ عقيقِ يمن، غلط.

خوشبوءِ تارِ زلف جي، تاتار ۾ رسي،

ماڻهن ۾ ڏيو پَڙهو ته ٿيو مشڪ ختن غلط.

افسانئه حيات ٻڌي، عقل هئن چيو،

ليلا غلط ۽ قيس غلط، نسل- دمن غلط.

”بلبل“ ڏٺو جو گهُور ڪري، گل بدنيءَ کي،

بستان به ڪيو صفحهء برگ سمن غلط.

*

خط رسڻ ساڻ، مون ڏي آيو خط،

فصل حسن نظر، پَچايو خط.

حلقهء مه به خود ٿيو حلقه بگوش،

جڏِ پرينِ ٺاهه ۾ ٺهايو خط.

ڪر مطالعه ائين، نه مُلڪ ٻُڌن،

جو هُنن ڀي لڪيِ لکايو خط.

آهي، منهنجو به ذڪر ڪو ان ۾!

ٻيلي، يارو مون کي ٻڌايو خط.

منهنجي زاري، ٻڌي ٿي زور کليو،

هن پرينءَ ٿي جڏهن پڙهايو خط.

هوت ورتو لفافو، جو هَٿَ ۾،

ان خوشيءَ کان نٿي سمايو خط.

گلرخن ٿي چيو، پمن ۾ گڏ،

اڄ ته ”بلبل“ ڏي ڪو اُڏايو خط.

*

اڄ اَههَ چڙهي منهنجي ، چمبر جو خدا حافظ،

پڻ دل به ڪئي رخصت، دلبر جو خدا حافظ.

ڪاڪل کي سڄڻ کولي، ڪلهه بام تي هو ويٺو،

آئي ٿي صبا چوندي، عنبر جو خدا حافظ.

زلفن ۾ ڏسي قابو، هڪ ترڪ ڏنو طعنو،

اسلام جي هيءَ حالت، ڪافر جو خدا حافظ.

هن سروِ خرامان کي اڄ سير جو ٿيو سعيو،

گلشن ۾ چيو گلڙن، هر بر جو خدا حافظ.

هو فتنئه قامت آ، هو پاڻ قيامت آ،

تون شر کان بچچ اي دل، محشر جو خدا حافظ.

قسمت جي قفس هن ۾، پابند ڏسي مون کي،

گلرخ ٿي چيو، ”بلبل“ ، بي پَر جو خدا حافظ.

*

جو آهه زلف، خط و خال خوبرو ۾ حظ،

نه آهه سنبل گلگل جي رنگ و بو ۾حظ.

هجي مبارڪ  تو  کي ميان، هي باغ -بهشت،

اسان کي آهه مليو، حسن جان جي ڪو ۾ حظ.

نه آهه ڪيف ڪو اهڙو ٿيو جامِ ڪوثر ۾،

جو آهي، پير مغان جي مئي -سبو ۾ حظ.

چون ٿا، نينهن نياپي ڪڏهن ٿو ڪين ٿئي،

سو سچ ته آهه ٿيو، دلبر سان دوبدو ۾ حظ.

ٿو هاريان مان هنجو، قامتِ صنم کي ڏسي،

اچي ٿو سرو کي جهڙو، روانِ، جُو ۾ حظ.

نه آيو ”بلبل“ نالان کي بوستان ۾ قرار،

ته کسڪ سور پڙهي، ٿيو چڪر رَفو ۾ حظ.

*

مون کي ڏسڻ گهرين ٿو تان ڏس تون گدازِ شمع،

مون کان سکي چڪي آهي، سڀ سوز وسازِ شمع.

پنهنجي اندر ۾ پاڻ ڳري ٿي، انهيءَ سبب،

ظاهر ڪري ٿي ڪين، ڪنهين ساڻ، راز شمع.

ٿي هم مثال منهنجي، اڃان ٿي گهڻو گهري،

جو راتِ ٿي رُئي ته رهي روز، باز شمع.

جي مون سان گڏ هلي، هو شمع رو جو منهن ڏسي،

پروانو هوند پاڻ سهي، ڪين، ناز شمع.

محفل ۾ رات يار نه آيو ۽ سحر ٿي،

پاڻيءَ َشرم ۾ غرق ٿي، اُڏري ويو، قاز شمع.

”بلبل“ مثال ٿي رهي، هوءَ راتِ حوض ۾،

مجلس ۾ ان سبب تي رهي، سرفراز شمع.

*

هزار سال ٿيو، هجر ۾ گذار، دريغ،

مٿي تي آيو اَجل پر نه آيو يار، دريغ.

رهيو هي نزع جي عالم ۾ هاءِ جان، افسوس!

قدم نگارِ صنم تي نه ٿي نثار، دريغ.

ٻڌاءِ مون کي سڄڻ، تنهنجي، ”ها“ وئي ڪاڏي،

ڪيئي ٿي قول ۽ اقرار، بار بار دريغ.

ڪيو جو قامتِ رعنا کي مون ڏسي سجدو،

مُلن چيو ته ڪجي، هن کي سنگسار دريغ

گهي خيال بلندي، گهي آ حال نشيب،

انهين، عروج، نزولن ۾ ويس ٿي زار دريغ،

چمن ۾ ڪالهه، گلن کي هُئي، هي چور پچور،

ٿئي نه ”بلبل“ جي باغ ۾، مزار، دريغ.

*

فسادِ فسق ۾ گذري، هي عمر ساري حيف،

وئي نه نفس شقيءَ کان، شرر شراري حيف.

اخير وقت ٿيو، پر مليو نه يار عجيب،

اکين به روز گذاري، هي انتظاري حيف.

شريڪ غم ٿي رهيس، جن سندو سدا غمخوار،

انهن مان ڪنهن نه ڪئي آه! پوئواري حيف.

رهان ٿو سيم بدن جي خيال ۾ سيماب،

فراقِ يار ۾ دل کي هجي، فراراي حيف.

فلڪ تي آه! جو ڪروّ بيان رهيا خاموش،

اثر پذير نه ٿي، منهنجي آه وزاري حيف.

خزان ۾ هاڻ اچن ٿا، جو خار خار نظر،

هزار حيف جو ”بلبل“ وئي بهاري حيف!

*

عشق جي َآهنجن، آڙاون جو رکن تا جي وقوف،

سوز ۽ ساڙي سهڻ جو خوب ڄاڻن سي وقوف.

زلف جو اٽڪاءُ، شاني سان لگي ٿو دوستو،

دل سندي اٽڪاءُ جو بي يار ڪو آهي وقوف.

مون گهڻو دل کي لڪايو، دست بُرد درد کان،

پر کڻي چوري وڃن ٿا، آهه هي جن کي وقوف.

جان جي نقدي ڏيڻ سان جان جو ملندو سراغ،

حال تان دلڙي رکن ٿا، رهن وانگر، ري وقوف،

سيم و زر جي حبّ وارا، ڪشتگان سيم تن،

موت کولي ٿو ڇڏي، انجام جو تن تي وقوف.

شعر سازيءَ ۾ سياڻو ٿا سڏن، تو کي اگر،

ڊول بازيءَ ۾ چون ٿا، آهه ”بلبل“ بي وقوف.

*

زلف مسلسل هڪ طرف، ريحان ۽ سنبل ٻي طرف،

ڪنڍڙا ڪاڪل هڪ طرف، ابرو سندو غل ٻي طرف.

اي   صنم،   انداز   تنهنجي   جو   شهر   ۾   شور هو،

غمزن جو غلغل هڪ طرف ۽ حسن جو هُل ٻي طرف.

تنهنجي   رندن   سڪر   ۾    سارهه ڪئي   ورد زبان،

مينا   جي  قلقل هڪ طرف، ساغر سندو مل ٻي طرف.

تنهنجي   ميخاني   تي   ساقي،  اَهه   عالَم  جي نگاهه،

مستن جي هلچل هڪ طرف، عالم جهان ڪُل ٻي طرف.

هن   شوخ   کي   جو   شعر  جو ٿيو شوق، تا ڪڍندي ڏنو،

ديوان   ”گل“   جو   هڪ   طرف،   ديوان  ”بلبل“ ٻي طرف.

*

جي ڪيان هڪ ذرو بيان فراق،

ته جَلي سڀ وڃي، جهان فراق.

شل پوي ڪو فراق ۾ به فراق،

وصل ۾ هو نه هي گمان فراق.

ڏسُ تصوّر ۾ تير مڙگان کي،

هي رکيم دل اندر، نشان فراق.

وار سِر جا مٿي تي بار ٿيا،

هيئن ڪيو آهه ناتوانِ فراق.

زلف ڪلهه ڳالهه ٿي ڪئي ڪن ۾،

وار سان ٿو وڍيان، زبان فراق.

ڪم ته پنهنجو، صبا مان ٿو نڪري،

تو ڪيو ڇا حيا، زبان فراق.

سوز وارن جي آ وڏي ساهي،

نيٺ آخر ڪندو  - ندان فراق.

سڀ هلي تان ٻُڌو، طيور چمن،

اڄ ته ”بلبل“ جو داستان فراق.

*

اي    صبا   جا   پيڪ،   مون   سان   ڪر   ڀلائي ڀال هڪ،

نئين  ٻڌائج   نياز    سان   اڄ      هوت   کي   احوال    هڪ.

چئينس:       مان    جهڙوڪ   تهڙو، ته به ته تنهنجو آهيان،

گرچه    مان   بدڪار   آهيان    ، نيڪ   ڪو   اعمال    هڪ.

تون   نه  مون  کان منهن مٽائج، ڪنهن طرح منهنجا پرين،

چئو   ته سائين   ڪو  ڪيو ٿي، تنهنجي سائل سوال هڪ.

ريءَ   عذر   ۽   ريءَ   پُڇا،  هي   نقد   جان   حاضر   ڪريان،

جنس   تنهنجي   حُسن   مان،   جاني   ملي   جي   خال هڪ.

ٻيا   ته     لاڳاپا      اڳيئي،   مون      سڀئي   لاهي      ڇڏيا،

بلڪ    هاڻي    ٿيو      جدائيءَ     ۾   جيئڻ    جنجال    هڪ.

رشتئه  اخلاص  مر  هر  ڪو وڃي ٿي منقطع،

مالوارن    جو   نه   ٿئي   شل،   مفت ضايع مال هڪ.

باغبان   کان   ٿي   پڇيو  ”بلبل“   ته ڪڏ ايندو بهار،

تنهن   چيو،   گهرجي   اڃان  گل جي کِلڻ ۾ سال هڪ.

*

زلف   نا   اهڙا     پرين   پيچيده    رک،

دل نه منهنجي غم اندر غلطيده رک.

جي نٿي قالين تي پڪڙي قرار،

تان کڻين بالين تي باليده رک.

ڇو گرفتارن کي گريان ٿو رکين،

خوبرو اهڙي نه خو، خنديده رک.

خوردساليءَ ۾ ڪرين ڇو ٿو خلل،

هي پچر ڪهن پير کان پر سيده رک.

ماسوا محبوب جي ٻيو ڪيم ڏس،

دوست ٻاجهون ديده کي ناديده رک.

اي ادا، گلچين، دامن کي سنڀال،

هن چمن اجمال مان گُل چيده رک.

قامت سنجيده جو ”بلبل“ مثال،

ٿي سگهي تا، سڀ سُخن سنجيده رک.

*

جو گل بدن تي لڀاس سفيد، پهري شنگ،

ڪري ٿو، جلوهء فانوس ۾ سو آتش رنگ.

ٿئي ٿو چاڪ پريشان مثال ماهِ منير،

رهي ٿو عقد ثريا کي هار، گل کان ننگ.

شب، بدر جو بدر ٿو ٿئي بدر گهر کان،

ٿين هزار ٿا انجم نثار شمع پتنگ.

هي سنگدل جي ستم کان ٿي حجر اسود دل،

اتي نه شڪوه جو شعلو اندر، شراره سنگ.

مثال لعل لبن کان، زبان لعل رهي،

انهيءَ جي تنگ دهن لئي، رديف قافيو تنگ

جهان جي باغ ۾ ”بلبل“ کي آهي خوي مجاز،

رهي نه گل تي سندس دل کي ڪا به دير درنگ.

*

مردن موالين نٿي معجون آههِ ڀنگ،

عشرت ۽ عيش ڪارڻ، افزون آههِ ڀنگ.

شجر، حيا ۽ شاخ نظاري، نياز جي،

منجهه سبزه زار، نرگس، گلگون آهه ڀنگ

ڪونڊو تنهين جو دائرو هفت، زمين آ،

ڏنڊو تنهين جو گردش، گردون آهه ڀنگ.

صافو تنهين جو صافي باطن، رهي مدام،

مصري پئي ته ساڳي ئي ذوالنون آهه ڀنگ.

پنڪي تنهين جي منزل، ملڪوت کي رسي،

خشڪي تنهين جي مقصد، مجنون آهه ڀنگ

تنهن جي پرولي، ڪو ته پروڙي، موالي مرد،

”بلبل“ سندو، معاني مضمون آهه ڀنگ.

*

 

نه توسان ڪو هاڻي لڳم لاءَ لڳ،

هتي عشق آدم کان آيو آ اڳ.

ڪڍي سينڌ زلفن ۾ آهي سڄڻ،

دلين جي وڃڻ لاءِ ٺاهيو آ دڳ.

نه مون کي وڻيو آهه تنهنجو جمال،

گواهه ان جو سارو جهان آهه جڳُ.

ڏسي دل ٿي توکي، ڇو دهليءَ وڃي،

متان ڪو هجين تون به دهليءَ جو ٺڳ.

ڪئي ڪالهه چوري، جا تو چشم سان

سڃاتو اٿم، هاڻِ سيني ۾ سڳُ.

تڏهن توکي شابس چوان شيشه گر،

جو ٺاهين تون دل جو ڳنڍي ڀور ڀڳ.

گلستان ۾ هر گل جي خوشبوءِ اُٿي،

تون  ”بلبل“ پيو اهڙيءَ تاريءَ ۾ تڳ.

*

خراچ هفت ولايت چون، دهن جو اُگهه،

بهاء. زلف نه ٺهندي، زمين زمن جو اگهه.

جي تار زلف جي هڪڙي پوي ترازوءَ

ته تور ساڻ،خطا ٿئي، خطا ختن جو اگهه.

خريد بوسئه لب لاءِ، جان صد بر لب،

ڪٿي پڄي ٿو ڀلا، سنگ، هت يمن جو اگهه

تون گلبدن ٿو ڪرين، ڪاڻ ڪوڻ ڇو مون سان،

ٿئي ٿو سيم جو تولوبه سيم تن جو اگهه.

ٿي باغ ۾ ئي بها گل سندي ٿئي البت،

ٽڪي ٿو سير وڪامي، ڇنل گلن جو اگهه.

ڪيو تو اُهه جينءَ پرواز، باغ مان ”بلبل“،

رهيو نه هاڻِ اهو آ، گل وچمن جو اگهه.

*

اڻسرند ٿي ساهيان نه اوهان سان ٿو يار سڱ،

هيڻي جو هر همه کي لڳي ناگوار سڱ.

چشمن هلايو، قافلو، اشڪن جو زلف ڏي،

جن جو لڳو آ آتش دريا جي پار سڱ

.                       مون جو سڏايو، هن جي غلامن سندو غلام،

ڪاوڙ جي ڪن چيو ته: اهو ناهه، ڪار سڱ.

دل اڄ حبيب ساڻ، ڪري وئي سپرد خويش،

سانئن چيو ته ”وجهه نه اسان تي هي بار سڱ.“

خويشن جي ذڪر ساڻ، خوشي جي کڻي ڪريان،

ڌاريا چون ته تنهنجو اهو آهه ڌار سڱ.

دنيا ۾ ڏس ته ڪهڙي، عزيز آهه دل اندر،

”بلبل“ فقط ڳڻائي سگهيو، سَوَ هزار سڱ.

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org