قطع تاريخ
- وفات بلبل
مشهور عالم ۽ شاعر، اڪبر الهه آباديءَ جي
شاگرد رشيد، جناب ڊاڪٽر عبدالمجيد صاحب صديقي
مرحوم، ”بلبل“ جي قطع تاريخ ۾ هن طرح پنهنجي جذبات
جو اظهار ڪيو آهي:
چراغِ علم، شمس الدين بلبل،
سراجِ حلم، شمس الدين بلبل
سخندان خوب، شمس الدين بلبل
زبانِ مرغوب، شمس الدين بلبل،
اديب سنڌ، شمس الدين بلبل،
نقيب سنڌ، شمس الدين بلبل،
رفيق قوم، شمس الدين بلبل،
شفيقِ قوم، شمس الدين بلبل.
رئيسِ مهر (ميهڙ)، شمس الدين بلبل،
فصيحِ شهر، شمس الدين بلبل.
ڪمالِ شعر، شمس الدين بلبل،
جمالِ شعر، شمس الدين بلبل،
ڇنين معروف آن ممدوحِ من بود،
امير مجلسِ شعر و سُخن بود،
محبِّ ملک و قوم دين و ملّت،
سراپا پيکرِ لطف وشرافت.
ز روحِ شاعري، لبريزي جامش،
نگاهش دوربين، پخته ڪلامش.
ظرافت بذله سنجي، خوش کلامي،
در اصنافِ سخن، في الجمله نامي.
بسال سيزده صدسي وهفتم (1337 هه)،
به بست و هفت ذي الحج المکرّم.
به فردوس برين، آسوده جانش،
هميشه رحمتِ حق، به روائش
بگويند عاشقِ صادق نه ميرد،
اگر ميرد، حياتِ نو به گيرد.
به مانده يادگار از گلشنش گل،
ضياءالدّين وشمس الدّين، بلبل.
ز ”صديقي“ دعا اين با اثر ياد،
مدام او زنده و پائنده تر باد.
تقريط
مرحوم حاجي محمود صاحب ’خادم‘ لاڙڪاڻه
مفڪر جي معنيٰ جي هر ڪنهن کي خبر آهي، پر
هڪ اعليٰ مفڪر جو معيار ڇا هئڻ گهرجي، تنهن بابت
ڪجهه چوڻ گهران ٿو.
ڄاڻڻ گهرجي ته هڪڙا مفڪر اهي آهن، جي حڪمت
۽ فسلفي جا دقيق ۽ عميق مسئلا ۽ نت نوان نظريا پيش
ڪن ٿا، جهڙيءَ طرح بوعلي سينا، امام غزالي ۽ ڪانٽ.
ٻيا اهي آهن، جن جذبات ۽ مشاهدات جا در شهپارا، فن
جي رنگ ڍنگ ۾ پيش ڪيا؛ مگر اها ڪوشش يا ڪاوش نه
ڪيائون ته عوام تي ڪو خاص اثر پوي، يا ماڻهو ان کي
سمجهن. هنن جو فڪر خالص فن خاطر هوندو آهي. ٽيون
گروه انهن مفڪرن جو آهي، جي فن کي غرض يا غايت يا
انتها نٿا ڄاڻن، پر انهن کي انساني حياتيءَ جي
سنوار ۽ سٺائيءَ خاطر ڪتب آڻن ٿا. هن قسم جا استاد
فن، عملي ۽ اصلاحي پهلو رکندڙ آهن.
شاعرن جو سرتاج، صوفي حضرت شاهه عبدالطيف
ڀٽائي عليه الرحمته ۽ شيڪسپيئر هن قسم جي مفڪرن جا
عمدا مثال آهن.
اهڙيءَ طرح ”بلبل“ مرحوم به هن معيار جي
مفڪرن مان هو. سندس نشان امتياز هي آهي، ته هن جي
فن جو اثر ان وقت جي سوسائٽيءَ تي نهايت عمدو پيو
۽ عوام جي اخلاق جي اصلاح ۾ نهايت ڪامياب ٿيو.
انهيءَ ڪري هن پاڻ کي ملڪ جو مفڪر ۽ شاعر ثابت ڪيو
۽ قوم ۾ نهايت خوشگوار انقلاب آڻڻ جو باعث بنيو.
منهنجي خيال ۾، هڪ اعليٰ مفڪر کي پرکڻ جون
ٽي نشانيون آهن: هڪ ته هن ڪا جدّت آفريني ڪئي هجي؛
ٻيو ته هن سوسائٽي ۾ نئون روح ڦوڪيو هجي ۽ نوان
جذبا پيدا ڪري نيڪ اثر وڌو هجي؛ ۽ ٽيون ته هن ۾
پيشنگوئيءَ جو مادو هجي ۽ قوم خواهه وقت جو پورو
پورو نبض شناس ثابت ٿيو هجي. هنن ٽنهي پر کائن ۾
”بلبل“ مرحوم بلڪل پورو اُتري ٿو، ان جي ثابتيءَ
لاءِ مرحوم عبدالله صاحب ”بسمل“ ٽکڙائيءَ جا ڪجهه
ويچار، ”بلبل“ مرحوم متعلق پيش ڪريان ٿو. فرمايو
اٿس:
”سنڌيءَ ۾ هو پهريون شاعر آهي، جنهن
ظرافتي نظم لکيو. هو پهريون اديب آهي، جنهن ظرافت
۾ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي.
”هو پهريون ماهر تعليم آهي، جنهن ظريفانه
ڪلام جي زور تي، سنڌي مسلمانن کي انگريزي علم ڏي
راغب ڪيو.
”هو پهريون رفارمر آهي، جنهن ظرافت جي
رستي، انگريزي تهذيب جي عيبن کان مسلمانن کي آگاهه
ڪيو.
”هو پهريون سياستدان آهي، جنهن ظرافت جي
رستي، حڪومت جي رشوتخور آفيسرن ۽ علماءڪرام ۽
پيران عظام جي مخرب ڪارواين تي تنقيد ڪئي.
”هو پهريون شاعر آهي، جنهن ظرافت جي رنگ ۾
ڪريما سعديءَ جي تضيمن لکي، قوم جي اصلاح ڪئي.
”هو پهريون اديب آهي، جنهن موجوده سليس
نثر نويسيءَ جو رنگ پيدا ڪيو، جو خاص طرح اخباري
دنيا ۾ بلڪل ڪارائتو ٿابت ٿيو.“
هن پوئين راءِ ۾ ”بسمل“ مرحوم سان حضرت
”مخلص“ مرحوم به شامل آهي، جنهن ”بلبل“ جي وفات
تي، پنهنجي رسالي ”ڪشڪول“ ۾ افسوس ڪندي لکيو آهي:
”’بلبل‘ مرحوم سنڌ جي مسلمانن ۾ پهريون
اخبار نويس هو ۽ پهريون شخص هو، جنهن ظرافت جي
ميدان ۾ شاعري ڪئي ۽ هوئي هڪ صحافي هو، جنهن
پهريان پهريان صحيح معنيٰ ۾ ايڊيٽري ڪئي ۽ موجود
سليس ۽ پر اثر ۽ رنگين مضمون نويسيءَ جو سڪو
ڄمايو.“
ان وقت جو عالم فاضل مخدوم محمد انور صاحب
پاٽائي لکي ٿو:
”جيترو مون تجربو ڪيو آهي ته ائين پئي
معلوم ٿيو آهي ته ڪنهن به بد ڪم کان روڪڻ ۽ قوم کي
سڌارڻ ۾ اسان جي ڊگهين اسپيچن، تحريرن ۽ تصنيفن به
اهڙو اثر نه پيدا ڪيو آهي، جهڙو ”بلبل“ جي ظريفانه
طرز قوم کي شرمسار ڪري، پر اثر بنايو آهي.“
مون هن کان اڳ مختلف تحريرن ۾ ڄاڻايو آهي
ته سنڌي شاعريءَ جو جديد د ؤر ”بلبل“ مرحوم کان
شروع ٿئي ٿو. آءُ وڌيڪ چوندس ته صحيح معنيٰ ۾ قومي
شاعري به ”بلبل“ مرحوم شروع ڪئي، جنهن لاءِ هن
هيٺيان پنج طريقا استعمال ڪيا:
(1) ”بلبل“ قصيدي کي قا آنيءَ جي منزل
تائين پهچائي، ان کان هر طرح نهايت مفيد قومي ڪم
ورتا.
(2) توحيد، رسالت ۽ ٻين اسلامي ۽ اخلاقي
موضوعن تي، شاعري ڪري، ايمان ۽ اسلامي تهذيب ۽ روح
کي تازو ڪيائين
(3) نيچرل شاعري ڪري، قوم کي قدرت آشنا ۽
حقيقت پرست بنايائين.
(4) سعديءَ جي ڪريما کي نئين پيرايه ۾،
سنڌيءَ جي چاشني ملائڻ سان محفوظ ڪيائين، جا اڃا
ڪيترن کي برزبان ياد آهي.
(5) نوان استعارا، نيون تشبيهون، نيون
تمثيلون، نيون ترڪيبون، چست بندش، شوخ ادا، فصاحت
۽ بلاغت جهڙيون خالص فني خوبيون، سنڌيءَ ۾ پيدا
ڪري، ٻوليءَ جو ادبي پهلو روشن ڪيائين.
آءُ ظاهر ڪري چڪو آهيان ته ”بلبل“ مرحوم
رڳو اديب يا شاعر ڪو نه هو، پر هو سياسي ميدان جو
به هڪ سرگرم ڪارڪن، عمدو ليڊر، مفڪر، مدبّر ۽ عوام
جو دلدادو، مجلسن جو مور ۽ جادو بيان مقررّ پڻ هو.
(1) هن، حسن علي افنديءَ سان گڏ، ٻولي
ڪميشن ۾ وڃي، نهايت جفاڪشيءَ سان انگ اکر ڪڍي،
تحريڪ هلائي، ”دکن ائگريڪلچر رليف، ايڪٽ“ کي سنڌ
سان لاڳو ڪرايو.
(2) خاندان جي ملڪيتن بچائڻ لاءِ قائداعظم
جي پيش ڪيل مسودي جو فائدو وٺي، سنڌ لاءِ وقف علي
الاولاد جهڙو مفيد قانون پاس ڪرايائين.
(3) سال 1907ع ۾ جڏهن آل انڊيا محمدن
ايجوڪيشنل ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ ٿي، تڏهن سنڌي
مسلمانن لاءِ هڪ ٺهراءُ پاس ڪرايائين ۽ فارسيءَ کي
نصاب ۾ داخل ڪرڻ جي رٿ جي تائيد خود وقارالملڪ
صاحب ڪئي هئي.
(4) ”مسلمان ۽ تعليم“ نالي ڪتاب ڇا پرائي
شايع ڪيائين ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ انگريزي اسڪول برپا
ڪيائين، جو پوءِ وڌي هاءِ اسڪول ٿيو.
(5) بلبل مرحوم پهريون ملي ۽ قومي جذبي
وارو شخص هو، جنهن ترڪيءَ جي جنگ، يا جنگ بلقان
دوران، ”هلال احمر“ جي تحريڪ کي سنڌ جي سر زمين تي
آندو ۽ زور وٺايو.
(6) ائنيبيسنٽ جڏهن هندستانين کي مذهبي
رنگ ۾ ڀنڀلائي، انگريزي حڪومت جي ڄار ۾ اڻ سڌيءَ
طرح وڌيڪ مضبوط جڪڙڻ جو ڍونگ رچايو ۽ هوم -رول جي
تحريڪ جاري ڪئي، تڏهن ”بلبل“ مرحوم، هوم رولي چال
جي اصليت پروڙي، ان جي خلاف زوردار تحّرڪ هلايو ۽
مسلمانن کي خبردار ڪيو ته هو هن جي پيچ ۾ نه اچن.
(7) اهڙيءَ طرح، مسلمانن لاءِ جدا قوميت
جي صدا بلند ڪرڻ وارو پهريون مفڪر ”بلبل“ هو.
پنهنجي ڪتاب ”جام جم“ ۾ لکي ٿو.
”خدا کي دانهن آهي ته مسلمانن جي حال تي
ڪو رحم ڪري، ان جو اهو مطلب ناهي ته مسلمان اصل
پوليٽيڪل ميدان تي نه اچن، ماٺ ڪري سمهين پون، نه
نه ! بيشڪ هو واسطو رکن ۽ مذهبي ۽ ملڪي حق گهرن،
غلاميءَ کان آزاديءَ جا پَههَ پچائين. اسان جي
قوميت سڀني کان مٿي هئڻ گهرجي.
(جام جم، ص 56، سن اشاعت
1918ع)
پاڪستان لاءِ گويا هيءَ پهرين صدا هئي. ان
وقت جا مسلم ليڊر، رڳو چند سڌارن ملڻ لاءِ ڪوشش
ڪري رهيو هئا، تڏهن ”بلبل“ مرحُوم جداگانه قوميت
جو آواز بلند ڪيو.
غرض ته ”بلبل“ مرحوم جي سياسي تحريڪ جو
نيڪ نتيجو هي نڪتو جو بنسبت ٻين قومن جي، مسلمانن
تي نه ائنيبيسنت جو ٿياسافيڪل رنگ چڙهيو ۽ نه
مغربي فيشن يا ان جي پالتو نيٽو نيچري جو اثر ٿي
سگهيو ۽ نه مهاسڀائي هوم -رول چال ڪامياب ٿي.
مسلمانن انگريزي تعليم کي ورتو، پر مغربي
ذهنيت کان به خوب خبردار ٿي ويا ۽ ان جي وڪڙ ۾ نه
آيا ۽ پنهنجو پراڻيون روايتون قائم رکي سگهيا.
”بلبل“ پهريون شخص هو، جنهن پاڪستان جو
عملي طرح پهريون قدم کنيو.
”بلبل“ مرحوم، پنهنجي دوست حسن علي خان
افنديءَ واري مرض ٻليءَ ۾ مبتلا ٿي، تاريخ 13
سيپٽمبر 1919ع تي هن دارالفنا کان جدا ٿي ويو،
تڏهن پويان لفظ جي سندس وات مان نڪتا، سي هي هئا؛
”هندن جي بجڪا ڌار ڪريو ۽ مسلمانن جا بجڪا
ڌار ڪريو.“ شايد پاڪستان جي هيءَ پيشنگوئي هئي.
شاعريءَ جو هي موجوده هلندڙ دور، رئيس شمس
الدين ”بلبل“ کان شروع ٿيل سمجهڻ گهرجي. ان متعلق
تفصيل سان هن کان اڳ مون گهڻو بحث ڪيو آهي. ان کي
مطالعي ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ سنڌ جي اوئلي اصناف،
بيت، ڏوهيڙي، ڪافيءَ ۽ وائيءَ کان وٺي، عروضي
شاعريءَ تائين تبصرو ڪيل آهي --والسّلام.
”خادم“
لاڙڪاڻوي
25 - جنوري 1951ع
لاڙڪاڻه،
ديباچو
بسمِ الله الرحّمٰن الرّحيم
رئيس القلم، مرحُوم رئيس شمس الدين ”بلبل“
سخن آفرين ۽ سخن رسان جي سلسليورا واجب
الثنا تحيته، حمد ۽ صلوٰته کان پوءِ، شائقين نڪته
چين، مضمون معاني ناظرين، دقيقه بين، شعر و سخن ۽
نڪته داني جي طبع جو هر شناس، الماس قياس آساس تي
مسڪين، شمس الدين هيچمدان، مصنف ديوان جو هي
التماس، بصد نياز ۽ هراس، ذهن نشين ٿو ڪري ته
عالَم دنيا ۾ سڀڪا جنس، ضد کان خالي نه آهي، هر
نعمت لاءِ حَسَد، هر گل کي خار، هر گنج تا مار ۽
هر سخن تي نڪته چيني ضرور هوندي ئي هوندي. انهيءَ
اشڪال مثال کان، از اول تا حال، ڪوئي نه بچيو آهي.
مگر باوجود، ان دور رشڪ آمود، انگشت اعتراض آلود
جي، سندن اشتغال باڪمال چمڪندو رهيو. مصنف ۽ بي
ريا صرافن باصفا جي محڪ -مدد سان سندن مال سخن
زلال کي ڪو نقص نه پهتو، ۽ هر هڪ جي زماني گذرڻ
کان پوءِ، سڀڪو پنهنجي متاخرين لاءِ، معانيءَ جو
باني نظر آيو، پر جڏهن ته هن زماني ناپائدار جو
بَڻاءُ، درگذر ۽ ڪل يوم ايتر تي رکيل آهي، ڏينهون
ڏينهن سڀڪا حالت گهٽ ٿيندي رهي آهي، هر وقت، جي
وقت، پنهنجي روش کي روش ڏياري، نئون نئون چمڪو
وٺايو آهي.
ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته محاوره ۽ اصطلاح
تقريريءَ خواهه تحريريءَ، نظم يا نثر ۾، پوئين
پوئين وقت، سڌاري جو گرٽ ڏيکاريو آهي ۽ ڏيکاريندو
وڃي. سَچ؛ سڀڪا شيءَ موسم سان مٺي، سڀڪا حالت رسم
سان سـُٺي لڳندي آهي، پر تنهن ۾ به ٻيئي فرقا،
انصاف ۽ اعتراض جا هليا اچن، جي اهي به انهيءَ
ڦيري ۾ نئون رنگ روپ پيا وٺن.
سخن جو ته هاڻي رڳو ناٽڪ وڃي رهيو آهي، پر
ان جي پردن، وجه اسباب ۽ نقل کي، قياس ۽ انصاف جو
وجه آهي. غرض اهو معاملو اهڙو آهي، جو تاآخر
پنهنجي هڪ نه ٻئي رنگ ۾ هليو ايندو.
مطلب ڳالهه جو هيءَ آهي ته هاڻي به ويچارا
ماڻهو، پنهنجي قدر آهر، شعر ۽ سخن جو چرچو پيا ڪن
۽ اها خصوصيت يا خلقت سڀ کان علحدي آهي. البت علم
جي چاندي، انهيءَ قرار جي قائم ڪرڻ لاءِ ضروري
آهي، نه ته ”سيماب“ ڌار، پنهنجو ذاتي ڪم ڏئي ٿو.
هن وچ ۾، مصنف پنهنجو ڪجهه احوال بيان ڪري
ٿو، جنهن ۾ ڪو مايو علم عروض خواهه فن وغيره جو به
ڪو نه آهي. محض از رو شوق جي ابتدا کان طبع شعر تي
مائل هئي، پوءِ پنهنجي وسعت آهر، ڪچو پڪو شعر چئي،
پنهنجي شوق کي پورو ٿي ڪيو. بهرحال، اڪثري اردوءَ
۾ ۽ ڪي فارسيءَ ۾ خيال رهندو هو، پر سنڌي شعر بلڪل
قليل.
اتفاق، انقلاب زماني ۽ ڪشش آب وداني کان
ڪراچيءَ ۾ قسمت ٿي ۽ اتي ايڊيٽري اخبار ”معاون“ جي
۾ معين ٿيو، پر هاڻ پنهنجي وطن ۾ زمينداريءَ جي
ڪاروبار ۾ مشغول آهي.
اخبار ۾ شاعرن حال جي شغل ۽ غلغل، چندان
سنڌي شعر ڏي راغب ڪيو. انهيءَ وچ ۾ ڪي مختلف رديفن
جا غزل به بعض بعض چوڻ ۾ آيا، پر اڪثري جو مطالعي
هندي اخبارن کان طبع، ظرافت ڏي مائل هئي ۽ اهو ئي
طريقو، دل وندرائڻ جو گويا طبع انس ڪري ورتو هو،
تنهنڪري ٿورن ئي ڏينهن ۾ خيال دامنگير ٿيو ته انهن
پراگنده غزلن، ظريفانه، ناصحانه، عاشقانه، خواهه
اخلاقي، اصلاحي، مذهبي ۽ ديني کي گڏ ڪري، باقي
انهن ۾ ٻيا غزل جوڙي رديف وار هڪ مختصر ديوان کڻي
ٺاهجي! جيئن عمر جو يادگار به رهي ۽ دوستن، دور
افتادن لاءِ سوکڙي (خواهه ڪهڙي به هجي) به ٿي پوي.
ان خيال کي تقريباََ ٻه هفتن ۾ پورو ڪري، ڇپائڻ
جو شوق پيدا ٿيو. ان کان اڳ فقط پندرهن يا سورهن
غزل، مختلف ٺهيل هئا.
اگرچ هن باغ ديوان ۾، خار خامي جا به از
قحد آهن، مگر تڏهن به اعليٰ قسم جي ظرافت ۽ لطف
گلزار معاني کان خالي نه آهي.
ڪتاب شايع ڪرڻ، گويا پاڻ کي انگشت نمائيءَ
جو هدف بنائڻو آهي، پر جو پاڻ کي، ”پاڻيءَ ۾
وجهندو، سو ڦهنگن کان ڪٿي ڊڄندو.“
انگشت نمائي به چڱي، پر ماڻهن جا به عجيب
غريب خيالات آهن. هڪڙا ته حال جي شاعر يا ڏٺل
وائٺل جي شعر ڏي نهارين به ڪين! گو، ان ۾ ڪهڙي به
ماهيت هجي. حالانڪه سندن امتياز جو وري اهو حل ته
جيڪڏهن متقدمين جي غزل ۾، متاخرين جو نالو کڻي
وجهجي ته جيڪو هزار عيب پيا ڪڍن، پر جيڪڏهن
متاخرين جي غزل ۾، متقدمين جو نالو وجهجي ته هوند
ڪو نالو به نه وٺي! سچ چوندا آهن ته ”وڻ چڙهيو
واپاري کٽيو کائي ۽ نانءُ چڙهيو چور ڦاهيءَ چڙهي.“
ٻين جو رآيو اهي ته حال جي شاعرن جو شعر،
سڀ مجاز جون ڳالهيون آهن انهن ۾ اجائي لفاظي آهي.
جن مان نڪو فائدو نڪو حَظ! يا چوندا ته سائين ڏسو
هاڻوڪا شاعر، ڇا پيا چون!
حالانڪ هر مجاز کي حقيقت آهي، سالڪ مجاز
مان به اهائي معنيٰ ڪڍي، پنهنجو روحاني لطف ٿا وٺن
۽ وڌائين، پوءِ شاعر ڀلي ته ڪهڙي به خيال ۽ حال تي
چيو هجي!
داناءُ ماڻهو، ظرافت ۽ مزاح، مذاق ۽ هَجو،
تعريف ۽ طنز، غزل ۽ هزل وغيره جي اشعار مان به ڪو
عمدو نتيجو ڪڍي، حظَ حاصل ڪن ٿا. نئين محاوري ۽
اصطلاح جا لفظ، ڪلام ۾ آڻجن ته اها به يڪ گونه
رونق آهي. ڪلّ حَديد لذيذ.
ٽيَن جو چوڻ آهي ته فلاڻو شعر، فارسيءَ يا
اردوءَ مان ترجمو ٿيل آهي. هيءَ چوري آهي يا چوندا
ته هن ۾ ڪهڙي فضيلت آهي. پر اهو نٿا ڄاڻن ته شعر
جو ترجمو ڪرڻ ۽ نباهڻ هڪ فن صنعت آهي. ڪيترن وڏن
شاعرن به ائين ڪيو آهي، بلڪ ان بابت مشتاقن جون
فرمائشون ٿينديون آهن.
مثلاََ قدسيءَ جو شعر آهي:
آلوده قطرات عرق ديده جبين را،
اختر ز فلک مي نگرد وري زمين را.
ان تي اردوءَ جي نامي شاعر، ”سوداء“ چيو
آهي:
آلوده قطرات عرق، ديکهه جبين کو،
اختر پڙي جهانکين هين فلک پر سي
زمين کو.
ڏسو ته هي لفظ به لفظ ترجمو ٿيل آهي، ته
ڇا چئبو ته هيءَ به چوري آهي! شاعر جو خيال ڪجي
استاد وقت جو هو!
هن ديوان ۾ فقط اٺ - ڏهه غزل ظريفانه، نو
مذهبن جي لاءِ اردوءَ جي مضمونن جو ترجمو آهن.
چوٿون، ڪي ماڻهو تضمين ڪرڻ تي اعتراض
آڻيندا آهن ته ناحق، متقدمين جي شعر کي خراب ٿا ڪن
يا کارين ٿا. حالانڪه تضمين ڪرڻ، شعر ۾ وڏو فن ۽
حڪمت آهي، هڪ نئين تازگي ۽ عمدي صنعت پيدا ڪندو
آهي، جيئن پيوندي وڻ، خاص صنعت ڏيکاريندو آهي.
غرض، ماڻهن ۽ کوهن جا منهن بند ڪرڻ ناممڪن
آهن. جيڪڏهن انهن اعتراّض جا سبب بيان ڪجن ته پوءِ
ڪتاب اصل مطلب کان ڦري ويندو، ڇو ته اسان کي
”ديوان“ لکڻو آهي ۽ نه تاريخ.
اهي ٻه- چار ڳالهيون، هت ڏيڻ ضروري ڄاتم،
جو ويچاري ”بلبل“ کي گهڻن زاغ و زغن جي چنبه ء طعن
۾ اچڻو آهي، پر گلشن مصنفن بيريا ۾ غلونه ”الانسان
مرڪب“ من السهو والنّسيان“ سان پناهه ٿو وٺي.
جيڪڏهن ساري ديوان مان ڪو هڪ- اڌ شعر به
ڪنهن کي پسند اچي ته پوءِ ان جي صلي ۾ ساري خطا ۽
خامي معاف ڪرڻ فرمائي. قليل عرصي ۾ ايتري شعر چوڻ
تي ۽ منهنجي ڪم مائگيءَ تي وزن آڻي، پورو بار عتاب
خطاب جو رکن. بلڪ درگذر فرمائين، خار سهڻو کي
گلزار تصحيح سان مٽائين.
شمس
الدين، ”بلبل“
ميهڙ (سنڌ)
24- جمادي الاول سنه 1308
هجري
6- جنوري
1891ع |