سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: پرهه ڦٽيءَ جا ماڪ ڦُڙا

باب

صفحو :4


سوچي سوچي سَهڪن ٿيون،

توبِن سوچون ڀُڻڪن ٿيون.

 

تنهنجون منهنجون ڳالهيون يار،

اوڙي پاڙي ٻُڌجن ٿيون.

 

ڪي ڪي ياديون يارن جون،

لوڻ ڦٽ تي ڇِڻڪن ٿيون.

 

تو لئي اکڙيون ترسن ٿيون،

بادل بڻجي برسن ٿيون.

 

هِڪ حياتي! هيڏا هاڃا،

پوءِ به آسون اڀرن ٿيون.

 

ڪاش! ڪَري تون پيار ڏسين ها،

ڇا ته جدايون جهورِن ٿيون.

 

پيار لڏي ويو جڳ مان ”نصير“،

دَر دَر دانهون ٻُڌجن ٿيون.

 

 

بيوسِي جي مامري ماري وڌو،

بنگلي ۽ جهوپڙي ماري وڌو.

 

انگَ اگهاڙا آسمان ڏِسندو رهيو،

آدميءَ جي مرتبي ماري وڌو.

 

ڪو مزي ۾، ڪو ڏچي ۾ ئي رهي،

اڻ برابر سلسلي ماري وڌو.

 

پيٽَ پالي ئي نٿا پورا سگهون،

شان شوڪت مٿڀري ماري وڌو.

 

عاشقيءَ جي آبياري ڪئي گهڻي،

پر وڇوڙي اوچتي ماري وڌو.

 

ٻيءَ حياتيءَ ۾ مزو هوندو ”نصير“،

سچ پُڇين هن آسري ماري وڌو.

 

 

روشنيءَ لئه گهَرَ غريِبن جا سِڪن،

پر مزارن تي ڏِيا ٻَرندا رهن.

 

 

ڪو ته هڪڙو واعدو پورو به ڪر،

ڏِس ته نعرا ڪيئن ساڳيا ٿا لڳن!

 

 

کِلَ خوشي جن کان کسي آ حالتن،

سي ڀلا مرڪي به ڪنهن سان ڇا ملن؟

 

 

ڇا چوان ڪو واءُ ئي اهڙو گهُليو،

پَرَ هڏيون پکڙيل ڏسي ٿا لِڱ ڏڪن.

 

 

ٿي ختم پن- ڇڻ به ويندي بس اجهو،

ڪجهه پکي واپس وڻن ڏانهن ٿا ورن.

 

 

باغ تنهنجا ڀاڳ اهڙا ڪنهن لِکيا؟

گل ٽڙن پر شام جو مرجهي پون.

 

 

وِڻِ وڍڻ وارا ڏسو! ماحول کي،

پن سُڪل ساوا ڇڻي پل پل پون.

 

 

ڇير جي ڇم ڇم لڳي ڪا داستان،

ٿي گهُري بازار ۾ ڪنهن کان وچن.

 

 

گهَرَ جون ڳالهيون گهر ۾ ڏاها ڪن دفن،

پر ٻُهر ٻاهر نٿا اڇلي ڇڏن.

 

 

گهرَ ڊَهي پَٽُ ٿي ويا جن جا ”نصير“،

سانوِڻي جا مينهن تن کي ڇا وڻن!


 

 

پيار کان پهريون ڄاڻ نه هئي ڪا،

سُورن سِيني کاڻ نه هئي ڪا.

 

صرف کَٽڻ جو خيال هو رهندو،

پاڻ کي مڃِڻي آڻ نه هئي ڪا.

 

دل جي اڀ تي طلب جا تارا،

ايڏا کِڙندا ڄاڻ نه هئي ڪا.

 

اڳ به حياتي گهارِي ”نصير“،

ٽانڊن جي ٽانڊاڻ نه هئي ڪا.

 

 

ڏانوَ بنان ڪا ڏاتِ نه ڪم جي،

توبِن منهنجي ذاتِ نه ڪم جي.

 

رات هجي ۽ ماڪ نه برسي،

پيار بنا پرڀات نه ڪم جي.

 

رُڃ ۾ رُلندي رهندو آهيان،

موتَ بنان هيءَ ماتِ نه ڪم جي.

 

پاڻي اُٻري ٻاڦ نه نڪري،

سورن اهڙي سانتِ نه ڪم جي.

 

ڪنهن کي ويٺو سارين ”نصير“،

گذريل ڪلهه جي باتِ نه ڪم جي.

 

 

توسان جوڙيو دل جو رشتو،

گورک چوٽيءَ جهڙو رستو.

 

تنهنجو قرب ڪتاب جيان هو،

آءُ پني تي جهڙو نقطو.

 

پيار جي ايڏي ڦهلي پکيڙ،

جيڏانهن تيڏانهن تنهنجو رستو.

 

واهه! زمانا تنهنجو زور،

پاڻي مهانگو رت آ سستو.

 

قدم قدم تي ”نصير“ ڪُٺو آ،

شهر ڇڏي پرمُور نه نڪتو.

 

 

اڀ تي ٽمڪن ڪي ڪي تارا،

ڳڻپ کان ٻاهر ڳڻتيون ڳارا.

 

هل ته هلون ٿا شهر ڇڏي!

پيار نه سهندا پاڙي وارا.

 

ڪالهه جيان اڄ گذري ويندو،

مُور نه ڀربا گهاوَ ۽ گهارا.

 

طلبَ ۽ تات جي آسَ سهاري،

جئندا آهن تو مون پارا.

 

علم عوام ۾ عام نه ٿيو آ،

پيٽ ڀريندا ڪهڙا نعرا.

 

روز جهڙالي مند ”نصير“،

نيٺ ته وسندا ڪڪر سي ڪارا.

 

 

ڪا ڪهل نه آ انسانن ۾،

آ سوچَ به جهڙي سُڏڪن ۾.

 

هونئن ته ناري عزت واري،

پر ديد دنيا جي سينن ۾!

 

روح! هليو وڃ ماڳَ ٻئي ڏي،

هِت غرض رڳو آ جسمن ۾.

 

ڪاش! نه ڪنهن کي ياد اچي ڪا،

رات جي پوين پهرن ۾.

 

هڪٻئي سان سڀ جو ساڙ ”نصير“،

ڪجهه آ زياده رت رشتن ۾.


 

 

پيار ڪيو دل پهر اٿئي،

جان مٿي ڪيو جبر اٿئي.

 

موج ڪري وٺ رات ڀلي،

ڏور اڃان ڪجهه سحر اٿئي.

 

هِيرَ لڳين ها! هوريان هوريان،

پنهنجي پرين جو شهر اٿئي.

 

نيرا نيرا نيڻَ نشيلي،

گهٽ نه نشي کان اثر اٿئي.

 

ڪارا ڪارا ڪڪر ڪي ڇانيا،

وارَ کوليا ڇا قهر اٿئي!

 

ايڏو ته ڏکايئه دل کي ”نصير“،

ڪا نه ڇڏي ڪا ڪَسر اٿئي.

 


 

 

مان به ٿيڻ ٿو چاهيان،

جِيئن هجڻ ٿو چاهيان.

 

سوچَ به ٿي اختيارُ وڃي،

ڇا ڇا ڪرڻ ٿو چاهيان.

 

ڪاش نه ڪو ڊپ ڊاءُ هجي،

مان به کِلڻ ٿو چاهيان.

 

موتَ کي شل ڪو موتُ اچي،

ڪجهه ته جيئڻ ٿو چاهيان.

 

ڏيههُ سَڄو ئي ڏوهِي ”نصير“،

ڪيئن بَچڻ ٿو چاهيان؟


 

 

هَيلَ بهار به گذرِي ويو،

توکان واعدو وسرِي ويو.

 

دل جي زمين تي ڪيئن الا!

پيار جو پودو اسرِي ويو.

 

ڪاش! وساري سگهجي ها،

وقت اُهو جو گذرِي ويو.

 

تنهنجي زلف جي قيد منجهان،

ڇو نه قيدي هي نڪري ويو.

 

تون ئي سڌرئين ڪونه ”نصير“،

باقي زمانو سُڌرِي ويو.

 


 

 

تو چيو تنهنجي خبر رکجي رڳو،

۽ دنيا کان بي خبر رهجي رڳو.

 

سجُ جوانيءَ جو ته لهڻو آ ڪڏهن،

شام جوهي پهر ڪيئن ڪٽجي رڳو.

 

هر عمل جو آ برابر رَد عمل،

جو به پوکيو سوئي ٿو لڻجي رڳو.

 

ڪنهن وڇوڙي کان ته بهتر آ ”نصير“،

پيار کان ئي پاڻ کي پلجي رڳو.

 

 

ڪو ڏُور رهي ٿو ڏنگُ هڻي،

ڪو ويجهو رهِي ٿو وارَ ڪَري.

 

مان پنهنجا پراوا ڪيئن سڃاڻان؟

هر ڪو هزارين روپَ ڌَري.

 

آنءُ ڪهاڻي، سا به پراڻي،

اڄ جي قيمت ڪيرُ ڀَري.

 

جنهن کي سمجهيم پنهنجو ”نصير“،

سوئي ٿي ويو ڪوههَ پَري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org