انتساب
شهيد
عبدالمالڪ سومرو،
۽،
شهيد
لاله
فهيم ميمڻ جي نالي
جن
پنهنجون حياتيون
سنڌ
ڌرتي تان
گهوري ڇڏيون.
”نصير“ سومرو
لُڙڪَ ڳلن تان رات ڳڙيا جي،
پِرهَه ڦُٽي جا ماڪَ ڦُڙا سي.
سِجَ
ڪيو اعلانُ صبح جو،
مُکڙيون بڻجي گُلَ ٽِڙيا ڪي.
(نصير سومرو)
شاعر بڻجي ڪيئن ويس
ننڍي
هوندي گهر ۾، بابا سائين جن رات جو، گهڻي قدر اسر
جو عربي ورسز ۽ فارسي شعر پڙهندو هو. جن جي ٻڌڻ
سان اڻ ڏٺا ڊپَ ڊاوَ دل ۾ باقي نه رهندا هئا. سندن
چوڻ تي مون به ڪجهه فارسي ۽ عربيءَ پڙهي ۽ ڪريما،
نامِ حق ۽ پند نامه فارسي جا ابتدائي ڪتاب پورا
ڪيا.
بابا
جي شعر گوئيءَ، نه ڄاڻ ته الائجي ڇو دل تي ايڏو
اثر ڪيو، جو دل ۾ سوچيندو هيس ته ڪاش! اهڙي شاعري
مان به ڪري سگهان!!
علم و ادب جي سمنڊ بي ڪران ۾، مون به پير پاتو،
جهڙي تهڙي شاعري لکڻ شروع ڪئي. وزن و بحر کان
اڻڄائي جو احساس به رهندو هو. ان لاءِ محترم
عبدالحڪيم رفيق قريشي جن وٽ ويس، جنهن کان شعر جي
اصطلاح وٺڻ جي اکٽ ڪوشش ڪئي پر هن صاحب ڪو خاص
ڌيان ڪو نه ڏنو.
انٽر
پاس ڪرڻ کان پوءِ پورو سال واندو ويهڻو پيو.
جيستائين مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ داخلائون شروع ٿين
تيستائين مفت ماڻهن جون صلاحون ٻڌي ٻڌي ڪڪ ٿي پيس.
انهيءَ دوران ڀاءُ مير محمد سومرو جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ
لاءِ نئون جتوئي اورنٽل ڪاليج وڃڻ ٿيو. جتي
پرنسپال مومن صاحب جي همٿائڻ تي ”سنڌي اديب“ جي
امتحان جا فارم ڀريا. امتحان جو نتيجو سکر بورڊ
مان پڌرو ٿيو، خبر پئي ته پوري بورڊ ۾ منهنجي فرسٽ
ڪلاس ٽين پوزيشن آئي آهي.
ڪجهه
عرصو هنڱورجا ۾ سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون
ٿينديون رهيون. جن ۾ ڀرپور حصو ورتو. سو ٿوري گهڻي
وزن جي پختگي سان گڏ خيالن ۽ سوچن ۾ به سنجيدگي
اچڻ لڳي.
ڄامشورو ۾ پنج سال گذريا، انهيءَ دوران مان ڪافي
لکيو، مسودو تيار ڪري نگر سومري صاحب جن کي
ڏيکاريو، جنهن ان جو مهاڳ به لکيو، پر ڪتاب ڇپجي
ڪو نه سگهيو. مهراڻ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪرڻ
کان پوءِ ڪراچيءَ آيس، جتي پهريائين (F.D.
& Equipment) شيرشاهه
۾ پرائيويٽ فرم ۾ بطور اسسٽنٽ انجنيئر پنهنجي
ڪيريئر جي شروعات ڪئي. پنجن ڇهن مهينن کان پوءِ
اسٽيل ملز ۾ تربيتي انجنيئر ڀرتي ٿيس. جتي هڪ سال
جي ٽريننگ پوري ڪئي. پر پڪي نوڪري جو ڪو آسرو ڪونه
هو. ٽريننگ هلندي، دوست ذريعي شادي جي آڇ ٿي، جا
مون قبول ڪئي. 22 نومبر 1990ع تي شادي ڪيم، قدرت
جي ڪرم سان انهيءَ ڏينهن، اسٽيل ملز ۾ اسسٽنٽ
ايگزيڪيوٽو انجنيئر، سترهين گريڊ جي پڪي نوڪري به
ملي وئي. اهڙي طرح ڇوڪري به ملي ۽ نوڪري به.
ادبي
لحاظ کان، ڪراچي ۾ لکڻ ڏاڍو ڏکيو لڳو پهريون وارو
به مواد سنڀالي ڪونه سگهيس پورا ڇهه سال گمنامي جي
انڌيري ۾ گذاريا. ائين لڳو ته منهنجو شرير ۽ سوچ
ڪنهن کان وڇڙي ويا هجن. هر شيءِ ورهايل ورهايل
لڳندي هئي. جنهن کي ٻيهر جوڙڻ جي ضرورت محسوس
ٿيندي هئي. وري قلم کنيم تيزي سان لکڻ شروع ڪيو.
پراڻا تعلق، دوستيون ۽ وابستگيون بحال ڪيون. هاڻي
محسوس ٿيڻ لڳو ته مون کي ڪا وڃايل شيءِ واپس ملي
وئي آهي.
همعصر دوستن ۾ مان شاعري سٺي ڪرڻ لڳس. نئين ٽيهي
جي سوچ ۾ به چڱي پختگي اچي چڪي هئي. ان جي باوجود
منهنجي شاعري ۾ اهو پيڙا جو پڙلاءُ ٻڌڻ ۾ ڪو نه
ايندو هو. ڏک دنيا جي وڏي حقيقت آهي. جيستائين ڪو
ڏک نٿو ڏسي تيستائين سندس ادبي ڪاوشن ۾ به حقيقت
جو رنگ نٿو ڀرجي سگهجي. توڙي جو ڪيڏو به عالم فاضل
يا تجربيڪار ڇو نه هجي. ها اهڙو ڏک مليو!! جنهن جو
اندازو منهجي وهم و گمان کي به ڪونه هو. 21 نومبر
1993ع جو 29 سالن جي ڄمار ۾ لکندي لکندي هڪ اک جي
روشني غائب ٿي وئي. بظاهر اک اکين جهڙي، پر نظر
ڪجهه اچي ئي ڪونه. ڊاڪٽرن جواب ڏيئي ڇڏيو ته نظر
بحال ٿي ڪانه سگهندي. هي ته منهنجي زندگي ۾ وڏو
انقلاب هو. سوچ جو نئون سفر شروع ٿي ويو.
نظر
کان محرومي سا به ڦوهه جواني ۾، اهو سڀ ڪجهه ذهن
مڃڻ لاءِ تيار ئي ڪونه هو. اڃا شادي کي ٽي سال مس
ٿيا هئا. بهار جا گل اڃان پوريءَ طرح ٽڙيا ئي ڪا
نه ها ته پت جهڙ اچي پاسو ڏنو.
پهريائين علم و ادب سکڻ لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪئي ۽ هاڻي
وري؟ ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن جا چڪر ڪاٽڻا پيا. اهڙا ڀاڳ
اَڀاڳا جو وڏا وڏا ڊاڪٽر منهنجي مرض کي سمجهي ڪونه
سگهيا. انهيءَ احساس مون کي لکڻ پڙهڻ ۽ سوچ جي
سهڪار سان پاڻ کي سمجهڻ جو موقعو ڏنو. ڳولڻ سان ته
خدا به ملي ويندو آهي، سو مون کي غور ۽ فڪر سان
سهپ جي ساڃاهه ملي وئي. ايئن لڳو ته، هر ماڻهو هن
دنيا ۾ پنهنجي پنهنجي حصي جا سور سهڻ لاءِ آيو
آهي. اهي سور، ڏک ۽ تڪليفون ته ملڻيون ئي ملڻيون
آهن، واويلا مچائڻ کان بهتر آ ته مصيبت جو مڙسي
سان مقابلو ڪجي پنهنجن ڏکن کي ڏيهه جي ڏکن سان
ڀيٽڻ گهرجي ته پنهنجو ڏک وسري ويندو.
جڏهن
سرير جي هڪ هڪ سنَڌَ کي تڪليف رَسي ٿي تڏهن روح جي
راحت جي ڳولا شروع ٿئي ٿي. ايئن انسان پنهنجو پاڻ
کي دريافت ڪري سگهي ٿو. مشاهدي، تجربي، مطالعي ۽
انيڪ احساسن جي انهيءَ سمنڊ کي شاعري جي ڪوزي ۾
قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
پڙهندڙن کي وينتي آهي ته پنهنجن ڪارائتن مشورن سان
ليکڪ جي رهنمائي ڪندا ته جيئن آئنده برهه جي بٺيءَ
۾ رجيل لوهه کي جديد جذبن ۽ لطيف احساسن جي خام
مال سان وڌيڪ پاڪ ۽ پوتر ڪري قيمتي رُڪ بڻائي
سگهجي.
آخر
۾، مان ٿورائتو آهيان، مانواري اڳوڻي صوبائي سينئر
وزير صحت ۽ ايڊووڪيٽ عبدالوحيد ڪٽپر جو، جن پنهنجو
قيمتي وقت سيڙائي منهنجي شاعري ڏٺائون، جتي جتي
ضرورت هئي، اصلاح به ڪيائون.
نصير
سومرو
ڪراچي
9
جون 1997ع
ٻه اکر
فارسيءَ ۾ چوڻي آ ته
”شاعريست- نصف پيغمبري“
معنيٰ ته شاعرن کي جيڪڏهن ”اڌ پيغمبر“ ڪري ڪوٺجي
ته ان ۾ ڪا خطا ڪانهي، پر مٿيون لقب هر ڪنهن ٽنڊو
ٽهڪڻ يا ٺڙڪائو شاعرن لاءِ ڪونهي ۽ صرف انهن عظيم
شاعرن لاءِ آهي. جن جي شاعري ڪا رواجي شاعري ناهي.
مثال
طور: اسان جي سنڌ جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي
رح ڏانهن مٿيون لقب منسوب ڪجي ته ڪنهن به حالت ۾
غلط ڪونه ٿيندو مان ته وڏي ادب سان هٿ ٻڌي، اديبن،
شاعرن ۽ محققن آڏو ببانگ دهل وڄائي عرض ڪندس ته-
”شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جهڙو عظيم شاعر اڄ
ڏينهن تائين نه ته ڪو پيدا ٿيو آهي ۽ نه وري ڪو
پيدا ئي ٿيندو.“
ڇا
ڪاڻ جو جيڪو باريڪ ترين مشاهدو وطن پرستي انسان
دوستي ۽ فصاحت توڙي بلاغت، لطيف رحه جي شعر ۾
سمايل آهي، اهڙي ڪابه ڳالهه ٻين شاعرن جي شعر ۾
ڪانهي ۽ شاهه ڀٽائي رح جي شعر جي اکر اکر ۾
بلنديءَ جا ڀنڊار عظمت جا شاهڪار ۽ قرب جا مينار
ڀريا پيا هِنِ.
سو
هڪڙي پاسي اهڙا عظيم انسان ۽ عظيم شاعر آهن ۽ ٻئي
پاسي وري اسان پار- ٺڙڪائو شاعر به آهن جن جي بي
معنيٰ ۽ بي تڪي شعرن سان ڪتاب ڀريا پيا آهن شعر
سٺو هجي نه هجي، ڪم ازڪم ڪتاب ته ڇاپجي ويو! گاڏي
هلي نه هلي وَٺُ رينگٽ کي!!
گهڻو
ڪري شاعر پنهنجي هيانَوَ جي باهه ڪڍي شعر چوندا
آهن. پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ته تمام سٺو شعر به چئي ويندا
آهن. محترم نصير سومري جو تعلق خيرپور ضلعي ساڻ
آهي تنهن ڪري مان کيس اُترادي ڪري چوندس. هڪڙي
حساب سان سنڌ ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. سِرُ يعني
اُتر، وچولو ۽ لاڙُ. آءٌ به آهيان اترادي همراهه
به آهي اُترادي، انهيءَ ڪري سندس شعر ۾ اُترادي
زبان وڌيڪ ڪم آندل آ. مٿيون ورهاڱو ڪو سياسي يا
اقتصادي ورهاڱو ڪونهي. پر ادبي ثقافت ۽ زبان جي
ٿوري گهڻي فرق جي لحاظ سان اهي ٽي حصا ٺاهيا
اٿائون، پر هڪڙي ڳالهه ضرور چئبي ته جيترو ۽ جيڪو
ادب لاڙ ۾ آهي. اوتروئي ادب اسان اترادين ۾ ڪونهي.
وچولو وري علم جي لحاظ کان ساهتي ڪري سڏبو آ. جو
هتان جا ماڻهوگهڻو ڪري پڙهيل ڳڙهيل هوندا آهن.
اسان اترادي جهيڙي ڪرڻ ۾ مڙئي تڪڙا هوندا آهيون ۽
سياست مڙئي سِري ۾ وڌيڪ آ. خير!
نصير
صاحب سان ڪجهه عرصي کان ياراڻو آ، وقتاً وقتاً
هلڪيون سلڪيون ملاقاتون ۽ ڪچهريون ڪندا آهيون
اسٽيل مل ۾ ملازمت اٿس، لوهه ۽ رڪ کي ڳاري پاڻيءَ
جهڙو ڪرڻ وارو هي شخص اصولن جو به اهڙوئي سخت ۽
پڪو آ پر ماڻهو مخلص آ، هڪڙي ڏينهن ڳالهين ڪندي
چيائين ته
سائين منهن جي دل ٿي چوي ته مان شاعري ڪريان توهان
جو ڇا خيال آ؟“
مان
جواب ڏنومانس ته
”ڀلا
شعر چوڻ يا شعر پڙهڻ ۾ ڪو گناهه آ ڇا؟“
چيائين ته- نه،
”ته
پوءِ کڻي بسم الله ڪر، دير وري ڇاجي؟“
پوءِ
ته همراهه پنهنجي ڪم کي لڳي ويو ۽ هڪ هڪ ڪري ايترو
ته مواد چئي ويو جو ڪتاب ۾ ڇپائي سگهجي، مان ايئن
به ڪونه ٿو چوان ته ”نصير“ صاحب جو شعر تمام اوچي
پائي جو آ- پر ائين به ڪونه چوندس ته صفا چٽ آ-
سندس شعر ۾ ڪافي رواني ۽ پختگي آ ۽ ڪي ڪي شعرن جا
ٽڪرا ته ڏاڍا وڻندڙ ۽ معنيٰ خيز آهن.
سندس
ڪوشش مان ائين پيو محسوس ٿئي ته اسان جي يار سان
زماني وفا ته ڪانه ڪئي آ پر مٿئون جفا ڪئي اٿس.
اوهان پاڻ ٿا ڄاڻو ته سواءِ ڪن چند يعني ٿورڙن
يعني آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن سا زماني وفا ڪئي
آ- نه ته زماني هر ڪنهن سان ڪانه ڪا جفا ضرور پئي
ڪئي آ تنهن جي ڪي ”نصير“ صاحب جيڪڏهن زماني کان
شڪايت ڪئي هجي ته ڪهڙو ڏوهه ڪري وڌائين. ڇو جو
زماني جو ته نالو ئي آهي ”جفا، دغا، ويساهه گهاتي،
بي مروتي ۽ اکين ٻوٽائي!“
توهان کي ته خبر آ ته سقراط جهڙي عظيم مفڪر پڻ چئي
ڏنو ته-
”اي
منهنجا مالڪ ۽ موليٰ تون مون کي منهنجن ئي دوستن
کان پناهه ڏي باقي پنهنجن دشمنن ساڻ مان پاڻ ئي
نبري ڄاڻان“!
هاڻ
انهيءَ کان اڳ جو هي تعارفي سلسلو شيطان جي آنڊي
وانگر ڊگهو ٿي وڃي، تنهن ڪري مٿين ڳالهه کي بريڪ
هڻي، ”نصير“ صاحب جي شعرن مان ڪجهه شعر هيٺ عرض ٿو
رکان. جنهن مان سندس حب الوطني، انسان دوستي،
سچائي ۽ غلط ڳالهين خلاف هڪڙي قسم جو هلڪو سلڪو
انقلابي احتجاج نظر ايندو ۽ محسوس ٿيندو ته همراهه
به ڪو ”دل جليو“ جوان آ.
نصير
صاحب ٿو چوي ته-
ڪٿان
محبت اُڌار آڻيان،
دنيا
ٿي نفرت ۾ ناس ڏِسجي.
اڃان
نه سمجهي سگهياسي جيون،
عمر
ٿي ساري اداس ڏسجي
سماج
جيڪو وڻئي ڪري وٺ،
وهي
نه سگهندو ٻيو آب مونکان.
ازل
کان خواهش ”نصير“ سڀ جي،
وري
وري ٿي واکاڻ گهرجي.
قرآن
سان بس ڪرائي شاديون،
وهاري نياڻيون ڇڏن ٿا ماڻهو.
”حساب“ يا ”جِنُ“ انهيءَ دوکي ۾
وڃائي عزت وهن ٿا ماڻهو.
مڙس
هجي ڪيئن به ”نصير“
زال
کپي پر جَتي سَتي.
چپي
چپي تي سنڌ سڄيءَ ۾
ڪوئلي، گئس ۽ تيل جي ڀيلَ
منهن
منافق جو سدا دانگيءَ تَرو،
ڪنهن
نه ڪنهن شاطر جيان.
معاشري کي ڪيئن ٿو آخر وڻي!
ٻارَ رستن تان پنا ميڙن پيا.
دل
ٿي چاهي هن دنيا جي ميڙ ۾
ڪا
گهڙي ويهي پکيءَ جيان ڳائجي
اوڙو
پاڙو ڇا، دنيا ئي تنگ آ،
شل
نه نڪ تائين پوڍايو ڍائجي.
شاعري ناهي شوق ”نصير“
ڏات
ڏکن جي ذات منجهان.
دوغلي دنيا جنهن ۾ ”نصير“
ڪو
به نه ڪنهن جو ڪير سدائين
ڪنهن
عدم ڪونهي ڏٺو پوءِ ڀي ”نصير“
ڏيهه
۾ ڏهڪاءُ ايڏو ڇو ڀلا؟
ملهه
ويڙهائي
ڪڪڙ
ويڙهائي
تتر
ويڙهائي
سوئر
ڪتا رڇ ويڙهائي
ماڻهو ماڻهن ساڻ ويڙهائي
دل
وندرائي!
ورنه
وڏيرو ڪيئن سڏائي؟
ڏِسي
رنگ اڪثر ڀليا سي ”نصير“
سرنهن جهڙي ڪاٺي به ٽالهي آ ڪِٺُ ۾.
هلي
ٿو لٺ جي سهاري پوڙهو
تڏهن
به جوءِ ٿي جوان گهرجي
اڄ
لاش لڀن ٿا ٻوريءَ ۾،
ڪچري
يا ڪنهن موريءَ ۾.
ڏاڍي
جي لٺ کي مٿا ٻه آهن
تڏهن
ته عزت وڃي ٿي لٽجي.
حلال
توڙي حرام پيسو
هجي
ته معزز جناب سڏجي
غريب
ڪاڏي وڃن ٻڌايو
اهو
به ڪنهن کان سوال پڇجي
جاڳي
پيا سڀ سور ”نصير“
چارڻ
چوريو چنگ ائين.
نوڪريءَ ڪاڻ وزيرن جا
ڇڙٻون ڇُوههَ ۽ دڙڪا مليا
رڙي
رَڙي ٿا ڪري پون سي
قبر
کان ڇا ڇا گهرن ٿا ماڻهو.
کوکلا نعرا هڻي ڪاڏي ويا؟
انقلابن جا ڏيکاري خواب ڪي.
ڀل!
نتيجو ڇا به نڪري پر ”نصير“
پير
مڙساڻيءَ جُتيءَ ۾ پائجي
ڪير
آهيان؟ ڪنهن نه ڄاتو پر ”نصير“
شاعريءَ سان ڪجهه ويس مشهور ٿي.
ڌرتيءَ منهنجو رشتو
نينهن نرالو ناتو،
آخر
ڇا جي ڪاڻ؟
تنهن
جي مرضي تون ئي ٿو ڄاڻي ”نصير“
مون
وفا جا واعدا پاڙي ڇڏيا
واپس
منهن ۾ ڪا نه وري
ڳالهه جا نڪتي وات منجهان
غربت
سڀ کان ڏوهه وڏو،
جنهن
نه جواب سو سوال لڳي.
هؤش
۾ دنيا ڏسڻ جهڙي نه آ،
ٿو
رهان تنهن جي ڪري مخمور ٿي.
ماڻهن کي پو مارين ٿو؟
جيون
سڀ کي گهارڻ ڏي.
تنهنجيءَ مُٺ ۾ امن اسان جو،
واپس
ڪنهن جي ڪارڻ ڏي.
دنيا
چئبي ناٽڪ رنگ،
ڪوڙي
جنهن جو هڪ هڪ ڍنگ،
رشتا
ناتا نانگن جهڙا،
مرڪي
مرڪي هڻندا ڏنگ.
ماءُ
جڏهن ڪا رئندي آ،
عرش
لوڏائي وجهندي آ،
روز
شهر جي شام اُهائي،
شامِ
غريبان لڳندي آ.
سنڌ
ڌرتي سان امن جو واسطو،
چنڊ
سان چئجي جيئن چانڊاڻ جو،
آب
ڪوثر جي تمنا لوڪ کي،
مان
گهران پاڻي مٺو مهراڻ جو.
زندگي موت جي خوف ۾،
مبتلا روز ڏسجي الا!
ڪاش!
مهلت ملي ايتري،
موت
جو موت ڏسجي الا!
آزاد
گهمن ڏوهي، بي ڏوهي سزا ڀوڳن،
جت
دانهن دُکي دانهي، تعذير لڳي ظالم،
هت
رات اڃان ڪاري، هت خوف اڃان طاري،
هڪ
ڏينهن ڏياٽيءَ جي تنوير لڳي ظالم.
آخر
۾ عرض ڪبو ته ”نصير“ صاحب جي ڪتاب جو جيستائين
مڪمل اڀياس نه ڪبو تيستائين سندس خيالن ۽ جذبن جي
ڄاڻ ڪانه پوندي.
عبدالوحيد ڪٽپر
ائڊووڪيٽ
لاڙڪاڻو ۽ ڪراچي
مهاڳ
پهاڪن ۽ چؤڻين جو شاعر- نصير سومرو
مون کي لڳي ٿو ته هر شاعر پنهجي تحت الشعور ۾ کورو
يا بٺيءَ ( (Fire
Place) جوڙي،
تخليقي عمل ۾ هر قسم ۽ تورَ ماپ جون سرون (Bricks) پچائي،
آڻي ٿو سماجي اڏاوتن لاءِ اسان جي اڳيان رکي ڪي
ساديون سرُون ته ڪن تي چٽسالي ٿيل ۽ ڪي ڪاشيءَ جي
سِرُن جي ڏِک ڏيڻ لڳن ٿيون.
منهنجو مٿيون سِرُن جو استعاري اشارو (Metaphorical
gesture) شاعر
جي ڪتب ايندڙ اسلوب (Diction) ڏانهن
آهي، جنهن ۾ سادين توڙي ڪاشيءَ جي سِرُن وانگر
شاعر تخليق جي آڏاڻن تي ويهي ٿو شاعريءَ جا تاڪين
مٿان تاڪيا آڻي، تيار ڪري.
اسان وري به اچي ڪورڪيءَ ڪار ڪرت جي استعارن ۾
ڦاٿا آهيون. آڏاڻن جي ٿانن ۽ تاڪين مان منهنجو
مطلب شاعريءَ جي وکر ۽ ورجيسن جو آهي، يعني بيت،
وايون، گيت، غزل، ڪافيون، قطعا هائيڪو، ترائيل،
پابند ۽ آزاد نظمن جو سرجڻ، جنهن ۾ تخليق جو فڪر!
اظهار جي قوت، ٻولي، تخيل، سان گڏ محاورن، علامتن،
تشبيهُن، تمثيلن ۽ اشتعارن جو استعمال به اچي ٿو
وڃي.
مشاهدي، مطالعي ۽ تجربي جي آڌار تي شاعريءَ ۾ مٿين
خوبين ۽ وٿن جو جڏهن ڀرپور استعال ٿئي ٿو، ته پوءِ
ان قسم جي شاعري سگهارن قدرن واري شاعري (Thigh -Valued
Poetry) ٿي
سڏجڻ ۾ اچي، ۽ پوءِ عام ۽ خاص ماڻهن تائين پهچڻ
کانپوءِ، اهڙي شاعري ضرب المثل يعني پهاڪن يا
چوڻين (Sayings) طور
ڪتب اچڻ لڳي ٿي، جنهن جو واهپو ۽ وهنوار عام
زندگيءَ سان لاڳاپيل هجي ٿو.
نصير سومري جي شاعري مٿينءَ خوبي يعني چؤڻين (ضرب
المثل) جي طلسم سان تري کان ٻُوچ تائين ڀريل آهي،
جا هر ڪنهن شاعر جي سڃاڻپ نٿي ٿي سگهي. سندس شاعري
بلوغت (Maturity) واري
اُتم درجي تائين اڃان نه پهتي آهي، پر پوءِ به ضرب
المثل جو ڪتب اچڻ نصير جي ڳوٺاڻي مشاهدي ۽ ڏاهن ۽
ڏات ڌڻين سان ڪچهريون ڪرڻ ۽ وٽائن ڪجهه حاصل ڪرڻ
جو پڪو پختو ثبوت آهي.اها منزل شاعر تڏهن ئي ماڻي
سگهي ٿو، جڏهن هوُ هن ڪائنات جي کُليل ڪتاب جي ورق
گردانيءَ کان وٺي، تاريخ، قوم، ٻولي ۽ ثقافت جي
رمزن خوبين ۽ لاڙن کان واقف هوندو آهي ۽ سندس دل ۽
دماغ تي اهرن وٿن جي سوُنهن جو قبضو هوندو آهي.
نصير سومري جو منهنجي ڄاڻ موجب پڙهندڙن تائين اڃا
هڪ ڪتاب به نه پهتو آهي. هن پهرين شعري مجموعي
”پرهه ڦٽيءَ جا ماڪ ڦڙا“ ۾ چؤڻين جو تيزيءَ سان
اُڀري اچڻ، سندس آئينده لاءِ نيڪ فال آهي. ڪن، ڪن
سٽن ۾ اهڙو ته رچاءُ آهي، جو وزن ۽ شعر جي فني
خوبين جو هڪ دفعو مطالعو ڪري، ٻئي ڪتاب جي مواد
تيار ڪرڻ جي جڏهن تياري ڪندو ته سندس شاعري اسان ۽
توهان کان زوريءَ مڃتا حاصل ڪندي. اچو ته ڪڙيءَ
رسيل سٽن کي پڙهي ڏسون:
عمر گهري ٿي حساب مونکان
گهڙيءَ گهڙيءَ جو جواب مونکان
زندهه وليءَ کان ڀڄن ٿا ماڻهو،
مري وڃي پوءِ جهُڪن ٿا ماڻهو.
ڪڏهن جهالت ختم به ٿيندي؟
”نصير“ کان ڪي پُڇن ٿا ماڻهو
تو بن ڪهڙا تيل، ڦليل
ماڻهو منافق ڪوڙا ميل
ماءُ جي ممتا پئي ڇوليون هڻي،
ٻار رستن تان پنا ميڙين پيا.
ڌنڌلو آ واءُ، ايڏو ڇو ڀلا؟
ذهن ۾ ٽڪراءُ، ايڏو ڇو ڀلا؟
جنهن جي پيرن هيٺ جنّت ٿي هجي،
سا سهي سڀ ماءُ ايڏو ڇو ڀلا؟
سون ڳاريل ڪنهن بٺيءَ مان روشني پيلي ڏني،
جنهن ڪري هر شيءِ به جهڙي سون ٿي لڳندي رهي.
اڄ به عورت سان دنيا جي سونهن ٿي وڌندي رهي.
آس آهي ته نصير جي ڪلڪ ۾ شل اهڙي طاقت پيدا ٿئي،
جو ڪَوتا راڻي ڪاڪ جي مومل بڻجي سندس انتظاري ۽
اوسيئڙي ۾ ڪاڪ وڻن تان ڪانگ اُڏائيندي رهي ۽
قلوپطرا ڪٿان رستو ڀلجي نصير لاءِ هنڱورجن مان
پُڇائي اچي، مائي ڪالاچيءَ جي بستين ۾ پهچي، کيس
وارن جي ڇانوَ ۾ وهاري، کائونس غزل ۽ وايون لکائي
۽ پوءِ نصير لاءِ اسان هيئن چوڻ تي مجبور ٿيون.
هنِ ڪاريگر جي ڪهڙي صفت! جو حُسن جي هاڪ وڌائي ٿو،
جو چَڪ َ ۽ مِٽيءَ جو مان رکي، هر سُهڻي پار پڄائي
ٿو.
تاجل بيوس
Tajal`s Nest
A-3 Pioneer Homes
KDA Scheme No.33
Super Highway
Karachi (Sindh) |