سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: پرهه ڦٽيءَ جا ماڪ ڦُڙا

باب

صفحو :2

زل

 

 

باتِ وڌي وئي باتِ مَنجهان،

شورُ مَچِي ويو سانتِ مَنجهان.

 

مينديءَ تي وئي ميندي لڳي،

گولي هَلي بارات منجهان.

 

جگنو جي ٽِم ٽم تي ڪڏهن ڪا،

راههَ نه مِلندي راتِ منجهان.

 

شل! نه اَسُونهي دل به هجي،

ماتِ مِلي ٿي ماتِ منجهان.

 

واپس مُنهن ۾ ڪانه وَرَي،

ڳالهه جا نڪتي وات مَنجهان.

 

شاعري ناهي شوقُ ”نصير“

ڏاتِ ڏکن جي ذاتِ مَنجهان.

 


 

 

غريبن جو سڀ ڪجهه وڏيرن جي مُٺ ۾،

بگهڙ جهڙا ٺَٺَ ۾، رڍن ساڻ جُٺ ۾.

 

سُڃاتا سُڃاتا، لِڪَل نانگ ٻِر ۾،

اِجهو ڄاڻ آيا سڀئي ويرِي وٺ ۾.

 

ڇپر ڇانوَ اهڙِي، جُتيءَ نوڪَ رکجي،

حوسَ ٿئي نه پورِي ته هَٿُ آههِ لَٺ ۾.

 

پڙهو! نِرڙ جون ڪجهه ريکائون چون ٿيون،

ننڍيءَ عُمرِ جا ٿا، لڳن ٻارَ سٺَ ۾.

 

ڏسي رنگُ اڪثر، ڀُلياسين ”نصير“،

سِرنهه جهڙي ڪاٺِي به ٽالِهي آ ڪِٺ ۾.


 

 

عمر گهُري ٿي حسابُ مونکان،

گهَڙِيءَ گهَڙِيءَ جو جوابُ مونکان

 

اڃان معافيءَ جي اميد ساڳي،

توڙي نه ٿيو ڪو ثوابُ مونکان.

 

وَرِي وَرِي ٿو پيئان اکين مان،

ڇُٽي نٿو هِي شرابُ مونکان.

 

فڪر سوچون ڏيو، ريجهائي مون کي،

رُسِي ويو آ شبابُ مونکان.

 

سماجَ! جيڪو وڻئي ڪَري وَٺ،

وَهِي نه سگهندو ٻيو آبُ مونکان.

 

پُورو نه ٿئي جو، انهيءَ کان بهتر،

کسي وڃي ها، تون خوابُ مونکان.

 


 

 

نئون زمانو، نواڻ گُهرجي!

سماج ۾ ٿي سُڃاڻ گهرُجي!

 

ڀلي نه مِلجي، رهون پري ئي،

وِڙهي ڦِٽائڻ ڇا ڪاڻ گهرُجي؟

 

دنيا ڏِٺي سون، مزو نه آيو،

رڳو اوهان جي رهاڻ گُهرجي.

 

وئين وَهائي ڇا نيڻَ منهنجا،

چَپن جي چاهيم آلاڻ گهرجي.

 

هَلي ٿو لَٺِ جي سَهاري پوڙهو،

تڏهن به جوءِ ٿي جواڻ گُهرجي.

 

ڊِڄِي دنيا کان رهي نه سگهبو،

مڃڻ نه بيجا ڪا آڻ گهُرجي.

 

ازل کان خواهش ”نصير“ سڀ جي،

ورِي وِري ٿي واکاڻ گهرُجي.

 


 

 

اڄ لاشَ لڀن ٿا ٻورِيءَ ۾،

ڪچري يا ڪنهن مورِيءَ ۾.

 

ماءُ جي هنج جان امن کپي ٿو،

ٻارَ سُمهن جيئن لورِيءَ ۾.

 

شهرُ وڏو پر، آنءُ اڪيلو،

دلبر تو بِن جِهوريءَ ۾.

 

پيٽ ته پاپي ڀرڻو آهي!

زوريءَ يا چورِيءَ ۾.

 

سُونهن نظر ۾ ڳولِ ”نصير“،

ڪارِيءَ يا گورِيءَ ۾.


 

 

سَڏي سَڏي آ پيو ڪو ٿڪجي!

ويو نِڙيءَ ۾ آواز گهُٽجي!

 

ڏاڍي جي لَٺَ کي مَٿا ٻه آهن،

تڏهن ته عزّت وڃي ٿي لُٽجِي.

 

ملاکڙي جو ميدان جيون،

وڙهي وڙهي ٿو وڃي ڪو دَسِجي.

 

پهاڙَ ڌرتيءَ مٿان اُهي ئي،

جوانَ ڳڀروُ وڃن ٿا مِٽجِي!

 

”نصير“ ڇو ٿو سهارا ڳولين؟“

اڪيلو ڪوئي ويندو نه رهجي.

 


 

عجب انوکو رواج ڏِسجي،

غريب ڏوهِي سدائين سڏجي.

 

حلالُ توڙي حرام پئسو،

هجي ته معزز جنابُ سڏجي.

 

غريبَ ڪاڏي وڃن ٻُڌايو؟

اهو به ڪنهن کان سوال پُڇجي.

 

نظر نظر ۾ حوسَ ڀري آ،

حياءَ نه ڪنهن جي اکين ۾ ڏِسجي.

 

دلين ۾ نفرت رکي آسانڍي،

اِئين نه مِلڪيت سنڀالي رکجَي.

 

جڏهن وَڏِائي ”نصير“ ايندِي،

عقل کي چئبو لغامُ وجهجي.

 


 

 

جوٽِي جڳَ سان جنگ اِئين،

ڪوئي ڪنهن کان تنگ اِئين.

 

آواره ڪنهن ٻارَ جيان،

دنيا آ بي ڍنگ اِئين.

 

جذبا روز ٿا اغوا ٿين!

ڪيسين؟ ڀَرجي ڀُنگ اِئين.

 

رشتا گهاٽا، رَتُ ڇڊو،

نانگُ هِڻي ويو ڏنگ اِئين.

 

جاڳي پيا سڀ سُور ”نصير“،

چارڻ چوريو چنگ اِئين.

 

 


 

 

باهه کان وَڌ ڀَڙڪا مِليا،

وِڄَ وڏَا ڪَڙڪا مِليا.

 

رات جي ڪُک ۾ چور جيان،

ساڳيا اڃان کَڙڪا مِليا.

 

نوڪريءَ ڪاڻ وزيرن جا،

ڇڙٻيون ڇوههَ ۽ دڙَڪا مليا.

 

پاڻ چِتا ٿا پنهنجي ساڙيون،

دادُ نه ٿيو ٿِڙڪا مليا.

 

رَتُ کائي ٿو جوش ”نصير“،

ٻاڦَ نه پر، ٻَڙڪا مليا.


 

 

زندهه وَلِيءَ کان ڀڄن ٿا ماڻهو،

مَرِي وڃي پوءِ جُهڪن ٿا ماڻهو.

 

رڙي رڙي ٿا ڪِري پون سي،

قبر کان ڇا ڇا گهُرن ٿا ماڻهو.

 

مانِيءَ ڳڀو ڪو لڀي نه گهر ۾،

چندو پيتيءَ ۾ وجهن ٿا ماڻهو.

 

قرآن سان بس! ڪرائي شاديون،

وهاري نياڻيون ڇڏن ٿا ماڻهو.

 

حِساب يا جِنُ! انهي دوکي ۾،

وڃائي عِزت وِهن ٿا ماڻهو.

 

ايڪيهين صديِ آ، سُجاڳ ٿي وڃ!

مَرِيخ تي ڏِس! وڃن ٿا ماڻهو.

 

ڪڏهن جهالت ختم به ٿيندي،

”نصير“ کان ڪي پُڇن ٿا ماڻهو!


 

 

رڻ ۾ جهڙي رَيت تَتي!

ڍُونڍَ مٿان ڪا ڳِجههَ ڇِتي.

 

هر ڪنهن مِلڻِي جيون ۾ آ،

سُورن پنهنجِي پنهنجِي پَتِي!

 

اينديَ وينديَ تو ڏانهن پرين،

گسجِي وئي آ منهنجِي جُتِي!

 

سِيجَ سُکن جي تون ئي ڄاڻ،

مون ته ڏکن جي واٽَ وَتي!

 

مڙسُ هجي ڀل! ڪِيئن ”نصير“،

زال کپي پر سَتي جَتي!


 

 

تو بِن ڪهڙا تيل ڦليلَ!

ماڻهو منافق ڪوڙا مَيلَ!

 

ڏاڍُ اڃان ڏهڪاءُ ڏِسان ٿو،

ساڳيا ويريِ ساڳيا وَيلَ!

 

چَپي چَپي تي سنڌ سڄيءَ ۾،

ڪوئلي، گيس ۽ تيل جي ڀَيلَ!

 

پاڻي پنهنجو، بجلي پنهنجي،

لوڊ شيڊنگ ڇو؟ ايڏي هَيلَ!

 

پنهنجا پراوا گڏجي ”نصير“،

روز انوکا کيڏن کيلَ!

 

 


 

 

دنيا لئه اهڙي زمين چاهيان،

وَهي نه رَتُ ڪو يقين چاهيان.

 

نظر نظر لئه نئون نظارو،

حَسِين کان وَڌ حَسِين چاهيان.

 

ڦري لُٽي ڪو سگهي نه ٻيهر،

تڏهن ٿيڻ ٿو ذهين چاهيان.

 

عدلُ عدالت ڪندي نه قائم!

ٿو مڙسُ مانجهي امين چاهيان.


 

 

 

توکي آئيني جيان ڏسندو رهان ڏسندو رهان،

پاڻ کي تو ۾ پيو پسندو رهان پسندو رهان.

 

 

ڇو؟ ٻنيون ٻارا سُڪِي سُڪندا وڃن ويران ٿي،

ڪاش! مان پاڻي هُجان، وَهندو رهان وَهندو رهان.

 

 

دَرَ ۽ ديوارون اُوچون، ڪي ڪن ٿيون روڪي سگهن،

ٿِي هَوا، تنهنجو بدن ڇُهندو رهان ڇُهندو رهان.

 

 

آسمانن تي دنيا ڏِسجي مَتان بهتر هجي!!

ڪيئن؟ پهچِي ٿو سگهان، پُڇندو رهان پُڇندو رهان.

 

 

 

ٻارَ گُلڙن کان به سُهڻا، ٿي اڃان ڄڻندِي رهي،

اڄ به عورت سان دنيا جي سونهن ٿي وڌنديِ رهي.

 

 

پَنَ پَتا وڻندڙ وڻن جا، يا مِٺا ميوا هُجن،

سونهن جو سينگار ڏِسندي، ٿي نظر کُپنديِ رهي.

 

 

ڏِس! مهيني ڀر چانڊوڪي، ٿي رهي گهٽ وڌ اِئين،

لَڄ ڪنواريپَڻَ جي جهڙِي لوڪَ کان لِڪندي رهي.

 

 

سونَ ڳاريل ڪنهن بَٺيءَ مان روشني پيلي ڏني،

جنهن ڪري هر شيءِ به جهڙي سونُ ٿي لڳندي رهي.

 

 

ٻولَ ٻولن ماترائن ۾ پکي پيارا ”نصير“،

ڄڻ ڀٽائيءَ جي ڪا وائي ٿي ورِي وَرندي رهي.

 


 

 

جيستائين لونء نه ڪنهن سان لائجي،

ڇا به ٿئي پر دل نٿي گهٻرائجي.

 

دل ٿي چاهي هِن دنيا جي ڀيڙ ۾،

ڪا گهڙي ويهي پکيءَ جان ڳائجي.

 

اهڙي آخر ڇا نذاڪت تو سِکي،

شرم توکان ٿو پيو شرمائجي.

 

اوڙو پاڙو ڇا دنيا ئي تنگ آ،

شل نه نڪ تائين پوڊاهو ڍائجي.

 

ڀل! نتيجو ڇا به نڪري پر ”نصير“،

پيرُ مڙُساڻي جُتيءَ ۾ پائجي.

 

پنهنجي گهَرَ ۾ ئي چڱا آهيون ”نصير“،

دَرُ به ڪنهن جو ڇا وڃي کڙڪائجي.
 

 

لِک لِکان ۾ ڪَئي پنا ڦاڙي ڇڏيا،

جَوشَ جذبا سڀ جڏهن ساڙي ڇڏيا.

 

 

نيڻَ خالِي گهَرُ ڪِرائي لئه جيئن،

روز روئي لڙڪ ڪنهن ڳاڙي ڇڏيا.

 

 

تنهنجي مرضي، تون ئي ڄاڻي ٿو سگهين

مون وفا جا واعدا سڀ پاڙي ڇڏيا.

 

 

ڪجهه چوڻ جو وقت ڪونهي اڄ ”نصير“

خيال لفظن ۾ کڻي گهاڙي ڇڏيا.

 


 

 

سَيرَ تي سَوا سَيرُ سدائين،

پنهنجي ڪَنڌَ تي پَيرُ سدائين!

 

هِيرو هر هنڌ ڪو نه لڀي ٿو،

ڍونڍُ جِتي ڪٿ ڍَيرُ سدائين!

 

ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ يادون اهڙيون،

ڀُونءِ ڦِري چوڦيرُ سدائين!

 

سسئيءَ پهريون ڄاڻ نه ڪائي،

ويرِي وڏو ڇو ڏَيرُ سدائين!

 

دوغلي دنيا، جنهن ۾ ”نصير“،

ڪو به نه ڪنهن جو ڪَير سدائين.

 


 

 

چنڊُ جيڏو ٿو وِشالُ لڳي،

ايڏو وسيع شل! خيالُ لڳي.

 

گهَرَ جون راڻيون، شڪ ۾ ڪاريون،

[1]ڊائنا! هجرو وصالُ لڳي.

 

غربتَ سَڀَ کان ڏوههُ وڏو،

جنهن نه جواب سو سوالُ لڳي.

 

ڏاٺِر! ڇو ٿو ڏندَ ڀِڪوڙين،

مُرَڪِي ڏِس! ته مثالُ لڳي.

 

ڪنهن جي جهَورِي جَهوري ”نصير“،

پل کن! پورو سالُ لڳي.


 

 

دل خيالن ۾ رَهيَ ڀرپورُ ٿي،

ڏُرتَ ڏولاوا وڃن سڀ ڏورُ ٿي.

 

دل سان گڏ گڏ دانهن ڪنهن کي ڏي اڳي،

دل لڳي ۾ هِي ويو دستورُ ٿي.

 

ڪَمَ هزارين، سي به ٿا ڪرڻا پون،

دل نه چاهي پر ڪجن مجبورُ ٿي.

 

هوشَ ۾ دنيا ڏِسڻ جهڙي نه آ،

ٿو رهان تنهن جي ڪري مخمور ٿي.

 

ڪيرُ آهيان؟ ڪنهن نه ڄاتو، پر ”نصير“،

شاعري سان ڪجهه ويس مشهورُ ٿي.


 

 

ڌُنڌلو آ واءُ ايڏو ڇو ڀلا؟

ذهن ۾ ٽڪراءُ ايڏو ڇو ڀلا؟

 

ڪا خوشِي خوشبوء مثل ڦِهلي نٿي،

پيڙا ۾ پڙلاءُ ايڏو ڇو ڀلا؟

 

وقت تي ڪوئي نٿو ويجهو اچي،

ٿو ڏيئن! ڏولاءُ ايڏو ڇو ڀلا؟

 

جنهن جي پيرنَ هيٺِ جنَت ٿي هجي،

سا سَهي سڀُ ماءُ ايڏو ڇو ڀلا؟

 

جڳ سڄي ۾ ماءُ جي ممتا جيئن،

ڪونهي ڪنهن ڪهڪاءُ ايڏو ڇو ڀلا؟

 

ڪنهن عدم ڪونهي ڏٺو، پوءِ ڀي ”نصير“

ڏيهه ۾ ڏهڪاءُ ايڏو ڇو ڀلا؟


 

 

سر سراهٽ سا هوائن ۾ نه آ!

گوڙ ساڳي ڇو گهٽائن ۾ نه آ؟

 

ڇا مري موکِي رڳو هڪڙي وئي،

مَئي اُها مستي سرائن ۾ نه آ!

 

رولُو بادل رت ڀر رُلندا رهن،

چنَڊُ چوڏيهن جو نِگاهن  ۾ نه آ!

 

ٻارَ جي هڪ ٽهڪ ۾ جيڪا خوشي،

سا ته جلون ۽ ادائن ۾ نه آ!

 

گيت ٿا گونجارجن گهر گهر ”نصير“

پر اثر ساڳيو صدائن ۾ نه آ!

 

 


 

 

تو زلفَ سنواريا ڇا! زنجيرَ لڳي ظالم،

دل قيد ڪيئي اهڙي. تدبيرَ لڳي ظالم.

 

بي انتُ محبّت جو، انجامُ اِهو نڪتو،

تون دور ٿئين تنهنجي، تصوير لڳي ظالم.

 

يادن جي سهاري تي، توبن به گذاريون ٿا،

سڀ زخم ويا ڀرجي، تاثيرَ لڳي ظالم.

 

ڇو ڀاڳَ آڀاڳا هِن پنهنجا ئي زماني ۾،

ڇا ڇا نه ڪيو ليڪن! تقدير لڳي ظالم.

 

آزادُ گهمن ڏوهي، بي ڏوهي سزا ڀوڳن،

جت دانهن دُکي دانهين، تعذيرَ لڳي ظالم!

 

هِت رات اڃان ڪاري، هت خوف اڃا طاري،

هڪَ ڏينهن ڏياٽيءَ جي! تنويرَ لڳي ظالم.


 

انتُ اچڻو آ اِجهو ڇڪتاڻ جو،

وقت ورڻو آ وري ڇنڊ ڇاڻ جو.

 

ٻي حياتي هير جهڙي من هجي!

هِت چکِي ڇڏجي مزو ٽانڊاڻ جو.

 

هن نئين تبديل ٿيندڙ دور ۾،

هُنَ بقالئه ڪجهه ته سينو تاڻجو

 

ڏس! شفق جي روشنيءَ ۾ انقلاب،

رَنگ جهڙو رَت جيان ڳاڙهاڻ جو.

 

سنڌ ڌرتي سان امن جو واسطو،

چنڊَ سان چئجي جِيئن چانڊاڻ جو.

 

آبِ ڪوثر جي تمنا لوڪ کي!!

مان گهران پاڻي مٺو مهراڻ جو.

 

ڇا ته ماڻهن مان ڇڏائي وئي شناس،

جو اٽي جو مرتبو سو ڇاڻ جو.

 

پاڻَ وانگر توکي ڀانيان ٿو ”نصير“

تنهنجيءَ سنگت ۾ مزو مانڌاڻ جو.


 

 

آواره ڪنهن بادل جهڙو،

تو بن آهيان پاڳل جهڙو.

 

تنهنجيءَ ياد جي گلشن مان ٿو،

واس وٺان مان گل ڦل جهڙو.

 

عشق الائي! ڪهڙي وٿ آ؟

جذبو جذبو دَلدَل جهڙو.

 

ساٿ ڏئين يا ساٿ ڇِنين تون،

پنڌُ به پنهنجو منزل جهڙو.

 

تنهنجيءَ ادا ۾ ڪهڙو اثر هو؟

ڪونه رهيو ڪو جهَل پل جهڙو.

 


 

 

 

ڇا نيڻَ ملائي ويٺو آهيان، ڄڻ جيءُ جَلائي ويٺو آهيان،

سڀ رازَ ٻُڌائي ويٺو آهيان، ڪو ممڻ مچائي ويٺو آهيان.

 

 

ڪوسيون ڪوسيون آهون ڀرجن، جنهن جون تِنهن جون ڳالهيون ٻڌجن

لڙڪَ اکين مان ڪِرندا رهجن، ڇا هوش وِڃائي ويٺو آهيان.

 

 

لوڪُ تماشو ڏسندو رهي ٿو، ڇو نه ڀلي گهر ڪنهن جو ڊهي ٿو،

پاڻي سر کان اونچو وهي ٿو، ڇا ڳالهه وڌائي ويٺو آهيان.

 

 

ڇا نازُ هيو اندازُ هيو، ڇا سازُ هيو آوازُ هيو،

هِي ته رڳو آغاز هيو، انجام ڀُلائي ويٺو آهيان.

 

 

جهيرُ نه هڪ هڪ جهَوري ٿو، ڪنهن ڀتر جيان بس ڀوَري ٿو،

ته به پير اڃان ڪو سَوري ٿو، آرام ڦٽائي ويٺو آهيان.

 


 

 

محبتن ۽ نفرتن جي درميان،

آدمي وحشي ويو ٿي الامان!

 

رونقون سي روشنيون ڪاڏي ويون؟

شهر منهنجو ڄڻ چمن ۾ آ خزان.

 

ڪالهه ظالم اڄ ڦري مظلوم ٿيا!

امن جا آهيو ڪٿي او پاسبان؟

 

بيوفا ۽ با وفا ٻئي پاڻ ۾،

هڪ نه ٿي سگهندا زمين و آسمان.

 

لڙکڙائيندي ڏسان ٿو زندگي،

درد جو هر آدمي آ داستان!

 

ڏک نٿو ڏسجي سگهي هن ڏيهه ۾،

امن شانتي آءٌ آڻيا پر ڪٿان؟

 

ڏوهه ڪهڙي جي سزا ايڏي ”نصير“،

دربدر آ دربدر سارو جهان.

 

 

هُو نظر ڪهڙي مِلائي ويو هليو،

برهه جو باندي بڻائي ويو هليو.

 

ڪاش! ٻيهر مان نهاريان ئي نه هان،

هُن ڏٺو هو، پر نٽائي ويو هليو.

 

اجنبي سان ڪا شڪايت ڇا ڪجي؟

يادون پويان هُو رهائي ويو هليو.

 

مان ته ساڳيو قرب جو قيدي اڃان،

جانِ پنهنجي هُو ڇڏائي ويو هليو.

 

ها دنيا دوکو ڪيو پر ڇا ڪجي!

هُو به راهن ۾ رلائي ويو هليو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org