سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: پرهه ڦٽيءَ جا ماڪ ڦُڙا

باب

صفحو :3


اچو، هٿ هٿن سان مِلايو ته مڃجي!

سڀئي فرق فرقا مِٽايو ته مڃجي!

 

 

مٿي کان وهي هيٺ پاڻي سدائين،

مگر شان تِنهن جو گهٽايو ته مڃجي!

 

 

وڌي نفرتن جا ويا فاصلا ڇو؟

قدمَ قرب جا ڪجهه وڌايو ته مڃجي!

 

 

گهڻي زندگي آ؟ خبر ڪهڙي ڪنهن کي،

کِلي پاڻَ ٻين کي کِلايو ته مڃجي!


 

 

ٻين جي حياتي جئندي جئندي!!

پنهنجو جيون وسِري ويو!!

 

ڪهڙو بچپن، ڪهڙي جواني؟

گل کان گلشن وسري ويو!!

 

درد مندن جا دردَ ڏِٺاسين،

پنهنجو دامن وسرِي ويو!!

 

پت جهڙ پل پل ساٿ نڀايو،

مون کان ساون وسرِي ويو!!

 

ايڏا ڪنهن! احسان جتايا،

سو ڀي مُحسن وسرِي ويو!!

 


 

 

هَوا ڄامشوري جي گهُلندِي رهي،

شهيدن جا مرثيا ٿي پڙهندِي رهي.

 

ڪٿي آهين مالڪ[1] ڪٿي آن فهيم[2]

راهون روز جيجل ٿي ڏِسندِي رهي.

 

ڏِسو! حال ڪهڙو؟ ٿيو دوستو،

سڄي سنڌ پاڻي لئه سِڪندِي رهي.

 

هنڱورجائي هڪ هڪ ٿو هاري هنجون،

جدائيءَ جي ڪاتِي جو ڪُهندِي رهي.

 

ڪڪرَ ڪارا ڇانيل اُهي ئي ”نصير“!!

سدا شال سنڌڙي ته جِيئندِي رهي.


 

رات کي راتِ چئجي الا!

ڏينهن جي ماتِ مڃجي الا!

 

زندگي موتَ جي خوف ۾،

مبتلا روز ڏِسجي الا!

 

ماڪ جان نيڻ رئندا رهن،

وقت ٿو هِيئن ڪٽجي الا!

 

ڪاش! مهلت ملي ايتري،

موتَ جو موتُ ڏِسجي الا!

 

ڪالهه توکي ڏٺم خواب ۾،

ڪو غزل ڇو نه لکجي الا!

 

پاڻ کي پاڻ ماريو ”نصير“!

ڏوههُ ڪنهن ڪو نه چئجي الا!

 


 

 

تون به ويندين ڇڏي اوچتو،

ڪو نه سوچيو هيو ايترو.

 

پيارُ پئسو گهُري موٽ ۾،

پاڻ وٽ ڪونه هو ايترو.

 

ٿي ختم وئي هوا مان مِٽي،

صافُ سُٿري ڏِٺم پيچرو.

 

آ هلي! آهلي! آ کڻي!

ڪُوڪَ ڪوئل ڪري ڪيترو؟

 

ڇو جدا ٿي وياسين ”نصير“،

سڀ سبب ٿا پڇن سوچجو؟


 

 

 

هُيون ڪي غضبَ جون، غزل جهڙيون اکڙيون،

ڄاوَل ٻارَ جهڙيون، سُتل جهڙيون اکڙيون.

 

 

ازل کان ملن ٿيون ته ناراضگيون ئي،

تڏهن پنهنجيون آهن رُٺل جهڙيون اکڙيون!

 

 

رڳو سوچي، فنا ٿي وياسين،

ائين ڪونه ڪنهن جون ٿڪل جهڙيون اکڙيون!

 

 

رهِي ماٺ رهبو، ڀلا ڪيترو؟

جاڳي نيٺ پونديون، سُتل جهڙيو اکڙيون!

 

 

وري وقت ايندو، پڇاڻو به ٿيندو،

ڏوراپا ڏين ٿيون ڪُٺل جهڙيون اکڙيون.

 


 

 

هڻي سمنڊ ڇوليون اچي چاڙهه ۾،

ڏسي چنڊ چوڏهين جو چانڊاڻ ۾.

 

شهيدن جي رت ۾ ڏسي جوش کي،

آئي موج مستي به مهراڻ ۾.

 

ڪهڻ ڪالهه آئي، ڪهاڙي الا!

ڀٽائي جي ”سهڻيءَ“ کي ڪاراڻ[3] ۾.

 

مگر ڀؤ ڀٽائي جو ايڏو هيو،

ڪهاڙي به پئجي وئي ڪاڻ ۾.

 

لِڪي آ، ڊڄي آ، جيئن آ هلي،

ونڊيون پيار پنهنجو ٻئي پاڻ ۾.

 

گهڻو باخبر ٿي رهڻ سان ”نصير“،

سڙَن بي خبر ٿا، انهيءَ ڄاڻ ۾.


 

 

نيڻن سان ڇا نيڻ مِليا!

گهوٽ گهڻائي گهائي ڇڏيا.

 

رات جي اونداهه راز لڪايا،

ڏينهن جو ڇا ڇا پول کُليا!

 

پيار جو پيتو ڇا ته نشو!

هوشَ نه ساڳيا هوشَ رهيا.

 

دل ۾ ڪوئل ڪُوڪي ڪا،

گيت آلاپي مون جي لکيا.

 

شاعر ڄاڻن شعرَ ”نصير“،

مون ته رڳو ڪجهه سُور سليا.



 


 

 

ڪاش! هجان ها شل نه سياڻو،

ڀٽڪِي ڀٽڪِي ٿي پيس ساڻو.

 

چوٽَ به کائي ڪين سِکيو ڪجهه،

آءُ اُهوئي اڄ به نماڻو.

 

قرب جي قيدِ کان قيدُ ڏکيو؟

ڄاڻ جي ڄارِ ۾ ڦاٿو ڄاڻو.

 

ٻِن مان هڪ سان، ڏسندي ڏسندي،

ٻَرندي ٻَرندي دِيپُ اُجهاڻو!

 

عيبَ هزارين پوءِ به ”نصير“،

ظِل الاهِي ماڻهو ماڻهو.


 

 

ڪا اکين ۾ روشنِي آئي نظر،

جا گهمُڻ چاهيان گِلي آئي نظر.

 

هير جنّت جي هجي جهڙي هَوا،

زندگيءَ کي زندگِي آئي نظر.

 

سوچ رهندي ڪيئن پنهنجي جاءِ تي؟

بي خودي جِت بي خودِي آئي نظر.

 

هُو ڏيڻ چاهي ته هو اختيار ۾،

پر ڏکن ۾ هر گهڙِي آئي نظر.

 

پاڻ ئي پيدا پيو ڪرڻو مزو،

ڪجهه تڏهن دنيا سُٺِي آئي نظر.

 


 

 

نورِ نظر ڪو ٿيندو آ،

جنهن جو قدر ڪو ٿيندو آ!!

 

نيڻ به ساڳا، ديد به ساڳي،

ڇو نه اثر ڪو ٿيندو آ؟

 

ڪو به نه ڪنهن جو يارُ جِتي،

اهڙو شهر ڪو ٿيندو آ؟

 

ماڳ نه منزل سامهون سائين،

ائين نه سفر ڪو ٿيندوآ!!

 

ياد رهي ٿي سالن تائين،

پيار پهر ڪو ٿيندو آ!!


 

 

گڏ رهڻ جي آ ضرورت هر گهڙي،

سڀ سهڻ جي آ ضرورت هر گهڙِي.

 

ٻن ڪنن کان ڪم وٺڻ گهرجي گهڻو،

ڪجهه ٻُڌڻ جي آ ضرورت هر گهڙِي.

 

پيار کي قانون جو پابند نه ڪر،

دل کَٽڻُ جي آ ضرورت هر گهڙِي.

 

روحُ ٿڙڦي ٿو دنيا جي قيد ۾،

ڄڻ ڀڄڻ جي آ ضرورت هر گهڙِي.

 

زندگي کان دل ته ڀرجِي وئي ”نصير“،

ته به جيئڻ جي آ ضرورت هر گهڙِي.

 


 

آئيندي جي آسرن جو نانءُ ٻيو؟

زندگي آ حادثن جو نانءُ ٻيو.

 

تو به پنهنجن کي ڏٺو يوسف ٻڌاءِ!

ڇا رکيو تو ڀائرن  جو نانءُ ٻيو؟

 

جو سڀن ۾ آ سياڻو، سو چريو!

واهه اديبن شاعرن جو نانءُ ٻيو.

 

وقت سان گڏ، هر قدر بدليو مگر،

پيار ساڳيو ڀاڪرن جو نانءُ ٻيو.


 

 

زندگِيءَ جو حق ادا پورو نه ٿيو،

بندگِيءَ جو حق ادا پورو نه ٿيو.

 

عادتن جي وَرِ چڙهي ويئي ڄمار،

تازگِيءَ جو حق ادا پورو نه ٿيو.

 

هر روايت ٿي اچي ٽُٽندي نظر،

پختِگيءَ جو حق ادا پورو نه ٿيو.

 

حالتون بدليون جو ايڏيون اوچتو،

عاشقيءَ جو حق ادا پورو نه ٿيو.

 

ڏوهِي آهيان معاف ڪر منهنجا پرين،

دل لڳِيءَ جو حق ادا پورو نه ٿيو.

 

دشمنيءَ جو ڀَوءُ رهيو ايڏو گهڻو،

دوسِتيءَ جو حق ادا پورو نه ٿيو.

 

مصلحتن کان ڪم ته ورتم پر ”نصير“،

سادِگيءَ  جو حق ادا پورو نه ٿيو.

 


شيشي جيان دل ٽٽندِي رهندِي،

تاج محل جيان جڙندِي رهندِي.

 

ڪِينجهر جهڙيون اکڙيون تن ۾،

پيار جي ٻيڙي ترندِي رهندِي.

 

پاري وانگر سوچ نه ساڳي،

چڙهندي رهندِي لهندِي رهندِي،

 

نانءُ جڏهن ڀي کڄندو تنهنجو،

ٽاههُ کائي دل ٽهندِي رهندِي.

 

ڇا به ٿئي پر پوءِ به ”نصير“،

نِسبت توسان لڳندي رهندِي.


 

 

پيارَ جو پهريون ساوڻ تولئه،

منهنجي جواني جوڀن تولئه.

 

بڙ جي گهاٽِي ڇانوءَ هجي ۽،

پرت جو پيارو پن پن تولئه.

 

چِيري منهنجو سِينو ڏِس تون،

ظاهر تولئه باطن تولئه.

 

لاشُ صليب تي لٽڪيل جهڙو،

پوءِ به اڌورو جيون تولئه.

 

چوڏيهن رات جي چانڊوڪي آ،

ديد تڪي ٿي ساجن تولئه!

 

هڏڪِي لڳي، جنهن مهل ”نصير،

دل جي وڌي وئي ڌڙڪن تولئه.

 


 

 

گِيتُ اڃان اڻ ڳايل آهيان،

ڪنهن جي امانت پل پل آهيان.

 

ڪاش! پرين جا پيرَ هجن ۽،

لوڪُ چوي مان پائل آهيان.

 

ڪانهي شوق جي شام ڪا اچڻي،

ڇا ٿيو جي مان گهايل آهيان.

 

هر پل هيڏيءَ هلچل هوندي،

توڏانهن پوءِ ڀي مائل آهيان.

 

تولئه جيئندو آهيان ”نصير“،

موت جي راهه ۾ حائل آهيان.


 

 

پيار ته ٻيهر ٿيندو ڪونه!

توبن دلبر ٿيندو ڪونه!

 

تون جي وسارين تنهنجي مرضي،

مون کان برابر ٿيندو ڪونه!

 

آءٌ مسافر ويهه گَهڙِي کَن،

گذر ته هر هر ٿيندو ڪونه!

 

تون ئي مَن جو مرشد آهين،

ٻيو ڪو رهبر ٿيندو ڪونه!

 

سِڪ ۾ جهڙو ساءُ ”نصير“،

زر مان ظاهر ٿيندو ڪونه!

 


 

 

ڀتر ڪَچي جان ڀُرندي ڀُرندي،

آنءُ جئان ٿو مَرندي مَرندي.

 

سُورَ سهپ جي قابل ڏي تون،

سگهه نه رهِي آ سَهندي سَهندي.

 

واٽ وڃي پئي وڌندي ويتر،

سالَ لڳِي ويا سُرندي سُرندي.

 

ڇونه؟ سڄڻ ٿو سمجهين سنيها،

واءُ جي سِر سِر ٻُڌندِي ٻُڌندي.

 

جان ۾ جاني جان اچي وئي،

جڏَهن مِلئين تون کِلندي کِلندي.

 

شال! رهي هي شوق ”نصير“،

قلم نه رڪجي لِکندي لِکندي.


 

 

سِهمِي سِهمِي سڙڪَ شهر جي،

بوءِ جتي آ خونِ جگر جي.

 

ماڻهو توڙي موسم هِت جي،

گرمي سردي سا به قهر جي.

 

سستو آ انسان بلي!!

قيمت ڀارِي آههِ پٿر جي.

 

هاءِ! ڏٺم هٿيارَ هٿن ۾،

عمر به مشڪل ڏِيٽِي ڏَڪر جي.

 

ڏينهن ته گذرِي ويندو ”نصير“،

سانتِ ڏنگي ٿي پوئين پهر جي،

 


 

 

لوهَه کي بيشڪ لوهُه ڪَٽي ٿو،

پاڙ ماڻهو جي پئسو پَٽي ٿو.

 

شل نه پوي ڪم ڪار به ڪنهن ۾

وقت تي هر ڪو رنگ مَٽي ٿو.

 

ڪيئن نڀايان رت جا رشتا؟

ڪوئي پرچي ڪوئي ڦِٽي ٿو.

 

مُڙس لڳو ڄڻ ماري وجهندو،

عادت مان ڪو مُڇون وَٽي ٿو.

 

واهه ڙي! تنهنجا ڀاڳ ”نصير“،

ڪوئي دُعا ڏئي- ڪوئي پِٽي ٿو.


 

 

پويان مُڙي مان ڏِسندي ناهيان،

متان سڏين تون، ورندو ناهيان.

 

ماٺ مان اڪثر رهندو آهيان،

ڳالهه به هر هر چوندو ناهيان.

 

لوڪَ ته سمجهيو بيٺل پاڻي،

ڪنهن کي ٻوڙي سگهندو ناهيان.

 

عقل دنيا تي راڄ ڪري ٿو،

مان ته اياڻو لڳندو ناهيان.

 

وقت ڏکيو آ ڪيڏو ”نصير“،

شهر ۾ ڀَوء کان گهمندو ناهيان.

 


 

 

زندگي آ زندگي تنهنجي ڪري،

جابه جهڙي جيتري تنهنجي ڪري.

 

تو سواءِ ساجن ڪِٿي ساعت سَري،

هڪ گهڙِي ڄڻ آ صِدي تنهنجي ڪري.

 

چنڊ چوڏيهن جي چِٽي چانڊاڻ ۾،

روشنِي آ روشنِي تنهنجي ڪري.

 

مون دنيا سان آ رکيو تعلق ”نصير“،

دوستِي يا دشمنِي تنهنجي ڪري.


 

 

ساوڻ آيو، مِينهُن وَسيو آ،

هاءِ! سڄڻ ڀي هاڻ رُسيو آ!

 

ڇا ته زمين مان خوشبو نِڪتي،

واءُ به اهڙو هَيلههَ گهُلَيوآ.

 

هِرکَ جيان ڪو اُجرو اُجرو،

چنڊَ جِيان ڪو چهرو کِليو آ.

 

ڏور رهِي ٿو ڏاڍُ ڪري ڪو،

مندَ مِلڻ جي هُو نه مِليو آ.

 

مان ته رڳو ٿو چاهت چاهيان،

لوڪُ روپين جي پويان چريو آ.

 

سهندي سهندي نيٺ ”نصير“،

جيئڻُ مرڻُ ڪجهه مون به سِکيو آ.

 


 

 

سڀ ڪجهه پنهنجو پاڻ ۾،

ڪجهه نه رکيو آ ڪاڻ ۾.

 

جيءُ وڇوڙي جهوري ڇڏيو،

هِنيانءُ تپي ٽانڊاڻ ۾.

 

لوڪَ سان ليکو چوکو آ،

تون مان آهيون پاڻ ۾.

 

ڇو نه نظر ٿو فرق اچي؟

ڪجهه ته اَٽي ۽ ڇاڻ ۾.

 

مون وٽ ايڏو پيار پرين،

کوٽِ نه اينديِ کاڻ ۾.

 

موت حيات جي راندِ ”نصير“

آهي اڃان ڇڪتاڻ ۾.


 

 

ڪي نگاهون ٿيون سَڏَن ساڳيون اڃان،

ڪنهن جون آهُون ٿيون سَڏِن ساڳيون اڃان

 

ڇا ڏِٺو ۽ ڇا ٻُڌو اي زندگي،

سڀ صدائون ٿيون سَڏِن ساڳيون اڃان.

 

ڪيئي ساوڻ تو سِوا آيا ويا،

پر گهَٽائون ٿيون سَڏِن ساڳيون اڃان.

 

مَن مُرادون ٿي ڪڏهن پُوريون پَون،

ڪي دعائون ٿيون سَڏِن ساڳيون اڃان.

 

اڻ- ڏِٺي ڪنهن خوف توکان دور ڪيو،

ورنه ٻانهون ٿيون سَڏِن ساڳيون اڃان.

 

منزلون بدليون ته ڇا ٿي پيو ”نصير“،

اڄ به راهون ٿيون سَڏِن ساڳيون اڃان.

 


 

 

ايڏِي ڪئي تو دير الا!!

پوءِ به پڇين ٿو خير الا!!

 

اڌمئو ڪيو آ اوسيئڙي،

توکي چوي پر ڪير الا!!

 

آءُ ته مان ڀي موٽَ ڏيان،

پاوَ جي بدلي سير الا!!

 

ڇا ته نهاريئي ناز منجهان،

دل جا لڳي ويا ڍير الا!!

 

نيٺ ته آجو ٿيندو من،

ٽوڙي غمن جا گهير الا!!

 

پيار نشي جي ٻاڙ ”نصير“،

شل نه پوي هيءَ هير الا!!


 

 

اڄ به اُهائي لانڍي ڪکن جي،

خاڪِ لهون ڇا لوڏ لکن جي.

 

ڄؤرن جِيئان ڏِس! خون پِين سي،

جن جي هٿن ۾ واڳَ وطن جي.

 

ويههُ نه ڀر ۾ ڀَڙڪِي پوندِي،

هوريان هوريان آڳِ لِڱن جي.

 

تنهنجي بدن جي خوشبوءِ ڀانيان،

باغ عدن جي خاصِ گلن جي.

 

شادي ڪنڊن جو هارُ ”نصير“،

سالُ سا پهريون سيجَ سُکن جي.

 


 

 

شال سُکيو تون هوندين سُکن ۾،

پنهنجو گذر ٿي ويندو ڏکن ۾.

 

تو کولِي هڪ ڀيرو دَرِي آ،

مان ته بيهان ٿو روز صحَن ۾.

 

ساڙ ۾ سارو شهر سڙي ٿو،

نانءُ نه لکجان ڀلجي خطن ۾.

 

اوڙي پاڙي وارا ڪُرڪن،

روز گهمان ٿو ڇا لئه گهِٽين ۾.

 

ڪيئن ٽِڪان هڪ جاءِ ”نصير“،

عشق ٿو ڊوڙي خون رڳن ۾.


 

 

اهڙو ڇا وهنوار ڙي!

ساٿ نه ڪو سهڪار ڙي!

 

پهريون پهريون پيار ٿيو،

نيڻن مان نروار ڙي!

 

وقت تي هر شيءِ وڻندِي آ،

سونهن هجي سينگار ڙي!

 

پنهنجن جا پِر ڪار ڏِٺاسين،

ڌارين ۾ به ڌِڪار ڙي!

 

ڪيڏو جهَليم هُم توکي ”نصير“

عشق اٿئي آزار ڙي..

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org