سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: هڪ بي نانءُ ڪتاب

باب

صفحو :7


غزل

 

سوال وڌندا ٿا وڃن

جواب کُٽندا ٿا وڃن

 

توکي ياد رکڻ وارا

پاڻُ ڀُلندا ٿا وڃن

 

جسم جي هر پور مان

ڏُک ڦُٽندا ٿا وڃن

 

ڪهڙا ڪهڙا خواب هيا

خواب اُڏندا ٿا وڃن

 

تنهنجي هجڻ جو وهم به جيڏانهن

پير کڄندا ٿا وڃن

 

هر ڪو پنهنجو جگر سنڀالي

تير ڇُٽندا ٿا وڃن

91. 7. 14

 

غزل

 

شهر جون سڀئي ميّت گاڏيون

اڄ وري رُڌل هِن ڏاڍيون

 

صبح جا سنديسا سارا

ڳڙڪائي ويون وحشي راتيون

 

خوابن جهڙين موسمن ۾

ڇو هِن عذابن جون ڳالهيون!؟

 

تجرباتي طور اسان ته

زنده رکيا ويا آهيون

 

ڇا ته ڀروسا ماڻهن تي

ڪهڙيون ڪهڙيون ويساهه گهاتيون!!

91. 8. 1

 


 

ڪجهه ئي دير کان پوءِ

 

ڪجهه ئي دير کان پوءِ جڏهن

هي ماحول سارو بدلجي ويندو

گرم ۽ کارن لڙڪن ۾

هر ٽهڪ اسان جو ڍلجي ويندو

درد جي ماتمي ڪارنهن سان

منهن اسانجو مَلجي ويندو

 

ڪجهه ئي دير کان پوءِ جڏهن

سڀ جاڳي اُٿنديون وحشتون

هر راهه تي هر موڙ تي

منهن چيڙائينديون ذلتون

جسم جي هر پور مان ڦُٽنديون

شڪستون ۽ تهمتون

 

پنهنجي وس ۾ ئي نه رهنديون

بي چينيون ڪجهه دير کان پوءِ

گهلينديون بي انت سفر ڏي

دربدريون ڪجهه دير کان پوءِ

ڪجهه ڀي سمجهه ۾ ايندو ڪونه

ڇا ڪيون ڪجهه دير کان پوءِ

 

تون مان جيڪر نه ڀي چاهيون

پوءِ به ايئن ئي ٿيڻو آهي

ايڏين اٿاهه اُداسين کي

ور ور ڏيئي ورڻو آهي

اهو ئي صدين سمجهايو آهي

پنهنجي پناهه ڪٿي به ناهي

 

پر مان سوچڻ چاهيان ٿو

ڪجهه دير ته سوچڻ چاهيان ٿو

ڪائنات ۾ ايڏو رُلي ڀي

پاڻ رهيا آهيون ڪنهن ڌوڪي ۾

ڪٿي به ناهي اتي ئي ته آهي

تنهنجي منهنجي پناهه هڪٻئي ۾

91. 8. 2

 


 

غزل

 

جنهن ڀي پيار جو گيت آ ڳاتو

تنهن سان منهنجو آهي ناطو

 

هر چهري ۾ عڪس آ منهنجو

هر چهرو مون پنهنجو ڄاتو

 

هر هڪ روح جو پنهنجو سُر آ

سوز سڀين ۾ ساڳيو پاتو

 

پيار بنا جو پل ٿو گذري

سو پل جيون ڄڻ پاراتو

91. 10. 31

 


 

لوڪ داستانن مان چورايل هڪ نظم

جيون ڪائي جادو نگري

طلسم هوشربا آ جيون

حيرت جو دريا آ جيون

ڪيڏو بي پروا آ جيون

 

سامريءَ جو منتر آ ڪو

عمرو جي عياري آهي

ڪوهه قاف جو ديو ته ڪڏهن

پري ڪيڏي پياري آهي

 

شيخ چليءَ جو ڀوڳ آ ڪوئي

وتائي جي مستي ڪائي

چئني درويشن جو قصو

ڪڏهن لڳي ٿو حاتم طائي

ممتاز دمساز آهت هرڪو

هرڪو گهُري ٿو گل بڪاؤلي

روز ٿي ورجائجي ڪا

داستان الف ليليٰ جي

 

پوءِ ڀي بي پروا آ جيون

حيرت جو دريا آ جيون

جيون ڪائي جادو نگري

طلسم هوشربا آ جيون

91. 11. 14


 

هڪ گيت جو لکجڻ

 

محبوبه جي اکين ۾

جڏهن ڀرپور پيار نظر اچي

ته زندگيءَ لاءِ هڪ گيت لکجي

 

وڙهندي وڙهندي سپاهي

جڏهن ڪامياب وار ڪري

ته فتح لاءِ هڪ گيت لکجي

 

محنت ڪندي مزدور جو

جڏهن پهريون ڦڙو پگهر جو ڪِري

ته تخليق لاءِ هڪ گيت لکجي

 

شڪاريءَ جي بندوق جي زد ۾

جڏهن ڊوڙندي ڪو شڪار اچي

ته موت لاءِ هڪ گيت لکجي

91. 11. 15

 


 

ٻه سِٽا

 

جڏهن  ڏسون ٿا اڌ ۾ آهيون

اسان به ڪهڙي پنڌ ۾ آهيون

92. 1. 7

*

سمنڊ پنهنجو جڏهن انڪشاف ڪندو

اک ڇنڀ ۾ هر حساب صاف ڪندو

92. 1. 14

*

هِڪَ سِٽا

 

هر فڪر کان آجو ٿيان پر پوءِ ڪندس ڇا!؟

92. 2. 6

*

تنهنجون يادون ايئن اچن ٿيون درياهه ۾ ڄڻ نانگ تَري

92. 2. 10

 


 

ڪير چوي ٿو ننڍڙي آهيءَ دنيا

 

ڪير چوي ٿو ننڍڙي آهيءَ دنيا

ايڏي وڏي آ، ايڏي وڏي آ

جو سڀئي گندگيون ماپي وڃن ٿيون

تون مان جيڪر

پنهنجي ڪائي

ننڍڙي دنيا ٺاهي ويهون

تازي ڄاول ٻار جي

ننڍڙن ننڍڙن هٿڙن جيڏي

جو سٺايون ته اوئن ئي ڀي

جاءِ ڪو نه هِن والارينديون

93. 3. 8


 

غزل

 

تنها هر انسان لڳي ٿو

شهر بيابان لڳي ٿو

 

خواب سمورا سانڍي ويهو

اوجاڳن امڪان لڳي ٿو

 

پوئين موڙ تي وسريو آ ڪجهه

هر موڙ تي گمان لڳي ٿو

 

دشمنن تي دانهيون ته پر

قاضي خود پريشان لڳي ٿو

 

تون مان ڪجهه ڀي ناهيون پو ڀي

تو مون سان آ جهان لڳي ٿو

92. 3. 25

 


 

چار سِٽو

 

عشق جو رنگ ته هڪڙو ئي آ

هر ماڻهوءَ وٽ شيڊ جُدا آ

عاشقي الهام جيان آ

هر ماڻهوءَ وٽ ڀيد جُدا آ

92. 4. 2

 

هِڪَ سِٽو

 

حيرت آهي هر طرف ۽ هر پل انڪشاف آ جيون

92. 4. 7

 


 

مسافري

 

مسافري

اُها محبوبه منهنجي

جنهن ڇڏيو ناهي مونکي

ڪڏهن ڀي

92. 4. 12


 

هڪ شاعر جو اعتراف

 

قلم جي سگهه

هر محاذ تي

منهنجي بزدليءَ کان

شڪست کاڌي آهي

۽ هُن جي ڪوئي راتا هو

تمام شدت سان هنيو به آهي

ته ڪيتريون جون بزدليون

منهنجي مدد لاءِ وڌيون آهن

ايئن سڀئي جنگيون مون کٽيون آهن

سو منهنجا پيارا دوستو

منهنجو فاتح هجڻ ئي ته آهي

شاعريءَ جو وڏو الميو

92. 4. 25

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org