سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: هڪ بي نانءُ ڪتاب

باب

صفحو :6

 

ايڏو پکڙجي وڃڻ ٿو چاهيان

جيئن تون منهنجين حدن کان

ٻاهر ڏسي به نه سگهين

جو ٻاهر جي دنيا

تنهنجي لائق ناهي

90. 11. 22

*

تنهنجي عاشقي جي بدلي

پاڻ کي وڪڻڻو پوندو

۽ آزادي جي بدلي

تو کي وڪڻڻو پوندو

مان ڪجهه به ڪري نٿو سگهان

90. 11. 22

*

منهنجي محبت

ڪنهن مقابلي ۾ کٽيل

ٽرافي ته ڪانهي

جيڪا تاڙين جي بدلي

عوامي نمائش لاءِ رکي وڃي

90. 11. 22

*

سمائجڻ لاءِ

هڪ مُرڪ م به سمائجي سگهي ٿي

محبت

۽ ڦهلجڻ لاءِ

خاموشي کان به وڌيڪ ڦهلجي سگهي ٿي

محبت

90. 11. 22

*

منهنجي خاموشي جي باوجود

منهنجي بي چيني

موت جي سيني ۾

خنجر برابر آ

90. 11. 22

*

مون هميشه

بستري تي ليٽڻ

۽ ننڊ ڪرڻ جي وچ ۾

وڏو فاصلو رکيو آ

مان تنهنجين يادن سان گڏ

وقت گذارڻ چاهيان ٿو

90. 11. 22

*

منهنجي وجدان جو گٽار

هميشه

تنهنجي ڇهاءَ جو

منتظر رهندو آ

90. 11. 22

*

مان ڪنهن به گيت جو لکڻ

ختم نه ڪيان ها

جي مون کي نه لڳي ها

ته نئون گيت

تنهنجي وڌيڪ ويجهو وٺي وڃڻ وارو آ

90. 11. 22

*

آخري ڊوڙ

 

تنهنجن وارن ۾ ٻَڌل Ribbon

اُحا Finish Line آ

جتي پڄڻ کان پوءِ

ڪنهن به Runner کي

ڪنهن ٻئي مقابلي ۾ حصو وٺڻ جي

نه ضرورت رهي ٿي

نه خواهش

90. 11. 28

*

 

نوان سُرَ

 

نظر نه ايندڙ ڪنهن پيانو تي

تنهنجون گم سم آڱريون

بي خياليءَ ۾ رقص ڪن ٿيون

۽ مان اُهي سُر دريافت ڪيان ٿو

جيڪي

توسان بي انتها پيار ڪرڻ وارو ئي

ڪو ٻُڌي سگهي ٿو

90. 11. 28


 

هوءَ نٿي ڄاڻي

 

هن مون کي تحفي ۾

هڪ پينسل ڏني آ

پينسل

جيڪا ختم ٿيڻ کان پوءِ

باقيات ۾

فقط ڇلڪا ڇڏي ويندي

هلڪا ڇلڪا

جن کي اُڏائڻ لاءِ

هوا جو هڪ هلڪو جهوٽو

ڪافي هوندو

پر هوءَ نٿي ڄاڻي

ته ان پينسل سان

مان اُهي دائرا به ڪڍي سگهان ٿو

جن مان هوءَ

ڪڏهن به

آزاد ٿي نه سگهندي

90. 12. 5


 

هِڪ معصوم پريشاني

 

اي خدا

مان قبول ٿو ڪيان

ته تون آهين

اهڙو ئي

جهڙو ٻُڌايل آن

۽ جهڙو هجڻ به گهرجين

مان اِهو به مڃان ٿو

ته منهنجي محبوبه

ڇوڪري آ

اهڙي ئي

جهڙي ٿي سگهي ٿي

۽ جهڙي هجڻ به گهرجي

اهو سڀ ڄاڻندي به

جي مان تو کان وڌيڪ

هن سان پيار ڪيان ٿو

ته ان ۾ بُرائي ڇا هي!!؟

90. 12. 25


 

غزل

 

هونءَ ته سڄي زماني سان يارو منهنجي راهه آ

هوءَ ئي ته آهي جا منهنجي پناهه گاهه آ

 

هر ڪنهن حاصلات ۾ مزو ته پنهنجو آهي پر

تنهنجي ملڻ کان پوءِ لڳي ٿو ٻيو سڀ خوامخواهه آ

 

خواب ته ڪنهن سان به ڪڏهن ڪوڙ ڪونه هِن ڳالهائيندا

منهنجن خوابن کان پُڇي ڏس تو سان ڪيڏي چاهه آ

 

مسافتون جهاڳي به وڃبيون منزلون تياڳي به ڇڏبيون

تو سان ساٿ سلامت رهي پوءِ ڪهڙي پرواهه آ

90. 2. 9

 

وائي

 

ڪوئل وٽ به گيت نوان هِن

هيل بهارن ۾

ايڏو پيار ڏجي هڪٻئي کي

لڳي ڏک بهانا هِن

هيل بهارن ۾

جيون سان وري نئين سِري کان

ماڻهو ڪرڻا آشنا هِن

هيل بهارن ۾

درد کان آخري دفعو موڪلائي

خوشين خزانا ڳولهڻا هِن

هيل بهارن ۾

هيل نه ڪنهن کي ڏک ڪو ڏبو

پنهنجا قول پاڙڻا هِن

هيل بهارن ۾

 

هِڪَ سِٽو

 

چانڊوڪين ڏانهن مسافري ۽ ايڏيون اُماس راتيون!!

91. 2 . 10


 

غزل

 

قتل گاهن جون ڳالهيون ڪيون

آخري ساهن جون ڳالهيون ڪيون

 

ڏسون نه منزل ڏي ۽ نه ئي

پناهه گاهن جون ڳالهيون ڪيون

 

مليل منزلون سڀ وساري ڇڏيون

وڃايل راهن جون ڳالهيون ڪيون

 

ڪي ڏينهن جي لٽجڻ جا قصا

ڪجهه راتا هن جون ڳالهيون ڪيون

 

بس هڪ قطرو سمنڊ نه ڍنڍون

نه درياهن جون ڳالهيون ڪيون

 

تو کان دور جي پل هِن گهاريا

تن گناهن جون ڳالهيون ڪيون

 

سچ جو سؤدو ڪونه ڪبو

ڇا ٺاهن جون ڳالهيون ڪيون

91. 3. 27

 

غزل

 

بي انتها درد هاڻي نيڪال گهُري ٿو

جيون ڪو تمام وڏو ڀؤنچال گهُري ٿو

 

هر هڪ نظريي کان منڪر آهي ذهن

هر هڪ عقيدي کي پائمال گهري ٿو

 

خوشحاليءَ جي خواب جو ڇا ٿيو پڇوس

هر تعبير جو هاڻي بدحال گهري ٿو

 

جيون ڪئنواس تي ٿو هر ڪو رنگ چاهي

پر هڪڙو شخص رڳو خال گهري ٿو

 

تنهنجي عاشقيءَ ۾ ڪو ايئن به گم ٿيو

جو هجر گهري ٿو نه وصال گهري ٿو

91. 5. 31

 

غزل

 

اڄ ڪلهه به ڇا تجربن مان گذرون ٿا

روز جيئون ٿا يارو روز مرون ٿا

 

منهنجي جلاد کي نه الزام ڏجو ڪوئي

قتل گاهن ۾ ئي ڪشش آ ورون ٿا

 

جن تي ماتم آ جاري ننگن پيرَن جو

تن آڱرن جيان ئي پيا ٻرون ٿا

 

تتل شِيخ جيان پيهندو ٿو وڃي عشق

برف جي سِرَ جيان اسان ته ڳرون ٿا

 

صبح جو ٻُڏا به سي ته شڪايت ڪهڙي

آخري وِير چڙهڻ تائين ترون ٿا

91. 6. 18

 

چار سِٽو

 

ڪو ته اِسرار آهي يارو

جيڪو سمجهه ۾ اچي ئي نٿو

دل جي اُداسي وڃي ئي نٿي

درد ڪنارو رَسي ئي نٿو

91. 6. 20

 

چار سِٽو

 

عجب لطافت ۾ ترڻ لڳي ٿي دل

تو بابت جڏهن به ڪو ذڪر نڪري ٿو

تو سان وابسته ٿي ڄڻ ته خدا ٿو بڻجي

عشق جو تصور به ايئن اُڀري ٿو

91. 6. 21


 

نئين رسم عشق جي ڪائي

 

رات جي بي تاب روح مان

وري گهُٽيل صدائون اچن ٿيون

ڪيترن نسلن جا ڦَٽيل

لاشا کڻي مائون اچن ٿيون

 

اهڙو ڪوئي طلسم آهي

جيڪو سحر ۾ ايئن جڪڙي ٿو

کيس ٽوڙڻ جي هر ڪوشش جو

رتُ ستُ نيپوڙي ڇڏي ٿو

 

ڪيترين عاشقي سرمستين جو

۽ محبوبي دلبرين جو

هر جنون ناڪام ٿيو آ

فنا سندن انجام ٿيو آ

 

موت جي ساحر تال تي

بي خوديءَ ۾ رقص جاري آ

سلسلو جهونو به گهڻو آ

اڳيان به ساڳي رات ڪاري آ

 

درد ايڏو جو اڻ کُٽ لڳي ٿو

انت ڪو تنهن جو پار يارو

نيئن رسم عشق جي ڪائي

نئون وفا جو اقرار يارو

91. 6. 28

 

ٻه سِٽو

 

هڪ به وِکَ جي پوئتي هٽئون ته اسان ڏوهاري

اُف به جي واتان نڪتي مڃبو بازي هاري

91. 7. 4

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org