سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: هڪ بي نانءُ ڪتاب

باب

صفحو :4

ٽِ سِٽا

 

ناهي محفوظ گهر

ٻاهر به ڪاڏي وڃجي

دشمن سڄو شهر

 

سوچن جي يلغار

هجوم ۾ ڀي حملا جاري

پناه ناهن پولار

89. 1. 27

 

ٻه سِٽو

 

ذائقي جيان گهرائپ ۾ به

هر ڪو ڳوڙهو سمنڊ ٿئي ٿو

89. 2. 1


 

ٽرئجڊي

 

روشنيءَ جي

خواهش ته آهي

پر

پنهنجن ئي

پاڇن کان ڊڄڻ

اسان جي Tragedy آ

89. 2. 7

 

اعتراف

 

هونئن ته

کوڙ دنيائون

منهنجين حدن ۾ آهن

پر سوچ جي

آخري سرحدن تي بيٺل

منهنجيون محبتون آهن

89. 2. 7


 

اهو سڀ ڪجهه سچ آهي

 

پل پل جيڪو پل آهي

اهو ئي ته املهه آهي

ان ۾ سڄو سچ لڪل آ

ان ۾ وڏو مچ متل آ

ان کي گهُٽي ماري ڇڏ

يا صدين تي ڦهلائي ڇڏ

 

زندگيءَ جون سڀئي رونقون

موت جون حيرانيون

روشني جون چُڀندڙ اکيون

رات جون ويرانيون

 

آزاد هوائن جا سرگم

زنجيرن جي ڇم ڇم

خود اختياريءَ جون شادمانيون

محتاجيءَ جو ماتم

 

ڌِر تتيءَ جي مڇريل هوا

رم جهم رُت جي برکا

خوشبو خوشبو سمنڊ ڪناري

بدبوئن جا ڀڀڪا

 

دوشيزه جا نيڻ ڪنول

پريم ساگر ۾ ٻُڏل

محبوب جو ڪنهن چؤ واٽي تي

ٽمندڙ لاش لٽڪيل

 

پيار پانڌيئڙن جون راهون

ڳوڙها سڏڪا ۽ آهون

وحشتن جا طوفان ۽

ڪانهن ڪي به پناهون

 

اهو سڀ ڪجهه سچ آهي

هن پل تنهنجي هٿ آهي

ڪنهن کي گهُٽي ماري ڇڏ

ڪي صدين تي ڦهلائي ڇڏ

89. 2. 28


 

اڻ حاصل مسافري

 

پن ڇڻ رُت ۾

ڪريل پن جيان

هي ذهن

سوچن جي طوفان ۾

ڪٿي ڪٿي ته ڀٽڪيو

پر لڳي ٿو

ته امن ۽ پيار جا اُجرا پکي

ڪن اڻ ڄاتل طرفن ڏانهن اُڏامي

پنهنجا پَرَ ويڙهي

ڪن اڻ لڀ آکيرن ۾

وڃي ويٺا آهن

جو دنيا کي ته

نفرتن جي موسم

پنهنجين منحوس ٻانهن ۾ ڀيڪوڙي

نيستو ڪري ڇڏيو آ

89. 4. 11


 

Not For Sale

 

زندگيءَ جي

ڊوڙندڙ سهڪندڙ ريل

اڄ جڏهن گهڙي کن لاءِ

ساهه پٽڻ بيٺي

۽ يادن جي دري کوليم

ته درد جي هٻڪار

ساهه سان ڀاڪر پائي

من اڱڻ ۾ گهڙي آئي

۽ جڏهن نظر ورائي

وقت جي دز چڙهيل شيشي مان

ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل ماضيءَ ڏانهن نهاريم

ته زخم

مُرڪي رهيا هئا

خوشيون

ڄاري ۾ ڦاٿل

ماڪوڙي وانگر

ڦتڪن پيون

دعائون

ميراٿن ۾

آخري نمبر تي آيل Athlete وانگر

سهڪي رهيون هيون

اُميدون

اُداس ڌن تي ڪنڌ ڌوڻي

جهونگارن پيون

۽ اکيون پورڻ کان اڳ

نظر آيل آخري منظر هو

جذبن جو

جيڪي

'Not For Sale' جي

زنگ لڳل بورڊ هيٺان

اڌ مئا ٿيا پيا هئا

89. 4. 13


 

ٻه سِٽو

 

ڪي ڪي ماڻهو منزل جهڙا

ڪي ماڻهو بس رستا رستا

89. 4. 13

 

خواهش جيڪا آخري به ٿي سگهي ٿي

 

اچو ته

اُهي سڀئي

نه ٻُڌائي سگهجندڙ ڳالهيون

ٻُڌائي ڇڏيون

۽ اُهي سڀئي

نه ٻُڌي سگهجندڙ ڳالهيون

ٻُڌي وٺون

ان کان اڳ جو

سڀئي

گونگا ۽ ٻوڙا ٿي وڃون

89. 5. 5


 

هڪ ننڍڙي ڳالهه

 

۽ هُو پکي

جڏهن اُڏامي اُڏامي

ٿڪجي پيو

ته اُڏامندڙ جهاز تي

ويهي رهيو

مئي 89

 

ٽِ سِٽو

 

مُرڪن جي آ مُند

پوءِ به هوا ۾ پکڙي پئي آ

ڳوڙهن جي سُڳنڌ

89. 6. 7


 

خوش فهمي

 

ڪاغذن تي لکيل

منهنجا هي خيال

منهنجي ذهن جو

اهو حصو آهن

جو بنا ٿڪجڻ جي

صدين تائين

تو کي پاڻ ڏي سڏيندو رهندو

تو کي ڪجهه ڏسيندو رهندو

89. 6. 9

 

منهنجو جسم ڪٿي آهي!؟

 

مان ته

ڪنهن جسم تي پيل

روشني سببان

پيدا ٿيل

پاڇولو آن

جو پنهنجي جسم کان

وڇڙي ويو آ

89. 6. 13

 

اڪثر ماڻهن جي ڳالهه

 

اڪثر ماڻهو

پاڇن وانگر

بي وفا

اوندهه ڏسي

ڀڄيو وڃن

روشنيءَ ۾

گڏ هوندا

89. 6. 14

 

ڪجهه ڏک ڏيندڙ حقيقتون

 

مان ڄاڻان ٿو

ته تون سوچڻ ٿو چاهين

پر مون کي يقين آ

ته هُو سياستدان

تو کي سوچڻ نه ڏيندا

جو متان

تنهنجي سوچ جا سپاهي

هنن جي

ڪُڌين حرفتن جي قلعن کي

ڊاهي نه وجهن

 

مان سمجهي سگهان ٿو

ته تون پڙهڻ ٿو چاهين

پر مون کي يقين آ

ته هُو عالم ۽ اڪابر

توکي پڙهڻ نه ڏيندا

جو بي علميءَ جي

اوندهه ۾ ئي

هنن جي گهٽ علمي

لڪي سگهي ٿي

 

مون کي خبر آ

ته تون ٻڌڻ ٿو چاهين

پر مون کي يقين آ

ته اهي بارودي ڌماڪا

انهن ئي ڪيا آهن

جيڪي تنهنجي خلاف

پاڻ ۾ سُس ڦُس پيا ڪن

 

مون کي معلوم آ

ته تون ڳالهائڻ ٿو چاهين

پر مون کي يقين آ

ته ڪوڙ جي ميڻ جا پُتلا

تو کي ڳالهائڻ نه ڏيندا

جو هنن جو وجود

تنهنجي سچ جو

هڪ به ڀڀڪو

سهي نه سگهندو

 

مان سمجهان ٿو

ته تون ڏسڻ ٿو چاهين

پر مون کي يقين آ

ته هُو رهبر/ رهزن

تو کي ڏسڻ نه ڏيندا

ته جيئن تو کي ۽ تنهنجن کي

پنهنجي حوس جي کوهه ۾

اڇلائي سگهن

 

مون کي ڄاڻ آ

ته تون ڇُهڻ ٿو چاهين

پر مونکي يقين آ

ته هُو بي حس برف جهڙا وجود

توکي ڇهڻ نه ڏيندا

جو انسانيت جي گرمي ته

هنن جي جسم مان

ڪڏهو ڪو خارج ٿي چڪي آ

 

مونکي علم آ

ته تون چکڻ ٿو چاهين

سنگهڻ ٿو چاهين

پر مونکي يقين آ

ته اُهي پارُوٿا

۽ بدبودار ذهن

تو کي ايئن ڪرڻ به نه ڏيندا

 

۽ مونکي احساس آ

ته تون جيئڻ ٿو چاهين

پر مون کي يقين آ

ته هنن مرده خور ڳجهن لاءِ

تون ئي

آخري خوراڪ بچيو آن

89. 7. 8

 

فٽ پاٿ تي ويٺل ماڻهو

 

خود غرضين جي سياستن ۾

ننڍ وڏائي جي نفرتن ۾

پيسيل ماڻهو هيسيل ماڻهو

چهرو جنهن جو

لٽيل ڪربلا جو ميدان

اکيون جنهن جون

ويران بيابان

پِيڙا جن مان

ٽيپو ٽيپو ڳڙي ٿي

چپ هوندي به

ڄڻ ته رڙي ٿي

منهنجا به ته ڪي خواب آهن

مون لئه رڳو ڇو عذاب آهن

سياستدان ناهيان جي مان

ڌنوان ناهيان جي مان

ساهه کڻڻ ڪو ڏوهه ته ناهي

زندهه رهڻ ڪو ڏوهه ته ناهي

89. 7. 24

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org