وائي
تنهنجي من ۾ آ ڇا
سرءَ بهار اونهارا سيارا اڙي او آواره
ڪنهن جي کوج ۾ رلندو آن تون
اڙي او آواره
تنهنجو چُپ چُپ چهرو هڻي ٿو
تنهنجي بي چين روح جا نعرا
اڙي او آواره
ڪهڙيءَ غم گفا مان گذارين
اُجالا ڀانئين ٿو انڌيارا
اڙي او آواره
ايڏا پُور نه پور تون دل ۾
ڪنهن کي ته ڏس اهي من مونجهارا
اڙي او آواره
تنهنجي من ۾ آ ڇا
هاءِ حيدرآباد
وري لڳو ڪرفيو
ڪرفيو ۾ به ڪوس آ جاري
ڳاڙهو ٿيو سنڌو
گولين جو وسڪارو
ڌرتيءَ ڳاڙهي لوئي اوڍي
آسمان ٿيو ڪارو
لاشن جا انبوهه
ڪيڏا ڪونڌر ڪُسجي ويا
بنا ڪنهن ڏوهه
گهٽيءَ گهٽيءَ سوڳ
وقت سان به جو نه مِٽجي
اهڙو لڳو روڳ
رڳو اخباري بيان
وڍيل دليون واڪا ڪن ٿيون
ڪٿي هن اڳواڻ
هاڻ پيا ڪيو اتحاد
توهان جو ڪُٺو جو ناهي
پنهنجو ڪو اولاد
جون، جولاءِ 88
5 اپريل 1979ع
وري هڪ مسيح
وقت جي پيرن هيٺان
تختو ڪڍي
تاريخ جي ٻئي دؤر جو
انت آندو آهي
۽ ڪروڙين ماڻهن جا سپنا
گرم هوائن ۾
لڙڪندا
لڙهڪندا
اڻ ڏٺل
اونداهن پولارن ۾
گم ٿي ويا آهن
۽ هاڻي ماڻهو
اکين ۾ سمونڊ سينگاري
خود ڪشيءَ جي سست ترين عمل مان
گذرڻ تي مجبور آهن
ڇو ته
تلوار جي جنهن چهنب کي
هزارين ماڻهن جي رت ۾ ٻوڙي
تاريخ جي ٽئين دؤر جي
پهرين سِٽَ لکي وئي هئي
اُها چهنب
هاڻ سڪڻ واري آ
88. 6. 29
تضاد
منهنجي دل
منهنجين خواهشن جي
هڪ نرسري عاليشان
۽ منهنجو دماغ
انهن خواهشن جو
هڪ وڏو قبرستان
88. 6. 29
عورت
ڌيءَ جي
گهريلو زندگي
سماجي زندگي
اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي زندگيءَ ۾
هن جي سوچ ۽ لوچ کي
پيءُ جي عزت
۽ خانداني وقار جي زنجيرن ۾ جڪڙي
قربانيءَ جي صليب تي ٽنگيو ويو آ
مڙس
پنهنجو فرض
احسان طور پورو ڪري
زال کي
پنهنجين خواهشن جي تابوت ۾
بند ڪري
ايثار ۽ وفا جو ٺپو هڻي ڇڏيو آ
ترقي پسند ٻارن
پنهنجي اڌ صحيح ترقي پسند سوچ جي
خول ۾ بند ٿي/ ڦاسي
ماءُ کي
ڪنهن Antique
Shop تان
ورتل
عظيم يادگار طور
شوڪيس ۾ محفوظ ڪري رکيو آ
عورت
ٻنهي اکين تي
مشرقيت جا Label چنبڙائي
اُن انڌي کوهه جي چؤڌاري
چڪر ڪاٽي رهي آ
جنهن ۾ هڪ ڏينهن
کيس ڪِري پوڻو آ
۽ لڳي ٿو ته
تاريخ جو
رڳو هڪڙو دؤر
’عورت جو سونهري دؤر‘
ٿي گذريو آ
جڏهن
کيس
ڄمندي ئي
ماري ڇڏبو هو
88. 7. 23
رستو ڳولهيو
سڀئي رستا بند
زندگي ڄڻ ته
ڪو غلط ٺهيل
اخباري Puzzle
88. 7. 25
علامه
قاضيءَ جي مقبري ٻاهران
الائي ڪيتري دير
تنهنجيءَ سوچ ۾
گم سم گم سم
علامه قاضيءَ جي
مقبري ٻاهران
ويٺي ويٺي
شام جا آئي
شايد سا هئي
سرمئي سرمئي
ميري ميري
يا پوءِ منهنجي
نظرنديءَ ۾
چاڙهه هو ڏاڍو
هر هڪ منظر
آڏي ٽيڏي
لڪير ٿي ويو
ڇپر ته ڏاڍا
سخت ڀيڪوڙيم
پر يونيورسٽيءَ جي
هوا وري جو
وار وٿين مان
ٿڌڙا ڪڍندي
لنگهي وئي ته
تنهنجين آڱرين
جي ڇهاءَ جي
ياد ڪجهه اهڙي
طرح آئي جو
چاڙهه چڙهي پيو
ڇپر بَنَد ۾
گهارو پئجي ويو
منهنجو بيابان
رڻ پٽ چهرو
نير نديءَ ۾
سڄو ڀِڄي ويو
88. 7. 29
ڪو ڪَري به ڇا ٿو
سگهي
سڄي حياتي
ٽيپو ٽيپو خوشي
گڏ ڪندو رهيس
ڇو ته ٻڌو هيم
ٽيپو ٽيپو
سمنڊ ٿي ويندو آ
پر هاڻ ڄاتم
درد جي زمين تي
ذرو ذرو ٿي غم
صحرا ٿي ويو آ
۽ سڄو سمنڊ
چُهي چڪو آ
88. 8. 1
وساريل ڳالهه
جو ياد ڪرڻ
زندگي تباهه ڪندڙ
هئڊروجن بم ٺاهڻ وارن
ڪڏهن به
زندگي بچائيندڙ
آڪسيجن بم ٺاهڻ لاءِ
نه سوچيو آ
ماحول کي آلوده ڪرڻ واري
پهرين مشين جي تخليق کان پوءِ
ماحول کي پاڪيزه ڪرڻ واري
ڪنهن به مشين جي تخليق لاءِ
غور ڪو نه ٿيو آ
جيڪڏهن ڊارِون صحيح آ
ته انسان جي فطرت جي
ڀلائيءَ واري عنصر جي ارتقا
ايڏو پٺتي ڇو رهجي وئي آ!؟
۽ هر اوتار به
انسان کي
موت ۽ آخرت جا ڀَوَ ڏيئي
Absurdity جي
اُن گفا ڏانهن ئي ڌِڪيو آ
جتي مادي وجوديت جي
بي ثباتيءَ جا ته
سڀئي مظاهر موجود آهن
پر زندگيءَ جي تسلسل جي
ڪا شهادت
واضع ڪونهي
موت کي
زندگيءَ کان وڌيڪ
اهميت ڏيڻ وارن
اهو وساري ڇڏيو آ
ته زندگيءَ ۽ موت جي وچ ۾ فاصلو
آهي ته هڪڙي پل جو
پر اُن پل تائين قصو
آ پوري زندگيءَ جو
88. 8. 28
افلاطوني ڪتابن
کان ٻاهر
خود غرضين جا بم
ڦاٽي پيا آهن
احساسن جا ديول
ريزو ريزو ٿي
لتاڙ جي ويا آهن
ماڻهو
نفرتن جي پيٽاريءَ مان
پنهنجون پنهنجون ڦڻون ڪڍي
هڪ ٻئي کي
ڏنگي رهيا آهن
انفراديت پسند انسان
مختلف نسلن جا
حيوان بڻجي ويا آهن
۽ اجتماعيت پسند
سرءُ وڪوڙيل وڻ
ڪُوڙ جي
خرابيءَ جي
۽ بد صورتيءَ جي
گوڙ ۾ ٻُڏي
انسانن جا ذهن
سنڍ ٿي ويا آهن
۽ هاڻي
ڪنهن به ذهن ۾
ڪنهن به Utopia جو
تصور
جنم نه ٿو وٺي
ڇو ته
سچائيءَ جو
سٺائيءَ جو
۽ خوبصورتيءَ جو
هڪ ٻئي سان تعلق
فقط افلاطوني ڪتابن ۾ ئي باقي آ
88. 9. 7 |