1965ع
•
ٿئي ٿي وصل مان حاصل جدائي،
جدائي مان ميسّر وصلِ دلبر.
محبّت ئي فقط سرمايه زيست
محبّت زندگي جو آهه زيور.
7 جنوري 1965ع
لاهور
1967ع
•
سياست گندگي ۾ وئي بدلجي،
دغابازي سوا ٻيو ڪجهه به ڪونهي.
هتي دنيا ۽ عقبيٰ ٻئي وڃن ٿيون،
سو ڄاڻي ٿو خدا ٻيو ڪجهه به ڪونهي.
17 آڪٽوبر 1967ع
لاهور
•
رڳي ڄاڙي هڻ ۾ کوٽو کڙڪو
رڳي بڪ بڪ ڪرڻ جو ڪوڙو ڪڙکو
ته ڇو هڻجن ڀلا ڊاڙون ٻٽاڪون
سهي سگهجي نه جي هڪڙو به دڙڪو.
17 آڪٽوبر 1967ع
لاهور
•
ڪٿي واعظ ڪٿي رندن جون رمزون،
ڪٿي خيرات جو ڀت ڪٿ م ناب.
ڪٿي مسجد ۾ ڌوڪو ڪوڙ رشوت،
ڪٿي ميخاني جو مشروب ۽ آب.
22 سيپٽمبر 1967ع
حيدرآباد
1968ع
•
زباني زخم ڪئين ملندائي رهندا،
مٿن مرهم پٽيون ٿينديون ئي رهنديون.
وسارڻ بعد ئي منزل تي پڄبو،
اهي کاريون کٽيون ٿينديون ئي رهنديون.
1 جون 1968ع
اسلام آباد
•
ٻڌو اڄ هي عجب لٽڪو ۽ چٽڪو،
رڳو اڄ ملڪ ۾ سينڊل جو سٽڪو.
حڪومت آهه عورت جي اچي وئي،
۽ خاوند جي ڳچي ۾ آهي پٽڪو.
3 جون 1968ع
پشاور
•
هئا جي چاءِ جا پلپل پياسي،
سي پي پي ڳڙ ٿيا بيحد اداسي.
سوا شڪرّ پيڻ جي ڏيِن ٿا سي،
اٻاسي تي اٻاسي تي اٻاسي.
28 آڪٽوبر 1968ع
هالا
•
اسان اڄ جي حڪومت آزمائي،
نتيجي ۾ فقط هي ڳالهه آئي.
غريبن وٽ رڳو اوطاقي ڳڙخان،
اميرن جي گهرن ۾ کنڊ ٻائي.
28 آڪٽوبر 1968ع
هالا
•
محبّت واري ڏي وٺ ڪانه آهي،
ٿيو معشوق و عاشق جو اهو حال.
هي سستو سنهجو سٺڙو آهه سودو،
ملي ٿو مال جي بدلي ۾ اڄ مال.
1 نومبر 1968ع
اسلام آباد
•
جهان ۾ انقلاب ئي ايندا رهندا،
ڪي آيا، ايندا ۽ ڪي ويندا رهندا.
جي نسبندي جي ٿي ناڪاميابي،
ته پوءِ اٺ پير ويڙهائيندا رهندا.
1 نومبر 1968ع
اسلام آباد
•
خوشا قسمت جو نسبندي ٿئي پئي،
حڪومت جي ظفر مندي ٿئي پئي.
مشيّت ايزدي شايد اها هئي،
جو اڳ بندو هو سا بندي ٿئي پئي.
1 نومبر 1968ع
اسلام آباد
•
صدارت کي امامت ڪو نه چئبو،
حڪومت کي خلافت ڪونه چئبو.
اها ڪا ڳالهه ئي ٻي آهه يارو،
سياست کي صداقت ڪونه چئبو.
2 نومبر 1968ع
اسلام آباد
•
ملوڪيّت خلافت ڪا نه چئبي،
ڪسافت جينءَ لطافت ڪانه چئبي.
رڳي وڏماڻهپي ڪا شئي نه آهي،
اها بدعت امامت ڪانه چئبي.
2 نومبر 1968ع
اسلام آباد
•
ڏيڻ گاريون فصاحت ڪانه چئبي،
چوڻ گهٽ وڌ بلاغت ڪانه چئبي.
هجي جيڪا وڏن ماڻهن جي لءِ وقف،
محبّت سا محبّت ڪانه چئبي.
2 نومبر 1968ع
اسلام آباد
•
ٻُڌين ٿو، ڪن ڏئي ٻڌ، جئين اي مُلاّ،
ڪرڻ آسان آهن، هَلاّ گُلاّ.
رڳي چوڙڻ ته ڪو مشڪل نه آهي،
ڪراجمنيون تڏا توريون مُصلاّ.
4 نومبر 1968ع
اسلام آباد
•
ڳڻڻ پيسا پدم آسان آهن،
مگر پيدا ڪرڻ هڪڙو به مشڪل.
پگهر ۽ رت گڏي محنت ڪرڻ سان،
ٿيو سولي وڃي هرڪائي منزل.
4 نومبر 1968ع
اسلام آباد
•
جوانيون ۽ شباب ايندائي رهندا،
جوابن جا جواب ايندائي رهندا.
شريفن جي خدا عزّت بچائي،
جهان ۾ انقلاب ايندائي رهندا.
10 نومبر 1968ع
هالا
•
اڄوڪن عورتن جو طول ۽ غرض،
انهي سان گڏ پيو انگ انگ سڃاڻي.
خبر جيڪا به آهي شوهرن کي،
اها درزي به ٿو اڄ خوب ڄاڻي.
19 نومبر 1968ع
ڪراچي
1969ع
•
جو فرعون آهه سو آخر ئي ويندو،
وري ميدان ۾ هو ڪونه ايندو.
ضرورت ڪجهه ڪرڻ جي ڪانه آهي،
سندس موسيٰ ئي خود پاڙون پٽيندو.
2 جنوري 1969ع
راولپنڊي
•
جو مسڪينن غريبن سان کهي ٿو،
گهڻي مدّت نه سو حاڪم رهي ٿو.
ڀلي وزرا و امرا سَوَ هجن پر،
فقط فرعون سان موسيٰ ٺهي ٿو.
2 جنوري 1969ع
راولپنڊي
(ايوب خان جي دور ۾ جنرل موسيٰ گورنر ون يونٽ هو.)
•
هزارين انقلاب ايندا ئي رهندا،
جوابن جا جواب ايندائي رهندا.
ڪي بي تعبير ڪي تعبير سان ختم،
دماغن ۾ ته خواب ايندائي رهندا.
25 مارچ 1969ع
ڪراچي
يحيٰ خان جي مارشل لا
جي پهرين رات
•
ڪهين مسڪين کي جام ڪم نه ايندي،
اها دولت به دولت ڪانه چئبي.
پرايو ڀتّ کائي پوءِ ڦاٽڻ،
قسم ربّ جو شهادت ڪانه چئبي.
8 ڊسمبر 1969ع
ڪراچي
1970ع
•
جهان ۾ ڪيئي نامي ۽ گرامي،
نظر ۾ رک حلالي ۽ حرامي.
مگر اخلاق پنهنجي کي نه ڇڏ جان،
نه هرگز ٿيج ”طالب“ انتقامي.
29 ڊسمبر1970ع
ڪراچي
•
ڪٿي در بند ميخانا ملن ٿا،
ڪٿي خالي به پيمانا ملن ٿا.
ڪٿي مستن جا گفتا روح پرور،
ڪٿي مهڻا ڪٿي طعنا ملن ٿا.
31 ڊسمبر 1970ع
|