سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چُهنڊڙيون

باب --

صفحو :4

 

 

1956ع


 

 

 

نمازي ملڪ ۾ ٿورا ٿا ڏسجن،

ٺلهي سجدي ڪرڻ وارا گهڻائي.

ڪو دل وارو هزارن ۾ به مس اهه،

جي نه ته اڪثر مڙيئي نانوائي.

 

نه بتخانن ۾ سا اڄ بت پرستي،

نه ميخوارن کي ميخانن ۾ مستي.

نه مسجد ۾ اهي پرهيزگار اڄ،

ترقّي جي عيوض هر جاءِ پستي.

 

رسي خوشبوءِ گيسوئ صنم جي،

نسيمِ صبح تنهنجي مهرباني.

طبيعت مضمحل ڏاڍي هئي پر،

ٿي لحظي ۾ وئي تازي تواني.


 

 

 

محبّت جي خبر ناهي ته ڇا هي،

مگر هو مذهبن کان پاڪ آهي.

يقيناً آهه خودمختار و خوددار،

محبّت رسم جي پابند ناهي.

 

ڳنڊي الفت ڇنڻ مان ڪونه ڄاڻا،

ڏنل دل کي وٺڻ مان ڪونه ڄاڻا.

مان آهيان طالب الموليٰ اي يارو،

ته دنيا جو ٿيڻ مان ڪونه ڄاڻا.

8 سيپٽمبر 1956ع

ڪراچي

 

محمّدّ مير تنهنجا جڳ سلامي،

کنيم تنهنجي غلامن جي غلامي.

مٺا محبوب تنهنجو ئي ته آهيان،

سوا تنهنجي نه منهنجو ڪو به حامي.

15 سيپٽمبر 1956ع

ڪراچي

 

 

سياست رنگ بدلايو نه ڪهڙو،

عمل ۾ ٿي وئي وعده خلافي.

وزارت جي ضرورت وقت هر دم،

وٺڻ هر دم معافي تي معافي.

ڊسمبر 1956ع

 

هجن جنهن جا گهڻا معبود هردم،

ڪڏهن ان جو يقين محڪم نه رهندو.

اصول آهي ته هڪ هڪ جوئي ٿيندو،

گهڻن جو ٿئو ته ان ۾ دم نه رهندو.

 

محبّت سان ڪري ٿو سرڪشي جو،

ٿئي ٿو خود بخود سو نيست، نابود.

محبّت جو فقط مقصود هڪڙو،

بنائي ٿي فقط هڪڙوئي معبود.

 

 

1957ع

 

 

جو پنهنجي تندرستي ڏي نه ڏسندو،

ڪري ٿو سو امانت ۾ خيانت.

مليو هي جسم آهي ٿي امانت،

ڪبي هر حال ۾ ان جي حفاظت.

 

اهوئي طالب الموليٰ ٿئي ٿو،

جو مولا کان سوا ٻي ڏي نه راغب.

ٿيو الله جي آڏو جو مغلوب،

جهان ۾ سڀ ڪنهين تي سوئي غالب.

 

هي ٻن آنن جا پڙهڻا ڪوڙ آهن،

ڀلا اخبار ۾ ٻيو ڇا رکيو آهه.

جي ايڊيٽر کي ڪو رشوت ڏئي ٿو،

گلا پرچي ۾ ان جي پو ڪڏهن ناهه.

 

 

اسانجي سنڌ ون يونٽ ڳهي وئو،

ورائي شل وري واحد وطن کي.

خزان کان بعد ايندي موسمِ گل،

ڪندو سر سبز مولا هن چمن کي.

1957ع

 

 

1958ع


 

 

اسان وٽ ڪانه جمهوريت آهي،

انهي پردي ۾ سچ پچ بادشاهت.

يا اڄ ڊڪٽيٽري جو دور سمجهو،

ٿئي ٿي ان کان هر ڪنهن کي ڪراهت.

1958ع

ايوبي دور

جو دنيائي خدا ان جو نه آهي.

خدا جو جيڪو ان جي سڀ خدائي،

چئي آيو هتي آهين ”بليٰ“ تون،

انهي وعدي سان وعده رفائي.

1958ع

سياست ۾ اهو اڄ ڪامياب آهه،

جو ملڪ و قوم جو غدّار ٿيندو.

زماني ۾ انهي جي ٿيندي عزّت،

وڏن ماڻهن اڳيان سجدا جو ڏيندو.

21 اپريل 1958ع

 

 

ٿئي ٿي فون تي نصف الملاقات،

رهي حيثيّتِ خط ڪانه باقي.

جڏهن ٽيليوزن ايندو اسان وٽ،

ٿبو محبوب سان اڪثر ملاقي.

1958ع

نه ٿا جيڪي پڙهي ۽ پو پروڙن،

اهي بلڪل دوستا ڄٽ چئبا.

پڙهن ٿا پيٽ پارڻ لاءِ جيڪي،

اهي ويچارا آخر ڀٽ چئبا.

21 اپريل 1958ع

سياست ناهه ڏاڙهي پٽ آهي،

فقط غدّار جي هِتِ کٽ آهي.

نه ات ڪو جوڙ ضرب ۽ ونڊ موجود،

رڳو هر ڳالهه ۾ ئي ڪٽ آهي.

21 اپريل 1958ع

 

 

1960ع

 

 

اڄوڪو پير ڄڻ دگران آهي،

اڄوڪو مولوي هامان آهي.

برهمڻ پادري ملّا وغيره،

سڀن وٽ ساڳيو سامان آهي.

 

جا دل ۾ هئي زبان تي ڳالهه آئي،

کٽي قسمت ڪئي مون بي ريائي.

رُپي وارو ڳهي ڪئين روز مسڪين،

مگر ڏي ٿو نه هڪڙي اوگرائي.

 

اندر واري حقيقت هي ٻڌائي،

اسان وٽ آهه رشوت راڄَ ٻائي.

مذّڪر جي حڪومت ڪانه آهي،

اڃا تائين نه غيرت ڪنهن کي آئي.

 

 

ڍِلن پيٽان ڍلا اڪثر هجن ٿا،

مثال اهڙا هزارين ئي ملن ٿا.

هي هڪڙو حادثو يا واقعو آهه،

ڀلن پيٽان ڀلا ٿورا ٿين ٿا.

 

ٻيو سڀ ڪجهه فنا ٿي ويندو آخر،

مگر انسان لءِ پائندگي آهه.

حياتي جو سفر پورو نه ٿيندو،

مرڻ کانپوءِ به هڪڙي زندگي آهه.

12 جون 1960ع

دادو

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org