سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چُهنڊڙيون

باب --

صفحو :3

 

 

1954ع

 

 

اهو ڪهڙو ڀلا پڳدار چئبو،

ننڍن سان جو ڪري هردم وڏائي.

انهي کي ڪنهن طرح پيري نه سڏبو،

نه ڪا آهي اها ”مخدوم پائي“.

 

ڪٿي باقي رهي آهي شرافت،

لَڏي وئي ملڪ مان اڄڪلهه عنايت،

وڏن مان وئي جڏهن الفت ۽ شفقت،

تڏهن ناهي ننڍن ۾ ڪا اطاعت.

 

صد افسوس آهي الفت پئي وڪامي،

اسان جي ملڪ ۾ پت پئي وڪامي.

محبّت جو ادا ڪو قدر ڪونهي،

رُپي تي هاڻ عظمت پئي وڪامي.

 

 

گهڻا ڦاٿل رڳوئي ”لا الہ“ ۾،

هزارن مان ڪو اِلّاَ الله وارو.

رڳي هُو هُو چون ڪو آهه باهُو،

لکن مان ڪو رسول الله وارو.

 

اهو چئجي هجي جنهن تي عمل ڪجهه،

جي نه ته اُن کان ٿيڻ خاموش بهتر.

فقط بڪ بڪ ڪرڻ مان ڪي نه ورندو،

ڪچهري ۾ وهڻ خاموش بهتر.

 

وضو سان گڏ کپي دل پاڪ هردم،

رڳو هٿ پير ڌوئڻ ناهه مقصد.

عبادت سان چڱي مخفي ڪجي جا،

خدا راضي رکڻ ئي آهي مقصد.

 

 

تون ٻَڌ پرهيز گاري وارو احرام،

خدا جو گهر ته تنهنجي دل به آهي.

هُتي احرام ڪپڙي جو ٻَڌن ٿا،

هِتي احرام تقويٰ جو ڇا ناهي.

 

چوڻ ۾ ۽ ڪرڻ ۾ فرق بيحد،

ڪري سو قرب جو جنهن کي ئي ڪاڍو.

سدا خادم ٿيڻ ان کان به مشڪل،

رهڻ مخدوم ٿي دشوار ڏاڍو.

 

ته ٿيندا سِکَّ ئي آزاد اوّل،

جي وارن تي نجات اخروي آهه.

کپن هر وقت پنهنجا نيڪ اعمال،

سواتن جي ڇٽڻ جي واه ڪاناهه.

 

 

نه پي بيدرد جي هٿ جو به پاڻي،

چڱو ان کان ته آبِ شب يماني.

تون غيرن جي طعامن کان پري رهه،

نه ڇڏجئين پنهنجي گهر جي دال ماني.

 

چوڻ سولو ڪرڻ دشوار آهي،

ڪري سو جنهن کي دل ۾ پيار آهي.

سڏائي پاڻ کي هرڪو ٿو خادم،

نه خدمت لاءِ ڪو تيّار آهي.

 

اڳي اڳواڻ جي پويان هو هرڪو،

تڏهن منزل تي پڄندو ڪاروان هو.

جڏهن اڄ پنهنجي مُنهن سڀڪو هلي ٿو،

تڏهن کائي ٿو هرهڪ وک تي ڌوکو.

 

 

فقط ماڻهو ته منبر تي نه گهرجي،

ضرورت ماڻهپي جي آهه هردم.

ڏيڻ گاريون ته سڀ ڪنهن کي اچن ٿئون،

هتي زَخمن جي لءِ درڪار مرهم.

 

نظر باطن تي جنهن جي ڪانه آهي،

اها اک آدمي جي ڪانه چئبي.

جو ظاهر کي ڏسي سور جانور جئن،

طبيعت ان جي پو ڇا ڇا نه چئبي.

 

محبّت ۾ ستم سهڻا پون ٿا،

ٻيا سانگا سڀئي سٽڻا پون ٿا.

متان ڪو جلد بازي کان وٺي ڪم،

هتي رڪ جا چڻا چٻڻا پون ٿا.

 

 

خدا وٽ با عمل انسان پيارو،

لباسن تي نه ٿيندو ڇوٽڪارو.

ٿئي ٿي بي عمل جي گوش مالي،

ٽٽونءَ کي ٽارو تازي کي اشارو.

 

نه پڇجئين سور، تون سهڻا سمورا،

حياتي تائين ٿيندا ڪونه پورا.

نڀائڻ جي ڪبي محبوب هردم،

تون پنهنجي ۾ اسين پنهنجي ۾ پورا.

 

پڇا هرگز هي محشر ۾ نه ٿيندي،

سٿڻ ڀيڏي تي ڇو ته ڪانه پاتي.

مگر پڇندا ته تقويٰ ۾ گذاريئي،

يا پنهنجي دل تو دنيا ساڻ لاتي.

 

 

هُتي ڪانهي عمامي جي پڇا ڪا،

عبائون ۽ قبائون ڪم نه اينديون.

عمل ۽ نيڪ نيّت ئي کپن ٿا،

جي نه ته سڀ طاعتون برباد ٿينديون.

 

خدا کي سو سڃاڻي ڪونه سگهندو،

جو پنهنجي پاڻ کان ناآشنا آهه.

نه آهي جنهن کي پنهنجو قدر ڪوئي،

اهو چئبو وڏو ڪو بيوفا آهه.

 

 

اڪيلائي ۾ بي اخلاق جيڪو،

۽ ماڻهن جي اڳيان تهذيب وارو.

اهو هڪ قسم جو آهي منافق،

ٻڌڻ واري جي لءِ ڪافي اشارو.

 

 

نظر الله جي قلبن تي آهي،

هي ظاهر خال، خط آزار آهن.

جي سينگارين ته باطن پنهنجو سينگار،

ڦَڻِيون ڦوڪارا سڀ بيڪار آهن.

 

قسم الله جو سوئي مسلمان،

مڃيندو جو محمّد مصطفيٰؐ کي.

اهو هرگز مسلمان ڪونه آهي،

مڃي جيڪو فقط هڪڙي خدا کي.

 

ٿئي جيڪو به ٿو احسان فراموش،

انهي انسان کان ڪتّو ئي بهتر.

گلا جو جا هجي اوطاق مرڪز،

انهي کان ڀنگ جو ڀتّو ئي بهتر.

 

 

 

1955ع

 

 

خدا جو خوف جنهن جي دل ۾ آهي،

انهي کان خوف کائي ٿو زمانو.

جو باطِل کان ڊڄي حق ٿو ڇڏي ڏي،

اهو سمجهو ته آهي وائي آنو.

 

تميز خير و شر جنهن ۾ نه آهي،

انهي کي ڪينءَ ڀلا انسان چئبو.

بدي نيڪي جو جنهن وٽ فرق ڪونهي،

اهوئي آدمي شيطان چئبو.

 

وطن جي لءِ رڳو روئڻ سعادت،

زماني لاءِ گريو بدمعاشي.

اکيون حبّ وطن ۾ ٿيون نه آليون،

ته پوءِ چئبيون وزير آب پاشي.

 

 

فقط شادي سان مطلب ڪونه آهي،

ضرورت خانه آبادي جي سمجهو.

جي عورت آڻبي گهر عيش جي لءِ،

ته سا تحريڪ بربادي جي سمجهو.

 

فقط سجدو ريائي ڳٽ ڳچي جو،

قبول آهي اگر سجدو ڪِئو دل.

خدا پيشاني جاچي ڪانه ڏسندو،

ڏئو ان کي ڏئو ان کي ڏِئو دل.

 

ڪمال آهي هي مهانگائي جو اڄڪلهه،

ڪڏهن لاشو به محتاج ڪفن آهه.

مگر اڄ موج دولت مند لءِ ٿي،

جو ان جي پيٽ ۾ مسڪين دفن آهه.

 

 

يقين محڪم عمل پيهم نه آهي،

ڪهين کي قوم جو ڪو غم نه آهي.

سوين اسباب ٿيا زخمي ڪرڻ جا،

مگر موجود ڪو مرهم نه آهي.

 

زماني ۾ ڪٿي آهي وفائي،

متان آهين ڀليو هرگز ڏٽن تي،

چڱي بڇڙي جي ڪنهن ۾ سمجهه ڪانهي،

شرافت پيئي وڪجي اڄ هٽن تي.

 

زمانو سرڪشي ڏي اڄ وڌي ويو،

نه ڪنهنجو ڪٿ رهئو ڪو حال ڀائي.

ڪسر نفسي ڪنهين ۾ ڪانه آهي،

سڏائي خاصخيلي ٿو سرائي.

 

 

متان اڄ اعتبار ان تي ڪري ڪو،

پراوا ڪنهن طرح پنهنجا نه ٿيندا.

هو آهن پالڻا ناگن جا ٻچڙا،

وڏا ٿيندي ئي هڪدم کائي ويندا.

 

خدا حافظ نِڌڻڪن جوئي آهي،

زماني ۾ سفارش ئي هلي ٿي.

ڌِڪن ۾ اڄ غريباڻا سڀئي ٻار،

جوهر دفتر ۾ رشوت ئي ملي ٿي.

 

اڃا تائين ته موجن ۾ مزو آهه،

جي ساحل سان محبّت ٿي ته ڏسبو.

طبيعت پنهنجي اڄ مشڪل پسند آهه،

ڪا منزل سان محبّت ٿي ته ڏسبو.

 

 

اٿي ڪوڪر ثمر اڳتي جو راهي،

تون رهندين ڪيترو آلائشن ۾.

ڪرين ٿو ڇو نه پنهنجي پاڻ جي ڳَڻ،

گذارين پئو ٻين پيمائشن ۾.

 

ڪٿي اڄ آهه اسلامي قيادت،

ڪٿي اڄ آهه اصلوڪي امامت.

ڪٿي اڄ آهه بي مقصد محبّت،

ڪٿي اڄ آهه اشرافن جي عزّت.

 

تمنّائون ضرورت کان زياده،

خدا جو سُنهه وبال جان آهن.

رکڻ گهرجن هميشه خواهشتون گهٽ،

سدا خوش بي سر و سامان آهن.

 

 

گهڻا ڀائر ته يوسف کي به ها، پر،

انهن ۾ ڀائپي جي هئي نه الفت.

گهڻن کان سوئي هڪڙو ڀاءُ بهتر،

هجي جنهن ۾ محبّت ۽ مروّت.

 

نمڪپاشي جو موجوده طريقو،

ٿئي ٿو روز مرهم جي وسيلي.

ڪو پهچائي ٿو جي ڪنهن کي ڪا تڪليف،

ته سا ان جي ئي محرم جي وسيلي.

 

خدا ڪارڻ جي ڏاڍي دشمني آهه،

خدا ڪارڻ جي الفت ڪانه آهي.

خدا جو شان، پاڪستان ۾ اڄ،

محبّت کان سوا ٻيو ڇا نه آهي.

 

 

وڌي ويا ملڪ ۾ مذهب ۽ فرقا،

تڏهن فرقا ٿيا آهن تفرقا.

لباسن ۾ ڍڪيا اڄ دين و ملّت،

رهيا باقي وڃي خرقا ۽ سرقا.

 

ڪڏهن پنهنجا به بيگانا ٿين ٿا،

ڪڏهن دانا به ديوانا ٿين ٿا.

ڪڏهن ساقي به ٿي پئي ٿو تهي دست،

ڪڏهن خالي به پيمانا ٿين ٿا.

 

ننڍن سان ٿي ننڍو هلڻو ئي پوندو،

اڄوڪو پٽ سڀاڻي ٿيندو بابو.

زماني جي عجيب آهي هي فطرت،

هتي هر وقت جو ڏاڍو سو گابو.

 

 

مرڻ کان پو پيا ورسيون ملهائن،

جيڻ جي وقت ڪنهنجي ڪا پڇا ناهه.

حياتي ۾ ته ڪنهن جو قدر ڪونهي،

اسان جي قوم اڃا مردهه پرست آهي.

 

ڪٿي تاريڪ شاهن جا شبستان،

ڪٿي پر نور خسخانا به آهن.

ڪٿي خود قلب ئي ڪعبا ٿين ٿا،

ته ڪن جي دل ۾ بتخانا به آهن.

 

ڪٿي پئا کيڏجن خوني ڊراما،

ڪٿي عشق و محبّت جا فسانا.

ڪٿي ساغر تي ساغر جو به دور آهه،

ڪٿي بتخانا ۽ ڪٿ ڀوتخانا.

 

 

سوا بارود جي بندوق بيڪار،

انهي کان ڪاٺ جو ڌڪّو ئي بهتر.

ڀلا رشوت جي روزي ڪهڙي چئبي،

تهين کان ڀنگ جو ڀتّو ئي بهتر.

 

خدا کي گوشت جي ڪانهي ضرورت،

اتي هڏ پوسٽ جي ڪانهي ضرورت.

هُتي گهر جي ٿو قرباني جو جذبو،

زباني دوست جي ڪانهي ضرورت.

شّوال عيد ڏينهن

 

اسانجو يار جي ياري سان ڪم آهه،

فقط پنهنجي وفاداري سان ڪم آهه.

اسين سودو زيان کان آهيون بالا،

اسان جو ڇا کٽِي هاري سان ڪم آهه.

 

 

ڏجي جاهل کي هردم وٽ تي وٽ،

جي نه ته آخر هڻي وٺندو ڪڏهن جهٽ.

اُهي ٻيئي ٻڌل هردم ٿا سونهن،

زماني ۾ هميشه ڄٽ ۽ ڦٽ.

 

اسان کي پاڻ کان ئي بي خيالي،

ته ڪينءَ دلبر ڏي وڃبو ٿي سوالي.

اسين ڪنهن کي سڃاڻو ۽ نه ڄاڻو،

اسان مستن جو مشرب لا ابالي.

 

رهيا آهن وڃي هي يار باقي،

شراب و شاهد و ساغر ۽ ساقي.

ڪڏهن صحبت به آهي واعظن سان،

اهي آهن امور اتّفاقي.

 

 

جو خود هو پاڻ ئي گمراهه آهي،

اهو ڪنهنجي ڪندو ڪا رهنمائي.

خدا تي ڀروسو رکبو هميشه،

ته سو پاڻهي ڪندو مشڪل ڪشائي.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org