سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چُهنڊڙيون

باب --

صفحو :2

چُهنڊڙيون

 

(قطعا) 

 

49-1948ع

 


 

 

 

اکيون هردم اداسي تنهنجي ڪارڻ

رهن پلپل پياسي تنهنجي ڪارڻ

هي طالبُ طالبُ الموليٰ بنائي

ڪيو سورن سنيا سي تنهنجي ڪارڻ

4 مئي 1948ع

 

 

جهان ۾ حسن سلطانِ محبّت

جنابِ عشق ٿيو جانِ محبّت

هو آهي گوهرِ ڪانِ محبّت

هي آهي شوڪت و شانِ محبّت

25 جون 1949ع


 

 

 

 

1952ع

 

 

نه آيو پر نه آيو پر نه آيو

مون سمجهيو ٿي قرار آيو ڪ آيو

رڙيون بلبل ڪري 12 مهينا

نهاري پئي بهار آيو ڪ آيو

28 جنوري 1952ع

ميرپور بٺورو

انهي کي شرمساري ٿيندي آخر

وري جو آزمايل آزمائي

اهو ناڪام ٿي دنيا ۾ رهندو

پرائي ڳالهه ۾ جو پير پائي

 

نجات اخروي تقوا سان ملندي

متان ڦاسين ڪڏهن آلائشن ۾

تون دنيا ساڻ گڏ عقبا به سينگار

گذارين تون متان آرائشن ۾


 

 

 

هُتان جنهن وقت ٿيندو آهي ڀَڀڪو

ڪندو تيرِ طعن سيني ۾ چَڀڪو

مِسز جهندم هڪل ڏئي آهي اٿندي

اتي بيهي نه سگهندو يار سڀڪو

 

ڪري تير زبان پئي دل خراشي

هي هلندي ڪيستائين بدمعاشي

اسان وٽ اڄ ڪٿي رزِق حلال آهه

اسان وٽ ڪاميابي آهي ئي راشي

 

ڪٿي آهي زماني ۾ محبّت

ڪنهين وٽ ڪنهنجي لءِ ناهي مروّت

رهي ڪنهنجي نه اڄ محفوظ عزّت

چڱائي ۽ چڱن جي آهي قلّت


 

 

 

رڳو خطبن پڙهڻ مان ڪونه ورندو

خطيبن ۾ عمل جو روح گهرجي

زباني ٻوڙ ۾ گهه جو نه صرفو

کپي فاتح نه هت مفتوح گهرجي

 

جو ناؤ نوش ۾ ئي محو آهي

انهي جي زيست زهر آلود سمجهو

ٿيو جو ناچ گهرجو اهل انسان

ته ان جي عاقبت محمود سمجهو

 

سڪونِ قلب ئي آرام چئبو

رڳو کائڻ پيئڻ ۾ ڇا رکيو آهه

طبيعت ۾ جي اطمينان ڪونهي

ته پوءِ خالي جيڻ ۾ ڇا رکيو آهه


 

 

 

چوڻ سولو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهه

ٿيڻ عاشق لءِ، ڪم ڪرڻا پون ٿا

نڀائڻ واسطي گهرجي ٿي طاقت

هتي سو سور غم چرڻا پون ٿا

 

اچڻ کان پوءِ جيڪا ڪانه ويندي

اها پوڙهپ ۽ ان جي ناتواني

وڃڻ کان پوءِ جا موٽي نه ايندي

سا آهي يار ديواني جواني

 

اهي چئبيون نه مومن جون نشانيون

ڊگهي ڏاڙهي پيل سرمو ۽ پڳڙي

عصا ڪن تائين ۽ ڀيڏن تي سلوار

اڳيان هر ويل ۾ ڍاڪو ۽ ڊڳڙي


 

 

 

پڙهيو جن علم ديني ۽ ٻڌي پڳ،

ڳڀي ماني جي لءِ محتاج آهن.

زماني ۾ انهن جو بول بالا،

جي مغرب جي جهان جا تاج آهن.

 

هي آهن ڄڻ ٻٻر کان ٻير گهرڻا،

وفائي جون اميدون بي وفا ۾.

محبّت بي محبّت وٽ ڪٿي آهه

وفا جي آهي ته به ان جي جفا ۾؟

 

رڳي ڏاڙهي ڊگهي سنّت نه چئبي،

مگر ان سان چڱي نيت به گهرجي.

محمّد جي ڪبي هر طرح تقليد،

اتي اعمال جي صحت به گهرجي.


 

 

 

منجهايو مذهبن ماڻهن کي بيحد،

جو اصلي علم اڄ موجود ناهي.

حقيقت ۾ ته مونجهارو به ڪونهي،

اڳيان قرآن ۽ اسلام آهي.

 

تون کائين آدمن جو ماس واعظ،

پيڻ ان کان ته مي جو جام بهتر.

رهي باقي نه لعن وطعن جو هوش،

اهو ساقي سندو انعام بهتر.

 

اڄ آفسون ئي دارالعشق آهن،

وڃڻ دلبر جي در بي سود بلڪل.

اتي معشوق عاشق گڏ رهن ٿا،

فراق و هجر ٿيا نابود بلڪل.


 

 

 

گهڻا ڀائر ته يوسف کي به هئا پر،

انهن ۾ ڀائپي جي هئي نه الفت.

گهڻن کان سوئي هڪڙو ڀاءُ برتر

هجي جنهن ۾ محبّت ۽ موّدت.

 

چون ٿا جنجي دل درياءُ آهي،

ڪڏهن اڏ تي به سهي بيهي رهن ٿا.

گهڻائي تنگدل انسان آهن،

جي ڪنهن دم بي ڌڙڪ دريا ٽپن ٿا.

 

وڃي تلخي ڇڏيو لذّت وڌي ٿي،

پراڻي جئن ٿئي مي تئن گهڻو ڪيف.

گهڻا ماڻهو پراڻا ٿي ڪڙا ٿين،

انهن جي آهي حالت تي ئي صد حيف.


 

 

 

ڏٺم دنيا اڃا تائين به بڪر آهي،

پڇيم آهين ڀلا تون ڇو ڪنواري.

چيئين مردن ته مون کي هٿ نه لاتو،

ٿئي نامرد سا ڪيئن قربداري.

 

کپن جرّت سان گڏ جذبات دل جا،

نه ايندو ڪم رڳو ظاهر جو ڦٿڪو.

ٿيڻ سرويچ دنيا ۾ ڏکيو آهه،

ڀڄن ٿا ڪيئن ٻڌي پيرن جو ٿڦڪو

 

اڃا عورت سڀئي حق ڪو نه ورتا،

جڏهن ورتئين ته سڀ مولا کي پرتا.

خبر پوندي جڏهن سو ڏينهن ايندو،

پوءِ ٿيندا سڀ جا ظاهر ڪرتا ڌرتا.


 

 

 

جڏهن ”وَرُ“ ٿيندي دنيا ۾ نياڻي،

تڏهن کان مڙس ٿيندو گهر ڌڃاڻي.

اهوئي دور ايندو نيٺ هڪ ڏينهن،

ڀريندو مرد ئي گهر جو پو پاڻي.

 

نه ظاهر دل جو ڪوئي راز ڪر تون،

مگر هر راز تي ڪو ناز ڪر تون.

ٿي طالبُ خانئه دل جو اي طالبَ،

ڀلي هفت آسمان پرواز ڪر تون.

1 رجب 136هه

هالا

 

 

1953ع

 

جفا تي تو سڄڻ هر دم جفا ڪئي

نه تنهنجي طبع مون ڪنهندم خفا ڪئي.

اميد آهي وري ملنداسين ٻيهر

حياتي جيڪڏهن دلبر وفا ڪئي.

 

زماني ۾ وڌي وئي بيوفائي،

محبّت ملڪ ۾ ئي ڪانه آهي.

چڱائي جو ته نالو ئي ٿيو گم،

سوا ان جي ڀلا ٻيو ڇا نه آهي.

 

 

اڳي هر ڪنهن کي ملندي مفت ۾ هئي،

محبّت رشوتن سان اڄ ملي ٿي.

خلوص ۽ نيڪ نيّت ٻيئي ڪافور،

اسان جي قوم تي دنيا کلي ٿي.


 

 

 

حقيقت ۾ اهو ماڻهو ننڍو آهه،

ننڍي هوندي ڪري جيڪو وڏائي.

ٿي ماڪوڙي هنيو جنهن شينهن سان دم،

انهي سمجهو ته پنهنجو ڪُر لڄائي.

 

وڏو سو جو بلند اخلاق آهي،

ڪٿي ئي ڪونه ٻئو مقبول ٿيندو

اهوئي سرفراز آهي جهان ۾،

سڀن آڏو جهڪي ويتر جو ويندو.

 

وڏو ماڻهو نه عُهدي ساڻ ٿيبو،

وڏائي جو سبب اخلاق آهي.

تڪبّر ذات تي جي ٿئو ته ڇا ٿئو،

عمل ري ڪنهن جي عزّت ڪابه ناهي.


 

 

 

خدا وٽ جبّه و دستار ڪجهه ناهه،

اتي ڌوتي ۽ ٻيو زنار ڪجهه ناهه.

وٽس نيّت چڱي جي ئي ضرورت،

رڳو صورت سان گڏ سينگار ڪجهه ناهي.

 

وڏو ماڻهو ڪوبي اخلاق آهي،

چڱو ان کان گهڻو ماڇي مهاڻو.

ڀلا جو اک ٻيائي جي رکي ٿو،

ٿئي بهتر انهي کان ڪوجهو ڪاڻو.

 

عمل ناهي ته سڀ ارڪان بيڪار،

فضول آهي مگر هر ڳالهه رسمي.

فقط وئو جسم ڪعبي ۾ ته ڇا ٿئو،

خدا جو سنهه رڳو دل حج ڪري ٿي.


 

 

 

 

رڳو محشر ۾ تو کان هي نه پڇندا،

ته دعوت جي تو سنّت ڇو نه پاري.

مگر چوندا خدا ڪرڻ ڏنئي ڪِي،

يا کائڻ ۾ حياتي تو گذاري.

 

اي واعظ ناس ڪينءَ ٻيڙي کان افضل،

ٻنهي جو اصل هڪ تمّاڪ آهي.

جا تون ٿو ڏين سان مسجد ۾ به جائز،

جا ٻاهر ٿا پين، ناپاڪ آهي.

 


 
 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org