سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: محبت پائي مَن ۾

باب --

صفحو :5

 

 

                      •

شب هجر جي ٿي سحر آخرش،

ڏٺم روئ رشڪ قمر آخرش.

 

وريو منهن جو پيغامبر آخرش،

ملي ڪا خوشيءَ جي خبر آخرش.

 

سُڪي ويندي ”مهراڻ“ وانگر صنم،

سندءِ ياد ۾ چشم تر آخرش.

 

اچي روبرو هُن کلي جو ڏنو،

ٿيو ابر غم منتشر آخرش.

 

قضا منهن جي قسمت کان هارائي وئي،

کنئي يار مون ڏي نظر آخرش.

 

جفائنجا بدلا وٺان ڪيترا،

هي سوچي ڪيم درگذر آخرش.

 

ڏسڻ جنهن کي بيحد ٿي مشڪل لڳو،

ملڻ ان سان ٿي ويو مگر آخرش.

 

هلي آيو ازخود ’جميل الزمّان‘،

ڪيو منهنجي آهُن اثر آخرش.

 

17- مئي 1985ع هالا

 

 

                      •

اڄ وري گذريل زمانا ياد آيا بالخصوص،

بيوفا! تنهن جا بهانا ياد آيا بالخصوص.

 

اشڪ شايد هاڻ ٻوڙيندا سموري ڪائنات،

دل کي هي ڪهڙا فسانا ياد آيا بالخصوص.

 

جيئن وري سانوڻ جي موسم آئي موٽي سنڌ تي،

ڪي پراڻا دوستانا ياد آيا بالخصوص.

 

پاڻ کي ملندي ڏسي محبوب! فرطِ جوش مان،

ڳايا جي بلبل ترانا، ياد آيا بالخصوص.

 

جن اکين ۾ پاڻ کي قيدي بنائي مون رکيو،

سي ئي پيارا قيد خانا ياد آيا بالخصوص.

 

وقت جنهن جنهن وقت مون تي وار ڪيو آهي سڄڻ،

تنهن جي نيڻن جا نشانا ياد آيا بالخصوص.

 

ظلمتِ شب جي طوالت کي ڏسي هڪدم ’جميل!‘،

مون کي منهنجا آشيانا ياد آيا بالخصوص.

 

15- آگسٽ 1983ع حيدرآباد سنڌ

 

 

                      •

نگهه ڪيف زا مان ٿبو مستفيض،

رخ باحيا مان ٿبو مستفيض.

 

ڪبي دست برداري مي سرخ تان،

لب جان فزا مان ٿبو مستفيض.

 

گلستان ۾ آئي فصل بهار،

سڄڻ جي سخا مان ٿبو مستفيض.

 

اميد آهي محبوب ايندو هليو،

اڄ آه رسا مان ٿبو مستفيض.

 

اڳيان طالب مولا جي ٻُڪَ جهلي،

روحاني غذا مان ٿبو مستفيض.

 

شراب دهن يار ڏيندو ’جميل!‘،

ڄڻ آب بقا مان ٿبو مستفيض.

 

9- سيپٽمبر 1984ع هالا

 

 

خنجر ابرو اڳيان، صيّاد جي ڪهڙي بساط،

تير مزگان ساڻ ٿي جّلاد جي ڪهڙي بساط.

 

خامشي سان پنهنجو هر اشدڪ ندامت پي ڇڏيو،

جت ڪڇڻ ٿيو ڏوه، ات فرياد جي ڪهڙي بساط.

 

ذهن جي پردي تي هردم آهي تصوير صنم،

پو ڀلا مون وٽ اُنهي جي ياد ڪهڙي بساط.

 

جنهن قبوليو قيد، زلف و ڪاڪل خمدار جو،

روبرو ان جي ڪنهين آزاد جي ڪهڙي بساط.

 

عشق ٿو واقف ڪري ارض و سما جي راز مان،

عشق آڏو يار! ٻئي استاد جي ڪهڙي بساط.

 

هن زماني ۾ ته ٿيندي آهي ’ڊسڪو‘ عاشقي،

دوست! هت افسانئه فرهاد جي ڪهڙي بساط.

 

داستان غم حسينن وٽ ڪڏهن ظاهر نه ڪر،

بزم رعنا ۾ دل ناشاد جي ڪهڙي بساط.

 

روز نئون ڪو ظلم ٿو ايجاد ٿئي اڄڪلهه، جميل!

حڪمرانِ وقت سان شَّداد جي ڪهڙي بساط.

 

9- سيپٽمبر 1984ع هالا

 

             

دلبر جي جفائن مان هر وقت ٿبو محظوظ،

اڄ اهڙي ادائن مان هر وقت ٿبو محظوظ.

 

محبوب اگر مون وٽ آيو نه، ته ڇا ٿي پيو،

بيڪار صدائن مان هر وقت ٿبو محظوظ.

 

هن چاڪ گريبان جو اي شوخ قسم آهي،

ديرينه وفائن مان هر وقت ٿبو محظوظ.

 

وَر وَر ڏئي زلفن ۾ هو قيد ڪندو پل پل،

هر بار سزائن مان هر وقت ٿبو محظوظ.

 

رهڻو آ مسلمان ٿي ڇڏيو نه خمستان کي،

واعظ جي گلائن مان هر وقت ٿبو محظوظ.

 

جي يار نه ايندين تون هن فصل بهاران ۾،

پر ڪيف هوائن مان هر وقت ٿبو محظوظ.

 

هڪ طرف صنم ساقي، ٻي طرف شراب سرخ،

ٻن هوش ربائن مان هر وقت ٿبو محظوظ.

 

اڻ ڄاڻ هئس پهرين دنيا کان جميل آئون،

پر هاڻ دغائن مان هروقت ٿبو محظوظ.

 

18- سيپٽمبر 1984ع هالا

 

 

هو شوخ، ڪندو پيار اِها آهي توقع،

ٿيندو نه وري ڌار اها آهي توقع.

 

بخشيندو اچي پرده نشين مونکي يقيناً،

اڄ جلوهء ديدار اِها آهي توقع.

 

مون ساڻ خوشين ڪونه نڀايو مگر اي غم!

رهندين تون وفادار اِها آهي توقع.

 

مئخوار سان اي گردش دوران نه ڦٽائج،

ڏسجين ٿي سمجهدار اِها آهي توقع.

 

ڌوکي ۽ فريبي جي خيالات مان ڪنهن دم،

انسان ٿيئي بيدار اِها آهي توقع.

 

جيڪو به سچائي ته هميشہ پيو هلندو،

ڊڄندو نه سِردار اِها آهي توقع.

 

ويراني دل کان ٿو رهي سهڻو ستمگر،

سئو پئسا خبردار اها آهي توقع.

 

محبوب! جميل آهي سندءِ زلف دوتا ۾

هر وقت گرفتار اِها آهي توقع.

 

14- آگسٽ 1984ع حيدرآباد.

 

 

                     

ڪو چئه جانان ۾ ٿيو خون تمنا بي دريغ،

منهنجي قسمت خود ڪيا مون سان تماشا بي دريغ.

 

تيخ ابرو ساڻ مونکي دلربا ماري ڇڏيو،

مهربان آهي، ٿئي ٿو لطف فرما بي دريغ.

 

دوستو! هن دور ۾ همدم کپي ٿو لازماً،

ڪير سهندو زندگي جا ظلم، تنها، بي دريغ.

 

بلبل و گل جي زبان تي آهي پنهنجو داستان،

يار! ڏس ڪيئن ٿي وياسين پاڻ افشا بي دريغ.

 

اتفاقاً ڪو نه ڪو بخشيندو آهي رنج و غم،

گڏ مگر اهڙا ٿيا مون وٽ اثاثا بي دريغ.

 

مون گهڻئي ڪوشش ڪئي ناصح! قسم شڪني نه ٿي،

ڪاڪل پيچان بنايو دل کي شيدا بي دريغ.

 

عشق ۽ کسٿوري لڪندا ڪو نه ڪنهن دم همنشين!

گويا تنهن جي ئي ڪري ٿيو آهيان رسوا بي دريغ.

 

ڪنهن جي دامن ۾ رکون اميد الفت اي جميل!

ٿيو وڃي تبديل اڄڪلهه رنگ دنيا بي دريغ.

 

14- آگسٽ 1984ع حيدرآباد


 

 

تون ئي تون آهين حسين ڪر اعتراف،

هن حقيقت جو پرين! ڪر اعتراف.

 

تنهن جي الفت ۾ آهيان مشهور ٿيو،

اي نگاهِ شرمگين ڪر اعتراف.

 

ڇڏ بهانا سازي، منهنجا ماه رو!

دل ۾ تون آهين مڪين ڪر اعتراف.

 

تنهن جي نيڻن مونکي مستانو ڪيو،

منهنجي رشڪ انگبين ڪر اعتراف.

 

منهن جي خوابن جي آهين تعبير تون،

خوبرو پرده نشين ڪر اعتراف،

 

پنهنجي هر ظلم و ستم جو سنگدل،

پاڻ تون بنجي امين ڪر اعتراف.

 

نعمتون سڀ خوب آهن پر ’جميل!‘،

عشق آهي بهترين ڪر اعتراف.

 

20- مئي 1983ع هالا.

 

 

دل کي دلبر تمنا جو ڏئي ويو سبق،

خامشي کي تقاضا جو ڏئي ويو سبق.

 

خنده پيشانيءَ تان زلف پُرتي ڪري،

قربِ عقد ثريا جو ڏئي ويو سبق.

 

حالت چشم کان ناشناسا رهي،

طور و اطوار دنيا جي ڏئي ويو سبق.

 

روئ روشن کي پردي ۾ پنهان رکي،

مون کي محبوب سودا جو ڏئي ويو سبق.

 

ڇا ٿيو جي ڪيئن ملتوي وصل کي،

مون کي پڻ خالي وعده جو ڏئي ويو سبق.

 

مي اکين مان پياري ڪري بي خبر،

هو الاجي ته ڇا ڇا جو ڏئي ويو سبق.

 

مون کي سيني سان پنهنجي لڳائي ’جميل‘،

درد و غم جي مداوا جو ڏئي ويو سبق.

 

11- جولاءِ 1983ع

 

 

ظاهر ٿي رخ يار تي لالاڻ امالڪ،

مشهور ڪندو عشق مونکي هاڻ امالڪ.

 

اوري ڪريو دامن کي ته ڪي لڙڪ وهايان،

اڄ موج زن آهي ٿيو مهراڻ امالڪ.

 

وَرهِن جي وڇوڙي جو ستايل ٿو پڪاري،

چنبڙي وڃان محبوب مٺي ساڻ امالڪ.

 

جيئن خوشبو، هوا ساڻ مليو ٿي وڃي دلبر،

اچ گڏجي وڃون اينهين پرين پاڻ امالڪ.

 

ڇا توکي سندم قتل مان ورندو اي ستمگر!

هي نيڻ کڻي مون ڏي نه تون تاڻ امالڪ.

 

فرمايو قدم رنج جڏهن رشڪ مههِ نو،

ٿي ختم شب تار جي ڪاراڻ امالڪ.

 

جنهن وقت جميل! آيو سڄڻ تنهنجي اڱڻ تي،

اي يار! تو روئي ڏنو ڇاڪاڻ امالڪ،

 

4- جولاءِ 1984ع ڪراچي

 

 

خواهش وصل صنم کي دل ۾ رک،

داستان هجر و غم کي دل ۾ رک.

 

عشق جي رستي کي ڇڏبو ڪونه يار!

مشڪلاقت پيچ و خم کي دل ۾ رک.

 

هو ڀلي پيو ظلم فرمائي مگر،

تون، صنم جي هر ستم کي دل ۾ رک.

 

ڪجهه ٻڌائڻ مان نه ورندو همنشين!

محشر درد و الم کي دل ۾ رک.

 

شوخ آخر تنهنجو ٿي ويندو سڄڻ،

صرف اميد به هم کي دل ۾ رک.

 

ڪاميابي پير چمندئي دم بدم،

رهبري نقشِ قدم کي دل ۾ رک.

 

ڇا اٿئي مرضي اي ديوانه ’جميل‘،

دوست! راز چشم نم کي دل ۾ رک.

 

هر گهڙي هردم لکڻ کان اڳ ’جميل!‘

عظمت وعّذ ِ قلم کي دل ۾ رک.

 

26- سيپٽمبر 1984ع هالا

 

                     

ديد جي قابل ٿين ٿا، قلب نادان! تنهن جا رنگ،

لطف بخشيندا آهن ناڪام ارمان! تنهنجا رنگ.

 

مون، شب تاريڪ جي پرواهه ڪنهن دم ڪانه ڪئي،

دل فروز آيا نظر اي چشم گريان! تنهنجا رنگ.

 

سوسن و سنبل، صنوبر، ياسمن، شهلا، گلاب،

جلوه گر آهن چمن ۾ جان جانان! تنهنجا رنگ.

 

سرخ مي سان منهنجي ٻي دلچسپي ناهي مهلقا!

روز ساغر ۾ ڏسان ٿو روئي، جانان تنهنجا رنگ.

 

روئي قاتل تان گرفت چشم کڻندس ڪو نه اڄ،

رونما ٿيندا بالآخر زخم، خندان! تنهنجا رنگ.

 

سر فروشن کي ڀلا هو باغ و بستان ڪيئن وڻن،

غيرت قوس قزح، شام غريبان! تنهنجا رنگ.

 

اصليت پنهنجن پراون جي کُلي پئي اي ’جميل!‘

شڪر جو مون پڻ ڏٺا حالِ پريشان! تنهنجا رنگ.

 

14- سيپٽمبر 1984ع هالا.

 

              

حياتي جو سارو ڪتاب آهي ٺڳ،

ڏسو سوچي مثل حباب آهي ٺڳ،

 

مون سمجهيو، سحر ٿي وئي مهلقا!

قسم سان ته تنهن جو حجاب آهي ٺڳ.

 

ڳجهارت ٿي سڏجي سڄي زندگي،

مگر يار! دور شباب آهي ٺڳ.

 

چڙون ڏاڍو پر جلد پرچيو وڃون،

لڳي ٿو، اسان جو عتاب آهي ٺڳ.

 

هزارين ٿو پيدا ڪري وسِوسا،

رخِ جانِ من جو نقاب آهي ٺڳ.

 

نگهه مان عطا ڪر ته مدهوش ٿيان،

اي ساقي! هي تنهنجو شراب آهي ٺڳ.

 

خيالاتي دنيا کي چئبو فريب،

جو رهندو هجي محوِ خواب آهي ٺڳ.

 

نڪو سون آهي نڪو پاڻي آه،

’جميل الزمان‘ هو سراب آهي ٺڳ.

 

10- آگسٽ 1984ع حيدرآباد.

 

 

     

دورِ جديد ۾ ته محبت گهٽايو اگهه،

جهيڙي تي سڀ تيار حمايت گهٽايو اگهه.

 

نااهل حڪمران ٿيو ٿا وتن، ڏسو!

چئبو، سچي پچي به لياقت گهٽايو اگهه.

 

ساقيءَ ڪڏهن نه خالي ڇڏيو منهنجي جام کي،

ورنه جهان ۾ آهي مرّوت گهٽايو اگهه.

 

خود ساخته مشينري ايجاد آهي ٿي،

ان جي ڪري زماني ۾ محنت گهٽايو اگهه.

 

هي شومي نصيب، زمانه کڻي چئو،

سستو گناه آهي عبادت گهٽايو اگهه.

 

مصنوعيت عيان ٿي رهي هاڻ حسن ۾،

فيشن اچي ويو ۽ حقيقت گهٽايو اگهه.

 

ڪنهن وٽ ڀلا عوام وڃي پنهنجا غم کڻي،

ميزان ٿيو بُلند، عدالت گهٽايو اگهه.

 

اڄ تائين والدين آهن ساڳيا مهربان،

اولاد وٽ ’جميل‘ سعادت گهٽايو اگهه.

 

21- سيپٽمبر 1984ع هالا.

 

             

سڄڻ ويندي ڏٺم ڪانڊاريا لِڱ،

فراق ايندي ڏٺم ڪانڊاريا لِڱ.

 

ستم جن ٿي ڪيو تنجي هٿان اڄ،

ڪرم ٿيندي ڏٺم ڪانڊاريا لِڱ.

 

جڏهن توکي به اي نادان دلڙي،

دغا ڏيندي ڏٺم ڪانڊاريا لِڱ.

 

حياتي، ميڪدهء، مسجد جي وچ ۾،

وڃائيندي ڏٺم ڪانڊاريا لِڱ.

 

جڏهن مون پاري ديواني کي دانا،

سڏائيندي ڏٺم ڪانڊاريا لِڱ.

 

ملڻ جنهن ساڻ ٿيندو هو بمشڪل،

سو ماڻيندي ڏٺم ڪانڊاريا لِڱ.

 

’جميل‘ اهڙو زمانو ڇو ٿيو آ،

هي سوچيندي ڏٺم ڪانڊاريا لِڱ.

 

 

هڪوار محبت مان نهاريئين ته بهرحال،

اڄ آبِ بقا مونکي پياريئين ته بهرحال.

 

ڪجهه دير اچڻ ۾ ڪئي محبوب بلاشڪ،

هن هجر جي حيوان کي ماريئين ته بهرحال.

 

ترسي نه گهڻون وقت سگهيو جانِ تمنا،

ڪي چار گهڙيون قرب جون گهاريئين ته بهرحال.

 

عادت بمطابق هو، ڪري ويٺو جو وعدو.

ممڪن نه لڳو ٿي پر پاريئين ته بهرحال.

 

دنيا جي نصيبن تي اچي رحم ويو هن کي،

جو زلف پريشان سنواريئين ته بهرحال.

 

حالانڪه وفا صرف ’جميل‘ آهي نڀائي،

هر ڏينهن سچائي سان گذارئين ته بهرحال.

 

13- جنوري 1985ع ڪراچي.

 

 

ملي اچي والهانه سهڻو، ته پوءِ چئبو ڪمالِ موسم!

مگر اي دل! مهلقا جي آمد ڪندي الاجي ڇا حالِ موسم!

 

ڪري بهارن جو وعدو، سانوڻ ۾ آيو محبوب جانِ جانان،

چيم ته ان کي سزا ڏجي پر اچي ويو دل ۾ خيال موسم.

 

اچو اچو دوستو! ۽ مونکي مبارڪن تي مبارڪون ڏيو،

اڱڻ تي آهي ٿيو نمودار عرصي کان پوءِ هلالِ موسم.

 

سواءِ تنهنجي هي سانوڻي رت نڌڻڪو ٿي خود کي سمجهي سهڻا

تون منهنجي بيتابين کي ڇڏ، دلربا! هي آهي سوال موسم.

 

صبا جي هي مهرباني جنهن زلف جانِ من کي ڪيو پريشان،

وگر نه فوراً نظر اچي ها، سڄي چمن ۾ زوال موسم.

 

اکيون ڪَڪُوريل ۽ وار ڪارا، گلابي لب سانورو سراپا،

قسم خدا جو سڄڻ وڌائي ڇڏيو اچڻ سان جمالِ موسم.

 

’جميل‘ جي چشمِ تر کي پنهنجي لبن سان دلبر ڇڏيو لڳائي،

ڀلا نظارا ڪٿان ڪندا دستياب اهڙو مثالِ موسم؟

 

9- جولاءِ 1983ع هالا

 

             

آستان يار تي ڪئين سر، خميده ٿا رهن،

عشق وارا دمبدم پابندِ وعده ٿا رهن.

 

خنجر و تلوار جا ڌڪ ٿي وڃن ٿا مند مل،

پر زبان جا زخم هردم محوِ خنده ٿا رهن.

 

اي صبا! تو روئي ساقي کي کڻي افشا ڪيو،

ان ڪري شرمنده هي رنگ هائي باده ٿا رهن.

 

ٻئي ته ڪنهنجي واسطي ڪانهي جڳهه خالي، مگر،

دل جا دروازه سڄڻ تولءِ ڪشاده ٿا رهن.

 

جن به مون وانگر، ڪيو راهءِ وفا کي اختيار،

آئون سمجهان ٿو اهي پڻ غم رسيده ٿا رهن.

 

حسن آ روز ازل کان يار! محتاج نظر،

تنهن جا افسانا به منهنجي ڪاڻ زنده ٿا رهن.

 

صحبت محبوب ۾ جيڪي زمانا ٿيا بَسر،

اڄ به منهنجي ذهن ۾ والله، تازه ٿا رهن.

 

سارو ميخانو آ جن جي حڪم ۽ هٿ ۾ ’جميل‘!

سي ڀلا ڇاجيڪري مصروفِ شڪوه ٿا رهن؟

 

3- مئي 1985ع هالا

 

                     

وسي ڪا رحم جي بارش، اي آسمان! فوراً،

اُداس قلب ٿيئي هاڻ گلستان فوراً.

 

نگاه يار سان جنهن وقت ٿي شناسائي،

غمِ فراق بڻيو منهنجو رازدان فوراً.

 

ڏٺئين جو عزم محبّت جي پائيداريءَ کي،

ستم ظريف ٿيو مون تي مهربان فوراً.

 

گذشته دور جو آيو خيال روئي ڏنم،

زماني ٺاهيو انهي تي به داستان فوراً.

 

زمه نصيب اگر اڄ هليو اچي دلبر،

ڪندس ’جميل‘! فدا ان تي دل ۽ جان فوراً.

 

17- جنوري 1983ع هالا

 

             

آمدِ يار جي خبر تائين،

ڪيئين غم آيا منتظر تائين.

 

چهرهء يار تان هٽيو جو نقاب،

جلوه پهتو وڃي قمر تائين.

 

چشمِ جانان نشا ڏياري ڇڏيا،

آبِ انگور جي اثر تائين.

 

ٿئڻون اظهارِ عشق هو ليڪن،

لفظ بيهي رهيا مگر تائين.

 

اي فغان! توکي پهچڻو پوندو،

هن ستمگر سڄڻ جي در تائين.

 

راه ڪيڏي نه دلفريب آهي،

منهنجي گهر کان صنم جي گهر تائين.

 

بس، اِهو ياد آهي مونکي ’جميل‘!

هنجا هٿ آيا چشمِ تر تائين.

 

6- مارچ 1985ع هالا

 

 

                      •

مٺا! موٽ واپس، ڪي موجون ملهايون، وري ملڪ تي

موٽي آيو آ سانوڻ.

ٿڪل آرزوئن جا جذبا وڌايون، وري ملڪ تي

موٽي آيو آ سانوڻ.

چڙهي مينهن آيو اڇي آسمان تي مسرّت ۾ ڪوئيل

ٿي نغما آلاپي.

اي دل! ڪنهن طريقي سان دلبر گهرايون، وري ملڪ تي

موٽي آيو آ سانوڻ.

 

سڀئي گرم جوشيءَ ۾ خوش پيا هلن پو رڳو پاڻ، روئندا ئي

روئندا رهون ڇو؟

دلِ مضطرب! ڪا قيامت مچايون، وري ملڪ تي

موٽي آيو آ سانوڻ.

 

اڳي کان وٺي، مدتن کان وٺي صرف تنهنجو آهيان،

منهنجا محبوب سائين!

هلي آ ته روئندڙ اکين کي کلايون، وري ملڪ تي

موٽي آيو آ سانوڻ!

 

ڏسي هي ڪَڪَر ڪارا ڪارا فلڪ تي، اکيون ياد تنهنجي ۾

ڀرجيو اچن ٿيون،

سڄڻ! ڇڏ کڻي ڪاوڙون سڀ اجايون، وري ملڪ تي

موٽي آيو آ سانوڻ.

 

ستارن کان سهڻا پرين! چنڊ جهڙا! ڀلا موسم کان آهين

بي خبر ڇو،

هلي اچ پراڻا هو وعدا نڀايون، وري ملڪ تي

موٽي آيو آ  سانوڻ.

 

قسم سان اٿم ياد، ڍولڻ پيارا! جو پر سال ڀاڪر وجهي

تو چيو هئو،

’جميل‘ اچ ته سيني سان توکي لڳايون، وري ملڪ تي

موٽي آيو آ سانوڻ.

 

14- جولاءِ 1983ع هالا.

 

 

دردن جو دلربا کان وٺان انتقام ڇو،

هر آرزؤِ دل جو ڪريان احترام ڇو.

 

دستِ جنون ٿو وصلِ گريبان جي لءِ سڪي،

موسم به ڪون اهڙو ڪيو انتظام ڇو.

 

مولانا! مان ثنائي خدا، ئي ڪندس پيو،

ساغر جهلي هٿن ۾ ڪجي رام رام ڇو.

 

اي بي وفا! زبانِ مبارڪ سان هي ٻڌاءِ،

ڌوکو، فريب آهي ٿيو عام جام ڇو.

 

قسمت، جي کيس منهنجو بنائڻ نٿي گهري،

قدرت پسائي رخ ٿي سندس، صبح و شام ڇو.

 

تنهن جا سمورا جلوا، آهن منهنجي واسطي،

توکي ڏسي اي يار! هي سارو عوام ڇو.

 

تنهن جي ته زد ۾ صرف ’جميل‘ آيو ٿي مگر،

تو چشم يار! آهي ڪيو قتل عام ڇو.

 

8- مئي 1985ع ڪراچي

 

                      •

دلِ بيتاب ۾ آهن، هزارين راز پوشيده،

خدا انکي رکي هر وقت تازه تر ۽ پائينده.

 

سندم ڳالهيون ٻڌڻ سان مشتعل ٿيو پئي جهان سارو،

زبان منهنجي، ٿي ويئي آهي شايد زهر آلوده.

 

هي دنيا آهي اي همدم! عظيم الشّان آکاڙو،

هتي جي چالبازين کان ٿبو ڪنهن دم نه رنجيده.

 

حقيقت کي گوارا جي، نٿو محبوب فرمائي،

ٻڌائي داستان غم ڪجي ڇو کيس آزرده.

 

بهارون، گلشن، صحرا نما تي نيٺ خود اينديون،

قسم توکي اٿئي بلبل نٿي هڪ پل به افسرده.

 

سمورا وعدا واعظ وارا، مئخوارو! شراب آهن،

اهو ڪم عقل چئبو جيڪو ان تي ٿيندو سنجيده.

 

گڏيل جذبات جي دريا ۾ ڪشتي کي هلايون پيا،

خبر ڪانهي پڄائيندو ڪٿي هي حال موجوده.

 

زمانه ساز ٿي، گوشه نشيني ترڪ ڪر فوراً،

’جميل‘، خوش فهم! جي تون ٿيئڻ چاهين ٿو آسوده.

 

5- مئي 1985ع هالا

 

                      •

سراپا ٿي وڃان، دلبر ۾ پيوسته، مگر ڇالءِ،

وڃايان پاڻ پنهنجو يار! دانسته، مگر ڇالءِ.

 

ڀلي ڪجهه هو به مون وانگر ٿيئي جذبات کان واقف،

محبت جو ڪريان اقرار وارفته، مگر ڇالءِ.

 

تههِ دل مون قبوليو قيد هئو، خمدار زلفن جو،

ڇڏي مونکي ڏنو محبوب وارسته، مگر ڇالءِ.

 

هجي جو پاڪ عيبن کان، اهو دنيا ۾ ڪير آهي؟

رڳو بدنام آهن رند سربسته، مگر ڇالءِ.

 

جهان شوريده تر، گردش پريشان، دور پيچيده،

رهي دل آهي باقي سا به آشفته، مگر ڇالءِ.

 

گهڻا نا واقفِ شمشيرِ حسن آهن هتي موجود،

هٽي پردو رخِ ساقي تان آهسته، مگر ڇالءِ.

 

سواءِ رنج وغم ملندو نه ڪجهه آهي جتي اڪثر،

اُنهي در سان ڪجي دامن کي وابسته، مگر ڇالءِ.

 

چيو مون اي ’جميل‘ آهيان سندءِ ديدار جو خواهان،

وراڻيو ناز مان هن شوخ برجسته: مگر ڇالءِ.

 

4- مئي 1985ع هالا

 

اک اک ۾ وجهي، يار جي تصوير کلي پئي،

ديواني کي سامهون ڏسي زنجير کلي پئي.

 

سيني تي رکي زلف گره گير کلي پئي،

هي رات بڻيو يار جي تصوير کلي پئي.

 

گردن کي خميده ڏسي شمشير کلي پئي،

هڪ خواب ته روئي پيو تعبير کلي پئي.

 

بي ساخته شاباش ٿي ڏئيڻي پوي دل کي،

روزانو سهيو زهر ٻڏل تيرَ کلي پئي.

 

مون ساڻ شبِ وصل ۾ ڳڻتين کي ڏسي گڏ،

”تدبير ته روئندي رهي تقدير کلي پئي.“

 

هُن سانوري سهڻي جي حيادار ڳلن تي،

اڄ منهنجي لڪل پيار جي تشهير کلي پئي.

 

غمگين رڳو تون ئي ’جميل‘ آهين چمن ۾،

شبنم ته سڄي رات کان دلگير! کلي پئي.

 

29-جنوري 1987ع ڪراچي

 

(پورو ٿيو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org