سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: محبت پائي مَن ۾

باب --

صفحو :2

 

 

اي جاني! اي جانِ تمنّا اچون ٿا،

رهي ڪونه سگهياسين تنها اچون ٿا.

 

دلِ ناتوان جا مسيحا! اچون ٿا

ڪرڻ درد و غم جو مداوا اچون ٿا.

 

ڇڏيو هاڻ ناراضگيءَ کي خدارا،

نڀائڻ سمورا ئي وعدا اچون ٿيا.

 

ڪڏهن هيئن به ڀلجي لکو پنهنجي خط ۾،

سڀاڻي اسين تنهنجي هالا اچون ٿا.

 

اِهو ڏينهن ٻن جو قصو ناهي قاصد،

”سڄڻ مّدتن کان چون پيا اچون ٿا“

 

ٻيو ڪِٿ به هر هر وڃون ڪونه ليڪن،

اوهان سان اهن دل جا ناتا اچون ٿا.

 

متان اشڪ هاريو، متان وهم آڻيو،

خداوند ڪندو سانگ سرها اچون ٿا.

 

طلب ناهي تنهنجي شرابن جي ساقي،

ڏسڻ تنهنجي صورت جا جلوا اچون ٿا.

 

جميل الزمان کي جو ايندي ڏٺائون،

پري کان چيائون ته ها ها اچون ٿا.

 

5- فيبروري 1987ع حيدرآباد

 

 

رحم آڻيندو دل نادان تي جانان عنقريب،

قصهء بينام کي هو ڏيندو عنوان عنقريب.

 

رنگ لائيندي يقينآٰ چشمَ گريان عنقريب،

هم نشينو! اؤج ماڻيندو گلستان عنقريب.

 

چهرهء دلبر کي تون ڪيسين لڪائيندين نقاب!

ٿي نمايان ويندو توکان مام تابان عنقريب،

 

تلخيء مي سرخ وڌندي پئي وڃي صبح و مسا.

شايد آهي آمدِ فصلِ بهاران عنقريب.

 

موسمِ گل جا آهن جلوا خزان جي دوش تي،

هاڻ مون پارن کي ڏسبو چاڪ دامان عنقريب.

 

دوستو! ڪيڏي نه هي خوش فهمي آهي دلفريب،

يار ايندو، مونسان ملندو، ٿيندو مهمان عنقريب.

 

خاڪِ پاءِ يار مون آهي چمي اهڙي طرح

پنهنجي ئي نقشِ قدم تي ٿيندو نازان عنقريب.

 

گلستان ۾ چوطرف بي چيني پئي محسوس ٿي،

”ايندو ايندو غيرتِ چشمِ غزالان عنقريب“.

 

عندليب و نرگس و سوسن صنوبر پيا چون،

”ايندو ايندو غيرتِ چشمِ غزالان عنقريب“.

 

تون جي آهين خوبصورت آءُ پڻ آهيان ’جميل‘،

سنگدل ٿينداسين ٻئي هڪ جسم ۽ جان عنقريب.

 

14- جولاءِ 1982ع هالا

 

 

 

                      •

گڏ نظر آيا جڏهن ڪي همنوا ٻَه،

چنڊ تارن ۽ فلڪ جلوا ڏٺا ٻَه.

 

مدّتن کان آئون آهيان تشنه ڪام،

ڪجهه نه ورندو هڪ منجهان ڏي ساقيا ٻَه.

 

هڪ خيالِ وصل جو ٻيو دردِ هجر،

عشق وارن جا اهي ئي آشنا ٻَه.

 

ڇو ته مستانو ٿيان اي عقل و هوش،

رات چوڏهين جي ۽ جلويدار ٿيا ٻَه.

 

منهنجو هڪڙو آهي رهبر ۽ رسول،

مونکي ڪنهندم ڪونه گهرجن رهنما ٻَه.

 

ڪونه خلقيا قادر مطلق ’جميل‘،

منهنجي سهڻي يار جهڙا خوشنما ٻَه.

 

20- سيپٽمبر 1984ع هالا

 

 

دور مذهب کان ٿيا انسان سڀ،

هتي قيامت جا ڏسو نيشان سڀ.

 

ڇا، رڳو هڪ منهنجي دل جي واسطي،

حسرت و غم جا آهن طوفان سڀ.

 

ڪاڪلِ خمدار جي صدقي صنم،

مست ٿيندا ٿا رهن ازمان سڀ.

 

آفتاب و ماه و انجّم، ۽ فلڪ،

جلوهء جانان ڪيا حيران سڀ.

 

درد جيڪي دل ربا، توکان مليا،

آئون سمجهان ٿو اِهي احسان سڀ.

 

عدل جي ڪهڙي توقع هت رکون،

رشوتن سان ڀرجي ويا ميزان سڀ.

 

تنهنجي آمد جو ٻڌي اي سنگدل،

دل ۾ آهن گڏ ٿيا ارمان سڀ.

 

ڪير سمجهائي حسينن کي ’جميل‘،

پيدا ڪن ٿا فتني جا سامان سڀ.

 

9- سيپٽمبر 1984ع هالا

 

 

                     

ڪيم اهڙي تقاضا خوبصورت،

ڇڏي سگهيو نه تنها خوبصورت.

 

گلابن سان ڪنڊا، چنڊ داغدار آ.

سڄڻ منهن جو سراپا خوبصورت.

 

هٽائي رخ تان پردي کي ڇڏيائين،

ٿيا حالات پيدا خوبصورت.

 

جنون عشق ڇا چيز آهي آخر،

رڳو بخشي ٿو سودا خوبصورت.

 

سندس وعدا ته اهڙا ڪونه آهن،

مگر آهن دلاسا خوبصورت.

 

سکن جي آرزو تان هٿ کنيوسين،

ٿين پيا غم مهيا خوبصورت.

 

وئي دامن تان مِٽجي بدنمائي،

جڏهن کان ٿيو شناسا خوبصورت.

 

دلِ شوريده جا خاموشين سان،

’جميل‘ آهن تماشا خوبصورت.

 

10- مئي 1985ع ڪراچي

 

                     

محبّت رکيو پنهنجو معيار ڪٿ ڪٿ،

نظر ايندا اڄڪلهه وفادار ڪٿ ڪٿ.

 

زمانو سڄو حُسن جي پويان آتو،

دلن جا ٿا ڏسجن خريدار ڪٿ ڪٿ.

 

عجيب و غريب آهي دستور دنيا،

گلن کان مٿي ٿا ٿين خار ڪٿ ڪٿ.

 

مچايو آهن ويٺا مچ عاشقي جو،

گو، ٻڌبا برهه وارا بيمار ڪٿ ڪٿ.

 

اکين هوندي نابين هر هنڌ آهن،

اکين هوندي هشيار و بيدار ڪٿ ڪٿ.

 

قلم جهڙو هٿيار ٿيندو نه ڪو ٻيو،

ڪم ايندا مگر تير و تلوار ڪٿ ڪٿ.

 

ڪڏهن اي ’جميل‘، آئون سوچيندو آهيان،

مون پارا به هوندا گنهگار ڪٿ ڪٿ.

 

28- سيپٽمبر 1984ع هالا

 

 

اڄڪلهه ٿبو اي يار! وفادار گهٽ ۾ گهٽ،

کڻبو دلِ ضعيف مٿان بار گهٽ ۾ گهٽ.

 

چوندا آهن ته هجر محبّت وڌائي ٿو،

هنجو تڏهن ڪريان ٿو مان ديدار گهٽ ۾ گهٽ.

 

مون ساڻ گردشن جو ڀلا ڪهڙو واسطو،

زلف حبيب ڪر تون گرفتار گهٽ ۾ گهٽ.

 

ڪوشش ڪبي ته رنج والم سان نڀائجي،

خوشين سان ٿيندو آه، سروڪار گهٽ ۾ گهٽ،

 

دانا اُهو ئي آهي جو ڳالاهي ٿورڙو،

جيڪو يخي هڻي سو سمجهدار گهٽ ۾ گهٽ.

 

ڪو ڌڪ هڻي ته ان کي گلي ساڻ لائبو،

پنهنجو ڪبو انهي کي مگر يار گهٽ ۾ گهٽ.

 

محبوب! توسان آئون نڀائي سگهان ٿو بس،

مغرور ٿي تون حُسن تي سرڪار گهٽ ۾ گهٽ.

 

تلخي منجهان جميل! هلي فيضياب ٿيون،

شيريني هوندي آهي مزيدار گهٽ ۾ گهٽ.

 

2- آگسٽ 1984ع هالا

 

زمانه! تون هينئي تي مُڱ ڏري وٺ،

دل مهجور سان هاڃا ڪري وٺ.

 

پراڻا داغ دامن تان لهي ويا،

نئون بهتان اي گردش، گهَڙي وٺ.

 

سزا جو مستحق آهيان ستمگر،

وفائن جا مون کان بدلا ڳڻي وٺ.

 

اگر حصّي ۾ تنهنجي خار آهن،

ته پوءِ ڇا ٿي پيو جهولي ڀري وٺ.

 

چڱي ڳالهه آهي نرمي يار! ليڪن،

تون پنهنجا حق دنيا کان کسي وٺ.

 

هميشہ لاءِ ٿي ٻيڙا پار ويندا،

محمّد مصطفى سان جيء جڙي وٺ.

 

نه ڏسندين قلب تي ڪاراڻ ٻيهر،

ٻه ٽي ڍُڪَ حضرتِ واعظ! ڀري وٺ.

 

سڀاڻي ڪير ڪنهن جو ڪو نه ٿيندو،

جميل اڄ رنج و غم ڪنهن سان سلي وٺ.

 

23- سيپٽمبر 1984ع هالا

 

 

روز اڀري ٿو اچي شمس، قمر جي باعث،

ايندي آ جهڙي طرح شام، سحر جي باعث.

 

ساغر و مي جي طلب آهي بهانو، ساقي،

ٿيندو مدهوش آهيان تنهنجي نظر جي باعث.

 

ذهن ۽ ياد صنم لازم و ملزوم آهن،

راهه سهڻي ٿي لڳي راهگذر جي باعث.

 

پنهنجو ماري به وري ڇانوَ ۾ ويهاريندو،

خوش گذاريون ٿا تڏهن ديدهء تر جي باعث.

 

سنگدل شوخ ڪئي آهي قيامت برپا،

ڪيترا ڀيرا انهيءَ مگر جي باعث.

 

حيثيت ڪهڙي جميل آهي جهان ۾ تنهنجي،

سمجهه ۾ ٿو اچين تون زير و زبر جي باعث.

 

14- آگسٽ 1984ع حيدرآباد

 

مڙدهءِ ڪارگر جو آهي کپ،

صبحِ فتح و طفر جو آهي کپ.

 

ذرو چاهي ٿو آسمان ٿيان،

قوّتِ بال و پر جو آهي کپ؟.

 

سائل ديد اصل کان آهيان،

جلوهء مختصر جو آهي کپ.

 

ميڪدو ڪو نه ٿو گهران ساقي،

تنهنجي هڪڙي نظر جو آهي کپ.

 

نرگسِ شهلا مضطرف آهي،

اڄ وري ديده ور جو آهي کپ.

 

تختِ دل مدّتن کان خالي آ،

هڪ حسين تاج ور جو آهي کپ.

 

راحتِ قلب واسطي اي جميل!

صرف اشڪِ گُهرَ جو آهي کپ.

 

17- سيپٽمبر 1984ع هالا.

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org