•
سنگدل ويٺو ڪري ظلم و ستم، تون ڪڍ نه ٻاڦ،
دل سهي ٿي روز و شب رنج و الم، تون ڪڍ نه ٻاڦ.
گوهرِ اشڪِ روان کي ڇڏ اُگهي مزگان تان يار،
نيٺ فرمائيندو هو لطف و ڪرم تون ڪڍ نه ٻاڦ.
بي سبب ٿيندي قيامت برپا منهنجا هم نشين!
جي ڏسي ورتي فلڪَ هي چشم نم تون ڪڍ نه ٻاڦ.
صبر، ٿوري دير سان پر ٿيندو آخر ڪامياب،
ظلم رهندو ڪو نه آ ثابت قدم تون ڪڍ نه ٻاڦ.
دل گهريو ڪنهن دم اچي توساڻ ملندو باليقين،
۽ ڪندو پاڻهي علاج هجر و غم تون ڪڍ نه ٻاڦ.
راهه، ناهموار جيڪر ٿي نصيب آهي اي دوست!
سهل تر ٿي ويندو خود هر پيچ و خم تون ، تون ڪڍ نه
ٻاڦ.
بيوفائي، حسن وارن جو آ بنيادي اُصول،
حضرتِ عاشق! وفا جو رک ڀرم تون، تون ڪڍ نه ٻاڦ
ننگ پرور ۾ اميدون رک خدارا دل نه لاهه،
بس رڳو ڏسندو ئي رهه قادر جو ڪم تون ڪڍ نه ٻاڦ.
چوطرف ڇا پيو وهي بيداد نگريءَ ۾ جميل!
سو ڪتابِ دل تي ڪر ويٺو رقم تون ڪڍ نه ٻاڦ.
21- سيپٽمبر 1984ع هالا.
•
روئي فلڪ تي ماهِ درخشان جو آهه اوج،
ليڪن زمين تي عالمِ هجران جو آهه اوج.
ساقي پياري جام کسي وٺ حواس کي،
مّدت کان شورشِ دلِ نادان جو آهه اوج.
جلوه نما رهي ٿو سڄڻ منهنجي ذهن ۾،
ڇا مون تي دوستو! غمِ هجران جو آهه اوج.
منهنجي صدا تي آيو گلستان ۾ جانِ گل،
منهنجي ڪري ته فصل بهاران جو آهه اوج.
سڪتي ۾ آهي گردش، دوران جو سلسلو،
محبوب! تنهنجي زلف پريشان جو آهه اوج.
شايد اُداس قلب قيامت بپا ڪري،
”اڄ مدّتن کان بعد گلستان جو آهه اوج“.
مشهور آهي تو ڪيو گمنام کي صنم!
مون تي ته هاڻ بارشِ عنوان جو آهه اوج.
ڀاڪر ۾ سنگدل وٺي فرمايو بار بار،
تنهنجي ’جميل!‘ چاڪ گريبان جو آهه اوج.
16- جون 1984ع هالا
•
عشق ۾ ٿيو چاڪ دامان آهي اڄ،
بيخودي پڻ مون تي نازان آهي اڄ.
مهه جبين، سانوڻ ۾ آيو آ مگر،
دل اندر فصل بهاران آهي اڄ.
ذرو ذرو خوبصورت ٿو لڳي،
جلوه گر ٿيو شاهِ خوبان آهي اڄ.
ايتري اُلفت ڪيم محبوب سان،
پاڻ ئي پنهنجو ثنا خوان آهي اڄ.
مي پيڻ کان پو جنابِ شيخ ۾،
ڪجهه، براءِ نام ايمان آهي اڄ.
ڏيو کڻي هن تشنه ميڪش کي جواب،
”دوستو! ڇا عيد رمضان آهي اڄ“.
مهه لقا مهه رخ ’جميل‘ ۽ خوبتر،
ڪهڙو ساقي تنهنجو عنوان آهي اڄ.
8- جولاءِ 1983ع هالا
•
تمام گهٽ قرار آهي ڇو ڀلا قرار منجهه،
خزان جو روپ ٿو نظر اچي اي دل بهار منجهه.
قلم، بيانِ حسن يار ڪهڙي طرح سان ڪندو،
خدا رکيون هزار وصفون پنهنجي شاهڪار منجهه.
تعلقات ڪر ستم ظريف! تون ئي منقطع،
وفا کي ڇڏ جفا ته آهي تنهنجي اختيار منجهه.
وڌيڪ خوش نما لڳي ٿو ڪم نصيب دامن اڄ،
ندامتن جا لڙڪ پيا ڪري جو داغدار منجهه.
سڌو سنئون کڻي تون چؤ ته آءٌ ڪونه ٿو اچان،
سٺو ته ناهي ڪنهن کي رکجي! يار انتظار منجهه.
اگرچه قلب ۾ ته شوخ پاڻ آهي جلوه گر،
رکيم لڪائي هجر انجو چشمِ اشڪبار منجهه.
اگر جهان سمورو زر پرست ٿي ويو ڪڏهن،
’جميل!‘ پاڻ پارا ايندا پوءِ ڪيئن شمار منجهه.
20- سيپٽمبر 1984ع هالا
•
ڳالهه ٻڌ دل ربا! خدا کي مڃ،
رهه نه هڪ پل جدا، خدا کي مڃ.
اچ هليو اي مٺا! خدا کي مڃ،
مينهن آهن وٺا، خدا کي مڃ.
تون ڪڏهن منهنجو ٿي سگهين ٿو ڇا،
فيصلو ڪر صفا، خدا کي مڃ.
تنهنجي مرضي سڄڻ مڃين نه مڃين،
ٻڌ مگر التجا، خدا کي مڃ.
دفع ڪر مي کي ساقيء مِهوش،
ڏي ڪو آبِ بقا، خدا کي مڃ.
هڪ نظر ڪو نه ٿو ڪرين مون ڏي،
هيئن ڪبو آهي ڇا، خدا کي مڃ.
بي رخي ساڻ قلب محزون تي،
ڪر نه محشر بپا، خدا کي مڃ.
عشق واسينگ نانگ آهي ’جميل!‘
بچ انهيءَ کان سدا، خدا کي مڃ.
17- جنوري 1985ع ڪراچي
•
قوّتِ قلب، انتظار ۾ جانچ،
حالت چشم، ڪنهن جي پيار ۾ جانچ.
حيثيت ڇا اٿئي زماني وٽ،
تون رهي انجي اختيار ۾ جانچ.
گل پسند ڪن ٿا بيوفائي کي،
تون وفائون وڃي ڪي خار ۾ جانچ.
ڪنهن ڪيو ريزه ريزه هستيءَ کي،
دامن دل جي تار تار ۾ جانچ.
بيقراري اچي ٿي ڪهڙي طرح،
همنشين! عالم قرار ۾ جانچ.
پاڻ ۾ اعتماد پيدا ڪر،
ناشناساکي هڪ نهار ۾ جانچ.
فصل گل جو حقيقي روپ ’جميل!‘
چهرهء غيرتِ بهار ۾ جانچ.
22- آگسٽ 1984ع هالا
•
رئان پيو ياد ڪنهن جي ۾، اي چشمِ تر نه مونکان پڇ،
وساري ڇو وڃي ويهي رهيو دلبر نه مونکان پڇ.
تصور ۾ کڻي تون آڻ ڪو سنسان ويرانو،
اي ساقي! عالم تشنه لبي هَر هَر نه مونکان پڇ،
سڄڻ پردو کنيو رخ تان ويس ڄڻ قتل ٿي هڪدم،
اهي نظرون هيون، هو تير يا خنجر نه مونکان پڇ،
شب فرقت جو عرصو ڪيترو تاريڪ ٿيندو آ،
خدا جو سُنهه اٿئي دلدار بختاور نه مونکان پڇ.
ڪڏهن توتي آهيان حاوي ڪڏهن توکان رهان خائف،
هي آهي ماجرا ڪهڙي، دل خوشتر! نه مونکان پڇ.
جميل آهن گهڻائي رنج اهلِ دل سان وابسته،
مگر هي پو به دنيا ۾ ڏٺم بهتر نه مونکان پڇ.
25- جنوري 1983ع هالا.
•
چؤگرد اٿئي ساغر و مئخوار اي ناصح!
رهجان هتي هوشيار و خبردار اي ناصح!
مئخواري ڇڏي ڪانه مونکان ٿيندي ٻڌين ٿو،
ڇالاءِ مچايو اٿئي آزار اي ناصح!
هر وقت، شب و روز نصيحت، تي نصيحت،
ٿي آهيان پيو تو منجهان بيزار اي ناصح!
اڄ، دير و حرم منهنجا تمنّا ۾ رهن ٿا،
اڳ مونکي سڏيندا هئا گهنگار اي ناصح!
تون، عقل جو محڪوم مونکي عشق سان رغبت،
ڇا تنهنجو ڀلا مون سان سروڪار اي ناصح!
مدّت کان محبّت جي پناهن ۾ رهي ٿو،
ڪجهه ڪجهه ته جميل آهي سمجداري اي ناصح!
16- جنوري 1985ع ڪراچي.
•
دنيا ۾ صبح و شام هلي ٿو اثر رسوخ،
هر طرح جا تماشا ڏسي ٿو اثر رسوخ.
هٿيارن کان سوا به ٿيو سرخ رو اچي،
پرواهه ڪنهن جي ڪو نه ڪڍي ٿو اثر رسوخ.
رشوت جي صرف هڪڙي ئي معمولي ضرب سان،
پاڙئون نظامِ عدل پٽي ٿو اثر رسوخ.
ڪمزور ڪو نه ٿيندو ڪڏهن، غور ڪجهه ڪريو،
انسانيت جو خون پئي ٿو اثر رسوخ،
هر هر نوان نمونا ڪرئيو، ٺاٺ باٺ سان،
ڇو حسرتن سان راند رهي ٿو اثر رسوخ.
حاڪم هجي وزير، وڏيرو هجي يا پير
بيشڪ سڀن سان خوب پڄي ٿو اثر رسوخ.
هوندو يقين آهي کٽي ايندو الضرور،
حملو اگر ڪنهين تي ڪري ٿو اثر رسوخ.
هر ڪنهن زبان تي ذڪر انهي جو رهي جميل!
ڇا هت فقط ڏسي ۽ ٻڌي ٿو اثر رسوخ؟
29- سيپٽمبر 1984ع هالا
•
محبوب سڄڻ جا شرم و حيا، الله صمد الله صمد،
ڄڻ شمس و قمر گڏجي اڀريا، الله صمد الله صمد.
مون، تشنه لبي جي حالت ۾ سؤ ڀيرا نهاريو ساقي ڏي،
هر بار ڪيائين ڪيف عطا، الله صمد الله صمد.
جلوه جو ڏٺئين جان جان جو، شرمائجي ويو مام تابان،
اڄ تائين لڳي ٿو خود کان خفا، الله صمد الله صمد.
جنهن ڪو نه محبت فرمائي، دامن کي بچائيندو ئي
رهيو،
سو شخص سڀن هوندي تنها! الله صمد الله صمد.
هڪ مست مهينو سانوڻ جو، ٻي سانوري رنگت سهڻي جي،
اڄ دل ۾ قيامت آهي بپا، الله صمد الله صمد.
هُن، نگهه قيامت خيز کنئي، سڪتي ۾ اچي ويو چرخ
ڪهن،
مون جهڙا ٿيا ڪئين مستانا، الله صمد الله صمد.
رفتار صبا، رنگ گلشن، رخسار شفق، قطرهءِ شبنم،
سڀ منهنجي ستم پرور تي فدا، الله صمد الله صمد.
جيئن پير رکيو محفل ۾ صنم، بيتاب ٿي ميڪش چئي
ويٺا،
بس تون ئي جميل آهي به خدا، الله صمد الله صمد.
24- نومبر 1984ع هالا.
(وڌيڪ پڙهو) |