سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: محبت پائي مَن ۾

باب --

صفحو :4

 

              

دنيا ۾ جيڪو ٿئي ٿو وفادار وڌ ۾ وڌ،

سوئي ته هوندو آهي خطادار وڌ ۾ وڌ.

 

جيڪو ڊگهيري پير سوڙ سارو دوست!

والله تنهن کي چئبو سمجهدار وڌ ۾ وڌ.

 

ساقي مونکي نگاه شناسائي ٿي کپي،

طلبيو اهو شراب اٿم پيار وڌ ۾ وڌ.

 

ماهِ منير ڪهڙي هتي همسري ڪندو،

روشن ڏسان ٿو روز رخ يار وڌ ۾ وڌ.

 

دل ۾ خوشيون ٿا خوب سنڀالي رکون مگر،

هوندو غمن سان آهي سروڪار وڌ ۾ وڌ.

 

مون ڏي نظر کڻي ۽ تبسّم عطا ڪري،

مونکي بنائي ويو هو پرستار وڌ ۾ وڌ.

 

چوڏهين جي رات، ماه درخشان جي شڪل ۾،

ڪو سنگدل ٿيئي ٿو نمودار وڌ ۾ وڌ.

 

ميزان قلب ۾ تون ذرا پاڻ پنهنجو تور

شايد ’جميل‘ هوندين گهنگار وڌ ۾ وڌ.

 

2- آگسٽ 1984ع هالا.

 

 

بنايا، قادر مطلق جڏهن لوح و قلم گڏ سڏ،

لکي شايد ڇڏيئين پنهنجي نصيبن کي صنم! گڏ سڏ.

 

جڏهن کان همسفر آهي ٿيو سُهڻن اکين وارو،

رهه الفت جا ٿي هموار ويا سڀ پيچ و خم گڏ سڏ.

 

ادائ چشم جانان ئي ته آنديون راحتون دل ۾،

وگر نه هت رهيا ٿي صرف درد هجر و غم گڏ سڏ.

 

وفاداريءَ تان ڪرڻين پئي بالاخر دست برداري،

ڏٺا اهڙا تماشا مون ۽ منهنجي چشم نم گڏ سڏ.

 

وساري ڇو ڇڏيئي هو قول پنهنجو غيرت مهتاب،

چيئي ٿي ناز مان، کڻنداسين هاڻي هر قدم گڏ سڏ.

 

ٺهي سگهيا نه هڪ ٻي سان ڪڏهن مولانا ۽ واعظ،

هڻن الزام ٿا مئخوار تي پر دمبدم گڏسڏ.

 

مليا جيڪي به تحفا گردش حالات کان مونکي،

رکيا سانڍي سنڀالي دوستو! دل ۾ اٿم گڏ سڏ.

 

ڀريل ساغر ڏئي هٿ ۾، وري ڏيندو آ نيڻن مان،

ڪندو ساقي ’جميل‘ آهي مٿم لطف و ڪرم گڏ سڏ.

 

3- آڪٽوبر 1984ع هالا

 

هڪ رات ۾ جهان سمورو گهمي ٿو چنڊ،

ڪانهي خبر الاجي ته ڇا ڇا ڏسي ٿو چنڊ.

 

ڌرتي کي بار بار ڇو سجدا ڪري ٿو چنڊ،

شايد اڃا عروج تي پهچڻ گهري ٿو چنڊ.

 

اندوه وغم جي ضبط کان ٿي داغدار ويو،

مون جيئن فراق يار جا صدما سهي ٿو چنڊ.

 

ڪاري ڪڪر ۾ چهرو لڪائي ڪڏهن ڪڏهن،

ساريو گذشته دور کي رويو ڏئي ٿو چنڊ.

 

گو، پنهنجي حيثيت جي سموري پروڙ اٿس،

تڏهن پري پري کان زمين کي چمي ٿو چنڊ.

 

مدّت کان بعد وصل ٿو بخشي مونکي صنم،

مدّت کان بعد چنڊ جي سامهون اچي ٿو چنڊ.

 

تون ئي لڪاءِ روئي منّور کي دلربا!

هو ڏس، سندس مدار مان نڪريو وڃي ٿو چنڊ.

 

هي پڻ ڪمال آهي نصيبن جو اي ’جميل!‘

مون وانگي عيبدار هميشہ رهي ٿو چنڊ.

 

23- سيپٽمبر 1984ع سپر هاءِ وي

 

 

                      •

دل! ٿي نه بيقرار انديشو اندر مان ڪڍ،

ايندي وري بهار، انديشو اندر مان ڪڍ.

 

آئون اي يار! تنهنجو آهيان تنهنجو آهيان،

ڪنهن سان ڪندس نه پيار انديشو اندر مان ڪڍ.

 

محبوب من جي سخت دليءَ تي نه غور ڪر،

ٿيندو ئي رهه نثار انديشو اندر مان ڪڍ.

 

کائيندو موٽ ملڪ تي بيشڪ ۽ بالضرور،

هو دور خوشگوار انديشو اندر مان ڪڍ.

 

هي وقت، حڪم تنهنجو قبوليندو همنشين!

چوندس هزار بار انديشو اندر مان ڪڍ.

 

ڪيسين تون هجر يافته رهندين ڀلا ’جميل‘

ايندو ضرور يار انديشو اندر مان ڪڍ.

 

القاب ڪهڙا ڪهڙا زماني ڏنئي ’جميل!‘

ڪجهه پاڻ ڏي نهار انديشو اندر مان ڪڍ.

 

27- سيپٽمبر 1984ع هالا.

 

 

شوخي، غرور، سنگدلي ۽ حيا لذيذ،

منهنجي ستم شعار جي هرڪا ادا لذيذ.

 

هنجي ستم تان صدقي زماني جون لذتون،

ان جهڙي چيز هوندي نه دنيا ۾ ڪا لذيذ.

 

ناصح! هي ميگسار متان ڪو گناهه ڪن،

تنهن جيڪري شراب کي ٺاهيو خدا لذيذ.

 

جنهن دم لبن سان اشڪ مسلسل جو وصل ٿيو،

هجر و فراق و رنج و الم سڀ لڳا لذيذ.

 

گو، جام اقتدار خطرناڪ زهر آهه،

انکي پيئڻ جي آس ٿيئي ٿي صفا لذيذ.

 

يڪدم نشا، نشن تي ڏياريو مونکي ڇڏين،

تنهنجي قسم سان آهي نگهه، دلربا! لذيذ.

 

فصل بهار حلقه بگوشي قبول ڪئي،

تنهن جا ڏسي وتائين لب جانفزا لذيذ.

 

غلطين ڪرڻ کان بعد ملي ٿي درست راهه،

ان جيڪري ’جميل‘ لڳي ٿي خطا لذيذ.

 

30- سيپٽمبر 1984ع هالا.

 

 

                      •

ساقي ٿيئي ڪا اهڙي عنايت هزار بار،

جنهن سان ملي سڪون ۽ راحت هزار بار.

 

ٿيندو وري به سوئي جو الله چاهيندو،

ڪو آزمائي ڀل وڃي طاقت هزار بار.

 

محفل ۾ يار مونکي گهرايو وري وري،

اهڙي ڪريو ڪا مون تي عنايت هزار بار.

 

زلف دوتا سان عشق اٿم، گردشِ جهان!

مون ساڻ رک ڀلي تون عداوت هزار بار.

 

سيلاب اشڪ دل ۾ ۽ اکيون صفا خموش،

گذري ٿي اهڙي عشق ۾ حالت هزار بار.

 

جنهن وقت يار آيو گرفت خيال ۾،

وسري وئي اسان کان عبادت هزار بار.

 

محشر جو هاڻ ڪهڙو ڪريون خوف دوستو!

”برپا ٿيئي ٿي دل تي قيامت هزار بار“.

 

هُن سنگدل جي ظلم وستم ساڻ اي ’جميل‘!

هر روز مون ڪئي آ محبت هزار بار.

 

26- جولاءِ 19984ع

 

                     

غم ڪيو مونکي فراموش ڪا آهي گڙٻڙ،

ٿي ويو دل تان سبڪدوش ڪا آهي گڙٻر.

 

ٻيو ڀلا ڪهڙي طرح قهر خدا جو ٿيندو،

ظلم، انصاف سان همدوش ڪا آهي گڙٻڙ.

 

شايد اڄ حضرت ناصح سان وري جٺ ٿي آ،

مشتعل ٿو لڳي مي نوش ڪا آهي گڙٻڙ.

 

روز صّياد نوان حڪم پيو جاري ڪري،

گلستان ٿو رهي بي هوش! ڪا آهي گڙٻڙ.

 

واعظ شير نما کان ذرا معلوم ڪريو،

هو نظر پيو اچي خرگوش! ڪا آهي گڙٻڙ.

 

زخم خندان اڃا مرهم سان شناسا نه ڪجو،

آمر، وقت آ پرجوش ڪا آهي گڙٻڙ.

 

پنهنجي خاطر ئي، مگر اهل جهان سوچي ڏس،

عدل سؤ پئسا  آ روپوش ڪا آهي گڙٻڙ.

 

تون، قدم هوش سان مئخاني ۾ رکجئين اي ’جميل‘

اڄ عدو ڏسجي ٿو خاموش ڪا آهي گڙٻڙ.

 

10- آگسٽ 1984ع ڪراچي

 

 

آرزو آهي ڏسان ماهِ لقا روز به روز،

گويا محشر کي ڪريان دل ۾ بپا روز به روز.

 

گردش غم ڀلي ڳولهيندي وتي شام و سحر،

چوطرف منهنجي هجن زلف دوتا روز به روز.

 

جيسين تائين نه مليو جان تمنا مونکي،

تنگ توکي پيو ڪندس منهنجا خدا روز به روز.

 

تون به منهنجي ئي تصّور ۾ هجين گم هردم

بس گهران ويٺو سڄڻ اهڙي دعا روز به روز.

 

يار جي توبه شڪن، مست نگاهن جو قسم،

ڪيترا قول آهن، مون به ڀڳا روز به روز.

 

هاڻ ديوار تڪلف کي کڻي ڀڃ سهڻا!

ياڪه يڪطرفو ڪندين پيار اڃا روز به روز.

 

اي پرين جلوه نما ٿيندو تون رهه منهنجي اڳيان،

دل چوي ٿي ته ٿيان توتي فدا روز به روز.

 

تنهن جي بيساخته الفت جو امين آهي ’جميل‘،

دل‘ چري ٿي نه ڪري آه وبڪا روز به روز.

 

18- آڪٽوبر 1983ع هالا

 

 

پروانا، جيئن اهن رخ زيبا جي آس پاس،

آهن اميدون اينهين تمّنا جي آس پاس.

 

ٻارهن ڪلاڪ باقي اٿئي بيقرار دل،

هُن سنّگدل جي وعدهء فردا جي آس پاس.

 

سڀ رنگ شرمسار ٿيو ٿا وڃن ڏسو،

هنجي نگاه غيرتِ شهلا جي آس پاس.

 

شايد مريض عشق جو درمان ٿي پوي،

ڦٿڪن پيون دوائون، مسيحا جي آس پاس.

 

تصوير يار، جام، صراحي ۽ بيخودي،

ٻيو رهندو ڪير عاشق رسوا جي آس پاس.

 

چوگرد حسن توبه شڪن آهي جلوه گر،

ڄڻ آهيان ويٺو عقد ثرّيا جي آس پاس.

 

ڪهڙو پتو پڇين ٿو اي واعظ! ’جميل‘ جو،

ويچارو هوندو ساغر و مينا جي آس پاس.

 

22- آڪٽوبر 1983ع هالا

 

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org