درد.(ساڄي هٿ سان جام رکي، کاٻو هٿ مٿي
ڪندي)
ميرا جان جاتا هي، يارو، سنڀالو،
ڪليجي ۾ ڪانٽا چڀا هي نڪالو!
سڀ. (اَدائن سان) واه واه! آه آه! هاءِ
هاءِ!
درد. (مٺيون ڀڪوڙي)
نه ڀائِي، مجهي زندگاني نه ڀائِي،
مجهي مارڊالو، مجهي مار ڊالو!
درد. (جام چاڙهي) خدا ڪي لئي، ميري
همنشينو... خدا ڪي لئي... ڇا چيو آهي اڙدو
شاعر، ’سوز‘ صاحب! ٻي سٽ ياد نٿي اچي.
خير..... مجهي مار ڊالو، مجهي مار ڊالو!
(شوڪ ڏانهن منهن ڪري) شوڪ صاحب ڀت ۾ ڪنهن
سان ملاقات ٿي رهي آهي؟ (رُڪجي، ڪنڌ لوڏي)
نه مِٽ سڪينگي يه تنهائيان، اي دوست،
جو تو ڀي هو تو طبيعت ذرا بهل جائي!
سڀ. واه واه!
درد. (اکيون مچڪائي)
زندگي هي يا ڪو ئي طوفان هي،
ڪڏهن تسليم ٿيندي؟
شبنم. (ڍڪ چاڙهي) يار، پيئڻ کان پوءِ ٻولي
به تسليم ٿي ويندي آهي؛ ساهت اڪيڊميءَ طرفان
پنج هزار انعام به ملي ويندو آهي؛
راشترپتيءَ وٽان ’پدم شريءَ‘ جو خطاب به ملي
ويندو آهي....
درد. مگر ان جو هن ڀِت سان ڪهڙو واسطو؟
مٽيءَ ۽ چـُني جو ناجائز ميلاپ، هيءَ ڀت،
جنهن جي اوٽ ۾ هن ظالم سماج لڪايو آهي،
ماهرو حسينائن کي جڳ کان! مون کي جيڪڏهن
دنيا جي راڄ جون واڳون
ڏنيون وڃن ته مان ته پهرين دنيا جون سڀ
ڀتيون ڀڃائي ڇڏيندس. هي ساليون ڀتيون، جي
گونگيون آهن پر ٻوڙيون ڪونهن، بيٺيون آهن پر
ڏسن ڪو نه! ڇت کي سهارو ڏيندڙ، مگر ٻن پاسن
کان رهندڙ حسن ۽ عشق کي بي سهاري ڪندڙ!
خدارا، شوڪ صاحب، ذرا ڀت کان الڳ ٿي! سوچ
ڀل، مگر ڪجهه اسان جي به ٻڌ!
ناچيز جي راءِ موجب، سنڌي شاعرن تي اڙدو
شاعريءَ جو نهايت گهڻو اثر آهي.
درد. جن تي نه آهي، اهي هن محفل ۾ نه آيا
آهن.
(سڀ کلن ٿا.)
هڪ ايڪسٽرا. پراڻي اڙدو شاعري پڙهڻ سان ائين
لڳندو آهي، ڄڻ سڀني شاعرن عشق ۾ ناڪاميابي
پاتي آهي؛ پوءِ شعر آهي ۽ شراب آهي،
آهون آهن ۽ سماج آهي. ڪيئن، درد صاحب؟
درد. هن ظالم سماج جون ڳالهيون نه پڇ، همدم!
ڪٿي چشم تر، منهن زرد، آه سرد ٿي نه وڃي! ۽
هي ظالم
حسينائون!.... شاعرن جا شعر ته پڙهنديون،
انهن جي شعرن جا ڪتاب رات جو وهاڻي هيٺان
رکي ته سمهنديون، پر ڀـُلي ڀُلائي ڪنهن شاعر
کي پيار جو خط نه لکنديون، ڀـُلي ڀـُلائي
ڪنهن شاعر کي پنهنجو فوٽو نه موڪلينديون،
ڀـُلي ڀـُلائي ڪنهن سان ملاقات نه ڪنديون!
ٻيو ايڪسٽرا. اوهان تي خوب چڙهي ويو آهي،
درد صاحب، .... يعني نشو!
درد. جپاني چوڻي ڪا نه ٻڌي اٿئي: ’پهرين
ماڻهو شراب کي پيئندو آهي، پوءِ شراب
ماڻهوءَ کي پيئندو آهي.‘ مان شراب کي پي
رهيو آهيان، ۽ شراب شوڪ کي پي رهيو آهي!
(سڀ شوڪ ڏانهن نهارين ٿا شوڪ جهڪي جام کڻي
ٿو. پوءِ بيٺي ئي جام واروهٿ اوچو ڪري ٿو.)
شوڪ. (ڀريل گلي سان) ماڻهو چوندا آهن شراب
پيئڻ سان غم گهٽبو آهي، ڳڻتيون وسري وينديون
آهن، (ٻانهن هيٺ ڪري، هٿ ڇاتيءَ ڏانهن آڻي
مگر مون کي غم ياد ڇو ٿو اچي؟
....مگر مون کي صرف غم ياد ڇو ٿو اچي!
(سڀ خاموش)
شوڪ. مون کي پنجن سالن کان نوڪري نٿي ملي.
اَڄ پيئڻ سان مون کي بک جي زندگي ياد اچي
ٿي. مان پيئان ٿو ته مون کي انهن آفيسرن جون
شڪليون ياد اچن ٿيون، جن مون کي
شوڪ. برابر، ۽ صرف ان ڪري پيئان ٿو. (ويهي
ٿو رهي ۽ پيئي ٿو.)
شبنم . (جام چاڙهي، زور سان)
جنهن کي غم ڏين، زندگي! تنهن کي
نه ڏي سلجهيل دماغ،
غم سهڻ لئه آ ضروري، ڪا غلط
فهمي هجي!
درد. اڙي هاءِ هاءِ! ڇا خيال آهي! ’غم سهڻ
لئه آ ضروري، ڪا غلط فهمي هجي!‘ تو ته ماري
ڇڏيو، شبنم! (مٿي کي ڌڪ هڻي) هاءِ هاءِ،
هاءِ هاءِ،، - ’غم سهڻ لاءِ ضروري، ڪا غلط
فهمي هجي!‘
شبنم . تڏهن ته سياڻن چيو آهي،
`Ignorance is bliss’.
(اُٿي، ڀت طرف وڃي، ڪئلينڊر ڏانهن آڱر جو
اشارو ڪندي) شوڪ صاحب، ٻڌاءِ، هي ڇا آهي؟
شوڪ. ڪئلينڊر آهي.
شبنم. هيءَ زندگي به ڪئلينڊر جيان اٿئي.
پورن ڇهن ڏينهن جي جفاڪشيءَ بعد هڪ آرتوار
اچي ٿو. پورن ڇهن
جي تڪليف!
شوڪ . مان محنت ڪرڻ چاهيان ٿو. مان چاهيان
ٿو ته مان به هزارن ٻين جيان آفيس مان ٿڪجي
موٽان. ڪوئي پڇي ’ٿڪل آهين‘ ته ’ها‘ چئي
بهار بهار ٿي وڃان. وري پهرين تاريخ ننڍن
ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ ڪڏهن رانديڪا، ڪڏهن ٽول،
ڪڏهن ڪتاب وٺي اچان. پوءِ مان سئنيما خود
ڏسان ته دوستن کي به ڏيکاريان!
درد . خدارا هاڻ چپ ڪر! اسان جو وشواس آهي
ته هڪ ڏينهن ايندو، جڏهن ملڪ ۾ هڪ به
بيروزگار نه هوندو. تون پيءُ، ۽ ان ڏينهن جو
انتظار ڪر.
شبنم . (اڳيان وڌي، جام چاڙهي)’وه صبح ڪبهي
تو آئيگي!... وه صبح ڪبهي تو آئيگي!‘
(نشي ۾ اکيون پوري ويهي ٿو رهي،
۽ پوءِ ٿورو رڪجي ليٽي ٿو پوي.)
جس صبح ڪي خاطر جـُگ جـُگ سي
هم سڀ مر مر ڪر جيتي هين،
جس صبح ڪي امرت ڪي ڌ ُن ۾
ويو آهين!
شبنم . (ٿورو زور سان) اَلوٽ ٿي ويو آهيان،
اَلوپ ته ڪو نه ٿي ويو آهيان!
ائڪٽر . (ويهندي) خير، چرچو سٺو آهي، اڇا
دوستو، مون کي معاف ڪجو جو ٿوري دير ٿي
ويئي. ’هوش‘
ٿرڊ ڪلاس ۾ وٺي آيو، ان ڪري ماڻهن ڏاڍو تنگ
ڪيو.
شبنم . گاڏي ليٽ ٿي ڇا؟
ائڪٽر . (بوتل کڻي، چوٿائي کن پيئندي)
منهنجو مطلب هو ته ماڻهن اسٽيشن تي بيهاري
ڇڏيو.
شبنم . ڪنهن کي – اوهان کي يا گاڏيءَ کي؟
ائڪٽر. (مشڪي) ٻنهي کي.
درد . کائڻ جو شاندار بندوبست آهي، پهرين
ڪجهه پيئو.
ائڪٽر. ڳائڻ جو بندوبست ڪونهي؟
درد . سئنيما پاسي ۾ آهي، گانو چالو ٿيندو
ته کڻي چـُپ ڪنداسين.
ائڪٽر . سئنيما سڄي رات
شبنم. توهان ان کي معشوقن جا ماڻا سمجهو!
ائڪٽر (پليٽ ۾ سگريٽ وسائي) مون هتي اچي
غلطي ڪئي آهي.
شبنم . ته پوءِ مان اڳتي توهان جا کيل ڏسڻ
جي غلطي ڪا نه ڪندس.
ائڪٽر . يعني منهنجا کيل نه ڏسندين نه؟ نه
ڏسج. هونئن به مون کي اڄڪلهه پارٽ ملن ڪٿي
ٿا!
اشوڪ . درد صاحب، ڏٺوَ، شراب ۾ ماڻهو صرف غم
کي ئي ياد ڪري ٿو!
هوش .(شوڪ جي هٿ مان گلاس وٺي) ۽ ان کي ياد
ڪري پاڻ کي وساري ٿو ڇڏي!
درد .واه ، ڇا شاعراڻو خيال آهي!.. شايد
اڌارو ورتل آهي!
ائڪٽر. سنڌي شاعر ٻيو ڪن ڇا ٿا؟
شبنم . ٻيو شراب پيئن ٿا.
شوڪ . سڀ نٿا پيئن.
شبنم . ۽ ان ڪري سڀ سٺو لکي نٿا سگهن.
|
هم تو اس جيني ڪي هاٿون مرچلي!
ٻه ٽي ڄڻا. واه واه!
شبنم. (ڍڪ چاڙهي) درد صاحب، ڪجهه سنڌيءَ ۾
ارشاد ڪريو.
درد. (منهن گهنجائي) مگر هن برخوردار شوڪ کي
ته ويهاريو. ’واه واه‘ مهانگي سمجهي، ته نه
ڪري. تون ته ڄاڻين ئي ٿو، (آواز بلند ڪندي)
اسان لاءِ ته... سؤ بوتلون ڪا نشاهي اس واه
واه ۾!
شبنم. واه واه!.... مگر ڪجهه سنڌيءَ ۾!
درد. سنڌي ٻولي تسليم ٿيندي ته سنڌيءَ ۾ به
ٻڌائبو. مگر هيءُ ڪمبخت شوڪ ڇا ٿو ڪري؟
شوڪ. (ساڄي ٻانهن هيٺ ڪري، کاٻيءَ ٻانهن جي
ٺونٺ ڀت تي رکي ٿو. کاٻو هٿ وارن ۾ وجهي،
پويان ڪنڌ ڪندي) مان سوچيان پيو.
درد. ڇا ٿو سوچين؟ اهو، ته سنڌي ٻولي
شبنم . مگر، شوڪ، آخر تون سوچين ڇا ٿو؟
شوڪ.
(کاٻو هٿ منهن تي گهمائيندي)
مان سوچيان ٿو ته ڪيئن مان سوچڻ بند ڪري
ڇڏيان.
درد. (طنز سان مشڪي) چڱو، تون سوچ، ڀت پاسي
منهن ڪري سوچ، پوءِ اسان کي به ٻڌائج. (شبنم
ڏانهن منهن ڪري) مين جو بولا ٿا ڪه يه آواز
اس خانا خراب ڪي هي!
شبنم. (زور سان مٿي کي ڌڪ هڻي) هاءِ هاءِ!
....
درد. (وات ۾ پان وجهي، سگريٽ دکائي)
غصي ۾ ديک مجهڪو، لگا ڪـُهني اور لو،
اڪ بات بس ڪهي نه ڪهي، يه تو مرچلا.
سڀ. واه واه!
(اشوڪ بيحد گنڀير منهن بڻائي هنن طرف مـُڙي
ٿو.)
هڪ ايڪسٽرا. درد صاحب، مون ٻيو ايڪسٽرا.
شاعرن کي پاڻ ۾ ٻَڌي ڪرڻ گهرجي. سڀ شاعر
جيڪڏهن ظالم حسينائن تي لکڻ ڇڏي ڏين، ته
جيڪر حسينائن جو دماغ ٺڪاڻي اچي وڃي!
ٽيو ايڪسٽرا. جيئن نوان شاعر ڪن ٿا: گهڻو
ڪري عشق تي لکن ڪو نه، رڳو اسٽرائيڪ ۽
انقلاب تي پيا لکندا.... ۽ هي بيوقوف عورتون
عشق به وري اهڙن خشڪ شاعرن سان ڪن ٿيون!
درد. بس بس، اسان جو پيئڻ حرام نه ڪريو!
اسين جام ِ مَي ۾ انهن حسينن کي گهرائي
سگهون ٿا. حقيقت ۾ نه سهي، تصور ۾ سهي –
ڪيئن به، اسان سان ملاقات ته ڪن ٿيون!
تصور دکهاتا هي تصوير ان ڪي،
محبت مين دل آئينا هوگيا!
هڪ ايسڪٽرا. ائڪٽر ڪمار جو ڪو پتو ڪونهي.
’هوش‘ کي وئي ڪيترو وقت ٿي ويو آهي.
درد. ’هوش‘ کي خط لکڻ جو خيال ڪيو اٿئي ڇا؟
صرف انهيءَ ڪري نوڪري نه ڏني آهي، - ڇاڪاڻ
جو مون کي ٽائيپ نٿي اچي – ڇاڪاڻ جو ٽائيپ
سکڻ لاءِ مون وٽ پيسا نه آهن – ڇاڪاڻ جو
انٽرويو ۾ سٺي انگريزي ڳالهائي نٿو سگهان –
ڇاڪاڻ جو مون کي ملڪ جو وزيرن ۽ عيوضين جا
نالا نٿا اچن – ڇاڪاڻ جو انٽرويو ۾ مان اهو
ٻڌائي نٿو سگهان ته دنيا ۾ صرف تيل ۽ گاسليٽ
جي ڪري لڙايون ڇو ٿيون لڳن! مان پيئان ٿو ته
مون کي ياد ٿو اچي ته ڪيترا دفعا ائين به
ٿيو آهي ته گهر ۾ کائڻ لاءِ روٽيءَ کان وڌيڪ
غم هوندو آهي. مان اکيون پوري سڀ
وسارڻ چاهيان ٿو، مگر دماغ ۾ بک ۽ بيڪاري
چيخون ڪري چِلائي ٿي اُٿي، تڏهن مان پنهنجا
ڪتاب وڪڻي به پيئندو آهيان. جيترو پيئندو
آهيان اوترو روئندو آهيان، ۽ جيترو روئندو
آهيان اوترو پيئندو آهيان! مون کي ڪير ٻڌائي
ته غم ڀـُلائڻ لاءِ ڇا ڪجي؟
درد. تنهنجا ڀاڳ ڦِٽل آهن.
ڏينهن بعد اڌ ڏينهن موڪل جو ڇنڇر ٿو اچي.
ڪڏهن ڪڏهن ڳاڙهن اکرن ۾ ڪو موڪل جو ڏينهن به
اچي ٿو. زندگيءَ ۾ بس غم ئي غم آهي. ڇهن
ڏينهن بعد خوشيءَ جو اڌ ڇنڇر ۽ سڄو آرتوار
آهي. موڪلن جي ڏينهن آفيس ياد نه ايندي آهي،
يار!
شوڪ . مگر مان ته بيروزگار آهيان. منهنجي
لاءِ هر ڪو ڏينهن سومر، هرڪو ڏينهن منگل
آهي. وچ ۾ موڪل بنهه ڪانهي.
شبنم . ها، تنهنجي لاءِ ته هرڪو ڏينهن
آرتوار آهي، يعني هرڪو ڏينهن موڪل جو ڏينهن
آهي؛ اسان کي ’باس‘
(bass)
سان موڪل جي رساڪشي ڪرڻي پوندي آهي.
سولائيءَ سان موڪل نه ملندي آهي، ته ’سِڪ‘
(Sick)
۾ هليا ويندا آهيون. پوءِ ٻن روپين ۾ ڊاڪٽر
وٽان سرٽيفڪيٽ وٺي، ’ڊيوٽي رزيوم‘ ڪرڻ لاءِ
پاڻ کي ’فٽ‘ ثابت ڪندا آهيون. تون موج مزي ۾
لکين پڙهين ٿو؛ نه باس جو ڊپ، نه اَچڻ وڃڻ
هم زهر ڪي پيالي پيتي هين،
ان بو ڪي پياسي روحون پر
اِڪ دن تو ڪرم فرمائيگي!...
وه صبح ڪبهي تو....
(ائڪٽر ڪمار ۽ شاعر ’هوش‘ اچن ٿا.)
درد . (هڏڪي ڀري) اچو، ائڪٽر ڪمار صاحب!
اَهل ِ قلم، هوش صاحب!
(هوش مشڪي ويهي ٿو.)
ائڪٽر . (بيٺي ئي) يارو، هتي ڇا پوليس جو ڊپ
ڪونهي؟
درد . پاسي ۾ سئنيما آهي.
ائڪٽر . مطلب؟
درد . مطلب ته اسان جو گوڙ ٻڌي پوليس
سمجهندي ته شايد سئنيما جو آواز آهي.
(روڪجي) ۽ توهين ائڪٽر ته آهيو ئي: پوليس
آئي به، ته سمجهندي ته توهان شايد پردي کان
ٻاهر نڪري آيا آهيو!
ائڪٽر . نانسينس!
شبنم . (ٺونٺين جي سهاري ٿورو اٿي)
On part of whom?
ائڪٽر . (عجب مان) ڪير، شبنم؟ مون کي گهرائي
خود اَلوٽ ٿي
هلندي ڇا؟
درد . سئنيما نه هلندي، دماغ ۾ گانو ته
هلندو
ائڪٽر . بس، شروع ٿي ويئي شاعري!
شبنم . (ا ُٿي، کليل هٿ سان ٻانهن مٿي ڪري)
’اِبتد اي عشق هي روتا هي ڪيا، آگي آگي
ديکهي هوتا هي ڪيا!‘
ائڪٽر. (سگريٽ دکائي) مان فلمي زندگيءَ مان
تنگ ٿي ويو آهيان، ۽ توهين هتي اَئڪٽنگ
لڳائي ويٺا آهيو!
شبنم . (هڏڪي ڀري) ۽ ا ُها به بهتر!
ائڪٽر . اِها منهنجي بيعزتي آهي!
شبنم . توهان واڪ آئوٽ ڪري سگهو ٿا، هتي
ڪائي شوٽنگ ڪئنسل ڪا نه ٿيندي!
ائڪٽر . (تنگ ٿي) معشوقن جهڙي شڪل بڻائي مون
کي دعوت ڏني هيئه، اڄ مسخري پيو ڪرين!
درد . مان جڏهن به پيئندو آهيان، تڏهن مون
کي ڪيترا عشق جا غزل خيال ۾ ايندا آهن.
اڄڪلهه ته ڪيترا شاعر غزل ۾ به پيا انقلاب
انقلاب ڪن - ۽ وري پيئن به ڪو نه! اسين ان
ڪري انهن کي ههڙين محفلن ۾ گهرايون ئي ڪو
نه.
شبنم . (هوا ۾ ٻانهن ڦهلائي)
Stop this rubbish, nonsense!
ائڪٽر . تون جيڪڏهن ائڪٽنگ ڪندين ته مون کي
ڊائريڪٽر ٿيڻو پوندو؛ ڇو ته توکي پوري
ائڪٽنگ ڪرڻ نٿي اچي.
شبنم . (اکيون چمڪائي) مان ائڪٽر ٿي سگهان
ٿو؟
ائڪٽر . مان ٿي سگهان ٿو، تون ٿي نٿو سگهين؟
شبنم. مگر توکي ته پارٽ نٿا ملن.
ائڪٽر. ان ڪري ته ڊائريڪٽر ٿيڻ چاهيان ٿو!
شبنم. پوءِ ڇو نه مان به شروع ۾
|