3
1.
2
3.
4.
5.
6.
7.
8.
9. |
ادب ۽ زندگي
فن جي اهميت
فن ۽ ثقافت
مضمون –
(1) عشق ۽ عقل، (2) فلسفو ۽ سائنس ، (3)
آسائي – نراسائي،
(4) سچ ۽ ڪوڙ
مضمونَ
(1) ضمير شاهه جو مڪان، (2) نفس، (3) دل جا
افسانا، (4) تنهنجون اکڙيون.
”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“
(هڪ تنقيدي جائزو)
آخري حل
”مهراڻ“ جا موتي
سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرا
|
علامه آءِ . آءِ . قاضي
- سي . اي . ايم . جوڊ
سنڌيڪار : مراد علي ’اختر‘
- غلام علي الانا
- ڊاڪٽر علي احمد قاضي
- لعل بخش ٽالپر
- سراج الحق، ايم . اي.
- سيد امجد علي
سنڌيڪار: رشيد آخوند
- ادارو
|
10.
11.
12.
13. |
علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون:
(1) ”سنڌي ادبي سنگت“ جي سنڌ- ڪانفرنس
(2) گورنمينٽ گرلس ڪاليج، حيدرآباد، جو ”يوم
لطيف“
”آديسي اٿي ويا..“
تبصرا
پڙهندڙن جا پيغام |
|
|
|
|
”ڪنهن به قوم جو علم ادب، تاريخ جي جدا جدا عرصن
موافق، انهيءَ قوم جي خيالن ۽ جذبن جو آئينو آهي.
ڪنهن به خاص عرصي جي تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ اسان کي
پهريائين ان عرصي جي علمي ادبي خزاني کي کولڻو
پوندو. سن ۽ واقعا، تاريخ جو فقط بوتو ٺاهين ٿا،
پر ان جي رڳن ۾ روح تڏهن پوندو، جڏهن منجهس ادبي
تاريخ جو ذخيرو ڀربو، جنهن جي رستي اسان کي خبر
پوي ته قوم جي قديم فردن جا ڇا ڇا خيال ۽ جذبا
هئا، سندن علم جي مراد ڇا هئي، ۽ سندن رهڻي ڪهڻيءَ
جا ڪهڙا سرچشما هئا: مطلب ته هر ڪنهن قوم جي هستي
سندس علمي ۽ عملي ذخيري تي مدار رکي ٿي.
”افسوس، اڍائي هزار ورهيه گذري ويا آهن ته سنڌ جي
تاريخ ۽ علم ادب تي ڪو به توجهه ڪو نه ڏنو ويو
آهي. موجوده وقت ۾ ڪي قدر ڪوشش انهيءَ باري ۾ ورتي
ويئي آهي، پر اڃا تائين ڪو اهڙو معقول نتيجو ڪو نه
نڪتو آهي، ۽ ڪنهن به پوري روشني نه وڌي آهي. سنڌ
جي تاريخ ۽ علمي خزانو هڪ پوريل دفتر ٿي رهندا،
جيڪڏهن هر ڪو فرد ان جي کوجنا ڪرڻ ۾ بهرو نه
وٺندو. سنڌ ملڪ کي هڪ عاليشان تاريخ ۽ علمي خزانو
آهي، جو اسان جي اڻڄاڻائيءَ ۽ وڏن جي لاغرضائيءَ
کان ناس ٿي ويو آهي، ۽ جي هينئر به اسين پنهنجون
اکيون بيپرواهيءَ ۽ نيمخوابيءَ کان نه کولينداسون،
ته انهيءَ تاريخ جا رهيل کهيل آثار به آهستي آهستي
ناپيد ٿي ويندا.“ علامه ڊاڪٽر دائود پوٽو.
علامه آءِ . آءِ . قاضي
ادب ۽ زندگي
علامه آءِ . آءِ . قاضي صاحب، سابق وائيس چانسلر،،
سنڌ يونيورسٽي، گذريل 18 – آل سنڌ ادبي ڪانفرنس
(حيدرآباد، 31، مئي 1958ع) جي موقعي تي هيءَ
صدارتي تقرير ڪئي هئي، جيڪا مهراڻ جي پڙهندڙن
اڳيان پيش ڪجي ٿي. – ادارو.
جيتريقدر مون کي ياد آهي، پهريون ڀيرو هن ادبي
ڪانفرنس جي دادوءَ واري اجلاس جي موقعي تي مون
پنهنجي موڪليل صدارتي تقرير ۾ لفظ ”ادب“ جي معنيٰ
تي روشني وڌي هئي، ۽ ٻڌايو هو ته لغت جي لحاظ سان
لفظ ’ادب‘ جي معنيٰ آهي ”ريڙهيون ڏيندڙ ٻار کي پنڌ
سيکارڻ“؛ يا، پنهنجي سنڌي اصطلاح موجب، ڄڻ
”اڻگهڙيل ڪاٺ کي رندو هڻي سڌو ڪرڻ“. انهيءَ مقصد
سان ئي اسان جي معاشري ۾ استاد مقرر ٿيندا هئا، جن
کي ’اديب‘ سڏيو ويندو هو؛ ڇاڪاڻ ته تعليم سان گڏ
ٻار جي ’تاديب‘ به سندن ئي ذمي هئي. ٻئي ڪنهن
موقعي تي آءٌ اهو پڻ واضح ڪري چڪو آهيان ته ’علم
ادب‘ جي صحيح معنيٰ آهي – ”اها تحرير جا ادب،
لطافت طبع، زيب ۽ زينت واري عمل ڏانهن اشارو ڪري،
۽ انهن (خوبين) جي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري.“
حقيقت هيءَ آهي ته قدماءَ جي نظر ۾ ادب ۽ ان جي
مفهوم ۽ مقصد کي وڏي اهميت حاصل هئي، ڇاڪاڻ ته
انهن ادب کي جملي انساني علم تي حاوي ٿي سمجهيو.
اصولي طور، ’ادب‘ جو مفهوم انهيءَ ڏينهن کان واضح
ٿي چڪو، جڏهن کان ”لاتقربا هذه الشجرة“ وارو حڪم
پهتو؛ پر هن موجوده دور ۾ ادب جون سڀيئي راهون
ايتريقدر ته مٽجي مسخ ٿي چڪيون آهن، جو لفظ ’ادب‘
جي معنيٰ ئي پوريءَ طرح پروڙي نٿي سگهجي.
فڪر ۽ ذڪر .
ڪانفرنس جي دادوءَ واري اجلاس کي خطاب ڪندي، مون
اهو پڻ واضح ڪيو هو ته علم ادب جي واڌاري جو مدار
”فڪر“ تي آهي، ڇاڪاڻ ته فڪر ئي هر مضمون ۽ بيان جو
سرچشمو آهي. انهيءَ حقيقت کي هن مجلس ۾ اڃا به
قدري واضح ڪرڻ خاطر، آءٌ اوهان صاحبن کي ذهن نشين
ڪرائڻ چاهيان ٿو ته ’فڪر‘ جو سڄو مدار وري ”ذڪر“
تي آهي. ’ذڪر‘ جي معنيٰ آهي ”يادگيري“. انهيءَ
لحاظ سان، ’ياد‘ يا ’حافظو‘ ئي اها زرخيز زمين
آهي، جنهن ۾ فڪر جو سَلو انگورجي ٿو. انهيءَ ڪري
ئي يونانين ’حافظي جي ديويءَ‘ نيموصين
(Mnemosyne)،
کي نَون (9) نياڻين جي ماءُ قرار ڏنو– جن ۾ تاريخ
(Clio)،
غنائي شعر
(Enterpe i.e. Lyrical Poetry)
عشقيه شاعري
(Erato)
۽ علم النجوم
(Astronomy)،
چار ئي شامل آهن. اهو ظاهر آهي ته علم ادب جي گهڻن
حصن جو مدار ’تخيل‘ تي آهي، ۽ تخيل جو مدار وري
يادگيريءَ يا حافظي تي آهي. هيءُ بذات خود هڪ اهم
نفسياتي مسئلو آهي - (جنهن جي تشريح لاءِ اڄوڪي
خطبي ۾ گنجائش ڪانهي). حقيقت ۾ ڪانفرنس جي عام
نشستن ۾ پيچيده نفسياتي نـُڪتن، فلسيانه مسئلن يا
ڳوڙهن ادبي بحثن ۽ نظرين جي وضاحت ئي بيسود آهي.
گذريل ڇهن ستن سالن جي تجربي مان آءٌ ڪم از ڪم
انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته اسانجن جلسن ۽
ڪانفرنسن جو حال بلڪل ”نشستند و گفتند و برخاستند“
وارو وڃي ٿيو آهي. اهڙيءَ حالت ۾، ڳوڙهين ڳالهين
ڪرڻ مان نڪي هڙ نڪي حاصل!
ڪلچر.
هي اسان جون ڪانفرنسون، خرچ ۽ انتظام، تڏهن چئبا
جڏهن اسين پنهنجي ’علم ادب‘ کي ڪا عملي ترقي ڏيئي
سگهنداسون. انهيءَ ڪري، وڏن خيالن ۽ خوابن جي
بدران بهتر ٿيندو ته پنهنجي وس آهر ٿورو ئي ٿورو
پرڪو عملي قدم کڻون، جيئن اسين وري پنهنجي انهيءَ
’ادب‘ کي حاصل ڪري سگهون جو اسين بلڪل وڃائي ويٺا
آهيون. اڄڪلهه جي محاوري ۾، ’ادب وڃائڻ‘ جي معنيٰ
آهي ’ بي تهذيب‘ ٿيڻ؛ ڇاڪاڻ ته ’ادب‘ جي اصلي
معنيٰ آهي ’لطافت‘، ’تهذيب‘ يا ’شائستگي‘. هن
زماني ۾ جنهن شي کي ’ڪلچر‘
(culture)
چيو ٿو وڃي، ان لفظ جي معنيٰ آهي ’حراثت‘ يا
’تهذيب‘. ’تهذيب‘ ”هذب“ مان نڪتل آهي، جنهن جي
معنيٰ آهي ’سنوارڻ‘. ماڻهوءَ کي ’مهذب‘ يا ’ڪلچر
وارو‘
(cultured)
بڻجڻ لاءِ مسلسل سوڌَ سنوار جي
ضرورت آهي. خود زمين جي ’ڪلچر‘ جو مدار به
پهريائين جهنگ ڪڍڻ، پوءِ هر ڏيڻ“ پوءِ ٻج ڇٽڻ،
پوءِ پاڻي ڏيڻ، پوءِ سلن جي نگهباني ڪرڻ، وغيره تي
آهي. ساڳيءَ طرح، انسان جي ’ادب‘ يا ’ڪلچر‘ جو
مدار به تربيت، تاديب ۽ تعليم تي آهي. جيئن ٻنيءَ
صاف ڪرڻ ۽ ٻج ڇٽڻ کانسواءِ فصل جي اميد اجائي آهي،
تيئن تربيت، تاديب ۽ تعليم کانسواءِ ’ادب‘ جو پيدا
ٿيڻ مشڪل آهي.
’هرکس عمل نکرد، عنايت اميد داشت، دانـﮧ نکرد
ابلـﮧ دخل انتظار کرد!‘
تاديب .
”تاديب“ جو مقصد آهي ’گهڙجڻ‘، ۽ ’اصطلاح‘ واري
رندي سان ڇلجي سنئون سوڌو ٿيڻ. جيئن واڍو اڻگهڙيي
ڪاٺ جي ٽـُڪر کي واهولي، رندي ۽ روات جي مهميزن
سان هڪ خوبصورت شڪل ڏئي ٿو، تيئن انساني ٻار به
والدين ۽ استادن جي تنبيهن ۽ زماني جي لوڏن ۽
گردشن ۾ گسڻ پيسڻ واريءَ ’تاديب‘ بعد وڃي ڪنهن
مهذب ۽ شائسته شخصيت جو مالڪ بڻجي ٿو. اهي مهميزون
۽ تلخ تجربا ئي کيس ماڻهو بڻائين ٿا.
’سکر سي ئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾،
وسايم وڏڦڙا، مٿي ماڙيءَ مينهن،
واجهائي وصال کي، ٿيس تهوارون تيئن،
نـيِر ُ منهنجي نيهن اجاري اڇو ڪيو.‘
مطلب ته ادب جي ’واڌاري‘ لاءِ علم ادب کي ’حاصل
ڪرڻ‘ ضروري آهي؛ ڇاڪاڻ ته تربيت تاديب ۽ تعليم بنا
’ادب‘ واريءَ منزل کي پهچڻ محال آهي.
اسين مٿي چئي آيا آهيون ته ’زڪر‘ ئي اها زرخيز
زمين آهي، جنهن ۾ ’شعر‘ توڙي ’فڪر‘ جا سَلا
انگورجن ٿا؛ ڇاڪاڻ ته ذڪر جي معنيٰ آهي ’حافظو‘ يا
’يادگيري‘، جنهن ۾ ئي ’تخيل‘ ۽ ’تخليق‘ جو راز
سمايل آهي. اها حقيقت نه صرف فرد واحد سان تعلق
رکي ٿي پر جماعت قبيلي ۽ قوم، بلڪه پوري بني نوع
انسان سان لاڳو آهي. فرد واحد جي حافظي جو سرمايو
سندس ذاتي يادداشت تي منحصر آهي، پر قوم جي حافظي
کي سڏجي ٿو ”تاريخ“. علم تاريخ کي زنده رکڻ ڄڻ قوم
جي حافظي کي زنده رکڻ جي برابر آهي.
تاريخ ۽ علم ادب .
ڪنهن قوم جي تاريخ جو گم ٿي وڃڻ، ڄڻ ڪنهن شخص جي
حافظي ختم ٿي وڃڻ جي برابر آهي.’نسليت‘ جي اعتبار
کان، ڪنهن به گروهه جي تاريخ ان گروهه جي نظرين،
جذبن ۽ احساسن ذريعي زنده رهي ٿي؛ پر نفسياتي توڙي
ظاهري لحاظ سان اها انهن ڳالهين ۽ ڪهاڻين، نقلن ۽
نظرين رستي محفوظ رهي ٿي، جيڪي ان گروهه ۾ رائج
آهن. اهي آکاڻيون ۽ ٽوٽڪا، ساڳئي وقت، علم ادب جو
هڪ اهم حصو آهن. انهيءَ لحاظ کان، جيڪڏهن ’علم
ادب‘ کي جيارڻو آهي، ته پوءِ ضروري آهي ته ’قومي
يادداشت‘ جو اهو سرمايو هر حالت ۾ محفوظ ڪيو وڃي.
هاڻي سوال آهي ته انهيءَ ڏس ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي ۽
ڪهڙيءَ ريت ميدان سنوارجي، جيئن اهڙي قسم جي اعليٰ
علم ادب کي فروغ ملي جو حقيقي معنيٰ ۾ خـُلق يا
قومي مزاج جي برابر هجي، بلڪ قومي اخلاق ۽ قومي
روح جو آئينو بڻجي. ان لاءِ منهنجو جواب ساڳيو
آهي، جيڪو قرآن شريف ۾ اڳ ۾ ئي موجود آهي: يعني ته
پنهنجي تاريخي سرمايي کي ڳولي، هٿ ڪري، ان کي
قلمبند ڪريو.
اسان مان هر هڪ لکيو – پڙهيو، جنهن ۾ ذرا ڪجهه
لياقت آهي، انهيءَ ڪم ۾ حضو وٺي سگهي ٿو. شايد
اسان مان ڪو چوي، ”پر سائين اهو ڪم ته عالمن ۽
مؤرخن جو آهي، اسين اهو ڪم ڪيئن ڪري سگهنداسون؟“
هيٺئين عملي اشاري مان اميد ته هن قسم جي شڪ شبهي
جي تلافي ٿي سگهندي.
وطائي فقير جو نالو شايد اوهان مان گهڻن ئي ٻڌو
هوندو؛ پر، ويٺلن مان ڪو اهڙو به آهي جنهن وطائي
جا نقل، جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشهور آهن، تن کي
گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي؟ بيجا نه ٿيندو، جيڪڏهن
آءٌ هن موقعي تي وطائي جا فقط ٻه نقل نموني طور
بيان ڪريان، جيئن معلوم ٿي سگهي ته انهن نقلن ۾ نه
صرف اسان لاءِ سبق سمايل آهن، پر جيڪر سڄيءَ دنيا
جي ملڪن جا ماڻهو انهن مان سبق حاصل ڪري سگهن.
- ’چون ٿا ته هڪ ڀيري وطايو ڪنهن پاسيري پيچري سان
اڪيلي سر پئي ويو، ۽ سندس بوڇڻ جي پلاند ۾ هڪ
ڪلدار روپيو ٻڌل هو. خيال آيس ته متان هن اڪيليءَ
واٽ تي ڪو چور نه گڏجي وڃي، جو نه رڳو کانئس روپيو
ڦري پر هڻي کيس به ڦٽي وجهي، سو ڇا ڪيائين جو
روپيو ڇوڙي کڻي گس جي ڀرسان بيٺل اَڪ جي پاڙ ۾
رکيائين؛ ۽ پوءِ خدا جا شڪرانا بجا آڻيندي چيائين
ته ”اي ڌڻي منهنجا، چڱو جو هن جزا مان جند ڇڏايئه،
هاڻي هٿين خاليءَ کي ڊپ ڪونهي: نڪي هڙ ۾ ڪي هوندو،
نڪي ڪير ڦـُريندو!“ ائين چئي، اٿي پنڌ پيو. ڪجهه
وقت گذري ويو، ۽ واءَ لڳڻ سببان روپئي مٿان مٽيءَ
جو تهه وري ويو. هڪ ڏينهن ڪو مسافر ساڳئي گس تان
اچي لنگهيو، ۽ قضا حاجت لاءِ اچي انهيءَ اَڪ جي
پاڙ ۾ ويٺو. روپئي واريءَ جاءِ تي جو پاڻيٺ پيو،
سو مٽي لهي ويئي ۽ هيٺان ڪلدار چمڪڻ لڳو. بنا هٻڪ
جي، هن يار به جهٽ ڪري کڻي هٿ ۾ کنيو. ڀانيائين ته
اهو اڪيلو روپيو ڪو نه هوندو، پر اتي پڪ ڪو خزانو
پوريل آهي؛ سو سنڀري وڃي مزدور وٺي آيو، ۽ اچي
کوٽائڻ شروع ڪيائين.چوڌاري کڏون لڳي ويون، ۽ اَڪ
پاڙن سوڌو ڪڍي کڻي ٻاهر ڪيائون. پر هئا ڪاريءَ
وارا ڪک، سو ملين ڪي به ڪين. نيٺ، سور پٽي، ڪڪ ٿي،
روانا ٿيا. هڪ ٻن ڏينهن بعد وطايو به وري ساڳئي
انهيءَ گس تان اچي لنگهيو. ڏسي ته مار! چوڌاري
کڏون لڳيون پيون آهن، ۽ اَڪ پاڙ سوڌو ٻاهر پيو
سـُڪي. اتي ٻئي هٿ مٿي کڻي چيائين: ”شڪر اٿئي، اهي
منهنجا مولا، جيڪڏهن آءٌ انهيءَ روپئي مان جند نه
ڇڏايان ها ته مون سان به ساڳي انهيءَ اَڪ واري ڪار
ٿئي ها!“’
دوستو، جيڪڏهن هيءُ نقل ڪو ويهي ٺاهي لکي ته ڪر
شاعرن کي به شهه ڏيئي ڇڏي. سوچيندڙن لاءِ هن نقل ۾
ڪهڙو نه قيمتي سبق سمايل آهي! ٻيو نقل هن طرح آهي:
- ’چون ٿا ته وطايو ڏسي ته هڪ گهورڙيو پيو گدرا
وڪڻي. کيس رڳو چار پيسا ڳنڍ ۾ هئا سي ڪڍي ڏنائينس،
۽ گهورڙيي کيس هڪ چڱو ٺاهوڪو گدرو کڻي ڏنو. وطائي
ڏٺو ته گهر ۾ ماڻهو گهڻا آهن ۽ هن هڪڙي گدري مان
پورت ئي ڪا نه ٿيندي، ۽ پر وڌيڪ پيسو به وٽس ڪو نه
هو، سو ويچار ڪيائين ته گهورڙيي جي آڏو گدرن جو ڍڳ
لڳو پيو آهي، سوال ڪريانس ته من هڪڙو کڻي ڏئي. اهو
سوچي، چيائينس ته ”هڙ ۾ پيسو ڪو نه اٿم جو ٻيو
گدرو وٺان، پر پويان آڪهه وڏي آهي، ۽ هن هڪ گدري
مان ته کين ڦار ڦار به هٿ ڪا نه ايندي، سوسائينءَ
جي نالي تي ٿو توکي سوال ڪريان ته نام ِ خدا
انهيءَ مولا جي محابي هڪڙو ٻيو گدرو ڏيار!“
گهورڙيو ڪجهه ويرم ته ڪاوڙ وچان گهور ڪري ڏانهس
نهارڻ لڳو؛ آخر خفا ٿي، ڪـُسندي مسندي، هڪ اهڙو
ڪنِو ڦِٿل گدرو هٿ ڪيائين جو ڀانيائين ته ڪو به ڪو
نه وٺندو، سو کڻي وطائي فقير جي هٿن ۾ هنيائين.
وطائي هي لقاءُ ڏسي، گدرو تريءَ تي رکي کڻي مٿي
کنيو، ۽ ڳوڙهن ڀريل اکين آسمان ڏي کڻندي چيائين ته
”اي الله! ماڻهن وٽ تنهنجو قدر اجهو اهو آهي:
تنهنجي نانءَ ۽ نالي تي اجهو هيءُ مليو اٿم: ڏسان
ٿو ته ماڻهن وٽ تنهنجي نالي کان چئن پيسن جو مان
مڙيوئي مٿي آهي!“’
عزيزو، اوهين هن نقل کي شايد چرچو ڪري ڀانيو، پر
عقلمندن لاءِ هيءُ نقل عقل جي موتين سال ڀريل آهي.
هنن ٻن نقلن جهڙا سوين نقل سنڌ ۾ رائج آهن،... پر
اوهان مان به ڪنهن انهن کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي؟ اسين جڏهن به وطائي جو نالو ٻڌون ٿا ته رڳو
کلون ٿا، ۽ بس! سچ چيو اٿن ته:
’قدرِ زر زرگر بداند، قدرِ جوهر جوهري.‘
اهو ڪو وڏو تاريخي مسئلو ڪونهي، جنهن کي سمجهڻ ۽
لکڻ ۾ ڪا ڏکيائي ٿيندي. اهي علم مقبول نقل ۽ نظري
آهن. ڇا، انهن کي گڏ ڪرڻ ۽ لکڻ به ڪو مشڪل ڪم آهي؟
سوانح نگاري .
آءٌ هت هڪ ٻي تجويز به اوهان جي آڏو پيش ڪريان ٿو.
سچ پڇو ته ڪي بهترين ڪتاب جن کي مون نهايت ئي ذوق
سان پڙهڻ چاهيو آهي، سي ڪن شخصن جا پنهنجو پاڻ
بابت لکيل دستاويز آهن. انهن شخصن ۾ وڏين توڙي
ننڍين حيثيتن وارا ماڻهو شامل آهن. ڀل کڻي ڪو
افلاطون هجي يا ڪو عام غريب هاري، جيڪر هو پاڻ
ويهي پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي ته ان جهڙو دلچسپ بيان
ٻيو ٿي نه ٿو سگهي – بشرطيڪ هو پنهنجو پاڻ سان سچو
ٿئي، ۽ بنا ڪنهن هٻڪ جي، ته ماڻهو کيس برو يا ڀلو
چوندا، ايمانداريءَ سان ويهي پنهنجو پاڻ بيان ڪري.
محض سچائي ۽ ايمانداري هن ڪم لاءِ درڪار آهن.
آخرڪار ”من آنم که من دانم“، ته پوءِ ڊپ ڪهڙو ته
ماڻهو ڇا چوندا ته فلاڻو اهڙو ڪي اهڙو هو.
ٻئي طرف، ائين ڀانئڻ ته آءٌ ڪو وڏو ماڻهو ٿي ويو
آهيان ۽ متان منهنجي وڏ ماڻهپيءَ ۾ ڪو خلل پوي،
اهو خود کي ٺڳڻ جي برابر آهي. حقيقت هيءَ آهي ته
اسان مان گهڻن جي حالت ڄڻ هڪ اڻڄاول ٻارڙي جهڙي
آهي. عاقل بالغ ٿيڻ ته خير، پر ڄڻ ته اڃا ڄاوا ئي
ڪين آهيون. ڄاپندي ڄام ڪو به ڪونهي. محض جسمي طور
ڄمڻ ۽ وڏو ٿيڻ هڪ ڳالهه آهي، ۽ ذهن جو ڄمڻ ۽ سمجهه
جو سلو اڀرڻ ٻي ڳالهه آهي. ”بزرگي بعقل است، نـﮧ
بسال“. ڀل حياتي ختم ٿي وڃي، پر جي سمجهه جو سلو
نه اسريو ته ڪنهن به شي جي حقيقت جي خبر ئي ڪا نه
پوندي. شاهه صاحب چوي ٿو ته:
’ٻيهر ڄاپـِي ڄاڻ، اِبر جي اوصاف کي.‘
هاڻي، جيڪڏهن، ’سـئيءَ جي وصفن‘ کي سمجهڻ لاءِ به
ٻيهر ڄاپڻ جي ضرورت آهي، ته هن ڪائنات کي سمجهڻ
لاءِ ته سوين هزارين حياتيون کپن!
انهيءَ لاءِ ڪم از ڪم ايترو ٿي سگهي ٿو ته هر شخص
پنهنجي حياتيءَ جي حڪايتن کي لکي، ته من ٻين لاءِ
اهي ڪارآمد ٿي سگهن: اهڙيءَ طرح هر شخص ٻين سون
هزارن حياتين جي تجربن مان سبق حاصل ڪري سگهي ٿو.
غور ڪريو ته هڪ ٻار لاءِ اها ڪهڙي نه دلچسپ ڪهاڻي
ٿيندي ته اڪثر ٻارڙا ڇا ڪندا آهن، ۽ ڪن خاص موقعن
تي ڪيئن اٿندا – ويهندا آهن. خود عاقل بالغ لاءِ
به پنهنجي ٻاروتڻ جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪيترو نه سبق سمايل
آهي – من پنهنجي ننڍڙائي محسوس ڪري! حقيقت ۾،
انسان جيترو پنهنجي ننڍڙائي محسوس ڪندو، اوترو خدا
جي وڏائيءَ کان آگاهه ٿيندو. ڇا، اسان مان هر هڪ
پنهنجي ڪهاڻي نه ٿو لکي سگهي؟
ڪرڻو صرف هي آهي ته وانداڪائيءَ ۾ قلم کڻي، نهايت
ئي سچائيءَ سان، پنهنجو ٻاروتڻ ياد ڪري، ويهي ان
جو بيان لکون. اسين ان وقت ڇا هئاسين؟ اسان جو اٿڻ
– ويهڻ ڪهڙي نموني سان هو؟ اسان کي ڇا ڇا وڻندو
هو، ۽ ڇا ڇا نه وڻندو هو؟ اسان کي ڪنهن سان پيار
هو، ۽ ڪنهن کان نفرت هئي؟ مطلب ته بنا ڪنهن ا ُڊڪي
جي، ته ماڻهو اسان کي ڇا ڪري سمجهندا، اسين نهايت
ايمانداريءَ سان ويهي پنهنجي ٻاروتڻ جي ڪهاڻي
لکون. منهنجي استدعا آهي ته اوهان مان هر هڪ اِها
ڪوشش ڪري. جي اسان جي سڀني پڙهيلن نهايت سچائيءَ
سان پنهنجي سوانح لکڻ شروع ڪئي، ته آءٌ اوهان کي
خاطري ٿو ڏيان ته اسان مان ڪيترائي فقط انهيءَ
سوانح لکڻ سان مصنفن جي صف ۾ شمار ٿيندا - ۽ ٿي
سگهي ٿو ته ڪن جا قلمي داستان اهڙا ته معياري ڪتاب
بڻجي پون جو انهن جهڙا ڪي ورلي لکيا ويا هجن. سينٽ
آگسٽين
(St. Augustine)،
رؤسو
(Rousseau)،
گوئٽي
(Goethe)،
گانڌي – مڙني ائين ڪيو، ۽ ٻيا به سَوَ اهڙا
نڪرندا، ڪن مصورن پنهنجيون تصويرون ڪڍيون، ۽ سَوَن
وري پنهنجون سوانح عمريون لکيون.
صداقت جو معيار .
آءٌ اوهان کي خاطري ٿو ڏيان ته اسان جي سوانح ۾
ٻاروتڻ وارا باب، فطري جذبن ۽ احساسن سان لبريز
هئڻ سببان، پڙهڻ ۾ نهايت دلپذير ٿيندا. البت ايترو
سو ضروري آهي ته تحرير ۾ سچائي ۽ محض سچائيءَ جو
معيار برقرار رکيو وڃي؛ ڇو ته ’صداقت‘ نه صرف
سوانح نگاريءَ، پر شاعريءَ توڙي علم ادب جو روح
آهي. ڪوڙ ۽ علم ادب جو پاڻ ۾ کوڙو ئي نٿو لڳي. اهي
ٻئي متضاد شيون آهن. محض ’حق‘ ئي، علم ۽ ادب ٻنهي
جي واٽ توڙي منزل مقصود آهي، بلڪ
”سرِ دين، صدقِ مقال، اَکلِ حلال.“
صداقت، تاريخ جو روح آهي؛ ۽ انهيءَ ’صدق‘ کانسواءِ
’فن لطيف‘ جي ايجاد به امر محال آهي، ته علم ادب
جو اسرڻ به ناممڪن آهي. افسوس جو هن پوئين دور ۾
قوميت جو تنگ نظريي ۽ قومي حڪومتن جي قيام جيڪي
رجحانات پيدا ڪيا آهن، تن تاريخي حقيقتن کي محض
قوميت جي عارضي ۽ محدود مطلبن خاطر مٽائڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي؛ ۽ انهن حرڪتن سببان فنون لطيفه توڙي
اعليٰ علم ادب جون بلڪل جڙون ڪٽجي ويون آهن.
شعائر الله .
اسلام ۾ ’تاريخي تحقيق‘ ديني فرضن ۾ شامل آهي؛
ڇاڪاڻ ته تاريخي نشان ’شعائر الله‘ مان آهن، جن کي
ڳولڻ ۽ برقرار رکڻ هر مسلمان جو فرض آهي. ڀل ته
يورپ وارائي، سندن رنگ ۽ نسل ۽ قوميت وارن مخصوص
نظرين جي پرورش خاطر، تاريخي حقيقتن کي لڪائڻ ۽ من
گهڙت قصن کي رائج ڪرڻ ۾ هڪٻئي سان هوڏون هڻن. اهو
شغل کين ئي نيبهه هجي. پر حقيقت کي لڪائڻ حماقت
آهي، ڇاڪاڻ ته اها هميشه لاءِ لڪي ڪا نه سگهندي.
عارضي طور ڀلي کڻي ڪو ڪوڙ هـُلائي، پر آخرڪار سچ
پڌرو ٿي پوندو. مثال طور، ڏسوته يورپ وارن پاڻ کي
نج ’آريائي نسل‘ مان ثابت ڪرڻ لاءِ انساني نوع ۽
نسل بابت ڪهڙا نه عجيب ۽غريب نظريا گهڙيا، ۽ ڪيئن
نه تاريخ تي پردي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر فقط ملڪن،
ماڻهن ۽ شهرن جي نالن – مثلاً ’ايران‘، افغانستان
جي ’آريانا‘، بلوچستان جي ’آري‘، قديم ايران جي
شهر ’اردبيل‘، سنڌ جي بندر ’ديبل‘، وغيره قديم
نالن – لارڊ ڪرزن
(Curzon)
۽ ٻين جي دليلن ۽ دعوائن جي قلعي کولي وڌي، ۽ ثابت
ڪيو ته موجوده ايران، افغانستان ۽ بلوچستان وارو
خطوئي آرين جو قديم ماڳ مڪان آهي. قديم شهر ۽
کنڊرات ته ڇڏيو، پر فقط اسم ۽ نالا به وڏا تاريخي
نشان آهن، ۽ تاريخي حقيقت تي شاهد آهن. هر هڪ نالو
هڪ تاريخي حقيقت جو حامل ۽ محافظ آهي، ۽ ان کي
بدلائڻ ڄڻ تاريخي حقيقت کي مٽائڻ جي برابر آهي.
انهيءَ هوندي به، عجب جي ڳالهه آهي جو محض ڪن شخصن
يا جماعتن جي خوشنوديءَ خاطر، يا قوميت جي تنگ
نظريي جي زير اثر، تاريخي نشان توڙي نالا مٽايا ٿا
وڃن! ’فريئر هال‘ کي ’لياقت هال‘ سڏڻ، ’رام باغ‘
کي ’آرام باغ‘ بنائڻ، يا ’ميونسپل گارڊن‘ کي ’داس
گارڊن‘ چوڻ، ڄڻ تاريخي حقيقتن سان راند ڪرڻي آهي.
فطرت طرفان اهڙي حرڪت ڪڏهين به معاف ٿي نٿي سگهي،
ڇاڪاڻ ته اهو گناهه خود ’حق‘ ۽ ’روح اقدس‘ جي خلاف
آهي. مسلمانن جي شايان شان ناهي جو نالو ڦيرائين ۽
تاريخ جا نشان ميسارين. تاريخ جا نشان، خدا جا
نشان آهن - ۽ انهيءَ ڪري آثارِ صناديد مٽائڻ ڪفر
آهي.
ساڳيءَ طرح، شخص واحد جي سوانح جا سچا نشان نهايت
اهم حقيقتن جا رازدان آهن، جن جي محافظت سان ئي
سوانح نگاريءَ جو حق ادا ٿي سگهي ٿو. جـُڙتو
ڳالهيون ۽مصنوعي اضافا، جي اسين ڀانيون ٿا ته اسان
جي حياتيءَ جي بابن کي رنگين بڻائين ٿا، سي در
حقيقت ان کي هڪ ڪوڙي قصي ۾ تبديل ڪن ٿا. ٻئي طرف،
انساني ڪوتاهين ۽ خطائن جا سچا بيان هزارن اکين ۾
ڳوڙها آڻيندا. اسين پنهنجن ڪن سچن واقعن بيان ڪرڻ
سان پنهنجي وقعت وڃائي نٿا سگهون: اهي سچا بيان
وري به اهوئي ثابت ڪندا ته ماڻهو ايترو بلند به ٿي
سگهي ٿو جو خود کي وساري ويهي! ”وڃائي وجود، تهان
پوءِ تڪبير چئو“ وارو شرط جيتريقدر عبادت سان لاڳو
آهي، اوتروئي تحرير سان به لاڳو سمجهڻ کپي.
مطلب ته وسيع معنيٰ ۾ تاريخي جستجو ذريعي – جنهن ۾
سوانح نگاري، قبائلي ۽ قومي تاريخ، توڙي جماعت ۽
گروهه جا ڪارناما اچي وڃن ٿا– علم ادب لاءِ ايترو
ته گهڻو مواد گڏ ٿيندو جو جلدن جا جلد ڀرجي ويندا،
۽ هڪ نه پر ڪيئي مطبع ان کي صاف ڪرڻ ۽ شايع ڪرائڻ
۾ مشغول رهندا.
آخر ۾ وري به منهنجي استدعا آهي ٻيءَ ڪانفرنس کان
اڳ اسين ڪم از ڪم انهن ٻن تجويزن تي عمل ڪريون، جن
کي اسين مٿي بيان ڪري آيا آهيون، وڏن خيالن ۽
خوابن جي بجاءِ جيڪڏهن اسان انهن ٻن آسان تجويزن
تي عمل ڪيو، ته به مون کي يقين آهي ته اسان مان
ڪيترا ئي مصنف بڻجي پوندا، ۽ سندن قلمي ڪارناما
اهڙو ته قيمتي مواد مهيا ڪري وجهندا جو وڏن
فيلسوفن توڙي سائنسدانن جي مطالعي لاءِ مفيد
ٿيندا. ڌڻي شال اسان کي عملي قدم کڻڻ جي توفيق
ڏئي؟
سي . اي. ايم . جوڊ
سنڌيڪار: مراد علي ’اختر‘
فن جي اهميت
تهذيب جي خاص خوبي هيءَ آهي ته اُن انساني ذهن ۽
روح کي آزدي بخشي؛ ۽ اهڙيءَ طرح انسان کي موقعو
مليو ته هو انهن شين جي ڳولا ڪري سگهي، جيڪي بذات
خود فائديمند آهن. ٿوري غور ۽ فڪر ڪرڻ کان پوءِ
خبر پوندي ته ڪي شيون اهڙيون ضرور ٿين ٿيون، جن کي
حاصل ڪرڻ جي خواهش ان ڪري پيدا ڪين ٿي ٿئي ته انهن
جي ذريعي ڪنهن ٻيءَ شي کي حاصل ڪيو ويندو، بلڪه
انهن کي حاصل ڪرڻ جي خواهش خود انهن لاءِ ئي ڪئي
وڃي ٿي. گهڻيون شيون اهڙيون نظر اچن ٿيون، جن جي
طلب فقط ان لاءِ ڪئي ويندي آهي جو ا ُهي ٻين شين
جي حاصل ڪرڻ جو وسيلو ٿينديون آهن. فرض ڪريو ته
اوهان کي بخار آهي. ان جي علاج لاءِ اوهان کي
ڪوئنين جي گهرج بلڪه خواهش آهي. پر ڇو؟ - ان لاءِ
ته اوهين بخار جو علاج ڪرڻ گهرو ٿا. اوهين بخار جو
علاج ڇو ٿا ڪرڻ چاهيو؟ - ان لاءِ ته اوهين بيمار
رهڻ نٿا چاهيو. اوهين بيمار رهڻ ڇو نٿا چاهيو؟ -
ان لاءِ ته صحت بيماريءَ کان وڌيڪ بهتر شي آهي.
صحت بيماريءَ کان وڌيڪ بهتر شي ڇو آهي؟ - ان لاءِ
ته صحت خوشيءَ، يا شايد قابليت، کي حاصل ڪرڻ جو
وسيلو آهي. پر خوشيءَ جي طلب ڇو ڪئي وڃي ٿي؟ گهڻا
ماڻهو ان جو جواب اهو ڏيندا ته خوشي بذات خود هڪ
مقصد آهي؛ يعني اهڙي شيءِ آهي، جيڪا پنهنجو قدر
پاڻ آهي. جيتريقدر قابليت جو تعلق آهي، گمان چوي
ٿو ته اهو به هڪ ذريعو آهي؛ يعني ڪنهن ٻيءَ شي کي
حاصل ڪرڻ جو وسيلو آهي. آخر ڪو قابل ڇو ٿئي،
جيستائين ان جي اڳيان ڪو مقصد يا مطلب نه هجي؟ اهو
مقصد يا مطلب ڇا آهي؟ ان سوال جا ڪيترائي جواب
ڏيئي سگهجن ٿا؛ پر ظاهري طرح ائين ڏسجي ٿو ته
قابليت جي طلب کڻي ڪنهن به شيءِ لاءِ ڪئي وڃي، اها
خود قابليت لاءِ ئي ڪئي ويندي، پوءِ کڻي ان کي ان
جي ذات کان پري ڪنهن ٻيءَ شي جي حاصل ڪرڻ جي وسيلي
جي حيثيت سان استعمال ڪيو وڃي يا، خوشيءَ وانگر،
بذات خود هڪ مقصد جي حيثيت سان. اها هڪ مزيدار ۽
اچرج جهڙي ڳالهه آهي ته انهن شين جا مسئلا صاف ۽
واضح هجڻ بدران منجهيل آهن، جن جي طلب انهن جي
پنهنجيءَ ذات لاءِ هوندي آهي يعني اُهي شيون، جيڪي
ٻئي ڪنهن مقصد جو ذريعو ڪين آهن بلڪه پنهنجو مقصد
پاڻ آهن. مجموعي طرح، انساني تجربي وڏي پيماني تي
هي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته ٽي شيون اهڙيون ضرور
آهن، جيڪي فقط پنهنجيءَ ذات لاءِ طلب ڪيون وڃن
ٿيون، ۽ جيڪي پنهنجو مقصد پاڻ آهن.
اهي ٽي شيون ’سچائي‘، ’خير‘ ۽ ’حسن‘ آهن. ڪن جو
چوڻ آهي ته انهيءَ فهرست ۾ ’خوشي‘ به آهي. سچائي،
خير ۽ حسن - ۽ شايد خوشيءَ – کي ”آخري قدرَ“ چيو
وڃي ٿو.
مذهب کان پوءِ فن، پنهنجي اهميت جي لحاظ کان،
انساني نسل تي سڀ کان وڌيڪ اثر ڪيو آهي. بدقسمتيءَ
سان فن جي طاقت ۽ تاثير جو احساس ايستائين ڪو نه
ٿو ٿئي، جيستائين انسان جي عمر پختي ۽ نظر وسيع
نٿي ٿئي. فن جيڪي صورتون ورتيون آهن، انهن ۾
موسيقي، مصوري، سنگتراشي ۽ ادب اهم آهن؛ - ادب جو
به خاص ڪري اهو حصو، جنهن کي شاعري سڏيون ٿا. ٻه
ٽي ٻيا به گهٽ درجي جا فن آهن، جيڪي ڪمرن جي
سينگار ڪپڙي جي اڻت، ظروف سازي ۽ ڪوزي گريءَ ۾ پاڻ
ظاهر ڪن ٿا. ڄڻ ته ڪن مادي شين انساني روح تي وڏو
پر اسرار اثر وڌو آهي؛ ۽ اهڙيءَ طرح انساني روح
لاءِ ان جي خوشيءَ ۽ راحت جا ڪي عظيم ۽ پائدار
موقعا پيدا ڪيا آهن. سريلا آواز، خاص انداز ۾
ترتيب ڏنل رنگ، مختلف صورت ۾ گهڙيل پٿر، سفيد
مٿاڇري تي ڪارا ڪارا نشان (تحرير)، انساني گلي
مان نڪتل ڪي آواز (تقرير)، ڪاٺ، ڪپڙو، ڌاتو ۽
چينائي مٽي – اهي سڀ مادي شيون نه آهن ته ڇا آهن؟
پر انهن مختلف قسم جي مادي شين ۾ اها ڪهڙي ’عام
خوبي‘ آهي جو اهي سڀ هڪ ئي عنوان (يعني فن يا فن
جون شيون) هيٺ اچن ٿيون؟ هن سوال جا ڪيترا ئي جواب
آهن؛ ۽ اها حقيقت آهي ته انهن مان ڪنهن به هڪ کي
عالمگير اتفاق راءِ نصيب ٿي ڪين سگهي.
|