مولوي عبدالحميد يوسفاڻي
عمرڪوٽ
حديث پاڪ جا چند
راوي
(قسط
ٻي)
اُهي اصحابؓ
جن نبي ﷺ جي قول ۽ فعل کي جيئن جو تيئن ياد رکيو!
حضرت ابو مُوسيٰ اَشعَري رضي الله عنھ:
سندس نالو عبدالله آهي، پر پاڻ رضي الله عنه
پنهنجي ڪنيت ابو موسيٰ سان مشهور آهن. سندس والد
جو نالو قَيس ۽ والده جو نالو طيبه آهي سندس تعلق
اشعر قبيلي سان آهي. پاڻ رضي الله عنه يمن جا
رهاڪو هئا. اسلام قبول ڪري رسول الله ﷺ جن سان گڏ
رهيا. خيبر کان پوءِ تمام غزون ۾ شامل رهيا. دور
فاروقي ۾ کيس بصره جو والي بنايو ويو، 34 هجريءَ ۾
ڪوفه جو امير مقرر ڪيو ويو. پاڻ رضي الله عنه انهن
ستن خوشنصيبن مان آهن، جن کي عهد نبوي ۾ فتويٰ ڏيڻ
جي اجازت هئي. سندس تلاوت ٻڌي نبي اڪرم ﷺ جن
فرمايو: توکي لحن داؤدي مان حصو مليو آهي. صحيح
قول مطابق سندس وفات مڪي پاڪ ۾ ٿي سندس ڄمار 61
سال هئي. کانئس 360 روايتون آهن.
حضرت سعدبن اَبِي وَقاص رضي الله عنھ:
سندس نالو سَعدُ آهي سندس والد جو نالو مالڪ ۽
والد جي ڪنيت ابي وقاص آهي. سندس والده جو نالو
حَمنه آهي. اوڻيهن سالن جي ڄمار ۾ اسلام قبول
ڪيائون، مڪي کان مديني هجرت ڪري پنهنجي ڀاءُ
عُقبَه بن ابي وقاص جي گهر ۾ رهيا، تمام غزون ۾
شرڪت ڪري جوهر ڏيکاريائون. پاڻ رضي الله عنه عشره
مبشره مان آهن، غزوه احد ۾ نبي اڪرم ﷺ جن فرمايس
سعد تير هلاءِ منهنجا ماءُ پيءُ توتان صدقي ٿين،
سندس وفات واديء عَتِيق ۾ ٿي ۽ تدفين جنت البقيع ۾
آهي. پاڻ رضي الله عنه کان 271 روايتون آهن.
حضرت اَبو اُمامَـﺔ باهِلي رضي الله عنھ:
پاڻ رضي الله عنهُ جو نالو صُدَي ۽ ڪنيت: ابو
امامـﺔ آهي ۽ سندس والد جو نالو: عَجلان آهي، حضور
ﷺ جن کيس اسلام جي تبليغ جي لاءِ سندس قبيلي طرف
موڪليو، سندس قوم وارا چوڻ لڳا: تون بي دين ٿي ويو
آهين! حضرت صديؓ
جواب ۾ چيو: آئون بي دين ته نه ٿيو آهيان، ها مُون
الله ۽ ان جي رسول ﷺ جن تي ايمان آندو آهي. سندس
قوم وارن سندس پاڻيءَ تي به بندش هنئي ۽ ايمان نه
آندئُون. اڃ واري حالت ۾ کيس ننڊ آئي. الله جي
قدرت سان کيس خواب ۾ پاڻي پياري ڍؤ ڪرايو ويو.
جڏهن جاڳيو تڏهن قوم وارن وٽس کجيون پيش ڪيون، پاڻ
رضي الله عنه فرمايو: مون کي قدرت واري کارائي
پياري ڍئو ڪرائي ڇڏيو آهي، آخرڪار سندس ڪوششن سان
سندس خاندان وارا مسلمان ٿيا.
اسلام جي تبليغ ۽ اشاعت سندس خاص مشغلو هو جِتي به
کيس ٻه چار ماڻهو مِلندا هئا اُتي حضرت صُدي رضي
الله عنه حديث نبوي ﷺ ٻُڌائي تاڪيد ڪندو هو ته ٻين
تائين پهچايو. جنگ صفين ۾ حضرت علي رضي الله عنه
جو ساٿ ڏنائين، پوءِ شام ملڪ ڏانهن هليو ويو. سن
86 هجري 106 سالن جي ڄمار ۾ اُتي ئي وفات ڪيائين.
حضرت صدي رضي الله عنه کان 250 روايتون آهن.
حضرت ابوالعباس سَهَل بن سعد رضي الله عنھ:
سندس نالو: سَهَل، ڪنيت: ابوالعباس، ابومالڪ،
ابويحيٰ آهي سندس والد بدر کان اڳين گذاري ويو،
حضرت سهلؓ
هڪ ڀيري بئربضاعـﺔ مان پاڻي ڪڍي رسول الله ﷺ جن کي
پياريو. سندس اصل نالو حُزن هو. نبي ﷺ سندس نالو
سهل رکيو. هجرت کان پنج سال اڳ ڄائو، 96 سالن جي
ڄمار ۾ 91هه ۾ وفات ڪيائين هن کان 188 روايتون
منقول آهن.
حضرت عُبادَة بن الصّامت رضي الله عنھ:
سندس نالو: عباده، ڪنيت: ابوالوليد، والد جو نالو:
صامِت ۽ والده جو نالو: قُرةالعَين آهي، پاڻ رضي
الله عنه خَزرج قبيلي جي سالم خاندان مان آهن.
تمام غزون ۾ شريڪ رهيا ۽ بيعت رضوان ۾ به شامل
رهيا. خلافت صديقي ۽ فاروقي ۾ جنگِن ۾ حصو وٺندا
رهيا. دور فاروقي ۾ فلسطين ۾ قاضي ٿي رهيا. پاڻ
رضي الله عنه قرآن جا حافظ هئا ۽ اصحاب صُفه کي به
قرات سيکاريندا هئا. سن 34 هجري 72 سالن جي ڄمار ۾
سندس وفات ٿي، سندس قبر مبارڪ فلسطين جي علائقي
رملـﺔ ۾ آهي، پاڻ رضي الله عنه کان 181 روايتون
آهن.
حضرت اَبُوالدّر دَاء عُوَيمِر رضي الله عنھ:
سندس نالو: عُويمر، ڪنيت: ابوالدّرداء، قبيلي خزرج
جي خاندان عدي بن ڪعب سان تعلق آهي. غزوه بدر کان
پوءِ مسلمان ٿيو. احد کان پوءِ غزون ۾ شامل ٿيندو
رهيو. خلافت فاروقي ۾ دمشق ڏانهن هليو ويو. سندس
درس ۾ ويٺل شاگردن جو انگ سورهن سـؤ کي ويجهو هو.
وفات 32هه ۾ ٿي، پاڻ رضي الله عنه کان 179
روايتون آهن.
حضرت اَبُو هُنَيدةَ وَائِل بن حُجر رضي الله عنھ:
سندس نالو: وائل، ڪنيت: ابوهنيده، والد جو نالو:
حُجر سندس تعلق سلاطين حضرت موت سان آهي. سندس
والد ۽ حضرت وائل پاڻ به سردار هئا.
فتح مڪه کان پوءِ اسلام قبول ڪرڻ جي نيت سان مدينه
منوره ۾ پهتا، رسول الله ﷺ جن سندس استقبال ڪيو
چادر وِڇائي ۽ ان تي ويهاريائون ۽ سندس اولاد جي
برڪت جي لاءِ دُعا به ڪيائون. اسلام قبول ڪري پاڻ
رضي الله هلڻ لڳا ته رسول الله ﷺ جن به ڪجهه فاصلو
ساڻ هليا. ڪوفو آباد ٿيو ته حضرت وائلؓ
ڪوفي ۾ رهڻ لڳو. جنگ صفين ۾ حضرت عليؓ
سان گڏ هو ۽ قبيلي حضر موت جو جهنڊو سندس هٿن ۾
هو. امير معاويـﺔؓ
جي دور ۾ انتقال ٿيو. کائنس 171 حديثون منقول آهن.
حضرت اَبُو قَتادَة الحارث بن ربعي رضي الله عنھ:
سندس نالو: حارث، ڪُنيت: ابو قتاده، لقب: فارس
رسول الله ﷺ بنو خزرج قبيلي جي شاخ سلمه سان تعلق
آهي، هجرت کان ڏهه سال اڳ ڄائو. حضرت علي رضي الله
عنه کيس مڪي جو امير مقرر ڪيو. حديث بيان ڪرڻ ۾
احتياط ڪندو هو. کائنس 170 روايتون آهن.
حضرت بُرَيده رضي الله عنھ:
سندس نالو: بريده، ڪنيت: ابوعبدالله، والد جو
نالو: مُصَيب بن عبدالله آهي هجرت کان پوءِ مسلمان
ٿيو، صُلح حُديبيه ۽ بيعت رضوان ۾ شامل رهيو.
سورهن غزون ۾ شامل رهيو، نبي ﷺ جيڪو آخري لشڪر
حضرت اسامه بن زيد رضي الله عنه جي اڳواڻي ۾ ٺاهيو
هو ان ۾ به حضرت بريده شامل هو. پاڻ رضي الله عنه
چوندو هو زندگي جو لطف گهوڙا ڊوڙائڻ ۾ آهي، يزيد
جي حڪمراني واري دور ۾ 63 هجري ۾ سندس انتقال ٿي
ويو. پاڻ رضي الله عنه کان 164 روايتون آهن.
حضرت امير مُعاوِيَـﺔ رضي الله عنھ:
سندس نالو معاويـﺔؓ،
ڪنيت ابوعبدالرحمٰن، والد جو نالو: ابو سُفيان ۽
والده جو جو نالو هنده آهي. جاهليت ۾ به سندس
خاندان ممتاز هو. فتح مڪي واري ڏينهن حضرت امير
معاويةؓ
۽ سندس والد ابوسفيان رضه ٻئي مسلمان ٿيا. پوءِ
غزوه حنين ۽ محاصره طائف ۾ حضور ﷺ جن سان گڏ رهيا.
حضرت حسن بن علي رضي الله عنه سن 40 هجري ۾ خلافت
امير معاويـﺔؓ
جي حوالي ڪري ڇڏي. اُن کان پوءِ پاڻؓ
اوڻيهه سال ٽي مهينا حڪومت ڪئي، جنهن ۾ ڪيترائي
علائقا فتح ٿيا. لقوه جي ڪري 75 سالن جي عمر ۾ 60
هجري ۾ سندس وفات ٿي. وٽس حضور ﷺ جي چادر مبارڪ،
قميص مبارڪ، وار مبارڪ ۽ نَنهن مبارڪ رکيل هئا.
وصيت ڪيائين حضور ﷺ جن جي قميص ۽ ازار ۾ مون کي
ڪفنائجو. منهنجي نڪ ۽ سجدي واري عضون تي حضور ﷺ جن
جا وار ۽ نَنهن رکي ڇڏجو. شَلَ انهن جي طفيل الله
منهنجي مغفرت فرمائي ڇڏي. امير معاويه رضي الله
عنه کان هڪ سو ٽيهٺ 163 روايتون آهن.
حضرت مُعاذ رضي الله عنھ:
سندس نالو: معاذ، ڪنيت: ابوعبدالرحمٰن، لقب: امام
الفقهاء، نزيل العلماء قبيلو: خزرج آهي، نبي ﷺ جن
جو محبوب صحابيؓ
هو، حَضرت مصعب بن عمير رضي الله عنه جي هٿ تي
اسلام قبوليائين، تمام غزون ۾ نبي ﷺ جن سان گڏ
رهيو. نبي ڪريم ﷺ جن کيس يمن ڏانهن موڪليو ته وڃي
کين اسلامي شريعت سيکاري. ان وقت نبي اڪرم ﷺ جن
يمن وارن کي لکي موڪليو ”اِنِي بَعَثتُ خَير
اَهلِي“ آئون توهان ڏانهن پاڻ وٽ موجود ماڻهن مان
بهترين شخص کي موڪلي رهيو آهيان. دور فاروقي ۾
حضرت عمر فاروق رضي الله عنه جي ٺاهيل مجلس شوريٰ
جي ميمبرن مان هڪ حضرت معاذؓ
هو. طاعون عمواس ۾ سندس انتقال ٿيو. ان وقت سندس
ڄمار 36 سال هئي. اهو سال ارڙهين هجري هو. حضرت
معاذ رضي الله عنه کان 157 روايتون آهن.
حضرت ابو ايوب خالد بن زيد رضي الله عنھ:
سندس نالو خالد، ڪنيت: ابو ايوب آهي سندس تعلق
قبيلي خزرج جي نجار خاندان سان آهي. خانداني شجرو
هيءُ آهي: خالد بن زيد بن ڪليب بن ثعلبه بن عبدعوف
خزرجي- بيعت عقبه ۾ مسلمان ٿيو. مديني ۾ هجرت کان
پوءِ حضور ﷺ جن سندس گهر ۾ قيام فرمايو. سڀني غزون
۾ شامل رهيو سندس شمار فقهاء صحابنؓ
۾ ٿئي ٿو. قسطنطنيه (ترڪي) تي حملي جي لاءِ سن 53
هجري ۾ يزيد بن معاويـﺔ جي ماتحت ويندي سفر ۾ عام
وَباء پکڙي تمام گهڻا ماڻهو شهيد ٿيا انهن ۾ حضرت
ابو ايوب انصاري رضي الله عنه جو به انتقال ٿي
ويو. قسطنطنيه جي ديوار جي ويجهو تدفين ٿي. حضرت
ابو ايوبؓ
کان 150 روايتون منقول آهن.
حضرت اَبُوالمُنذر اُبَي بن ڪعب رضي الله عنھ:
سندس نالو: ابوالمنذر، ڪنيت: ابوالطفيل، لقب: سيد
الانصار، سيدالقرٰي، سيد المسلمين، والده جو نالو:
صهَيله آهي. عقبه ثانيه ۾ مسلمان ٿيو بدر کان طائف
تائين معرڪن ۾ حضور ﷺ جن سان گڏ رهيو. قرآن توريٰت
۽ انجيل جو عالم هو. سندس وفات: خلافت عثمان غنيؓ
۾
39 هجري ۾ ٿي. حضرت عثمان غني رضي الله عنه سندس
جنازو پڙهايو. تدفين مديني ۾ ٿي. حضرت اُبي بن ڪعب
رضي الله عنه کان 146 حديثون منقول آهن.
حضرت اُسامه بن زيد رضي الله عنھ:
سندس نالو: اُسامه، ڪنيت: ابومحمد والد زيدؓ
جيڪو نبي ﷺ جن جو پٽيلو هو. والده جو نالو: برڪة
آهي. بعثت واري سال ۾ ڄائو. دور فاروقي ۾ حضرت
عبدالله بن عمرؓ
جو وظيفو اڍائي هزار ۽ حضرت اُسامهؓ
جو وظيفو ٿي هزار مقرر هو. سندس وفات: 54 هجري
امير معاويهؓ
جي دور حڪومت جي پڇاڙي ۾ مديني ۾ ٿي. پاڻ رضي الله
عنه کان 128 روايتون آهن.
حضرت مَعقِل بن يَسار رضي الله عنھ:
سندس نالو معقل، ڪنيت: ابوعبدالله، والد جو نالو
يَسار بن عبدالله بن صغير بن حراق آهي. صلح حديبيه
۾ حضور ﷺ جن جو همرڪاب رهيو. بيعت رضوان ۾ نبي ﷺ
تي وڻ جو ٽار کڻي ڇانء ڪريو بيٺو رهيو. نبي ﷺ جن
کيس قبيلة مزينة جو قاضي بنايو هو. دور فاروقي ۾
ابو موسيٰؓ
بصره ۾ نهرکوٽائي. حضرت عمرفاروقؓ
حڪم ڏنو اها نهر معقل بن يسار جي هٿان جاري ڪرائي
وڃي. امير معاويـﺔؓ
جي دور ۾ زياد ان نهر کي درست ڪرايو ته نهر ۾ پاڻي
حضرت معقل بن يسارؓ
جي هٿان جاري ڪرايو ويو. سندس وفات امير معاويـﺔؓ
جي دور حڪومت ۾ ٿي. کائنس 134 حديثون مروي آهن.
حضرت مُغِيرَة بن شُعَبَـﺔ رضي الله عنھ:
سندس نالو مغيره بن شعبه، ڪنيت: ابوعبدالله، والد
جو نالو شعبه بن ابي عامر آهي. 5 هجري ۾ مسلمان
ٿيو، حديبيه ۽ پوءِ ڪيترن ئي غزون ۾ شرڪت ڪيائين.
حضور ﷺ جن جي جسم مبارڪ کي قبر انور ۾ رکڻ وقت هن
پنهنجي منڊي ڪرائي ڇڏي. حضرت علي رضي الله عنه
فرمايو: اها منڊي ڪڍي ڇڏيو ته مغيرهؓ
منڊي ڪڍڻ جي بهاني سان نبي ﷺ جن جي قدمن مبارڪن کي
ڇهي ورتو ۽ ٻاهر نڪتو. ايئن حضور ﷺ جن کان جدا ٿيڻ
وارو هيءُ آخري صحابيؓ
هو. بنهه ڏاهو مدبر ۽ سياسي شخص هو. سن 50 هجري ۾
ڪوفي ۾ پکڙيل وبا جي ڪري سندس وفات ٿي. ان وقت
سندس ڄمار 70 سال هئي. کانئس 133 مرويات آهن. پاڻؓ
ابوعيسيٰ جي ڪنيت سان به سڃاتا وڃن ٿا.
حضرت نفيع بن حارث رضي الله عنه سندس نالو حضرت
نُفَيع بن حارث بن ڪَلدَه، ۽ ڪنيت: ابوبڪره آهي.
بَڪره ان ڪاٺيءَ جي چرخي کي چئبو آهي جنهن تي ڏول
جو رسو گهُمي ٿو، پاڻؓ
محاصره طائف وقت ان چرخي جي رسي ذريعي ٽِپي حضور ﷺ
جن وٽ اچي مسلمان ٿيو. حضور ﷺ کيس پنهنجو پٽ ڪري
سڏيو ۽ ابوبڪره چئي مخاطب ٿيا ۽ کيس آزاد به
ڪيائون، پر نفيع پوءِ به پنهنجي پاڻ کي حضور ﷺ جن
جو غلام چوندو هو. شروع ۾ مديني ۾ رهيو، بصره آباد
ٿيڻ کان پوءِ بصره ۾ وڃي رهيو. فتنن کان پري رهندو
هو جنگ جمل ۽ جنگ صفين ۾ به شريڪ رهيو، عبادت ۾
گهڻو مشغول رهندو هو. حضرت امير معاويـﺔؓ
جي دور ۾ سندس وفات بصره ۾ ٿي کانئس 132 روايتون
آهن.
حضرت عِمران بن حِصين رضي الله عنھ:
سندس نالو عمران پُٽ حصين جو ڪنيت ابونجيد آهي.
شروعاتي مسلمانن مان آهي. ڪجهه غزون ۾ حضور ﷺ جن
جو همرڪاب رهيو. نبي ﷺ جن جي وصال کان پوءِ گوشه
نشين رهيو، دَور فاروقي ۾ بصره آباد ٿيو ته هيءُ
بصره ۾ رهيو حضرت عمرؓ
کيس فقه جي تعليم جو ذِمو ڏنو، دَور فاروقي کان
پوءِ لڳندڙ جنگِن کان پري رهيو. استسقاء جي مرض
سبب 52هه ۾ انتقال ٿيو. کائنس 130 روايتون آهن.
حضرت ثَوبان رضي الله عنھ:
سندس نالو ثوبان، ڪنيت: ابو عبدالله آهي، پاڻؓ
جو تعلق يمن جي مشهور خاندان مَحمِير سان هو. نبي
ﷺ جن کيس فرمايو: وڻي ته اسان وٽ رَههُ وڻي ته
پنهنجي خاندان ڏانهن هليو وڃ تنهنجو شمار اهلِ بيت
۾ ٿيندو. حضرت ثوبانؓ
اهل بيت مان هجڻ کي پنهنجي خاندان تي ترجيح ڏني.
هيءُ صحابيؓ
انهن مان آهي جن حديثون محفوظ ڪيون ۽ اشاعت به
ڪيائون. نبي ﷺ جي رحلت تائين مديني ۾ رهيو. پوءِ
شام ملڪ ڏانهن هليو ويو اُتان رَمله، حَمَص ڏانهن
هليو ويو ۽ حمص ۾ 54 هه ۾ سندس انتقال ٿيو. حضرت
ثوبان رضي الله عنه کان 127 حديثون مروي آهن.
حضرت عَبدالله بن يزيد اَلخَطمِي رضي الله عنهما:
سندس نالو: عبدالله، ڪُنِيت ابوموسيٰ، والد جو
نالو: يزيد آهي پاڻؓ
جو تعلق اَوس قبيلي سان هو. پنهنجي والد سان گڏ
اسلام قبول ڪيائين. بيعت رضوان ۾ شرڪت ڪيائين. ان
وقت سترهن سالن جو هو. عبدالله بن زبير رضي الله
عنهما جي عهد خلافت ۾ ڪجهه ڏينهن مڪه مڪرمه جو
امير ٿِي رهيو. سندس انتقال ڪوفي ۾ ٿيو. وٽائنس ڪل
127 روايتون آهن، جن مان ڪجهه بنا واسطي جي رسول
الله ﷺ جن کان ٻڌيون هئائين ۽ ڪجهه حضرت ابو ايوب
انصاري رضي الله عنه، ابن مسعود رضي الله عنه
حذيفه بن اليمان رضي الله عنه، ۽ حضرت عمر رضي
الله عنه کان ٻُڌي نقل ڪيون هُئائين.
حضرت نُعمان بن بشير رضي الله عنھ:
سندس نالو: نعمان، ڪنيت: ابوعبدالله، والد جو نالو
بشير ۽ حضرت عبدالله بن رواحَه رضي الله عنه سندس
مامُو هو، هجرت کان پوءِ سڀ کان پهريون ڄمندڙ ٻار
نعمانؓ
هو، سمجهه جيڏو ٿيو ته منبر وٽ ويهي حضور ﷺ جن جو
وعظ ٻُڌندو هو. 59هه ۾ اميرمعاويهؓ
کيس ڪُوفي جو حاڪم مقرر ڪيو. ان کان پوءِ حمص جو
امير ٿي رهيو. 65هه حمص جي پاسي ۾ بيران نالي ڳوٺ
هو ابن زبيرؓ
جي جنگ مروان سان هئي، جنهن ۾ نعمانؓ
ابن زبيرؓ
جو ساٿ ڏنو. مروان جي ساٿي خالد بن عدي الڪلامي
سندس سسي ڪپي ورتي نعمانؓ
جي گهر واري سندس سِسِي پنهنجي هنج ۾ رکي اُن وقت
سندس ڪل ڄمار 61 سال هُئي. وٽائنس 124 روايتون
آهن.
حضرت سَمُرَة بن جُندُب رضي الله عنھ:
سندس نالو: سمره، ڪنيت: ابوسعيد، والد جو نالو
جندب بن بلال آهي، سمره اڃان ٻار هو ته سندس والد
وفات ڪري ويو، والده هن کي کڻي مديني پُهتي ۽
انصار ۾ نڪاح جو پيغام ڏنائين گڏوگڏ هڪ شرط به
رکيائين ته جيڪو نڪاح ڪندو اُهو منهنجي ۽ منهنجي
ٻارڙي نعمانؓ
جي ڪفالت به ڪندو ان شرط تي مرلي بن شيبان بن
ثعلبه هن سان نڪاح ڪيو. سمرةؓ
بدر ۾ شريڪ ٿي نه سگهيو، احد ۾ ننڍو هو، جڏهن هڪ
ٻار کي جنگ ۾ شموليت جي اجازت ملي ته سمرهؓ
اُن ٻار کي مَلَهه ۾ دسي جنگ احد ۾ شامل ٿي ويو.
ان کان پوءِ هر غزوه ۾ شرڪت ڪيائين. عهد نبوي ۾
مديني ۾ رهيو. وفات: 54 هجري ۾ انتقال ٿيو سندس
جسم ۾ سِيءُ گهَر ڪري ويهي رهيو. گرم پاڻيءَ جِي
ديڳ تي ويهندو هو. هڪ ڀيري ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ ڪري
پيو ۽ انتقال ٿي ويو. کائنس 123 حديثون مروي آهن.
حضرت عَبدُالرحمٰن بن سَعد رضي الله عنھ:
سندس نالو: عبدالرحمٰن، ڪنيت: اَبُوحُمَيد، والد
جو نالو: عَمَرو، ڏاڏي جو نالو: سعد آهي. سندس نسب
نامو هيءُ آهي: عبدالرحمٰن بن عمرو بن سعد بن مالڪ
بن خالد بن ثعلبة بن حارثة بن عَمَرو الخ- سندس
وفات امير معاويـﺔؓ
جي زماني ۾ ٿي. کائنس 121 حديثون مروي آهن.
حضرت عُقبَة بن عَمَرو انصاري رضي الله عنھ:
سندس نالو: عقبه بن عَمَرو، ڪنيت: ابومسعود آهي،
عقبه ثانبـﺔ ۾ اسلام قبول ڪيائين، بدري هو. عهد
نبوي ۽ ٽن خليفن جي دور ۾ مديني ۾ رهيو، جڏهن حضرت
علي رضي الله عنه جنگ صفين جي لاءِ نڪتو تڏهن هِن
کي پنهنجو جانشين مقرر ڪيو هئائين. سندس وفات 40هه
۾ ٿي وٽائنس 102 مرويات آهن.
حضرت جرير بن عبدالله رضي الله عنھ:
سندس نالو: جرير، ڪنيت: ابوعُمَر قبيلو بَجَليه
آهي، پاڻؓ
قبيلي بَجلِية جو سردار رهيو، ان ڪري کيس بَجَلي
چوندا آهن. هيءُ يمن جي شاهي خاندان جو رڪن به هو.
حضرت عثمان غنيؓ
کيس هَمدان جو گورنر مقرر ڪيو. يمن کان ڪوفي ويو
پوءِ قرقيبا ۾ مقيم رهيو اُتي 54 هجري ۾ وفات ٿي.
وٽائنس 100 روايتون آهن.
حضرت حُذيفه بن اليَمان رضي الله عنھ:
سندس نالو: حُذيفه، ڪنيت: ابوعبدالله، لَقب:
صَاحِبُ السّرّ، قَبيلو: غطفان آهي. سندس والد
جهالت جي دَور ۾ قتل ٿي ويو. حذيفهؓ
مديني ۾ اچي مقيم ٿيو. غزوه بدر کان سواء هر غزوي
۾ شامل رهيو. عهدِ نبوي تائين مديني ۾ رهيو، پوءِ
عراق، ڪُوفه، نَصِيبَين ۽ مدائِن ۾ رهيو. نصيبين ۾
شادي به ڪَيائين. عراق جي فتح کان پوءِ حضرت عمر
رضي الله عنه حضرت حذيفهؓ
کي نواح دجله جو اَفسَر مقرر ڪيو. حضرت حذيفهؓ
فقه، حديث ۽ اسلام تي قيامت تائين اِيندڙ انقلابن
جو عالِم هو. اسلام ۾ منافقن بابت حذيفه رضه کي
خاص واقفيت هئي. سندس وفات 36هه ۾ ٿي. حضرت حذيفهؓ
کان 100 کان وڌيڪ روايتون آهن.
حضرت عبدالله بن اَبِي اَوفيٰ رضي الله عنھ:
سندس نالو: علقمه ۽ عبدالله، ڪنيت: ابو معاويه
آهي. صلح حديبيه کان اڳ مسلمان ٿيو. صلح حديبيه ۾
حضور ﷺ جن جو همرڪاب هو. غزوه خيبر ۾ به شامل هو.
اسلام جي ستن غزون ۾ کيس شرڪت نصيب ٿي. سندس والد
جي لاءِ حضور ﷺ جن دعا گهُري هُئي ته اي الله ابي
اوفيٰ تي رحمت نازل فرماءِ- بني اميه جي دَور
تائين زنده رهيو، ڪُوفي ۾ انتقال ڪندڙ صحابنؓ
مان آخري صحابي رضه آهي. کائنس 95 روايتون مِلن
ٿيون.
حضرت زَيد بن ثابت رضي الله عنھ:
سندس نالو: زيد، ڪنيت: ابو خارجه، ابو سعيد،
ابوعبدالرحمٰن، لقب: مقري، فرضي، ڪاتب الوحي،
حبرالامت، قبيلي خزرج جي نجار خاندان سان تعلق هو.
ڇهن سالن جو هو ته سندس والد جو انتقال ٿي ويو.
مصعب بن عميرؓ
جي هٿ تي يارهن سالن جي ڄمار ۾ اسلام قبول ڪيائين.
غزوه بدر ۾ شرڪت جي خواهش ظاهر ڪيائين پر تيرهن
سال ڄمار هئڻ سبب اجازت نه ملي. غزوه خندق ۾ نبي ﷺ
جن سان گڏ هو، جنگ يمامه ۾ کيس تير لڳو، پر جسم کي
ڪوبه نقصان نه ٿيو. 15 ڏينهن ۾ عبراني ۽ سرياني
سِکيائين. فقه جو امام هو، امير معاويـﺔؓ
جي دَور ۾ مفتي اعظم هو. سندس وفات 45 هجري ۾ ٿِي.
سندس وفات مهل ابوهريرهؓ
فرمايو اڄ اُمت جو سمنڊ کڄي ويو ۽ ابن عباسؓ
فرمايو ڏسو علم ايئن ويندو آهي. وٽائنس 92 حديثون
ورايت آهن.
حضرت زَيد بن خالِد رضي الله عنھ:
سندس نالو: زيد، ڪُنيت: اَبُو عبدالرحمٰن، والد جو
نالو: خالد، قبيلو: جُهَنِيـﺔ آهي. حديبيه کان اڳ
مسلمان ٿيو، مديني ۾ اچي رهيو، فتح مڪه واري ڏينهن
سندس قبيلي جو جهنڊو سندس هٿن ۾ هو. 78 هِجري ۾ 85
سالن جي ڄمار ۾ سندس وفات ٿِي. کائنس 81 روايتون
منقول آهن.
حضرت اسماء بنت يزيد رضي الله عنها:
سندس نالو: اسماء، ڪنيت: ام سلمه، اسماء بنت يزيد
بن السڪن بن رافع رضي الله عنه هجرت کان پوءِ
مسلمان ٿي. 15هه ۾ يرموڪ جي جنگ ۾ هن پنهنجي خيمي
جي ڪاٺيءَ سان 9 رومين کي ماريو. مهمان نواز هئي.
کائنس 81 حديثون مروي آهن.
حضرت سلمه بن اَڪوَع رضه الله عنھ:
سندس نالو: سَنان، ڪنيت: ابومسلم، ابو اِياس- پورو
نالو: سنان بن عبدالله بن عبدالله بن قشيربن خزيمه
رضي الله عنه آهي. صلح حديبيه جي سلسلي ۾ بيعت
رضوان ۾ موجود هو. ان موقعي تي حضور ﷺ جن جي هٿ تي
ٽي ڀيرا بيعت ڪيائين 74هه ۾ وفات ٿي. وٽائن ملندڙ
روايتن جو انگ 77 کي ويجهو آهي.
حضرت اَبو نَجِيح عِرباض بن سارِيه:
سندس نالو: عِرباض ڪنيت ابونَجِيح، والد جو نالو:
ساريـﺔ آهي. پاڻؓ
اصحاب الصفه مان آهي. چوٿون نمبر مسلمان آهي.
”وَاللهُ اَعلَمُ“ شام طرف ويو. حمص ۾ پنهنجي
زندگيءَ جا آخري ڏينهن گزاريائين. سندس شاگردن جو
وڏو انگ آهي. وٽائن 75 روايتون آهن. ابن حَزم جي
قول مطابق 31 آهن.
حضرت ابو رافع بن اسلم رضي الله عنھ موليٰ رسول
الله ﷺ:
سندس نالو: اسلم، ڪنيت: ابو رافع، پاڻؓ
حضرت عباسؓ
جو غلام هو. حضرت عباسؓ
رسول الله ﷺ جن کي تحفي طور ڏنو حضرت عباسؓ
جي اسلام قبول ڪرڻ جي خوشيءَ ۾ رسول الله ﷺ جن کيس
آزاد ڪري ڇڏيو، بدر کان پوءِ هجرت ڪري نبيﷺ سان گڏ
مقيم ٿيو. حضرت عليؓ
سان گڏ سَريـﺔ ۾ به ويو ۽ حضرت عليؓ
پنهنجي غير موجودگيءَ ۾ کيس سريـﺔ جي نگراني ڏني.
حضرت عليؓ
جي خلافت جي شروعاتي دَور ۾ انتقال ڪيائين. وٽائنس
68 روايتون ملن ٿيون.
حضرت ابو عبدالرحمٰن عَوف بن مالڪ اَلاَشجَعِي رضي
الله عنھ:
سندس نالو: عَوف، والد جو نالو: مالڪ، ڪنيت:
ابوعبدالرحمٰن ۽ قبيلو الاشجعي آهي غزوه خيبر ۾ سڀ
کان پهرين شريڪ ٿيو ۽ اسلامي جهنڊو وٽس هو. فتح
مڪه واري ڏينهن پنهنجي قوم جو جهنڊو هن وٽ هو شام
ملڪ ۾ رهندو هو اُتي ئي 73 هجري ۾ وفات ٿي. کائنس
روايت ڪيل 67 روايتون ڪتابن مان ملن ٿيون.
حضرت عَدِي بن حاتِم طائي رضي الله عنھ:
سندس نالو عدي، ڪنيت ابو طريف، والد جو نالو: حاتم
طائي آهي، سندس خاندان بَنِي طَئي قبيلي تي
حڪمراني ڪندو رهيو. حضرت عديؓ
اسلام جي غلبي وقت حڪمران هو. جڏهن اسلامي فوجون
طئي ڏانهن آيون ته حضرت عديؓ
پنهنجي خاندان کي وٺي شام ملڪ هليو ويو. اتفاق سان
هڪ نياڻي رهجي وئي. ان خاتون حضور ﷺ جن کي چيو مون
کي ڇڏائڻ وارو ڪوبه نه آهي احسان فرمايو خدا توهان
تي احسان ڪندو، حضور ﷺ فرمايس توکي ڇڏائڻ وارو ڪير
آهي ڇا؟ چوڻ لڳي: عدي رضه آهي، حضور ﷺ جن فرمايو
اُهو ئي جيڪو الله ۽ ان جي رسول ﷺ جن کان ڀڳو آهي.
ساڳئي گفتگو ٻئي ڏينهن به ٿي. پوءِ حضرت عليؓ
جي درخواست تي ان عورت کي آزاد ڪيو ويو. ان سان
عديؓ
مطمئن ٿيو ۽ اسلام قبوليائين، حضور ﷺ جن ٻيهر کيس
طئي قبيلي جو حڪمران بنايو. حضور ﷺ جن جي وصال کان
پوءِ ماڻهو زڪواة نه پيا ڏين، پر حضرت عديؓ
جي ڪوشش سان سندس قبيلي وارا زڪواة ڏيندا رهيا.
زندگيءَ جا آخري ڏينهن ڪوفي ۾ گذارڻ لڳو اُتي ئي
سن 67هه ۾ انتقال ٿيو. وٽائنس 66 روايتون آهن.
حضرت ابو برزه رضي الله عنھ:
سندس نالو: نضله، ڪنيت: ابو بَرزَه آهي. ابتدائي
زماني ۾ اسلام قبوليائين. تمام غزون ۾ شريڪ رهيو،
حضور ﷺ جن جي زندگي تائين مديني ۾ رهيو، حضرت عمرؓ
جي دَور ۾ بصره ڏانهن هليو ويو. جنگ صفين ۾ حضرت
عليؓ
جو ساٿ ڏنائين، نهروان ۾ خارجين جو مقابلو ڪيائين،
پوءِ خراسان جي فتحن ۾ به دليري ڏيکاريائين،
مسڪينن سان محبت ڪندو هو، هن وٽ وڏو ٿانءُ هو،
جنهن ۾ صبح، شام مسڪينن، يتيمن، بيواهن کي
کارائيندو هو، 60هه يا 65هه ۾ سندس وفات ٿي.
وٽائنس 64 روايتون آهن.
حضرت اُم المؤمنين حفصة رضي الله عنھ:
سندس نالو: حفصهؓ،
والد جو نالو عمرؓ
بن خطاب آهي. بعثت نبوي کان پنج سال اڳ ڄائي، ان
وقت قريش خانه ڪعبه جي تعمير ۾ مصروف هئا، سندس
پهريون نڪاح خُنيس بن حُذافة سان ٿيو. والدين ۽
مڙس سان گڏ اسلام قبول ڪيائين، مڙس سان گڏ هجرت
ڪيائين، سندس مڙس غزوه بدر ۾ شهيد ٿي ويو. ان کان
پوءِ رسول الله ﷺ جن سان سندس نڪاح ٿيو، ڏينهن جو
روزا رکندي ۽ رات ۾ نفل پڙهندي هئي، انتقال جي وقت
به روزي ۾ هئي، سندس انتقال شعبان 45هه ۾ مدينه
منوره ۾ ٿيو، اميرمعاويه جو دَور هو، مديني جي
گورنر مروان سندس جنازو پڙهايو حضرت ابن عمر رضي
الله عنهما ۽ عاصم، سالم، عبدالله ۽ حمزه قبر ۾
لاٿو. انتقال وقت وصيت ڪيائين. عبدالله بن عمر رضي
الله عنه کي ته غابه واري جائيداد صدقو ڪري وقف
ڪري ڇڏجانء- حضرت حفصهؓ
کان 60 حديثون منقول آهن.
حضرت سلمان فارسي رضه الله عنھ:
سندس نالو: مجوسي: مايه هو، مسلمان ٿيڻ کان پوءِ
نالو سلمان رکيو ويو، ڪنيت: ابو عبدالله سندس شجرو
هيئن آهي: مايه بن لوذخشان بن مورسلان بن بهنوذان
بن فيروز ابن سهرڪ- جهالت جي زماني ۾ پڪو مجوسي
هو. باهه جو ٻوڄاري هو ڪنهن وقت به باهه اُنجهڻ نه
ڏيندو هو. پوءِ عيسائيت ڏانهن مائل ٿيو پادِرِين
کان تعليم حاصل ڪندو رهيو، آخري پادري حضور ﷺ جن
جي آمد جي بَشارت ٻڌائي حضور ﷺ جن جي خدمت ۾ اچي
مسلمان ٿيو. حضور ﷺ حضرت ابودرداءؓ
سان سندس ڀائيچارو ڪرايو، سندس پهريون غزوه خندق
هو پوءِ هر غزوه ۾ شريڪ رهيو. عهد عثماني ۾ سندس
انتقال 250 يا 350 سالن جي ڄمار ۾ ٿيو. سندس روايت
ڪيل حديثن جو تعداد 60 آهي.
حضرت جُبَيربن مُطعِم رضي الله عنھ:
سندس نالو: جبير، ڪنيت: ابومحمد، والد جو نالو:
مطعم قريشي هو. علم الاَنساب جو ماهر هو، حضرت عمرؓ
ضرورت وقت نسب جي تحقيق پاڻؓ
کان ڪرائيندو هو. حضرت جبير پنهنجي قوم جو سردار
هو، سندس وفات 57هه ۾ مدينه منوره ۾ ٿي. وٽائن 60
حديثون مروي آهن.
حضرت اَسماء بنت ابوبڪر رضي الله عنهما:
سندس نالو: اسماء، لقب: ذَاتُ النطاقِينَ- والد جو
نالو: حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه والده جو
نالو: قَتِيلة بنت عَبدُالعُزٰي هو. هجرت کان 27
سال اڳ مڪه مڪرمه ۾ ڄائي. حضرت زبير بن العوام رضي
الله عنه سان نڪاح ٿيو. ايمان آڻڻ وارن ۾ سندس
نمبر 18 آهي. حضرت اسماء رضي الله عنها ڪيترائي حج
ڪيا. پهريون حج نبي ڪريم ﷺ جن سان گڏ ڪيائين. پاڻ
رضي الله عنها دعا ڪندي هئي ته جيستائين عبدالله
بن زبيرؓ
جو لاش نه ڏسي وٺي ان وقت تائين موت نه اچي. حضرت
عبدالله بن زبيرؓ
شهيد ٿيو ان کان هڪ هفتو پوءِ جمادي الاوليٰ 73 هه
۾ سو سالن جي ڄمار ۾ سندس وفات ٿي. حضرت اسماء رضي
الله عنها کان 56 حديثون روايت آهن.
حضرت عُقبَة بن عامر رضي الله عنھ:
سندس نالو: عقبه- ڪنيت: ابوعمرو- والد جو نالو:
عامر هو. هجرت کان پوءِ مسلمان ٿيو. ڪتاب الله جو
قاري هو مڪمل قرآن پنهنجي هٿن سان لکيو هئائين.
فرائض جو ماهر، فصيح الِلسان، شاعر هو، نبي ﷺ جن
سان گڏ سفر ڪيائين، نبي ﷺ جي تمام گهڻي خدمت
ڪيائين. سندس وفات 58 هجري ۾ ٿي. کانئس 55 روايتون
آهن.
حضرت ڪعب بن مالڪ رضي الله عنھ:
پاڻ رضي الله عنه جو نالو: ڪعبؓ،
ڪنيت: ابوعبدالله، والد جو نالو: مالڪؓ،
والده جو نالو ليليٰ بنت زيد بن ثعلبه آهي. جاهليت
واري دور ۾ سندس ڪنيت ابوبشر هئي. عقبه ثانيه ۾
شامل هو. غزوه بدر ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو. غزوه تبوڪ
۾ حصو وٺڻ جي لاءِ اُٺُ تيار ڪيائين، پر اڄ سڀاڻي
ڪندي وقت گذري ويو. 50 ڏينهن کان پوءِ توبه قبول
ٿيڻ جي بشارت ملي. جنگ صفين ۾ ڪنهن جو ساٿ نه
ڏنائين نبي ﷺ جن جي ٽن شاعرن مان هڪ ڪعب رضه به
هو. سندس ٻه شعر ٻُڌي قبيلي دوس وارا مسلمان ٿي
ويا. امير معاويه رضه جي دَور ۾ سنه 50هه ۾ وفات
ڪري ويو. ان وقت سندس ڄمار 77 سال هئي، کانئس 50
روايتون آهن.
حضرت شداد بن اوس رضي الله عنھ:
سندس نالو: شداد- ڪنيت: ابو يَعليٰ ۽ ابو
عبدالرحمٰن، قبيلو: خزرج- خاندان: اَوس آهي. حسان
بن ثابت رضي الله عنه جو ڀائيٽيو آهي. سندس والد
جو نالو: اَوس بن ثابِت آهي. والده جو نالو: صرعيه
آهي. سندس مڪمل خاندان مسلمان ٿيو. سندس وفات 58
هه ۾ ٿي. تدفين: بيت المقدس ۾ ٿي- وفات وقت سندس
ڄمار 75 ورهيه هئي. کانئس 50 روايتون آهن.
حضرت ابوالاَعوَر سعيد بن زيد بن عمرو بن نفيل:
سندس نالو سعيد ڪنيت ابوالاعور- والد جو نالو:
زيد- والده جو نالو: فاطمه بنت لعجه هو. حق جي
ڳولا ۾ هڪ يهودي سان مليو جنهن چيو ڀلو آهي دين
حنيف جي پيروي ڪر، پوءِ پنهنجي گهر واريءَ سان گڏ
مسلمان ٿيو. سندس گهر واري حضرت عمر رضي الله عنه
جي سڳي ڀيڻ فاطمه رضي الله عنها هئي. غزوه بدر کان
سواءِ سڀني غزون ۾ شامل رهيو. پاڻ رضي الله عنه
عشره مبشره ۾ شامل آهن. جڏهن ڪنهن ٻارڙِيءَ مان
بيزار ٿي ڪو پيءُ ڪهڻ چاهيندو هو ته هيءُ اُن کي
بچائي پنهنجي سنڀال هيٺ رکندو هو. جوان ٿيڻ کان
پوءِ ان جي پيءَ کي چوندو هو وڻي ته پاڻ وٽ رک نه
ته مون وٽ رهڻ ڏي. مديني جي پاسي ۾ مقام عقيق وٽ
سندس وفات 50 يا 51 هجري ۾ ٿي. جمعه جو ڏينهن هو.
حضرت سعدبن ابي وقاص رضي الله عنه کيس غُسل ڏنو. ۽
عبدالله بن عمرؓ
جنازي جي نماز پڙهائي. مديني ۾ تدفين ٿي. وٽائن 48
روايتون آهن.
حضرت عَمرو بن عَبَسَھ:
سندس نالو: عمرو- ڪنيت: ابو نَجيح- والد جو نالو:
عبسه بن عامر- والده جو نالو: رمله بنت دقيعه هو.
هيءُ ابوذر غفاريؓ جو ماء شريڪ ڀاءُ هو. شروعاتي
مسلمانن مان آهي. طائف ۽ فتح مڪه وغيره غزون ۾
شامل هو. سندس وفات حضرت عثمان غنيؓ جي دور خلافت
جي پڇاڙي ۾ ٿي. کانئس 48 روايتون آهن.
حضرت مِقداد بن مَعدِيڪرب رضي الله عنھ:
سندس نالو: مِقداد- ڪنيت: ابو ڪريمه يا ابويحييٰ
هئي. سندس والد جو نالو: مَعدِي ابن سناد بن
عبدالله بن وهب بن ربيعه بن الحارث بن معاويه آهي.
هي شام مان اچي نبي ﷺ جي خدمت حاضر ٿيو اسلام قبول
ڪيائين. ۽ شام ۾ ئي زندگي گذاريائين. سندس وفات:
87هه ۾ 91 سالن جِي ڄمار ۾ ٿي. کانئس 47 روايتون
منقول آهن.
حضرت ابوبَرزَه نَضلَه بن عُبَيد اَسلَمِي رضي
الله عنھ:
سندس نالي ۾ اختلاف آهي ڪي چون ٿا نالو عبدالله ۽
ڪي چون ٿا نضله آهي. ساڳئي طرح سندس والد جي نالي
۾ به اختلاف آهي ڪي چون ٿا عمرو ڪي چون ٿا عبدالله
ڪي چون ٿا نضله ۽ ڪي دينار ٻڌائين ٿا. سندس ڪنيت
ابو برزه آهي حضور
ﷺ جن سان گڏ غزون ۾ شرڪت ڪندو هو خاص طور تي فتح
مڪه ۾ سندس ذڪر اچي ٿو. سندس وفات بابت ٻه قول آهن
(1) سندس وفات خراسان ۾ ٿي (2) سندس وفات بصره ۾
ٿي- وفات 60 سالن جي ڄمار ۾ ٿي. وٽائنس 46 روايتون
ملن ٿيون.
حضرت ابو جُحَيفه وهب بن عبدالله رضي الله عنھ:
سندس نالو وهب ڪنيت: ابو جحيفه- والد جو نالو:
عبدالله آهي نبي ﷺ جن جي دَور ۾ ٻار هو. حضرت عليؓ
سان محبت ڪندو هو. کيس ڪوفي موڪليو ويو ان وقت
ڪوفو علم جو مرڪز هو. سندس وفات: 72 هجري ۾ ٿي
وفات جو هنڌ ڪُوفو هو. کانئس 45 روايتون آهن.
حضرت بلال بن رباح رضي الله عنھ:
سندس نالو: بلال- ڪنيت: ابو عبدالله- والد رباح-
والده حمامه آهي پاڻؓ حبشي غلام هو. سندس رنگ ڪارو
هو. اسلام قبول ڪرڻ جي سزا ۾ سندس آقا اميه بن خلف
بن وهب سنگهرن سان ٻڌندو، ٻرندڙ ڪوئلن ۽ تتل واري
تي ليٽائيندو هو. حضرت ابوبڪر صديقؓ کيس خريد ڪري
آزاد ڪرايو. هجرت ڪيائين. اسلام جو مؤذن بنيو.
20هه ۾ وفات ڪيائين. سندس ڄمار اٽڪل 60 سال هئي.
حضرت بلالؓ کان 44 حديثون منقول آهن. |