ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو
ڪراچي
’نامھ نغز‘ يا ’نادر نامھ‘ بابت نئين تحقيق
سنڌ جي تاريخ ۾ ڪلهوڙن جي دؤر يا ٻارهين صديءَ کي
غير معمولي اهميت حاصل آهي. انهيءَ دؤر ۾ مير علي
شير ’قانع‘ کي همعصر مـؤرخ سمجهيو وڃي ٿو جنهن کي
سرڪاري سرپرستي حاصل هئي، تاريخ جي موضوع تي سندس
اهم تصنيف ’تحفـﺔ الڪرام‘ آهي جنهن کي هن پهريائين
1181هه ۾ مڪمل ڪيو ۽ پوءِ 1188هه تائين ان ۾
واڌارا ڪيا. اهو ڪتاب ٽن جلدن ۾ آهي پر ان جو صرف
آخري جلد سنڌ بابت آهي، جنهن جو وري صرف پهريون اڌ
تاريخ نويسيءَ جي زمري ۾ اچي ٿو، ڇو ته باقي ٻئي
اڌ ۾ مشاهيرن جو روايتي تذڪرو آهي. سنڌي ادبي بورڊ
طرفان هن وقت تائين صرف پهريون جلد ئي شايع ٿيو
آهي.
’تحفـﺔ الڪرام‘ ۾ ڪلهوڙن جي هڪ صديءَ جي تاريخ کي
صرف چوڏهن صفحن ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ ان
مان ڪلهوڙن بابت ضروري معلومات ملي ٿي پر تاريخ جي
لحاظ سان اهو مواد بلڪل ناڪافي آهي. اهوئي سبب آهي
جو سال 1955ع ۾ ڪلهوڙن جي تاريخ بابت اهو ڪو مشهور
مـؤرخ غلام رسول مهر جي حوالي ڪيو ويو ته هن ان کي
اردوءَ ۾ ٻن جلدن ۾ مڪمل ڪيو ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي
ته هن مهل تائين ڪلهوڙن جي دؤر بابت اها هڪ جامع
تصنيف آهي.
تاريخ ڪلهوڙا جي مصنف ڪوشش ڪري نه صرف سنڌ اندر
ڪلهوڙن بابت هر قسم جي تاريخي مواد جنهن ۾ هر قسم
جا قلمي مخطوطات ۽ مڪتوبات وغيره شامل هئا، انهن
مان استفادو ڪيو بلڪه سنڌ کان ٻاهر خاص طور
دائودپوٽن بابت جيڪو لکت ۾ تاريخي مواد موجود هو،
ان کي پڻ ڪم آندو. ڪلهوڙن بابت تاريخي ماخذن تي
روشني وجهندي هن خاص طور ٻن اهم مسودن جو ذڪر ڪيو،
جن ۾ سرِفهرست ’نامه نغز‘ ۽ پوءِ ’گلدسته نورس
بهار‘ کي رکيائين(1). آخر ۾ اهو به چيائين ته اهي
ٻئي ڪتاب ايڏا اهم آهن جو انهن کي جديد تحقيقي
انداز ۾ ايڊٽ ڪري شايع ڪرڻ جي ضرورت آهي. ليڪن اها
به حقيقت آهي ته اهي ٻئي ڪتاب اڃان تائين تحقيق ۽
اشاعت جا منتظر آهن.
تاريخ نويسيءَ جي سلسلي ۾ اصولي طور وڏي ۾ وڏي
اهميت همعصر ماخذ
(Contemporary Sources)
جي تسليم ڪئي وئي آهي. ان لحاظ کان ’نامه نغز‘ جي
اهميت تمام گهڻي وڌي وڃي ٿي، ’نامه نغز‘ دراصل
فارسيءَ ۾ مثنوي آهي، جيڪا فارسيءَ جي مشهور شاعر
فردوسيءَ جي ’شاهنامه‘ جي طرز تي جوڙيل آهي، ان جو
مصنف باغ علي خائف آهي، جيڪو غالباً ميان نورمحمد
جي درٻار سان وابسته هو، جيئن هن پاڻ اعتراف ڪيو
آهي ۽ لکيو اٿس ته هن اها مثنوي 1155هه ۾ ٽن سالن
جي محنت کان پوءِ مڪمل ڪئي. هُو چوي ٿو:
بدين داستان شغل را ساختم
بعهد خدايار خان شير نر
هزار و صد سال و پنجاه پنج |
-
-
- |
يکي ’نامه نغز‘ پرداختم
سپهدار عباسئ نامور
کشيدم سه سال اندرين نامه رنج |
ترجمو: مون هن داستان کي قلمبند ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ان
ريت ’نامه نغز‘ تصنيف ڪيم. اهو زمانو خدايار خان
(ميان نور محمد) جو آهي، جيڪو هن نر شينهن وانگر
آهي جو عباسي آهي ۽ ناليوارو سپه سالار آهي. هي هڪ
هزار هڪ سـؤ ۽ پنجونجاهه سال آهي، مون ان تصنيف ۾
ٽي سال محنت ڪئي آهي.
هن شعرن مان واضح ٿئي ٿو ته مصنف ان مثنويءَ جو
آغاز 1153هه ڌاري ڪيو هوندو جو 1155هه ۾ کيس ٽي
سال لڳي ويا، هتي اها ڳالهه اهم آهي ته نادر شاهه
سنڌ ۾ 12 ذوالقعد 1152هه ۾ داخل ٿيو ۽ 13 محرم
الحرام 1153هه تي نورمحمد کي لاڙڪاڻي ۾ سنڌ جي
حڪمرانيءَ تي بحال ڪري ’شاهه قليءَ‘ جو لقب ڏئي
واپس ايران روانو ٿيو.(2) ان جو مطلب اهو ٿيو ته
باغ علي خائف جيئن نادر شاهه سنڌ مان واپس ويو ته
مثنويءَ جي تاليف ۾ مشغول ٿي ويو. هتي ٻي اهم
حقيقت پڻ واضح ٿي آهي ته ’نامه نغز‘ جي لفظن جو
ابجد جي حساب مطابق ملهه 1153 آهي.
هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته ’نامه نغز‘ جو ذڪر سڀ
کان پهريائين سيد حسام الدين راشدي ’سنڌ
جي تاريخ جا ماخذ‘
نالي مقالي ۾ ڪيو هو، جيڪو سال 1955ع مهراڻ ۾ شايع
ٿيو هو، هن لکيو هو:
”’نامه نغز‘ مصنف، باغ علي خائف، تصنيف 1155هه:
’شاهنامي ۽ سڪندر نامه‘ جي طرز تي ڪلهوڙن جي دؤر
جي تاريخ، نظم ۾ آهي. مصنف ميان نورمحمد (متوفي
1167هه) جي زماني ۾ سال 1155هه ۾ هي ڪتاب تصنيف
ڪيو؛ پاڻ لکي ٿو.
بعهد خدايار خان شير نر
هزار و صد سال و پنجاه پنج |
-
- |
سپهدار عباسئ نامور
کشيدم سه سال اندرين نامه رنج |
انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته مصنف 1153هه ۾ لکڻ
شروع ڪيو ۽ 1155هه ۾ ان کي لکي ختم ڪيو. پڙهڻ مان
معلوم ٿئي ٿو ته مصنف 1155هه کان پوءِ جي واقعات
جو به ان ۾ اضافو ڪندو رهيو آهي. جيئن ته نادر
شاهه ايرانيءَ جي قتل (1160هه) ٿيڻ جو احوال به ان
۾ موجود آهي، ڪتاب ۾ ڪل 16249 اشعار آهن، ۽ چئن
بابن ۾ ورهايل آهي.
هي ڪتاب ڪلهوڙن جي دؤر تي مستند دستاويز جي حيثيت
رکي ٿو. نادر جي حملي ۽ ايرانين جي لٽ ڦر جا اکين
ڏٺا احوال منجهس ڏنا ويا آهن، شعر اگرچه ڪمزو آهي،
مگر تاريخي واقعات انهن اوڻاين تي پردو وجهي ٿا
ڇڏين، ڪتاب جو هڪ نسخو سنڌ جي قومي ڪتبخاني ۾ آهي
۽ ان جو نقل سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهي.“(3)
ساڳئي مقالي ’سنڌ
جي تاريخ جا ماخذ‘
۾ ڪُل 74 ماخذن جي نشاندهي ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ 22
نمبر تي ’نادر نامه‘ بابت راشدي صاحب هن ريت لکيو:
(4)
” ’نادر نامو‘- مصنف ميان نورمحمد عباسي والئ سنڌ
(1131-1167): هي ڪتاب نادر جي حملي 1152 کان پوءِ
1155هه ۾ تصنيف ٿيو. ڪتاب مرحوم حافظ محمود خان
شيرانيءَ جي ڪتبخاني ۾ هو، جو شايد هاڻي پنجاب
يونيورسٽيءَ ۾ هوندو، مون کي مرحوم پاڻ ان جو ڏس
ڏنو هو، ميان نورمحمد ان ۾ غالباً نادر جي ڪاهه جو
احوال لکيو آهي، نالي مان اهو قياس ڪري سگهجي ٿو،
ڪتاب نظم ۾ آهي ۽ انهيءَ نسخي جي ڪتابت جو سال
1222 هو.“
راشدي صاحب سال 1964ع ۾ والئ سنڌ ميان نورمحمد جي
وصيت نامي جي صورت ۾ لکيل مختصر رسالي ’منشور
الوصيت و دستور الحڪومت‘ کي عالمانه انداز ۾ ايڊٽ
ڪيو جنهن ۾ ميان نورمحمد جي دؤرِ حڪومت بابت ٻين
ڪتابن ۾ موجود مواد کي ضميمن طور شامل ڪيائين،
انهيءَ ڪتاب جي مقدمي ۾ خاص طور ’نامه نغز‘ تي
تفصيلي روشني وڌائين. ايتريقدر جو ان جي سڀني
فارسي عنوانن جي فهرست به ڏنائين ۽ هر عنوان تحت
ڪيترا شعر آهن، انهن جو ڪل ڳاڻيٽو 6273 ٻڌايائين.
مثنويءَ جي پهرين شعر ۾ آخري ٻه شعر به ڏئي
ڇڏيائين، ان کان سواءِ ڪتاب جي ترقيمي بابت هينئن
لکيائين:(5)
”اصلي نسخي جي ڪتابت 5 جمادي الآخر 1166هه (19
اپريل 1753ع) جو، ملا الهه بخش فاروقيءَ جي فرمائش
تي، محمد شريف فاروقيءَ مڪمل ڪئي، ’سنڌي ادبي
بورڊ‘ انهيءَ نسخي تان 1953ع ۾ مولوي اعجازالحق
قدوسيءَ کان پنهنجي ڪتبخاني لاءِ نقل تيار ڪرايو.“
راشدي صاحب وصيت نامي جي مقدمي ۾ ڪراچيءَ جي قومي
ميوزم ۾ هڪ ٻئي ’نادر نامه‘ يا ’شاهنامه نادري‘ جي
تنها نسخي جي موجودگيءَ جو به انڪشاف ڪيو، جنهن جا
ڪجهه شعر مقدمي ۾ ڏنائين ۽ باقي نادر جا سنڌ جي
حملي متعلق سمورا شعر ڪل 76 ضميمي طور به ڏنائين،
سندس چوڻ موجب اها مثنوي ربيع الآول 1172هه ۾ مڪمل
ٿي. سندس لکڻ موجب هن مثنويءَ جو مصنف نامعلوم
آهي، جيڪا سنڌ کان ٻاهر تصنيف ٿي جنهن ۾ ڪل تيرهن
هزار شعر آهن.(6) ان ڪتاب جو اهو نسخو اڄ تائين
قومي ميوزم ڪراچيءَ ۾ موجود آهي جنهن کي اسان پاڻ
ڏٺو آهي.
جيئن اسان شروع ۾ ذڪر ڪري آياسون ته غلام رسول مهر
’تاريخ ڪلهوڙا‘ لکندي ’نامه نغز‘ کي هڪ ماخذ طور
ڀرپور طريقي سان استعمال ڪيو ۽ ان مان سوين اشعار
حوالي طور ڏنا آهن، هن اهو پڻ ثابت ڪيو ته ڪيترن
تاريخي واقعن بابت ’نامه نغز‘ اڪيلو ماخذ آهي.
’تاريخ ڪلهوڙا‘ جي لکرائڻ ۾ راشدي صاحب جو اهم
ڪردار هو بلڪ هن ئي سمورو مواد مهر صاحب کي موجود
ڪري ڏنو هو، ان ڪري تاريخ ڪلهوڙا جو پيش لفظ به
راشدي صاحب پاڻ لکيو هو، ’نامه نغز‘ جو وڌيڪ غور
سان مطالعو راشدي صاحب 1964ع ۾ وصيت نامي کي ايڊٽ
ڪندي ڪيو، ليڪن سموري ڪتاب ۾ ميان نورمحمد ڏانهن
منسوب ’نادر نامه‘ جو ڪٿي به ذڪر نه آيو، هوڏانهن
جيڪڏهن اهو واقعي ميان نورمحمد جي تصنيف هو ته
پوءِ اهو نهايت اهم ماخذ هو، اهوئي سبب هو جو
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ’رهاڻ هيرن کاڻ‘ ۾ هن سلسلي ۾
اهم سوال اُٿاريندي لکيو هو: (7)
”’نادر نامه‘: هي مثنوي، شاهنامه وانگر خدايار خان
عباسي (ميان نورمحمد؟) ٽن سالن جي محنت بعد 1155هه
۾ لکي پوري ڪئي، سنه 1931ع ۾ هن ڪتاب جو هڪ قلمي
نسخو هڪ سنڌي صاحب لاهور ۾ چوڏهن ٻين ڪتابن سان گڏ
سٺ رپين ۾ پروفيسر محمد شفيع کي ڏنو، جيڪڏهن مثنوي
’نادر نامه‘، ميان نورمحمد پاڻ تصنيف ڪئي ته پوءِ
اهو ڪتاب نادر شاهه جي حملي بابت نهايت قيمتي ماخذ
آهي، مٿيون احوال ڪتاب جي وڪري جو مون ڳولي لڌو،
پر افسوس جو ڪتاب کي ڳولي لهڻ لاءِ وقت نه مليو.“
تازو جڏهن اسان ’نامه نغز‘ جي فارسي متن کي ايڊٽ
ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ان ۾ تاريخي اهميت جي حامل شعرن جو
مفهوم لکڻ شروع ڪيو جيڪو ڪم هينئر تقريباً مڪمل ٿي
چڪو آهي، ته اهو نهايت اهم انڪشاف ٿيو ته گذريل
ستر سالن کان جنهن ڪتاب کي ’نادر نامه‘ سمجهي سنڌ
جي حڪمران ميان نورمحمد ڏانهن منسوب ڪيو ويو آهي
ته اهو ڪو ٻيو الڳ ڪتاب يا مثنوي آهي، بلڪه اهو
ساڳيو ڪتاب يا ساڳي مثنوي ’نامه نغز‘ ئي آهي. هن
سلسلي ۾ ’نامه نغز‘ جا هيٺيان اشعار ناقابل ترديد
ثبوت جي حيثيت رکن ٿا.
چون ز اين قصئه کار کردم تمام
ز باغ علي غنچه ها در شگفت
بسوئي سر سال هجري نگر
هزار و صد و سال پنجاه پنج
که عمرم گذشت از برون سال شصت
بعهد خدايار خان شير نر
برزم اندرون رستم نرﮤ
شير |
-
-
-
-
-
-
- |
ورا ’نادر
نامھ‘
کرديم نام
اگرچه ز اين نامه خام گفت
که بستم در اين نامئه صد گهر
کشيدم سه سال اندرين نام رنج
که هرگز کسي راز من دل نخست
سپهدار عباسئ نامور
ببزم اندرون چون فريدون دلير |
بانصاف و عدل چون نوشيروان
شد آن کار فرمان او يکسره
خدايار خان شير با فرهي
نخستين که درکار بگشاد دست
خوشا در جهان رسم بنياد کرد
دل و جان نهاده براه درست
امان داد از رهزنان راه را
جهان راز بدکار شوئيد سخت
بجز شرع هرگز نداد آن قدم |
-
-
-
-
-
-
-
-
-’ |
بدست کرم همچو حاتم زمان
بيکجا چرانيد گرگ و بره
نشته چو برتختگاه بيهي
بدل جان سوئي شرع دين کار بست
همه ملک را نيک آباد کرد
قدم بر طريقت شرع کرد چست
فرو بست بگرفت بدخواه را
سر افراز سالار بيدار بخت
بياراست گيتي چو باغ ارم |
ترجمو: جڏهن مون هن قصي کي هر لحاظ سان مڪمل ڪيو
ته ان جو نالو ’نادر نامه‘ رکيو ويو، ان ڪري
باغ علي جي اميد جي مُکڙي ٽڙي پئي جيتوڻيڪ هن ڪتاب
۾ ڪي ڪچيون ڦڪيون ڳالهيون به ٿي ويون، جڏهن مون
هجري سال ڏانهن نگاهه ڪئي ته يعني جڏهن هن ڪتاب ۾
سوين موتي پوئي ڇڏيم ته اهو هڪ هزار هڪ سـؤ ۽
پنجونجاهه (1155) هو، ان ۾ مون کي ٽي سال سخت محنت
ڪرڻي پئي، هن وقت منهنجي عمر سٺ سالن کان مٿي آهي
پر پوءِ به ڪنهن منهنجي دلجوئي نه ڪئي آهي، اهو
خدايار خان جو زمانو آهي، جيڪو هڪ نر شينهن وانگر
آهي. هو عباسي (خاندان جو) ناليرو سپه سالار آهي،
هو جنگ جي ميدان ۾ نر شينهن جهڙو (بي خوف) آهي ۽
محفل ۾ وري فريدون جهڙي دل رکڻ وارو آهي، هو انصاف
۽ عدل ۾ نوشيروان جهڙو آهي ۽ سخاوت ۾ وري حاتم جي
مثل آهي. هر هنڌ هن جو هڪجهڙو حڪم هلي ٿو، بگهڙ ۽
ٻڪري هڪ هنڌ چرن ٿا. خدايار خان جو دٻدٻو شينهن
وانگر آهي، جڏهن هو هڪ سردار وانگر تخت تي ويهي
ٿو، سڀ کان پهرين هن جنهن ڪم ۾ هٿ وڌو اهو دل و
جان سان دين ۽ شرع تي عمل پيرا ٿيڻ آهي. هن سڄي
ملڪ ۾ امن قائم ڪيو ۽ سموري ملڪ کي شاد ۽ آباد
ڪيو. هن صحيح راهه تي دل سان هلڻ شروع ڪيو ۽ شريعت
جي طريقي تي سختيءَ سان قدم کنيو، هن شاهراهن ۽
رستن کي رهزنن کان امن امان ۾ رکيو ۽ هر لُچ لوفر
تي مضبوط گرفت رکي، هن ملڪ کي بدمعاشن کان پاڪ ڪري
ڇڏيو، بيشڪ هو ڀلي ڀاڳ وارو ۽ ڪامياب سپهه سالار
آهي، هن شريعت کان ٻاهر ڪو قدم نه کنيو ۽ پنهنجي
ملڪ کي ارم جي باغ وانگر سينگاري ڇڏيائين.
هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته مٿيان اشعار مثنويءَ
جي وچ ۾ نادر شاهه جي حملي ۽ فتح کان پوءِ بلڪ ڪڇ
جي ڪانجيءَ مٿان نورمحمد جي فتح بعد ڏنل آهن. ان
جو هڪڙو سبب اهو آهي ته ’نامه نغز‘ ۾ صرف
نادر شاهه جو احوال ڏنل ناهي، بلڪه ميان نورمحمد
جي دور جا سڀئي اهم واقعا بيان ڪيا ويا آهن، جن
مان ڪن جي تاريخ ڏني وئي آهي ته ڪن جي نه ڏني وئي
آهي. مثلاً شروعات ۾ دائودپوٽن سان ميان نورمحمد
جي لڙاين جو بيان ملي ٿو، ان کان پوءِ سنڌ جي لشڪر
طرفان سبيءَ ۽ ڪڇيءَ جي محاذ تي قلات جي حاڪم
عبدالله خان بروهيءَ کي مليل شڪست جو احوال ملي
ٿو. ياد رهي ته اهو واقعو نادر شاهه جي سنڌ ۾ اچڻ
کان ڪيترا سال اڳ 1144هه ۾ ٿي گذريو. بلڪه نادر
شاهه جو سبيءَ جو علائقو سنڌين کان کسي محبت خان
بروهيءَ کي ڏنو ان جو سبب اهو هو ته عبدالله، نادر
شاهه سان قنڌار جي مهم ۾ مدد جو واعدو ڪيو هو.
بهرحال نادر جي حملي کان پوءِ باغ علي جي نظر ۾ ڪڇ
جي راءِ ڪانجيءَ خلاف نورمحمد جي مهم نهايت اهميت
واري هئي، جنهن ۾ بدين جو تاجن منڌري به ڀڄي وڃي
ڪانجيءَ وٽ پناهه ورتي هئي، باغ علي جي لکڻ موجب
سنڌي لشڪر شاهه بهاري جي اڳواڻيءَ ۾ سرنگون وڇائي
انهن کي باهه ڏئي ڪانجيءَ جي قلعي کي اڏايو هو،
باغ علي ان جي تاريخ هن ريت لکڻ ضروري سمجهي هئي:
هم از کار کفار بيدين و دين
بماه محرم سال سعيد
نوشتم ز تاريخ هجري چنان
هزار و صد و شصت يک بود کم |
-
-
-
- |
رهانيد از جور او سرزمين
از اين رو بهر کس هويدا رسيد
که پيشت کنم آشکار از نهان
رقم برسر سال هجري زدم |
ترجمو: آخرڪار (ميان نورمحمد) انهن بيدين ڪافرن جي
ظلم ۽ ستم کان ان ڌرتيءَ کي نجات ڏياري، اهو مبارڪ
سال جو مهينو محرم هو جڏهن اها خوشخبري هر ڪنهن
تائين پهتي، مون ان جي هجري تاريخ لکي آهي، جيڪا
هاڻي ڳجهه مان ڪڍي پڌري ڪريان ٿو، هڪ هزار ۽ هڪ
سـؤ سٺ مان هڪ گهٽ هو (1159). اهوئي مون هجري سال
لکيو آهي.
باغ علي هن مثنويءَ ۾ جنهن ٻئي اهم واقعي جو احوال
منظوم ڪيو آهي جيڪو تقريباً ٻن هزار شعرن تي ڦهليل
آهي اهو احمد شاهه درانيءَ جو پنجاب مٿان حملن جو
ذڪر آهي، ياد رهي ته نادر شاهه جي 1160هه ۾ قتل
ٿيڻ کان پوءِ احمد شاهه دراني جنهن کي ابدالي به
چون ٿا، افغانستان جو بادشاهه ٿيو ۽ سنڌ هند جا
اهي علائقا جيڪي هندستان جي بادشاهه محمد شاهه
نادر جي حوالي ڪيا هئا، مالڪيءَ جو اختيار حاصل
ڪيو. تاريخي طور اهو به ثابت آهي ته احمد شاهه
درانيءَ ميان نورمحمد کي 1161هه ۾ خلعت ۽ هاٿيءَ
جو تحفو ڏياري موڪليو هو، باغ علي احمد شاهه
درانيءَ جي 1162هه ۾ پنجاب تي حملي جو ذڪر هن ريت
ڪيو آهي:
دو شد بر هزار و صد و سال و شصت
برامد به لاهور بنهاد سر |
-
- |
که آن شاه افغان ز کابل گذشت
دلاور جوان جنگ جُو پر هنر |
ترجمو: جڏهن هڪ هزار هڪ سـؤ سٺ ۾ ٻن جو اضافو ٿيو
(1162هه) ته افغان بادشاهه ڪابل کان روانو ٿيو، هن
لاهور جو رخ رکيو ۽ اتي اچي پهتو هو يقيناً دلير ۽
بهادر جنگجو هو.
اهوئي سال هو جڏهن ميان نورمحمد جا ٻه پٽ ميان
غلام شاهه ۽ ميان عطر خان ايران مان سنڌ واپس
پهتا. باغ علي انهن جي واپس پهچڻ جو احوال ڏنو
آهي، ليڪن سال بيان نه ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح هڪ اڌ
سال کان پوءِ جڏهن ميان نورمحمد جو پڳدار پٽ محمد
مراد ڪراچيءَ جي رستي سنڌ پهتو ته ان جو ذڪر باغ
علي هن ريت ڪيو آهي:
ابا فوج کردار محمد مراد |
- |
به نزد کراچي رسيدند شاد |
ترجمو: محمد مراد پنهنجي بهادر ساٿين سان گڏ ڪراچي
جي ويجهو خوش خورم حالت ۾ اچي پهتو.
تحفـﺔ الڪرام مان خبر پوي ٿي ته محمد مراد سال
1164هه ۾ مسقط کان ٿيندو سنڌ واپس پهتو.(8)
ان جو مطلب اهو ٿيو ته باغ علي ’نامه نغز‘ نالي
سان جنهن مثنويءَ جو آغاز ڪيو هو، ان کي وقفي وقفي
سان لکندو رهيو. جنهنڪري ان ۾ ڪيترا واقعات شامل
آهن. البت 1164هه کان پوءِ ڪنهن به واقعي جو ذڪر
نٿو ملي جيڪا ڳالهه غور طلب آهي.
هتي اها وضاحت ڪرڻ به ضروري آهي ته ميان نورمحمد
پنهنجي وصيت نامي ۾ سنڌ جي مختلف علائقن جي
حڪمراني پنهنجن پٽن کي ورهائي ڏني هئي ته ڪير ڪهڙا
علائقا سنڀاليندو. اندازو آهي ته ميان نورمحمد اهو
وصيت نامو 1162هه ۽ 1163هه جي درميان لکيو، جو ان
مان اندازو ٿئي ٿو، ته سندس پڳدار پٽ اڃان ايران
مان واپس ڪونه ٿيو هو ۽ پاڻ گهڻو پوڙهو ٿي چڪو هو
جو حڪومت جو عارضي انتظام پنهنجي ننڍي پٽ خداداد
خان جي حوالي ڪيو هئائين. سنڌ جي علائقن جي اها
ساڳي ورهاست باغ علي هن ڪتاب ۾ پڻ بيان ڪئي آهي،
ان مان هڪڙو اهم نتيجو اهو پڻ نڪري ٿو ته باغ علي،
نورمحمد جي درٻار سان نه رڳو وابسته هو، پر سندس
اعتماد وارن ساٿين ۾ شامل هو.
آخر ۾ ان ڳالهه کي سمجهڻ ضروري آهي ته 1164هه کان
پوءِ باغ علي ڪنهن واقعي جو ذڪر ڇو نه ڪري سگهيو
آهي، ڇو ته ٽن سالن کان پوءِ 1167هه ۾ ميان
نورمحمد جيئن چيووڃي ٿو ته احمد شاهه درانيءَ جو
سنڌ ۾ آمد جو ٻڌي جيسلمير طرف نڪري ويو ۽ رستي ۾
ئي وفات ڪري ويو.(10) ان جو ظاهر ظهور سبب اهوئي
نظر اچي ٿو ته باغ علي 1164هه کان پوءِ جلدئي وفات
ڪري ويو آهي. اسان جي خيال ۾ ان گمان کي وڌيڪ
تقويت ان ريت ملي ٿي ته ’نامه نغز‘ يا ’نادر نامه‘
جهڙي مثنوي جيڪا ڇهن هزارن کان وڌيڪ بيتن تي مشتمل
آهي، ان جو باقاعده خاتمو يا ترقيمه نظر نٿو اچي،
گويا باغ علي پاڻ ان جو پوريءَ ريت خاتمو نه لکيو
هو، اوچتو کيس اجل جو پيغام اچي پهتو، بلڪ ڪنهن
حد تائين اهو گمان وڌيڪ ان ڪري پختو ٿئي ٿو ته
مثنويءَ جي ترتيب ۾ اڳ پوءِ ۽ ڪي نثر ۾ عنوان رهجي
ويل آهن. اهڙيءَ طرح هن مثنويءَ جو موجوده ترقيمو
پڻ خاص طور قابل توجه آهي ۽ اها اصل فارسي عبارت
هن ريت آهي:
راقم محمد شريف فاروقي روز جمع از ابتدائي پنج ماه
جمادي الثاني نويسانيده فضيلت پناه شرافت نگاه ملا
الله بخش فاروقي غفرالله ذنوبه و ستر عيوبه
1166هه.
ترجمو:
ڪاتب محمد شريف فاروقيءَ جمعي ڏينهن پنجين جمادي
الثاني تي لکرائيندڙ فضيلت پناه شرافت نگاه ملا
الله فاروقيءَ جي چوڻ تي لکي مڪمل ڪيو. الله
تعاليٰ سندس گناهن کي معاف ڪري ۽ عيبن کي ڍڪي
1166هه.
باغ علي بابت مٿين قياس آرائي جي ضرورت ان ڪري پيش
اچي ٿي جو سندس حياتيءَ جي باري ۾ ڪنهن به تذڪري ۾
ڪوبه ذڪر ڪونه ٿو ملي. حد ته اها آهي جو مير علي
شير قانع جهڙو تذڪره نويس جنهن مقالات الشعراء
جهڙو تذڪرو لکيو ۽ هو پاڻ باغ علي جو ننڍو معاصر
آهي، ان باري ۾ ڪو اشارو ڪونه ٿو ڪري. بهرحال هتي
ترقيمي ۾ 1166هه جو سال انڪري وڏي اهميت وارو آهي
ته ميان نورمحمد اڃان حال حيات هو، ٻيو ته ان مان
اهو به اندازو ٿئي ٿو ته باغ علي جي ڇڏيل بياض جو
اهو پهريون مڪمل نسخو آهي جيڪو ان ريت لکيو ويو.
ڇو ته اها به حقيقت آهي ته انهيءَ 1166هه ۾ لکيل
نسخي کان سواءِ ٻئي ڪنهن به نسخي جو اڃا تائين علم
ٿي نه سگهيو آهي ته گويا باغ عليءَ جي مثنويءَ جو
اهوئي واحد نسخو آهي، وڏي ڳالهه ته ان کان بعد ٻئي
ڪنهن نسخي جي به خبر نٿي پوي.
راشدي صاحب جنهن اصلي نسخي جو ذڪر ڪيو آهي ته ان
تان سنڌي ادبي بورڊ لاءِ نقل ڪرايو ويو، اهو به
اهو ساڳيو آهي، اسان جي سامهون به اها بورڊ واري
فوٽو ڪاپي آهي. جنهن تي مرزا گل حسن ڪربلائيءَ جا
دستخط هڪ کان وڌيڪ هنڌن تي موجود آهن.
هاڻي اسان پنهنجي ليکي اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش
ڪريون ٿا ته اهو محمد شريف فاروقي جيڪو مثنويءَ جو
ڪاتب آهي، اهو ڪير هو، هڪڙي ڳالهه پڪي آهي ته هو
پاڻ عالم فاضل آهي جو سندس ڪتابت گهڻي ڀاڱي غلطين
کان پاڪ آهي، خط سهڻو ۽ نستعليق آهي، اسان جو
اندازو آهي ته اهو محمد شريف فاروقي راڻيپوري آهي
جنهن جو قديم نظم ’ملڪي
سنڌي‘
گهڻو مشهور آهي، ۽ اهو نظم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي
ڪلام سان اڪثر گڏ ملي ٿو، ڊاڪٽر دائودپوٽي اهو
پورو نظم ڪلام گرهوڙيءَ سان گڏ ڏنو آهي، محمد شريف
ان سنڌي نظم جي اختتام تي پنهنجو تعارف ڪرائيندي
چوي ٿو: (11)
مرهين محمد شريف کي، ڏسي ڏانهن فضلن
مائٽ جنهن جا اصلي، راڻي پور رهن
رسالو راس ٿئو، منجهه انهيءَ ڏينهن
ڪارنهن سو سٺ گذرئا، ساٺيڪو ورهن
ڇٽا سي فضل سين، ڪلمو جي ڪهن.
هتي محمد شريف پنهنجي نظم جي تڪميل جو سال 1160هه
ٻڌايو آهي ۽ پنهنجي مائٽن جي رهائش راڻيپور
خيرپورميرس ۾ ٻڌائي آهي. ڊاڪٽر دائودپوٽي ڪلام
گرهوڙي مرتب ڪرڻ وقت محمد شريف جي خاندان جي خبر
چار ورتي هئي ۽ کيس مولوي محمد صادق راڻيپوري
ٻڌايو هو ته هو فاروقي خاندان جو فرد هو جنهن جي
اولاد جا ڪجهه افراد ان وقت تائين درازا ڳوٺ جيڪو
راڻيپور جي ڀرسان آهي، اتي رهندڙ هئا جن وٽ
خانداني شجرو به موجود هو. ڊاڪٽر دائودپوٽي جي
معلومات مطابق محمد شريف وقت جو قاضي هو.(12)
باغ علي جو 1164-1165هه دوران بيماريءَ سبب يا
اوچتو انتقال سمجهه ۾ اچي ٿو. ڇو ته هونئن به
1155هه ۾ هو پنهنجي عمر سٺ سالن کان وڌيڪ ٻڌائي
ٿو، فاروقي خاندان جي فرمائش تي فاروقي خاندان جي
فرد هٿان مثنويءَ جي ڪتابت مان اهو پڻ قوي گمان
ٿئي ٿو ته غالباً هو انهيءَ علمي خاندان جو فرد هو
۽ سندس واسطو به ان علائقي سان هو، ورنه سندس موت
کان پوءِ ايترو جلدي سندس مثنويءَ جو مڪمل نسخو
تيار ٿي نه سگهي ها. ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن اهو نسخو
باغ علي جي حياتيءَ ۾ پايئه تڪميل تي پهچي ها ته
هو ضرور پاڻ ميان نورمحمد کي پيش ڪري ها، ڇو ته
پنهنجي ليکي اهو هڪ ڪارنامو هو جنهن ۾ ميان
نورمحمد جي گهڻي تعريف به ڪيل هئي، پر اسان جي
گمان موجب باغ عليءَ کي موت ايتري مهلت نه ڏني جو
هو ائين ڪري سگهي ها. هڪ لحاظ سان ’نامه نغز‘ يا
’نادر نامه‘ توڻي ان جي مصنف جي گهڻي مشهور نه ٿيڻ
جو اهو به هڪ وڏو سبب آهي.
جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو ته باغ علي ٻن هنڌن تي جدا
جدا ڏنل شعرن ۾ ’نامه نغز‘ ۽ ’نادر نامه‘ جو ذڪر
ڪندي ٻنهي جي تڪميل جو سال 1155هه ٻڌائي ٿو، جنهن
مان اهو لازمي نتيجو نڪري ٿو ته اهو ساڳيو ڪتاب
آهي ’نامه نغز‘ مان ان جي ابتدائي تاريخي نالي
جنهن جو ملهه 1153 آهي واضح ٿئي ٿو، جڏهن ته
’نادرنامه‘ جو نالو غالباً ان ڪري رکيو ويو ته ان
۾ نادر شاهه جي هند ۽ سنڌ مٿان حملن جو تفصيلي ذڪر
ملي ٿو. هوڏانهن ميان نورمحمد ڏانهن منسوب ’نادر
نامه‘ جي تڪميل جو سال به ساڳيو 1155هه ٻڌايو وڃي
ٿو، جيڪو ظاهر آهي ته غلط فهميءَ تي مبني آهي.
’نادر نامه‘ ميان نورمحمد جي ان ڪري تصنيف نه ٿي
ٿي سگهي ڇو ته ڪنهن به تذڪري ۾ کيس شاعر ڪونه
ڄاڻايو ويو آهي، وڏي ڳالهه ته سندس لکيل وصيت نامي
’منشور الوصيت‘ ۾ ان طرف ڪو اشارو نٿو ملي. البت
سندس ذاتي علمي حيثيت، علم پروري، سخن فهمي ۽
شاعرن جي سرپرستيءَ جا ڪيترا حوالا ملن ٿا، جنهن
جو وڏو مثال محسن ٺٽوي (وفات 1163هه) آهي جنهن
ميان صاحب جي تعريف ۾ چار قصيدا لکيا. اهو محسن
ٺٽوي هو جنهن ميان صاحب جي ڪتابت ڪيل چئن مصحفن جو
قصيده ۾ ذڪر ڪيو آهي.(13) انهن مان هڪ قرآن شريف
مشهد مقدس ۾ اڄ تائين موجود آهي.(14)
آخر ۾ اها خوشخبري ٻڌائڻ ضروري آهي ته ’نامه نغز‘
يا ’نادر نامه‘ تي اسان جي تحقيق آخري مرحلن ۾
آهي. جيئن اسان شروع ۾ عرض ڪيو ته اها مثنوي ڇهن
هزارن کان وڌيڪ شعرن تي مشتمل آهي. جڏهن ته
فردوسيءَ جي شاهنامي ۾ ڪل سٺ هزار شعر آهن. ان
لحاظ سان باغ علي جي گهٽ ۾ گهٽ ان مناسبت سان
پذيرائي ٿيڻ گهربي هئي، جيڪا نه ٿي سگهي آهي. ان
جا ڪهڙا اسباب ٿي سگهن ٿا، ان طرف اشارو ڪيو ويو
آهي. باغ عليءَ فردوسيءَ جي شاهنامي کي سامهون رکي
سنڌ جو شاهنامو لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ سندس
جذبي جي سچائي ۽ ٻارهن سالن جي عرق ريزي شامل آهي
۽ ان ريت سنڌي سپوتن ۽ جنگي جوڌن جي بهادريءَ ۽
سرفروشيءَ جا ڪيترا داستان رقم ڪيا آهن. انشاءالله
سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم ماخذ اصلي صورت ۾ سنڌي
سمجهاڻي سميت جلد تاريخ جي شائقين وٽ پهچي داد
حاصل ڪندو.
حوالا:
(1)
’تاريخ کلهوڑا‘،
غلام رسول مهر، ص 9 ۽ 13
(2)
’جهان ڪشاي نادري‘، موجب نادر شاهه لاڙڪاڻي مان 13
محرم 1153هه تي واپس روانو ٿيو، جڏهن ته تحفـﺔ
الڪرام ۾ اها تاريخ 11 محرم الحرام آهي.
’جهان ڪشاي‘ ص 346، تحفـﺔ الڪرام سنڌي، ص 251
(3)
’ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‘، ص 736
(4)
ساڳيو، ص 740
(5)
’منشور الوصيت‘ (فارسي)، ص 18
(6)
ساڳيو، ص 12-17
(7)
’رهاڻ هيرن کاڻ‘، ص 510
(8)
’تحفـﺔ الڪرام‘ (سنڌي)، ص 271
(9)
’منشور الوصيت‘ (فارسي)، مقدمو، ص 5
(10)
’تحفـﺔ الڪرام‘ (سنڌي)، ص 271
(11)
ڊاڪٽر دائودپوٽو، ’ڪلام گرهوڙي‘، ص 329
(12)
ساڳيو، ص 61
(13)
ديوان محسن تتوي، ص 467
(14)
ڊاڪٽر گل حسن لغاري، ’منشور الوصيت جو تنقيدي
جائزو‘، ص 160
|