سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2022ع

باب:

صفحو:3 

ڊاڪٽر اسد جمال ’پلي‘

عمرڪوٽ

 

 

 

’اره بره ڪنڪره‘

(پهرئين سنڌي شعر تي وڌيڪ وِهڃاءُ)

سنڌي زبان جي قدامت ۽ ان جي اصليت ته اُها ڪهڙي زبان مان يا ڪهڙين زبانن جي گروهه مان نڪتي آهي، ان موضوع تي سنڌي ادب ۽ زبان جي تاريخ ۾ گهڻو لکيو ويو آهي، هن سلسلي ۾ مختلف دعوائن کي دليلن سان رد ڪندي اها ڳالهه واضح ڪئي ويئي آهي ته سنڌي زبان سنسڪرت مان نڪتل زبان نه آهي، بلڪه اِها هڪ مڪمل قديم زبان آهي جنهن جا الڳ الڳ لهجا آهن ۽ هن زبان ٻين زبانن جي اثرات جا مختلف دورن ڏٺا آهن(1)، ان کان پوءِ سنڌي زبان جي الف-ب (صورتخطي) تي پڻ ڪافي گهڻو بحث هليو آهي. هن بحث ۾ ڪيترائي مغالطا پڻ سامهون آيا، مگر تازو اسان جي معتبر محققن مڪمل ۽ مدلل بحث ڪري هِن ڳالهه کي به پنهنجي انجام تي پهچايو ته سنڌي الف- ب انگريزن جي دور ۾ نه پر ان کان اڳ ۾ اسان جي مسلمان عالمن ٺاهي ان کي عملي شڪل ڏني ۽ انگريزن ان مان ڪجهه آواز پڻ گهٽ ڪيا آهن.(2)  جڏهن انگريزن 52 اکرن جي پٽي 1853ع ۾ آندي ته ان ئي ڏهاڪي ۾، سنڌي زبان جي پهرئين صاحبِ ديوان آخوند گل محمد ميمڻ ’ديوان گل‘ 54 اکرن تي مشتمل آندو.(3)

ساڳي طرح سنڌي زبان لاءِ عربي صورتخطي يا ديوناگري صورتخطي واري شورش جنهن کي انگريزن جي دور جي ابتدا ۾ خود انگريز عالمن تقويت ڏني  اُها به منطقي انجام تي پهتي ۽ سنڌي زبان لاءِ عربي صورتخطي مقرر ٿي. وري ٻيهر آزادي بعد هندستان (بمبئي) ۾ هڪ ادبي ميڙاڪي ۾ انهي ڳالهه ڪر کنيو مگر ان مطالبي کي به پنڊال بروقت نامنظور ڪري ڇڏيو.(4)

تحقيق جا هي سلسلا وقت سان گڏ مختلف موضوعن تي زيرِبحث رهيا ۽ وري سنڌي زبان ۾ اوائلي شاعري کي تلاش ڪندي، قديم سنڌي شعر جو نمونو هٿ آيو. هيءُ قديم شعر اسان کي قديمي عربي ۽ فارسي ڪتابن ۾ هن طرح مليو آهي ته:

اره بره ڪنڪره، ڪراڪره مندره

يا

اره اصره ڪڪرا، ڪي ڪره مندره

هيءُ شعر سنڌي زبان جو آهي يا نه آهي ان ڳالهه تي اسان جي عالم فاضل محققن تمام گهڻو بحث ڪيو ۽ حوالا ڏيئي ان کي قديم سنڌي شعر جو نمونو ثابت ڪيو آهي. ٻي طرف اهو سنڌي شعر نه آهي، انهيءَ سلسلي ۾ ڪجهه عالمن پنهنجا حوالا ڏنا آهن ۽ بحث ڪيو آهي،. هن سڄي بحث ۾ پيدا ٿيندڙ سوالن ۽ شڪ شبهن ڏانهن وڃڻ کان پهرين اسين ڪجهه ڏيهي ۽ پرڏيهي عالمن جي ڪتابن مان هوبهو اقتباس ڏيئي پوءِ انهن کي وڌيڪ وهڃائڻ ڏانهن وڌون ٿا.

هڪ خاص نُڪتو جو اسان کي پهريائين ذهن ۾ رکڻ گهرجي اُهو اِهو آهي ته ٻنهي راين لاءِ دليلن جو سهارو عربي ۽ فارسي ڪتاب ئي آهن. البته ڪجهه ڪتاب اڳئين دور جا ۽ ڪجهه ڪتاب ويجهي دور جا آهن.

هيءُ شعر قديم سنڌي شعر جو نمونو آهي، هن نُڪتي تي جامع بحث اسان جي سنڌي ادب جي سرواڻ محقق جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ڪيو آهي. پاڻ لکن ٿا ته: ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ جي خوشقسمتي چئبي، جو خاص سنڌي زبان جو هڪ شاعر جنهن سنڌي زبان ۾ بغداد جي برمڪي وزيرن جي تعريف ۾ هڪ قصيدو ٺاهيو ۽ جو سنڌ جي عرب گورنر جي معرفت سان بغداد پهتو، تنهن جو ذڪر هڪ عرب عالم جي تصنيف ۾ محفوظ رهيو. امام حافظ ابوحاتم محمد بن حِبان البُستي، جنهن سن 354هه ۾ وفات ڪئي، سو پنهنجي ڪتاب ’روضـة العقلاءُ و نزهـة الفضلاء‘
۾ لکي ٿو ته ”مون ابراهيم کان ٻڌو، جنهن کي ابن ابي القعقاع چيو ته مون سان ابوهُذيل ڳالهه ڪئي ۽ چيائين ته آءٌ يحيٰ بن خالد برمڪيءَ وٽ روبرو ويٺو هئس. جو هڪ هندي شخص، پنهنجي مترجم سان گڏ ڪچهريءَ ۾ آيو. مترجم يحيٰ کي چيو ته ”هيءُ شخص شاعر آهي، ۽ توهان جي مدح ڪئي اٿس، يحيٰ چيو ته ڀلي ٻڌائي، انهيءَ تي هن شخص چيو:

اَرهَ اَصَرَهِ ڪڪرا، ڪي ڪَرِه مَندرَه.

يحيٰ مترجم کان پڇيو ته ’ڇا ٿو چوي‘. چيائين ته چوي ٿو ته:

اذا المڪارم في آفاقنا ذڪرت

فاِنما بِڪَ فيها يُضربُ المثل.

   

(جڏهن اسان جي طرف چڱاين ۽ نيڪين جو ذڪر نڪرندو آهي، تڏهن تنهنجو مثال ڏيندا آهن) پوءِ يحيٰ ان کي هڪ هزار دينار ڏيڻ لاءِ حڪم فرمايو.“(5)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب موجب هن روايت ۾ ’رجل هندي‘ چيو ويو آهي جنهن مان مراد سنڌي آهي. ڊاڪٽر صاحب اڳتي لکي ٿو ته ”خوشقسمتي سان ان ڳالهه جو ذڪر ’مجمل التواريخ و القِصص‘ (فارسي) جي مصنف به ڪيو آهي. جنهن ۾ هُن شخص کي واضح طور سرزمين سنڌ جو شاعر ٻڌايو آهي، البته هن مجمل التواريخ و القِصص جي مؤلف جي بقول ان شاعر هيءَ شعر يحيٰ جي پٽ فضل جي تعريف ۾ چيو. هيءُ مصنف چوي ٿو ته: سرزمين سنڌ جو هڪ شخص ان (فضل) جي حضور حاضر ٿيو ۽ پنهنجي زبان ۾ هڪ شعر پڙهي ٻڌايائين ته:

اره بره ڪنڪره، ڪراڪري مندره.

فضل پڇيو ته هيءَ ڇا ٿو چوي؟ ترجمان جواب ۾ چيو ته هي چوي ٿو ته:

اذ المڪارم في آفاقنا ذڪرت،

فانما بڪ فيها يضرب المثل.

جنهن تي فضل خوش ٿي کيس هڪ هزار دينار، هڪ قيمتي جوڙو ڪپڙن جو، اُٺ ۽ ٻيا تحائف ڏنا ۽ ترجمان کي به پنج سئو دينار عطا ڪيا ۽ چيائين ته اسان اِن زبان ۾ (يعني هن زبان جو) اهڙو ٻيو نه ڏٺو(6).

هن بيت جي وضاحت ۾ هڪ اهم حوالو ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو صاحب جو آهي، ڊاڪٽر دائودپوٽه صاحب ”انجمنِ علم و ادب هالا“ جي طرفان هالا ادبي ڪانفرنس (1- نومبر 1952ع) ۾ پنهنجي تحريري تقرير جيڪا پوءِ سيپٽمبر 1958ع ۾ نئين زندگي ۾ شايع ٿي، لکيو آهي ته، ”مجمل التواريخ والقِصص (فارسي) جو مصنف برمڪين جي سخا جي تعريف ڪندي چوي ٿو ته، هڪ دفعي ڪو سنڌ جو ماڻهو فضل بن يحيٰ برمڪي وٽ آيو ۽ پنهنجي زبان ۾ هڪ بيت چيائين:

اره بره ڪنڪره- ڪراڪري مندره.

فضل پڇيو ته هي ڇا ٿو آکي، تنهن تي ترجمان چيو هيئن ٿو چوي:

واذ المڪارم في آفاقنا ذکرت

فِانما بڪ فيها يضرب المثل.

(جڏهن اسان جي چوڌاري ملڪن ۾ چڱا ڪم ياد ڪيا ويندا آهن، تڏهن تنهنجي ئي نالي پهاڪو ڏنو ويندو).

تنهن تي فضل کِليو ۽ کيس هڪ هزار دينار انعام ڏنائين ۽ سهڻي سروپا پهرايائين ۽ ڪيترائي اُٺ ۽ چوپايا ڏيئي روانو ڪيائينس.

ترجمان کي پنج سو دينار بخشيائين ۽ چيائين ته اسان کي هيءُ زبان نٿي اچي.

افسوس جو اهو بيت اڃان صحيح طور پڙهي نه سگهيو آهيان، اميد اٿم ته ڪنهن ڏينهن انهيءَ بيت جي ڪافي روشني وڌي ويندي.(7)

هن سلسلي ۾ پير حسام الدين راشدي صاحب پنهنجي ڪتاب سنڌي ادب ۾ هن طرح لکيو آهي ته:

”سنڌي ادب جو سڀ کان آڳاٽو شعر جو اسان کي هٿ چڙهيو آهي، سو فضل بن يحيٰ جي مدح ۾ چيو ويو آهي، ۽ اتفاق سان عربي ۽ فارسي تاريخن ۾ محفوظ ٿي ويو آهي. ان جي صورت ۽ لفظ اگرچ بگڙي چڪا آهن، پر ان حالت ۾ به وزن ۽ قافيا ان ۾ آهن. مجمل التواريخ 520هه جي تصنيف آهي، ان ۾ لکيل آهي ته ”مردي از زمين سنده پيش وي فضل بن يحيٰ برمڪي تولد 7 رجب سن 148هه، ولادت سنه 180هه وفات 193هه آمد و بزبان خويش يک بيت انشا کرد و بگفت و آن اين بود:

اره بره ڪڪره

ڪراڪري مندره.

جڏهن فضل ان بيت جي معنيٰ پڇي ته ترجمان عربيءَ جو هيءُ شعر پڙهيو:

وَ اِذا المَڪَارِمُ فِي آفَاقِنا ذُڪِرَتُ

فَاِنّمَا بِڪَ فِيهَا يَضرِبَ المثَل.

”يعني جڏهن اسان وٽ نيڪين ۽ چڱاين جي ڳالهه نڪرندي آهي، ان وقت تنهنجو ئي نالو وٺندا آهن.“

خبر نه آهي ته هيءَ سنڌي شعر ڪيئن هو، عربي دانن صوتي اعتبار سان ڇا سمجهيو ۽ ڪيئن نقل ڪيو، فارسي تاريخ ان کي ڪهڙي طرح پنهنجو بنايو. بهرحال هي سڀ کان آڳاٽو سنڌي شعر آهي، جو هن وقت تائين ملي سگهيو آهي.(8)

ڊاڪٽر عمر دائودپوٽو صاحب پنهنجي مضمون ۾ اڳتي وضاحت ڪئي آهي ته هي ساڳي بيت ’جميعت الشعراء‘ واري لاڙڪاڻي جي جلسي ۾ (جيڪو دائودپوٽي صاحب جي صدارت ۾ هو) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پڙهيو ۽ ان جي سنڌي پڙهڻي پڻ مقرر ڪئي. ان سنڌي پڙهڻي سان دائودپوٽو صاحب متفق نه هو، ڊاڪٽر دائودپوٽو صاحب موجب اسان ٽنهي يعني سندن، بلوچ صاحب ۽ راشدي جو ڌيان هن بيت ڏانهن توجه منهنجي مرحوم دوست قاضي اختر احمد ميان جهوناڳڙهيء ڇڪايو.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي هن بيت جي سنڌي پڙهڻي واري راءِ کي اڳتي وڌائيندي هن بيت جي سنڌي شڪل ۽ پڙهڻي جيڪا جناب معمور يوسفاڻي صاحب آندي آهي، اها هيٺ ڏيون ٿا:

پراڻ درياءَ جي ڪنڌيءَ تي موجود منڌرن جا ڀڙا ۽ منڌرا قوم جو ذڪر ڪندي جناب يوسفاڻي صاحب لکي ٿو ته:

”هن ئي قوم جي هڪ شاعر، عربن جي دور ۾ شاعرن لاءِ برمڪي خاندان جي سخا جو ٻڌي خالد برمڪيءَ يا يحيٰ برمڪيءَ جي درٻار ۾ انعام ۽ خلعت لاءِ پهچي پنهنجا سنڌي شعر برمڪي وزير کي ٻڌايا، پر ان کيس ٻئي وقت تي اچڻ لاءِ چيو هو. جنهن تي ان شاعر جيڪو سنڌ کان ڪهي پهتو هو تنهن بروقت هڪ دوهي جهڙو شعر چيو ته:

اهڙا آسرا ڪوهه ڪريو، ڪيئن ڪري منڌريو.

ان شعرکي عرب مورخن هن طرح لکيو ته:

اره اصره ڪڪره، ڪي ڪره مندره.

برمڪي وزير جڏهن اهو شعر ٻڌو تڏهن ترجمان کان ان جو مطلب پڇيائين، جنهن چيو ته هي اوهان جي سخا جي ساراهه ٿو ڪري ۽ پوءِ جڏهن برمڪي وزير جي حڪم سان ترجمان، سنڌي شاعر کان سندس گهر بابت پڇيو ته هن اُن جي جواب ۾ هيٺيون شعر چيو:

اهڙا ڀري ڳُڻ ڪريو، گهورون گهوري منڌريو.

هن شعر کي عربن وري اجهو هينئن لکيو ته:

اره بره ڪن ڪڪره، ڪرا ڪري مندره.(9)

محترم مير اصغر حسين ٽالپر ڊگهڙي تعلقي جي شاعرن جي تاريخ تي مشتمل ڪتاب ’وُٺا پٽ پراڻ جا‘ ترتيب ڏنو آهي. ڇاڪاڻ ته منڌرن جا دڙا يا ڀِٽون پراڻ درياهه جي ڪنڌيءَ سان آهن، انهيءَ نسبت سان هن پهريون شاعر ئي منڌرو رکيو آهي. هو لکي ٿو ته:

منڌرو شاعر: هن وقت تائين مليل دستاويزي ثبوتن موجب سنڌ جو پهريون شاعر منڌرو هو (ذات جو منڌرو هو). جيڪو ٻي صدي هجري ۾ برمڪي خاندان جي يحيٰ بن خالد برمڪي يا فضل بن يحيٰ برمڪيءَ جي درٻار ۾ بغداد شهر ۾ ويو ۽ برمڪي وزير سان گفتگو دوران جيڪي ٻه سنڌي شعر پڙهيائين، سي عرب مورخن، عربي صورتخطيءَ ۾ هن طرح لکيا آهن:

(1)  اره اصره ڪڪره، ڪي ڪره مندره.

(2) اره بره ڪن ڪره، ڪرا ڪري مندره.

ٻي طرف، سنڌ جي حدن اندر منڌرن جي قديم بستي پراڻ جي ڪناري تي آهي، جنهن کي ڊيگهه، بلندي ۽ قدامت جي لحاظ کان ’منڌرن جي ڀٽ‘، ’منڌرن جا ڀڙا‘، ’منڌرن جو ڀڙو‘ ۽ ’منڌر ڀٽ‘ جي مختلف نالن سان سڏيو وڃي ٿو. جنهن موجب اهو چئي سگهجي ٿو ته عرب دور جو اُهو سنڌي شاعر غالباً منڌرن جي انهي بستيءَ جو رهاڪو هو.

منڌري شاعر جي مٿي ذڪر ڪيل شعرن بابت، موجوده دور جي محققن مان جناب ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ۽ جناب محمد عمر پلي (معمور يوسفاڻي) جيڪا ڪوشش ڪئي آهي اُها ساراهه جوڳي آهي، آءٌ انهيءَ ڪوشش ۾ ٿورو واڌارو آڻيندي اهي سنڌي شعر هيٺئين طرح لکندس:

(1) اهڙا آسرا ڪوه ڪريو؟

ڪيئن ڪري منڌريو؟

(2) اهڙا ڀري ڳڻ ڪريو!

کڙا   ڪري   منڌريو.

(يعني ايترا روپيا ڏيو جو منڌرو انهن کي کڙن (ڀترن) وانگر اُڇلي).(10)

هن بيت کي سنڌي شعر سمجهڻ کان پوءِ جن محققن هن بيت جي صحيح سنڌي شڪل تي خيال آرائي ڪئي آهي انهن ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب جو نالو به اهم آهي. ڊاڪٽر صاحب لکن ٿا ته ”منهنجي ڪتاب سنڌي ادب جي مختصر تاريخ جي پهرئين ڇاپو (1973ع) کان وٺي مون هن شعر بابت سوچيو ۽ هيءَ ڳالهه خيال ۾ آئي ته شاعر يا صاحبِ ممدوح جو نالو منڌرو هوندو يا هو ذات جو منڌرو هوندو. بغداد وڃڻ کان اڳ اهو شعر سنڌ (لاڙ) ۾ چيو هوندائين. صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ برمڪي وزير اڳيان اهو شعر پڙهيو هجيس. انهيءَ ڪري شعر جواصل متن هينئن هوندو:

اهڙا ٻُڙا ڪو (نه) ڪري، ڪِ ڪري منڌرو.

(منڌرا قوم لاڙ، ڏکڻ بدين ۾ آباد آهي).

موليٰ مٿان مون، ٻڙو مَ لاهج ٻاجهه جو).

مليل متن سمجهه ۾ نه اچڻ ڪري به ٻي صدي هجري جو هيءُ شعر بقول ڊاڪٽر بلوچ جي سنڌي زبان جي تاريخ بنسبت هڪ قيمتي وٿ آهي. ڇو جو مليل روايت موجب هي شعر سنڌ، سنڌ جي زبان، سنڌيءَ جو آهي. (11)

جوڻيجو صاحب هن بحث جي ابتدا ۾ هڪ نهايت ئي سهڻو ۽ قيمتي جملو لکيو آهي ته ”ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ڪونهي، پر هن وقت تائين ادبي تاريخ جي تحقيق ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا دليل وزنائتا آهن.(12)

مون هڪ دفعي بدين ۾ ڪچهريءَ ۾ سنڌي ادب جي ٽن عالمن ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب، معمور يوسفاڻي ۽ شيخ محمد سومار کي هن بيت جي پڙهڻي تي بحث ڪندي ٻڌو ۽ محسوس ڪيو ته هي ٽئي محقق بيت جي سنڌي پڙهڻي جي حل لاءِ تمام گهڻو مشتاق هئا.

هن بيت جي سنڌي پڙهڻي جو ذڪر محترم ذوالفقار سيال صاحب پڻ ڪيو آهي. هو پهريائين سنڌي شاعرن جي قدامت جو حوالو راءِ دور (495ع- 632ع) ۾ ڏئي ٿو، جنهن تي هتي بحث اسان جو موضوع نه آهي، اسين سندس ٻئي نمبر حوالي کي ڏسون ٿا. پاڻ لکن ٿا ته ”ان کان پوءِ جيڪو حوالو ملي ٿو، اهو عرب دور (912ع-1050ع) جو آهي، جيڪو امام ابوحاتم محمد پنهنجي ڪتاب ”روضـﺔ العقلا و نزهـة الفضلا“ ۾ ڏنو آهي ته بغداد ۾ يحيٰ بن خالد برمڪي جي روبرو ڪو سنڌي ماڻهو آيو هيو ۽ هي شعر پڙهيائين:

”ارهه بره ڪنڪره- ڪراڪري مندره“

ڪٿي اهو هينئن بيان ڪيو ويو آهي:

”اره اصره ڪڪرا، ڪي ڪره مندره“

(جڏهن به اسان وٽ نيڪين جو بيان ٿئي ٿو ته ان وقت تنهنجو ئي نالو ورتو وڃي ٿو).

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اهو هن طرح سان پڙهي ٿو ته:

”اهڙا ٻڙا ڪو (نه) ڪري، ڪ ڪري منڌرو.

(اهڙي مهرباني ڪوبه ڪري نه سگهندو، جهڙو منڌرو ڪري ٿو) عرب دور ۾ قصيده گوئي مقبول هئي.(13)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب هن شعر تي سڀني محققن کان وڌيڪ تفصيل سان لکيو آهي، ۽ هن شعر کي اوائلي سنڌي شعر جو نمونو قرار ڏنو آهي. ائين ڪونهي ته ڪو ڊاڪٽر صاحب ’نزهـة الجليس‘ جي حوالي کان بيخبر آهي.

    

سندن حوالي سان قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب لکيو آهي ته ”ڊاڪٽر بلوچ صاحب ان بابت مهراڻ جلد 8 صفحه 151 سن 1959ع ۾ لکي ٿو ته: ٻارهين صدي هجري جي لکندڙ، ابن نورالدين المڪي، پنهنجي ڪتاب نزهـة الجليس ۾ اهو بيت حضرت بلال ڏانهن منسوب ڪندي لکيو آهي ته حضرت بلال اهو بيت حبشيءَ ٻولي ۾ نبي ڪريمﷺ جي تعريف ۾ چيو. ابن نورالدين سنه 1133ع ڌاري هندستان جي سفر تي آيو هو ۽ هو بلڪل پوءِ جو مصنف آهي. جنهنڪري آڳاٽن عربي مصنفن جي ڀيٽ ۾ سندس راءِ کي ڪا خاص اهميت نٿي ڏئي سگهجي.“(14)

قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب پنهنجي ڪتاب ’ڪافي‘ ۾ اڳتي لکن ٿا ته:

”هڪ ڀيري ڊاڪٽر دائودپوٽي مرحوم سان ان بيت بابت ڳالهه نڪتي، تنهن تي مرحوم ٻڌايو ته اهو بيت ”حضرت بلالؓ پنهنجي حبشي زبان ۾ چيو ۽ حضرت حسان بن ثابت عربيءَ ۾ آندو.“ ڊاڪٽر صاحب عربي زبان ۾ هڪ ڇپيل فارم به ڏنو، جنهن جو عڪس به هتي ڏيون ٿا، ان فارم تي ڊاڪٽر صاحب جا هٿ اکر به ظاهر نظر اچن ٿا، ڊاڪٽر صاحب هي به ٻڌايو ته اُهو بيت حضرت بلالؓ جي مقبري تي لکيل آهي ۽ پاڻ به ڏنو اٿس.(15)

اسان جڏهن دمشق ۾ حضرت بلالؓ جي مقبري جي زيارت لاءِ ويا هئاسون، تڏهن مون اهو عجيب بيت مقبري جي اندر ديوار تي لکيل ڏٺو. چي حضرت بلالؓ اهو بيت سرورِ ڪائنات ﷺ جي ساراهه ۾ چيو هو ۽ ان جو عربي شعر ۾ مطلب حسان بن ثابتؓ ادا ڪيو هو، مون حسان بن ثابتؓ جي ديوان ۾ ان عربي بيت جي گهڻي تلاش ڪئي پر ڪنهن به نسخي ۾ ڪونه لڌو. شايد انهيءَ اڪيلي بيت جي ڪنهن به راوي کي يادگيري نه رهي. بهرحال جيڪڏهن اهو بيت حضرت بلالؓ جو آهي ۽ ضرور باالضرور حبشي زبان ۾ هوندو. ليڪن اڄ تائين مون کي ايٿوپيڪ گرامر نه ملي سگهيو آهي. ۽ نڪين ڪنهن مستشرق سان انهيءَ باري ۾ مشاورت ڪري سگهيو آهيان، باقي ڪنهن به حالت ۾ هي اوائلي سنڌي بيت ٿي نٿو سگهي، اهو سارو نظريو سراسر غلط آهي، (والله عنده علم بالصواب ”ع“ بتاريخ 1 مئي 1958ع.(16)

اڳتي هلي جناب مخدوم صاحب نهايت اهم ڳالهه بيان ڪئي آهي: ”هتي هي به سمجهڻو آهي ته ٻي صدي هجري ۾ به عربن وٽ سنڌي زبان لاءِ هڪ ترجمو ڪندڙ شخص جو هئڻ ضروري هو.(17)“

سنڌي ادب جي هڪ ٻئي خدمتگار محترم ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جنهن جون ڪوششون به سنڌي ادب لاءِ نهايت نمايان آهن، پنهنجي تصنيف سنڌي ادب جو تاريخي جائزو ۾ لکيو آهي ته:

”ڪيترائي سنڌي عالم ۽ اديب عربستان پهتا ۽ پنهنجا علمي جوهر ڏيکاريائون، انهن مان هڪ سنڌي شاعر، هڪ روايت موجب فضل بن يحيٰ برمڪيءَ جي آڏو ۽ ٻي روايت موجب يحيٰ بن خالد برمڪيءَ جي آڏو سنڌي شعر پڙهيو اهو شعر ڪتابن ۾ هن طرح آيو آهي:

اره برهه ڪنڪره، ڪراڪري مندره

يا

اره اصرح ڪڪرا، ڪي ڪره مندره

ٻي روايت موجب اهو بيت حضرت بلالؓ، حضور اڪرم ﷺ جن جي شان ۾ پنهنجي آفريڪي زبان ۾ پڙهيو.(18)

اڳتي پنهنجو خيال هن طرح پيش ڪيو اٿن ته ”مٿي ڄاڻايل بيت ڪنهن سنڌي بيت جي بگڙيل صورت چئي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته عرب مورخ سنڌي لفظ صحيح نموني لکي نه سگهيا هوندا. جيتوڻيڪ بيت پوري طرح پڙهي نه ٿو سگهجي، تڏهن به اها روايت صحيح سمجهڻ گهرجي، ته سنڌي شاعر پنهنجي زبان ۾ شعر پڙهيو. عرب عالمن لاءِ سنڌي زبان ايتري ئي اوپري هئي، جيتري آفريڪي انهيءَ ڪري ساڳيوئي بيت ٻنهي روايتن جي سلسلي ۾ نقل ٿي ويو.(19)

محترم غلام رباني آگرو صاحب پنهنجي مضمون ’سنڌي زبان ۽ ادب‘ ۾ هن شعر جو ذڪر ڪيو آهي پر هو موجود سنڌي زبان سان ان جي ممثلت نه ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو.

”عربن جي فتح کان پوءِ سنڌي ادب جو پهريون مثال اسان کي هن شعر جي صورت ۾ ملي ٿو، جنهن جي باري ۾ اهو خيال آهي ته، ٻي صدي هجري جي هڪ سنڌي شاعر، برمڪي وزير فضل بن يحيٰ جي واکاڻ ۾ چيو هو. هن شعر جي زبان ڪنهن به طرح موجوده سنڌي سان مماثلت نٿي رکي.

اره بره ڪنڪره، ڪرا ڪري مندره.

ان جي عربي ترجمي جو مفهوم هينئن آهي ته:

جڏهن اسين پنهنجي ملڪ ۾ عظيم الشان ڪارنامن جو ذڪر ڪريون ٿا ته اوهان جو نالو مثال جي طور استعمال ڪريون ٿا.(20)

قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب هن شعر تي وڌيڪ غور ۽ فڪر ڪيو آهي. مخدوم صاحب شعر جي قدامت سان گڏ ان جي فني لوازمات تي به لکيو آهي. پاڻ لکن ٿا ته: ”راشدي صاحب انهيءَ شعر جي ٻنهي مصرعن ۾ قافيا (ڪنڪره- مندره) لکيا آهن. اهو شعر قصيدي جي مطلع پيو معلوم ٿئي ۽ ڊاڪٽر صاحب ان ساڳئي شعر کي ٿوري ڦيرگهير سان لکيو آهي ۽ قافين ۾ به فرق ڏيکاريو آهي. يعني شعر جي پهرين مصرع جو قافيو آهي ’ڪڪرا‘ ۽ ٻي مصرع ۾ آهي ’مندره‘ حقيقت ۾ صحيح شعر اينهين ٿيندو جيئن راشدي صاحب لکيو آهي. لفظ ’ڪنڪره‘ هجي يا ’ڪڪره‘ اها ٻي ڳالهه آهي. سنڌي زبان ۾ جيئن ’بنده‘ کي ’بندو‘ يا
’بندا‘ ۽ ’رساله‘ کي ’رسالو‘ يا ’رسالا‘ ڪري لکبو آهي. اهڙي طرح ئي لکت ۾ مٿيون قافيو لکيو ويو آهي. اصل ۾ ڪتاب ۾ اهو قافيو فقط اُچار جي مناسبت موجب لکيو ويو آهي. ان شعر ۾ ڊاڪٽر صاحب ٽن لفظن جو فرق به ڏيکاريو آهي. يعني ’بره‘ جي بدران ’اصره‘، ’ڪنڪره‘ جي بدران ’ڪڪرا‘ ۽ ’ڪراڪري‘ بدران ’ڪي ڪري‘
صحيح ڪيئن آهي، اها خدا کي خبر.(21)

هن موضوع کي اڳتي وڌائيندين قبله مخدوم زمان طالب الموليٰ سنڌ جي هڪ ٻئي معتبر تعليمدان محقق ۽ عالم جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته: ”مخدوم اميراحمد صاحب، پرنسپال سنڌ اورينٽل ڪاليج حيدرآباد، ان بيت بابت پنهنجي تحقيق هن طرح ڪئي آهي، لکي ٿو ته، ”مون ديوان حسان بن ثابت، تمام چڱي طرح جاچي ڏٺو آهي پر انهيءَ ۾ مطلوب بيت جو ڪوبه نشان ڪونهي.“(22)

هڪ ٻئي عربي زبان جي محقق، پنهنجي ڪتاب ’الڪشڪول‘ ۾ پڻ مذڪوره بيت بابت لکيو آهي. الڪشڪول نالي سان عربي ۾ ٻه ڪتاب آهن هتي اسين شيخ بهاءالدين العاملي جي الڪشڪول مان حوالو پيش ڪريون ٿا:

”جڏهن بلالؓ ملڪ حبش، نبي اڪرم ﷺ جن وٽ آيو ته پوءِ حبشي زبان ۾ نبي اڪرم ﷺ جن جي ساراهه ڪيائين.

شعر: اره بره ڪنڪره.

ڪرا ڪري مندره

نبي اڪرمﷺ جن حضرت حسان کي فرمايو ته ان جي عربي ۾ معنيٰ ڪر پوءِ حضرت حسان فرمايو:

اذ المڪارم في آفاقنا ذڪرت

فاِنما بڪ يضرب المثل(23).

جناب ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب جيڪو فارم، قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين کي ڏنو هو، ان جو عڪس ۽ ترجمو جيئن پڙهي سگهيا آهين هيٺ ڏيون ٿا:

”تمام تعريفون الله پاڪ جي لاءِ جيڪو تمام جهانن جو پالڻهار آهي ۽ درود و سلام اسان جي آقا محمد ﷺ ۽ سندس آل، اصحاب ۽ تمام تابع دارن تي ڏينهن قيامت تائين ۽ پوءِ هي ڪجهه اصحابن سڳورن جي زيارتن جي نالن جو ذڪر ۽ اهلِ بيت پاڪ جو جيڪي شام (دمشق) ۾ ’باب الصغير‘ جي پَٽ ۾ آرامي آهن. رضي الله عنهم اجمعين.

انهن سڳورن مان عالي مرتبت صحابي حضرت بلال حبشيؓ پاڻ ڪريمن جو موذن به آهي، جنهن جي باري ۾ اسان جي نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو: ”اي بلال اُٿ ۽ نماز لاءِ سڏ، مون تنهنجي جتيءَ جو آواز جنت ۾ ٻڌو آهي ۽ فرمايائون ته بلال سيد الموذنين آهي. ۽ فرمايائون، ”اي بلال خرچ ڪر، عرش واري کان مفلسي جو ڊپ نه ڪر.“ انهيءَ کان علاوه به ڪيتريون ئي حديثون آهن جيڪي سندس عالي مرتبي تي دليل آهن. پاڻ حضرت ابوبڪر صديق جو عتيق (آزاد ڪرايل غلام) ۽ پهرين رفيقن مان آهي، جن ايمان آندو ۽ پهريون ئي آهي جنهن کي الله جي راهه ۾ ايذايو ويو. اسلام جو پهريون موذن جنهن مجاهدن سان گڏجي جهاد ڪيو ۽ صبر وارن سان گڏ صبر ڪيو، ايستائين جو سندس وفات شام ۾ ٿي تدفين به اتي ئي ٿي،. اهو يعني وفات جو سال 20هه آهي، سندس قبر مبارڪ تي تعمير 625هه ۾ ڪئي وئي، ۽ سندس ڀر ۾ قبر مبارڪ آهي، جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اها حضرت عبدالله بن جعفر طيار جي آهي، جعفر جيڪو پاڻ ڪريمن ﷺ جن جو سؤٽ هو.

۽ ان ۾ اسان نبي اڪرم ﷺ جن جي وڏن اصحاب سڳورن ۽ اهلِ بيت جي هستين جو ذڪر ڪيو آهي، سندن عظيم مرتبن ۽ فضيلتن جي ذري برابر به ٿيڻ اسان لاءِ ممڪن ئي ڪونهي.

اسان کي سندن محبت ۽ زيارتن جو ثمر نصيب فرمائي. آمين

سيدنا بلال حبشي زبان ۾ فرمايو: اره بره ڪنڪره..... ڪريٰ ڪري مندره“ پوءِ ان کي حضرت حسان بن ثابت جيڪو پڻ جليل القدر صحابي آهي عربي ۾ چيو:

اذ المڪارم في آفاقنا ذڪرت

فاِنما بڪ فينا يضرب المثل.

رضي الله عنهم اجمعين، مقام خادم سيدنا بلال الحبشيؓ، محمد همابه.“ هن فارم جي باقي اڌ ۾ انهن صحابين جي نالن جي فهرست آهي جيڪي باب الصغير ۾ ابدي آرام فرما آهن.(24)

هي فارم، دراصل هڪ قسم جو پمفليٽ آهي جيڪو زيارتين کي ڏنو ويندو هو، ۽ ڊاڪٽر صاحب کي اتي ئي قبرستان جي سنڀاليندڙ محمد همابه کان مليو هو يا ڪنهن ٻئي شخص کان ڇاڪاڻ ٿي سگهي محمد همابه ان پمفليٽ جو تيار ڪندڙ هجي ۽ پوءِ تسلسل سان اهو پمفليٽ هلندڙ هجي.

هن بيت جي حوالي سان هڪ ٻئي مصنف جو ذڪر اهم آهي، جيڪو شاعر، اديب ۽ لغت جو وڏو ماهر هو، هو نجف (عراق) جو هو ۽ سندس نالو فخرالدين الطريحي (979هه-1085هه) هو. هُن پنهنجي ڪتاب (لغت) مجمع البحرين ۾ لفظ بلال جي وضاحت ۾ لکيو آهي ته:

”روايت ڪئي ويئي آهي ته بيشڪ بلالؓ جڏهن مُلڪ حبش کان نبي ﷺ جن وٽ آيو ته حبشي زبان ۾ شعر ۾ ساراهه ڪيائين:

اره يره ڪنڪره، ڪري ڪري منظره.

پوءِ چيائين حسانؓ کي ته هن جي عربي معنيٰ ڪري پوءِ حسانؓ فرمايو:

اذ المڪارم في آفاقنا ذڪرت

فاِنما بڪ فينا يضرب المثل (25)

هتي هڪ خاص ڳالهه ته الڪشڪول وانگيان هن لغت جو ذڪر هيستائين سنڌي ادب ۾ هن بيت جي حوالي سان نه ٿيو آهي، ٻي ڳالهه اِها به غور طلب آهي ته هتي اءره، ۾ الف جي مٿان حمزو آيو آهي ۽ ’بره‘ جي بجاءِ ’يره‘ لکيل آهي، ’ڪراڪره‘ بجاءِ ’کري-کري‘ ۽ مندره بجاءِ ’منظره‘ آيو آهي. ممڪن آهي ته اها صورتخطي جي يا پروف ريڊنگ جي غلطي هجي يا پڙهڻي ائين ئي هجي، پر پڙهندڙ جو ڌيان ضرور ڇڪائي ٿي.

هيءُ ڪتاب نزهـة الجليس کان اڳ جو آهي، يعني ته نزهـة الجليس واري روايت ان کان پهرين به موجود آهي، هيءَ ڳالهه غور طلب ضرور آهي ته اڃان به پهريائين ڪو معتبر ذريعو آهي جتان هيءُ حوالو فخرالدين الطريحي کنيو آهي.

ابوظهبي مان نڪرندڙ روزانه اخبار الاتحاد ۾ ناصر الظاهري (جيڪو ڪالم نگار آهي) ان جو هڪ ڪالم ڇپيو آهي. هو لکي ٿو ته:

جڏهن آئون سيدنا بلالؓ بن رباح حبشي جي مزار جي دمشق ۾ زيارت ڪري رهيو هئس ته منهنجي نظر هنن بيتن تي پيئي جيڪي
’اُمَهري‘ ٻوليءَ ۾ هئا، جيڪا ٻولي سيدنا شيخ جي ٻولي آهي ۽ اُها ئي اهلِ حبش جي ٻولي آهي، ۽ عربي رسم الخط ۾ هئا، حضرت بلالؓ چيو:

اره بره ڪنڪره- ڪراڪري مندره.

جن کي شاعرِ رسول حضرت حَسان بن ثابت عربي ۾ هن طرح چيو ته:

اذ المڪارم في آفاقنا ذڪرت،

فِانما بڪ فينا يضرب المثل.

 

(يعني جڏهن اسان وٽ چڱاين ۽ سخاوت جو ذڪر ڪيو ويندو آهي ته اوهان جو مثال ڏنو ويندو آهي). هن کان پوءِ هن مضمون ۾ حضرت بلالؓ جي سوانح ۽ اسلام لاءِ سندس قربانين ۽ حالات جو تفصيلي بيان ڪيل آهي، ان سان گڏ حبش ملڪ ۽ عرب جي لڳ لاڳاپن، حبش ڏانهن هجرت ۽ عربن وٽ حبشي زبان جي ڄاڻ ۽ استعمال جو ذڪر آهي.(26)

تازو مشهور مبلغ الدڪتور محمود ناصرالحوت پنهنجي هڪ ليڪچر ۾ هن شعر تي ڳالهايو آهي، ڊاڪٽر صاحب پنهنجي هيءَ تقرير حضرت الشيخ عبدالقادر جيلاني جي حوالي سان پيش ڪئي آهي. پاڻ فرمائين ٿا ته: هڪ ڏينهن حضرت بلالؓ بن رباحؓ رسول الله ﷺ جن کي عرض ڪيو ته يارسول الله ﷺ آئون چاهيان ٿو ته منهنجي پنهنجي زبان ۾ توهان جي تعريف ڪريان: پاڻ فرمايائون ته اي بلالؓ چئه:

پوءِ بلالؓ چيو ته:

اره بره ڪنڪره- ڪراڪري مندره.

پوءِ رسولِ اڪرمﷺ جن مسڪرايا ۽ حضرت حسان بن ثابت کي حڪم ڏنائون ته هن بيت جي معنيٰ ڪري، حضرت حسان بن ثابت فرمايو ته بيشڪ بلالؓ توهان کي چوڻ چاهي ٿو ته:

اذ المڪارم في آفاقنا ذڪرت

فانِما بڪ فيها يضرب المثل.

شيخ صاحب جي آءِ.ڊي تي سندس ملڪ دمشق- شام (Syria) لکيل آهي.(27)

اسان جي پاڪستان جي هڪ وڏي عالم علامه خادم حسين رضوي جو هڪ جمعة المبارڪ

جو خطبو (2019-6-28) گوگل تي تحريري طور اپ لوڊ ٿيل آهي، علامه صاحب به پنهنجي بصيرت افروز خطبي ۾ فرمايو آهي:

اره بره ڪنڪره، ڪراڪري مندره.

حضرت بلالؓ حبشي جي مزار پرانوار تي حبشي زبان ۾ نعت جو هي شعر لکيل آهي:

اذ المڪارم في آفاقنا ذڪرت

و فانما بڪ يضرب المثل(28).

آچر- 2017-4-16 تي مير آغا جي هڪ تحرير گوگل تي اپ لوڊ ٿي آهي. ان ۾ مير آغا فخرالدين طريحي جي ڪتاب ’مجمع البحرين‘
جي حوالي سان لکيو آهي ته: جناب بلالؓ رسول الله ﷺ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ پنهنجي حبشي زبان ۾ چيائين ته:

اره بره ڪنڪره- ڪِراڪِري مندره.

جناب رسولِ الله ﷺ حضرت حسان بن ثابتؓ کي چيو ته بلالؓ جي ڪلام جو عربي ۾ ترجمو ڪريو. حضرت حسان بن ثابتؓ هن طرح ترجمو ڪيو.

اذ المڪارم في آفاقنا ذڪرت

و فانما بڪ يضرب المثل

(جنهن وقت اسان جي ملڪ ۾ بهترين ۽ پسنديده خوبين متعلق پڇيو وڃي ٿو ته اسين توهان کي شاهدِ گفتار ٺاهيون ٿا.)(29)

مون اردو جو هڪ ڪتاب جيڪو سفرنامو آهي مولانا رفيع عثماني جو، شام ملڪ متعلق مطالعو ڪيو. مولانا صاحب حضرت بلالؓ جي مزار مبارڪ تي زيارت لاءِ حاضر ٿيو. هي بيت مزار مبارڪ تي لکيل ڏٺائين، ۽ ان جو ذڪر ڪيائين پر فوٽو نه ڏنو اٿس.

وِهڃاءُ:

هنن سڀني حوالن ۽ اقتباسن تي اگر اسين غور و فڪر ڪنداسين ته اسان کي محققن جا ٽي رايا ڏسڻ ۾ ايندا هڪڙن جو خيال آهي ته هيءُ بيت برمڪي وزيرن جي تعريف ۽ قصيده گوئي ۾ چيل آهي.

انهيءَ راءِ جو محرڪ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي ۽ پاڻ هن بيت کي سنڌي شاعري جو پهريون هٿ آيل شعر سڏي ان جي سنڌي پڙهڻي به ڏني اٿن. سندن تحقيق جي بنياد تي محترم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب، معمور يوسفاڻي صاحب، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب، مير اصغر حسين’اصغر‘ ٽالپر صاحب ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال صاحب نه صرف بلوچ صاحب جي راءِ کي قبول ڪيو آهي پر معمور صاحب، اصغر صاحب ۽ جوڻيجو صاحب ته پنهنجي طرفان پڻ پڙهڻيون مقرر ڪيون آهن.

هن بيت متعلق ٻي راءِ ته اهو برمڪين لاءِ چيل ناهي، بلڪه سنڌي زبان جو ئي ناهي، امڪان طور اهو حبشي زبان ۾ حضرت بلالؓ جو نعتيه شعر ٿي سگهي ٿو. ان جو پهريون محرڪ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو صاحب آهي. ڊاڪٽر صاحب حضرت بلالؓ جي مزار مبارڪ تي حاضر ٿيا هئا، البته ان شعر جو فوٽو ڪونه ڏنو اٿس. اتان جي مجاور (قبرستان جي سنڀاليندڙ) کان کين هڪ پمفليٽ پڻ مليو آهي، جنهن جو عڪس قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن پنهنجي ڪتاب ’ڪافي‘ ۾ ڏنو آهي. ترجمو اسان هن مضمون ۾ ڏنو آهي. ڊاڪٽر صاحب ۽ مخدوم صاحب کان علاوه اسان جا ٻيا محقق جيڪي هن راءِ جا آهن انهن ۾ پير حسام الدين راشدي صاحب ۽ غلام رباني آگرو صاحب شامل آهن.

هن بيت جي سلسلي ۾ جيڪو سڀ کان اول حوالو اسان کي عربي ادب ۾ مليو آهي اُهو امام حافظ ابوحاتم محمد حِبان البُستي (متوفي 354هه) جو آهي. جيڪو سندس ڪتاب ’روضـﺔ العقلا و نزهـﺔ الفضلا‘ ۾ آيو آهي. ان کان پوءِ ’مجمل التواريخ و القِصص (فارسي) جنهن جو مولف ملڪ الشعراء بهار آهي، ۾ اهو حوالو مليو آهي. جنهن برمڪي وزير وٽ سنڌي شخص جو موجود هجڻ لکيو آهي. البته ٻنهي ڪتابن جي اندروني تحريرن ۾ تضاد آهي. هڪ تضاد برمڪي وزير جي نالي جو آهي، ٻيوانعام جو آهي، ٽيون ڪجهه لفظن ۾ به معمولي تبديلي آهي. جناب ابن حِبان البُستي وٽ حوالي جو تسلسل آهي، فارسي تاريخ ۾ ائين ناهي. ٻئي ڪتاب جنهن  هڪ نُڪتي تي متفق آهن اُهو آهي ’برمڪي وزيرن‘ جو ذڪر.

هيستائين هنن ٻنهي حوالن جي رد ۾ صرف هڪ عربي ڪتاب ’نزهـﺔ الجليس‘ جو ذڪر ٿيو آهي. جنهن ۾ حضرت بلالؓ جو حوالو آندو آهي، ڇاڪاڻ ته نزهـﺔ الجليس ويجهي دور 12 صدي هجري جو ڪتاب آهي ۽ 1217هه ۾ شايع ٿيو، انڪري ڊاڪٽر بلوچ صاحب ان جي حوالي کي اهميت نه ٿو ڏئي.

هيستائين جيڪو به سنڌي ادب ۾ هن بيت تي بحث يا راءِ زني ٿي آهي اسين ان جو ذڪر تفصيل سان ڪري چُڪاسين. هن کان پوءِ اسين انهن حوالن، ڪتابن، محققن ۽ عالمن جو ذڪر ڪنداسين. جن جو بيان اڃا تائين زير بحث نه آيو آهي. هن سلسلي ۾ اسان کي جيڪو به مواد مليو آهي اهو هن بيت کي برمڪين کان پري ۽ حضرت بلالؓ واري روايت کي ويجهو ڪري ٿو. هتي ڪجهه ڳالهيون ترتيب سان ڏيون ٿا:

(1)حضرت بلالؓ جي مزار جي تعمير جو سال 625هه آهي، جيڪو حوالو نزهـﺔ الجليس کان گهڻو اڳ جو آهي ۽ برمڪين کان پوءِ جو آهي. هتي اهم سوال هيءُ آهي ته هِن بيت جو حضرت بلالؓ جي مزار سان ڇا تعلق آهي؟ ڇاڪاڻ ته ترجمي موجب هن ڪلام جو شاعر ته حضرت بلالؓ ٿي سگهي پيو پر ممدوح نه.

(2)             ٻنهي راين ۾ شخصيتن (حضرت بلالؓ ۽ برمڪي) جو ته فرق آهي پر ترجمي ۾ ڪوبه فرق نه آهي. يعني عربي ترجمي ۾ ڪٿان کان به مندره جو لفظ فرق طور ظاهر ڪونه ٿو ٿئي.

(3)             صرف هڪ ڪتاب ’مجمع البحرين‘ ۾ لفظ ’مندره‘ جي بجاءِ ’منظره‘ ڪم آيل آهي. هيءُ به سوچڻ جو نُڪتو آهي.

(4)             هيستائين اسان کي صرف ٻن ڪتابن ۾ ’برمڪين‘ جو حوالو مليو آهي، جڏهن ته حضرت بلالؓ سان منسوب روايتن جو تعداد ڪثير آهي، جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب موجب حضرت بلالؓ جي مزار تي هن شعر جو لکيل هجڻ ۽ نزهـﺔ الجليس جو ويجهي دور ۾ هجڻ وارين ڳالهين تي اعتبار به ڪريون، پر هاڻي ’نزهـﺔ الجليس‘ کان ٻه صديون اڳ جا ٻه ڪتاب ’مجمع البحرين‘ ۽’الڪشڪول‘ جا حوالا ٻه صديون اڳ جا به مليا آهن، اُهي نزهـﺔ الجليس واري روايت کي تقويت ڏين ٿا. ساڳئي وقت اها ڳالهه سوچڻ تي به مجبور ڪن ٿا ته هنن ٻنهي ڪتابن کان اڳ جا حوالا به ضرور آهن، تڏهن ته هنن ڪتابن ۾ ذڪر ٿيو آهي.

(5)              اڃان به هڪ خاص ڳالهه ته ٽنهي ڪتابن ۾ يعني نزهـﺔ الجليس، مجمع البحرين ۽ الڪشڪول ۾ روايت جي لفظن جي هڪ جهڙائي به ان طرف ڌيان ڇڪائي ٿي ته هيءُ روايت اڃان به مٿان ڪنهن قديم ذريعي سان اچي ٿي.

(6)             هن ڳالهه جي وڌيڪ وِهڃاء طور اسين انٽرنيٽ جو ذريعو استعمال ڪريون ٿا ته مختلف عالمن جون تقريرون ۽ مضمون، اخبار الاتحاد ۾ آيل هڪ ڪالم جنهن جو ذڪر هن مضمون ۾ ٿي چڪو) اُهي سڀ هڪ ئي روايت آڻين ٿا جيڪا حضرت بلالؓ جي سلسلي ۾ آهي.

(7)             هن تجزيي ۾ حضرت حسان بن ثابتؓ جي ذڪر کي به گهٽ آندو ويو آهي. اها ڳالهه ڪافي نه آهي ته سندن ديوان ۾ هيءُ شعر نه آهي، ان ڪري اهو سندن نه آهي. برمڪين واري ذڪر ۾ ته اهو به گمان آندو ويو آهي ته هيءُ بيت ڪنهن قصيدي جو شعر آهي ۽ باقي قصيدو نه ملي سگهيو آهي. پر حضرت بلالؓ جي ذڪر ۾ اهو ٻن سٽن جو ئي شعر آهي. ڇاڪاڻ ته هيءُ هڪ مختصر واقعاتي شعر آهي جنهن جو ديوان ۾ اچڻ ته بلڪل ضروري نه آهي، البته حضرت بلالؓ يا حضرت حسان بن ثابتؓ جي سوانح ۾ اچڻ گهرجي ها. حالانڪ سوانح ۾ نه اچڻ به واقعي جو رد نه آهي.

(8)             هڪ اهم ڳالهه جيڪا ذهن تي اچي ٿي ۽ سوچڻ تي مجبور به ڪري ٿي ته حضور پاڪ ﷺ جن جي شان ۾ چيل هيءُ شعر جيڪو حضرت بلالؓ ۽ حضرت حسان بن ثابتؓ جهڙن جليل القدر صحابين جي حوالي سان من گهڙت ڪهاڻي ڪيئن ٿي ٿِي سگهي ۽ اهڙي ڪهاڻي گهڙيندڙ به ڪير ۽ ان جو فائدو ڪنهن کي ۽ نقصان ڪنهن کي.

(9)             ساڳي وقت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ۽ ٻين محققن هن بيت جي فني لوازمات تي به ويچاريو آهي، انهيءَ لحاظ کان مخدوم صاحب موجب ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب واري پڙهڻي وڌيڪ درست آهي.

(10)         عربي خواه فارسي ڪتابن ۾ هن بيت جون ٻه روايتون هجڻ تي بحث ئي نه آهي، اهو بحث صرف سنڌي ادب ۾ ٿيو آهي.

(11)           مشهور مبلغ، دمشق- شام جو رهندڙ ڊاڪٽر محمود ناصرالحوت صاحب جنهن جي پيدائش 1956ع ۾ آهي، جامع الازهر مان پڙهيو آهي، پاڻ مختلف موضوعن تي ليڪچر ڏيندڙ آهي جيڪي سندس نالي جي آءِ.ڊي سان ’نيٽ‘ تي موجود آهن، اسان سندس هڪ ليڪچر مان حوالو ڏنو آهي. ساڻس رابطي جي به ڪوشش ڪئي آهي جنهن ۾ اڃان ڪاميابي نه ٿي آهي.

حوالا:

(1)      سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي، 1990ع.

(2)     سنڌي صورتخطي جو تحقيقي جائزو، (ديوان گل جي روشنيءَ ۾) صفحه 52-57، محقق: عبدالغفار سومرو، سنڌي ادبي بورڊ،

(3)     ديوان گل ۽ سنڌي صورتخطي جو تحقيقي جائزو، صفحه، 32، محقق: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ڊاڪٽر اين.اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ڄام شورو، ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ، 2022ع.

(4)     ٽماهي مهراڻ، جلد 8، صفحو 221-220، 1959ع، سنڌي ادبي بورڊ، هن سميلن جي رپورٽ محترم موهن ڪلپنا لکي آهي ۽ سميلن ۾ آندل ديوناگري لِپيءَ جي حمايت واري رٿ ۽ ان جي رد جو ذڪر ڪيو آهي.

(5)      (الف) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو مضمون- ٽماهي مهراڻ، جلد 8، صفحه 151، 1959ع، سنڌي ادبي بورڊ.

(ب) ڪتاب ’روضـة العقلا و نزهـة الفضلاء‘ مطبع (کردستان العلميـة) مصر، سن 1328هه، صفحو 215) ۽ مطبع مصطفيٰ البابي الحلمي، مصر 1374هه/1955ع، ص 214، مصنف: ابوحاتم محمد بن حِبان البستي متوفي (354هه).

(6)     (الف) سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي، 1990ع.

(ب) مجمل التواريخ القِصص، مولف: ملڪ الشعرا، بهار (فارسي) صفحه 321.

(7)     مضمون ۽ مقالا، علامه عمر بن محمد دائودپوٽو، صفحه 13-14، سهيڙيندڙ: خانم خديجه دائودپوٽو، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڪميٽي، حيدرآباد- ڀٽ شاهه، 1978ع.

(8)     سنڌي ادب (اردو)، 1952ع، پير حسام الدين راشدي.

(9)     ڪائو ڪمايوم، مصنف: معمور يوسفاڻي، مرتب: ڊاڪٽر اسد جمال پلي، مهراڻ اڪيڊمي، 2005ع.

(10) اُٺا پَٽ پراڻ جا، مير اصغر حسين ٽالپر، صفحه 2-3، صائم اڪيڊمي، ٽنڊو جان محمد.

(11)  سنڌي ادب جي تاريخ، (جلد پهريون)، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، صفحه 25-26، 2004ع، سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو ڪتاب نمبر 84.

(12) ايضاً، صفحه 25

(13) سنڌي شاعري جو سفر، تحقيقي ۽ چونڊ: ذوالفقار سيال. ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر مشتاق ڦل، سيڪريٽري جنرل، سنڌي ادبي سنگت سنڌ.

(14) (الف) ڪافي، صفحه 145، مصنف: مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘  بزم طالب الموليٰ- شاخ هالا سنڌ، 1962ع، (ب) نزهـﺔ الجليس، صفحه 543، مولف: جو مڪمل نالو السيد العباس بن علي بن نورالدين المڪي، الحسيني، الموسوي آهي.

(15)  ڪافي، صفحه 60-61.

(16) مضمون ۽ مقالا، علامه عمر بن محمد دائودپوٽو، صفحه 14، سهيڙيندڙ: خانم خديجه دائودپوٽو، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڪميٽي، حيدرآباد- ڀٽ شاهه، 1978ع.

(17) ڪافي، صفحه 61.

(18) سنڌي ادب جو تاريخي جائزو، صفحه 25، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، (سنواريل ۽ وڌايل ڇاپو) روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2013ع.

(19) ايضاً، صفحه 26

(20)نئي قدرين- (ماهوار) سنڌي ادب نمبر، شمارو 5-6، جلد 27، 1973ع، ڪافي صفحه 145، مدير: اختر انصاري اڪبرآبادي، محترم غلام رباني آگري جو مضمون سنڌي زبان ۽ ادب، صفحه 88.

(21) ڪافي، صفحه 145.

(22)ڪافي، صفحه 145.

(23)الڪشڪول، (عربي) بهاءالدين بن حسين الحارثي، المعروف بالشيخ بهائي بهاءالدين العاملي.

(24)هن فارم جو ذڪر ڪافي ڪتاب ۾ صفحه 61 تي آهي ان جو فوٽو 60-61 جي وچ ۾ آهي، ترجمو محترم مولوي عبدالقيوم پلي صاحب ڪيو آهي.

(25) مجمع البحرين (عربي) مصنف: فخرالدين الطريحي، جلد 5، صفحه 325.

(26)الاتحاد- روزانه، عربي، امارة، (قائم ٿيل 20 آڪٽوبر 1969ع) ناصرالظاهري جو مضمون.

(27)Face Book، ’محبي فضيلـة الشيخ الدڪتور محمود الحوت سندن هي تقرير مورخه 29- سيپٽمبر 2020ع تي اپلوڊ ٿي آهي.

(28)Google، خادم رضوي، جمع جو خطبو 28- جون 2019ع، تي تحريري طور اپلوڊ آهي.

(29)مير آغا، Google، مير آغا جي هيءُ تحريري تقرير آچر 16- اپريل 2017ع تي اپلوڊ ٿي آهي.

وضاحتون:

(الف) حضرت بلالؓ

        حضرت بلالؓ بن رباح حبشي نسل جو هو، سندس اسلام قبول ڪرڻ وارين حالتن تي گهڻو مواد موجود آهي، پاڻ جليل القدر اصحابي ۽ موذنِ رسول هئا. سندن وفات 20هه ۾ ٿي. حضرت بلالؓ شاعر پڻ هئا. سندس دور جي حبشي زبان جي ڪهڙي شڪل ۾ هئي، ان دور جي حبشي زبان جي لکتن جو مطالعو اسان کي هن بيت بابت ڪنهن آخري فيصلي ڪرڻ ۾ گهڻي رهنمائي ڪري سگهي ٿو.

(ب) حضرت حسان بن ثابتؓ

        سندن ولادت 563ع جي لڳ ڀڳ مديني پاڪ ۾ ٿي ۽ وفات 674ع (مطابق 54هه) ۾ ٿي،. پاڻ اندازي طور 60 سال دورِ جاهليت ۾ ۽ 60 سال اسلام ۾ گذاريائون، کين ’شاعرِ رسول‘ جو خطاب نصيب ٿيو. ’نعت‘ جي صنف ۾ سندن ڪو هم پلئه شاعر نه آهي. سندن تعلق ’خزرج‘ قبيلي جي شاخ ’بنونجار‘ سان هو، سندن هڪ گهر واري جو نالو ’سيرين‘ هو، جيڪا اُم المؤمنين حضرت ’ماريه قبطيهؓ‘ جي ڀيڻ هئي. حضرت حسانؓ جي ڀيڻ خوله بنت ثابت به شاعره هئي. سندن فرزند عبدالرحمٰن بن ثابت ۽ پوٽو سعيد بن عبدالرحمٰن پڻ شاعر هئا، حضرت حسانؓ جون ٻه ڌيئرون به شاعرائون هيو، سندن ڀاءُ زيد بن ثابت ڪاتبِ وحي هو، (ڪتاب حضرت حسانؓ بن ثابت، مرتب: پروفيسر مدد علي قادري، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.

(ج) برمڪي

        برمڪي خاندان لاءِ مختلف تاريخدانن جا مختلف نظريا آهن، هي ڪهڙي نسل جا هئا، ڪڏهن مسلمان ٿيا. عباسي خليفن جي درٻار ۾ پهچڻ کان اڳ سندن ڪهڙيون ڪارگذاريون هيون. خليفي هارون الرشيد جي دور ۾ وزارتون (يحيٰ، خالد، فضل، جعفر) ماڻيائون. بعد ۾ هارون الرشيد جي دور (170هه-193هه) ۾ ئي سندس مڪمل خاتمو ٿيو ۽ سندن انجام ۽ اختتام جي اسبابن تي به هارون الرشيد پابندي هنئي، هن سڄي داستان کي سمجهڻ لاءِ اسان کي علامه سليمان ندوي جي ڪتاب ’عرب و هند ڪي تعلقات‘ جو مطالعو ڪرڻ گهرجي، هيءُ ڪتاب سنڌي ۾ پڻ محترم رسول بخش تميمي صاحب ترجمو ڪيو آهي.

(د)

        اها ڳالهه به بعيد از امڪان نه آهي، ته ڪي اهم حوالا اسان کان رهجي ويا هجن يا نظر نه آيا هجن. ان سلسلي ۾ اگر ڪوبه محقق مهربان رهنمائي ڪندو ته اسين سندس احسانمند رهنداسين.

(هه)

هن شعر جي سلسلي ۾ هڪ ڳالهه اِها به ذهن ۾ اچي ٿي ته هيءُ شعر حضرت بلالؓ جي زبان مبارڪ مان ادا ٿيڻ بعد ۽ عربي ترجمي بعد ايترو مقبول عام ٿيو هجي جو ان کي موقعي مهل جي حساب سان ضرب المثل طور پيش ڪيو ويو هجي، ۽ انهيءَ ئي طريقي سان جڏهن هڪ سنڌ جي شاعر ان کي برمڪي وزير وٽ پڙهيو هجي ۽ هنذيل (753ع/135هه-850ع/235هه) هن شعر جي اصل حقيقت کان واقف نه هجي ۽ ائين سندس روايت ان سنڌي شخص ڏانهن  منسوب ٿي ويئي هجي، پوءِ مجمول تواريخ واري انعام ۽ ترجمان جي تبديلين سان خود وزير جي نالي جي تبديلي سان اِها روايت آندي هجي، ڇاڪاڻ ته روايت جي اندروني مواد جي تبديلي سان پڻ اهڙائي گمان گذرن ٿا.

 (و)

هنن ٻن حوالن (حبان البستي ۽ ملڪ الشعرا بهار) کان علاوه ٻيو ڪوبه حوالو اڃان منظر تي نه آيو آهي، عين ممڪن آهي ته ٻين سڀني محققن وٽ يا ته هنن ٻنهي ڪتابن جو حوالو نه آهي يا برمڪين جي حوالي کي غير اهم سمجهي ورجايو نه ويو آهي، يا متضاد نه ٺاهيو ويو آهي.

اظهار تشڪر:

        هن مضمون جي تياريءَ ۾ مولانا محمد ادريس السندي سومرو ۽ مولانا محمد اشرف ولد مولوي عبدالله سمون (سال وارو) منهنجا ابتدائي مددگار رهيا. اهڙيءَ طرح مولانا عبدالقيوم پلي صاحب جا گهڻا احسان جنهن عربي ترجمن ۽ حوالن ۾ منهنجي خاص مدد ڪئي. سندس تعاون سان ئي آئون هيءُ مضمون مڪمل ڪري سگهيو آهيان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org