عبدالقادر کوسو
نوشهروفيروز
حيدرآباد شهر
حيدرآباد جو شهر، جيڪو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سندس
اهو نالو رکيو. سنڌ جي سڀ کان آڳاٽي تاريخ ’فتح
نامه سنڌ عرف چچ نامه‘ ۾ هِن بستيءَ جو نالو
’نيرون ڪوٽ‘ لکيل آهي. اهو قلعو ڇهين صدي عيسويءَ
ڌاري راءِ گهراڻي جي حڪومت ۾ برهمڻ آباد جي گورنر
جي هٿ هيٺ هو. ستين صدي عيسويءَ جي آخر ڌاري راجا
ڏاهر جي طرفان هن قلعي جو حڪمران ٻُڌ ڌرم جو هڪ
’شمني‘ يا ڀڪشُو هو. هن شهر جو ٻاروتڻ سنڌ جي
اسلامي تاريخ جي اوائلي دؤر ۾ درويشن جي دُعائن
سان ۽ انهن جي ڇانون هيٺ گذريو، جنهن جي بخت کي
درياءَ بادشاهه پنهنجي وهڪري جي هندورن ۾ لوڏيو.
هِن شَهَرَ جي بَلُوغت ۽ نئين جوانيءَ جي سر زمين
’سنڌ جي آزاد حڪمرانن‘ پرورش ڪئي: هِن شهر جي
اخلاق ۽ اطوار جي تربيت نيڪ خصلت سردارن ۽ راڄن جي
چڱن مڙسن ڪئي. هِن شهر جي شعور ۽ هنر کي هتي جي
عالمن، اديبن، شاعرن ۽ هنرمند ڪاريگرن فروغ ڏنو.
هِن شهر جي سوانح جا ڪي باب بيان ڪرڻ منهنجي هِن
مقالي جو مقصد آهن.
فتح نامه سنڌ عرف چچ نامه ۾ لکيل آهي ته قلعي جي
فوجي اهميت سان راجا ڏاهر جو پٽ ’جَيسينه‘ پڻ وقت
به وقت هتي اچي رهيو. نيرون قلعو خاص طرح ٻُڌ ڌرم
جي پوئلڳن جي بَستِي هئي ۽ اُتي جو حاڪم جنهن جو
نالو فتح نامه سنڌ عرف چچ نامي ۾ اسان کي
’لهندرڪو‘ جي صورت ۾ لکيل ملي ٿو، سو اصل ۾ غالباً
’ڀنڊرکيو‘ ’يا ٻُڌ رکيو‘ هوندو. هن حاڪم عراق جي
گورنر ’حجاج‘ سان لکپڙهه ڪري دوستيءَ جا ناتا قائم
ڪيا هئا.
نيرون جو قلعو ديبل کان ’منصوره‘ واري شاهي رستي
جي وچ ڌاري واقع آهي، پر البت منصوره کي ويجهو
آهي. اِها تاريخي ڳالهه ڏهين صدي هجريءَ ۾ عرب
سَياحن اصطخري، ابن حوقل ۽ مقدسي سنڌو ماٿريءَ ۾
پنهنجي سَياحت ڪندي لکي آهي. ارغونن ۽ ترخانن جي
دؤر ۾ ’نيرون ڪوٽ‘ جو درجو هڪ ضلعي مثال علائقو هو
جيڪو ٺٽي واري تخت گاهه شهر جي تابع هو. مرزا غازي
بيگ اڪبر بادشاهه جي ڏينهن ۾ نواب هو ۽ اُن وقت
’نيرون ڪوٽ‘ جي انتظامي صورت اِها ئي هُئي،
شنهشاهه جهانگير جي ڏينهن ۾ شهزادي خورم (شاهه
جهان) ڀڄي اچي سنڌ ۾ پناهه ورتي هئي، انهيءَ ڪري
جڏهن هُو ’شاهه جهان‘ جي خطاب سان بادشاهه ٿيو
تڏهن سنڌ کي ڪِينَ وساريائين. ٺٽي ۾ جامع مسجد کان
سواءِ سيوهڻ ۾ قلندر شهباز توڙي ڇُٽي امراڻيءَ جي
مزارن لڳ شاهه جهان جي نوابن مسجدون ٺهرايون.
ساڳيءَ طرح شاهه جهان جي عَهد ۾ ٺٽي جي نوابن
’درگاهه سيد محمد مڪي‘ ڏانهن به توجهه ڪيو ۽ فرحان
جاري ڪري مخدومن جا پاڻ ۾ اختلاف حل ڪيائون.
شاهجهان جي عهد ۾ انهيءَ قسم جو پهريون فرمان سنه
1038 عيسويءَ ۾ صادر ٿيو ٻيو فرمان نواب ابوالبقا
اميرخان طرفان 14 شعبان 1052 هجري ۾ جاري ٿيو ۽
ٽيون فرمان نواب محمد رضا طرفان 1061 هجريءَ ۾
جاري ٿيو. انهن فرمانن کانسواءِ ٻيا فرمان به جاري
ٿيندا رهيا. انهن فرمانن مان معلوم ٿئي ٿو ته
سترهين صدي عيسويءَ ۾ مغليه سلطنت واري دؤر ۾
نيرون ڪوٽ جي آبادي قائم هئي. 18 صدي عيسويءَ ۾
جڏهن مغليه سلطنت جو تسلط ختم ٿيو ۽ سنڌ ۾ ڪلهوڙن
پنهنجي آزاد حڪومت جو پايو وڌو. انهن ڪلهوڙن
پنهنجي آزاد حڪومت جو پايو وڌو. انهن ڪلهوڙن
بادشاهن ۾ ميان نصير محمد ڳاڙهي واري جيڪا ميان
وال تحريڪ مضبوط ۽ محڪم ڪئي انهيءَ جو مثال سمجهڻ
لاءِ ڪلهوڙا حاڪمن بابت مولانا غلام رسول مهر جو
ڪتاب ڪلهوڙا دور جي تاريخ ڀاڱو پهريون ۽ ٻيون پڙهڻ
سان اها خبر پوي ٿي ته ميان نصير محمد ڳاڙهي واري
سنڌ ملتان تائين مغلن کان ڇڏائي ۽ 20 سال سنڌ ۾
خود مختيار حڪومت قائم ڪيائين.
سنڌ ۾ جڏهن ڪلهوڙن پنهنجي آزاد حڪومت قائم ڪئي ته
نيرون ڪوٽ جو سُتل بخت بيدار ٿيو. ڪلهوڙن کي تخت
گاهه جي تلاش هئي ته ان وقت سنڌوندي وڏي جاهه
وَجلال سان سنڌ کي ٻوڙي رهي هئي.
ڪلهوڙا فقيريءَ مان اميريءَ کي رَسيا، هنن جي
موروثي ڪابه سڪونت ڪانه هئي. ميان يار محمد ڪلهوڙي
پنهنجو تختگاهه موجوده ضلعي دادو جي هيٺئين ڀاڱي ۾
پنوهرن جي ملڪ تي قبضو ڪيو ۽ هُن جي فوج ڏنڊا
بردار هئي. انهيءَ ’خدا آباد‘ واري تخت گاهه جا
نشان اڄ به سندس خدا آباد وارو روضو ۽ خدا آباد
واري مسجد سيوهڻ کان دادوءَ ڏانهن ويندي موجود
آهن.
صفحي 444 تي ڪتاب تحفةالڪرام ۾ ميرعلي شيرقانع رقم
طراز آهي ته ’نيرون ڪوٽ‘ جو هن ملڪ جو مشهور ۽
جهونو قلعو آهي سو گهڻي وقت کان ڊهي ويو هو ۽ سندس
حيثيت وڃي هڪ ڳوٺڙي جيتري بيٺي هئي. سنه 1182
هجريءَ ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي هِن جاءِ کي
پنهنجي خاص رهڻ لاءِ پسند فرمائي. مضبوط قلعي ۽
شاندار شهر جو بنياد رکيو. وڌيڪ لکي ٿو ته (قلعي
ٺهڻ وقت) ڪِن انساني لاشن نڪرڻ وقت ماڻهن کي
عجائبات نظر آيا. هِتي سُتلن ڪيترن برزگن جن کي
فوت ٿئي سوين سال گذري ويا هئا تن جا لاشا بلڪل
صحيح سلامت نڪتا. وڌيڪ لکي ٿو ته قلعو 1182هجريءَ
۾ جُڙي راس ٿيو. مير علي شير قانع لکي ٿو ته قلعي
جو ڪم ذوالقعد مهيني سنه 1182هجريءَ ۾ شروع ٿيو ۽
ذوالحج مهيني ۾ ميان غلام شاهه اچي هتي رهيو. قانع
ٺٽويءَ جي هن معتبر بيان موجب ظاهر آهي ته وڏيءَ
همت ۽ محنت سان ڪم ٿيو هوندو جو ٽن مهينن ۾ هيءُ
عاليشان قلعو ٺهي راس ٿيو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ حيدرآباد شهر بابت تحقيق
ڪندي لکي ٿو ته اِهو قلعو ٻن مهينن جي اندر جُڙي
راس ٿيڻ ثابت ڪري ٿو ته ” ان وقت جي حڪومت جي حُسن
انتظام ۽ آفيسرن جي اِها همت هئي جو اِهو قلعو ٻن
مهينن جي اندر جُڙي راس ٿيو.
غور ڪيو وڃي ته باوجود وسائل، پئسي، وڏي سرڪاري
عملي ۽ ڌار ڌار کاتن جي جيڪر هن وقت حڪومت طرفان
اهڙي قلعي جي تعمير منظور ڪرائي وڃي ته ڇا؟ اهڙو
قلعو ٻن مهينن اندر ٺهي سگهندو؟ اهو هڪ اهم سوال
آهي؟ اِن کانسواءِ جيڪڏهن ٺهي راس ٿئي ته ڪيترو
وقت جٽاءُ ڪري سگهندو؟ انهن سوالن جا جواب صرف ئي
صرف ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجين لِکڻين ۾ ڏنا آهن.
ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو اهو تاريخي قلعو ان ڪري ٿوري
وقت اندر جُڙي راس ٿيو ”جو اُن وقت حاڪم کان وٺي
مزدُور تائين سڀني سَچائِيءَ ۽ ايمانداريءَ سان ڪم
ڪيو ۽ خود قلعي ۽ شهر بنجڻ وارو سال سنه 1182
هجريءَ هِن قرآني آيت مان نڪتو ته:
ترجمون: ”يعني ته اي ڌڻي! هِن شهر کي اَمُن وارو
ڪر.“ (سُورة البقرة، آيت 126)
اهوئي ماده تاريخ سَنگمرمَر جي تعويذ تي ’ڪَند‘
ڪرايو ويو، لفظ ڪَند فارسي ٻوليءَ جو آهي. ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ جي هڪ جُلدي سنڌي ٻوليءَ جي لُغت
۾ صفحه نمبر 503 تي انهيءَ لفظ جي معنيٰ بلوچ صاحب
هيٺينءَ ريت لکي آهي ڪَنده ص (ف) کوٽيل- اُڪريل
(پٿر يا ڪاٺ تي) هاڻي ظاهر آهي ته ميان غلام شاهه
ڪلهوڙي اِهو قلعو ٺهڻ وقت سَنگ بنياد رکڻ مهل
دروازي مٿان اِها اُڪر ’سنگمرمر‘ جي پٿر تي ڪرائي
۽ هيٺيان انهيءَ تعويذ تي قلعي جي بناء بابت هي
الفاظ لکيل آهن، با مر عالي مظهر ولايت ميان غلام
شاهه خان عباسي بن ميان نور محمد بن ميان يار محمد
بن ميان نصير محمد عباسي بنا يافت.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن شهر بابت وڌيڪ رقم طراز آهي ته
هيءُ نئون قلعو واقعي قديم نيرون ڪوٽ واريءَ
ايراضيءَ تي ٻڌو ويو ۽ بنياد کوٽڻ وقت هتان اڳوڻي
وقت جا لاشا نڪتا. سامهون جيڪو شهر ٻڌايو ويو ان
بابت موجوده روايتن مان ايترو معلوم ٿئي ٿو ته شهر
جي اها پکيڙ اتر طرفان قلعي ۽
في الوقت شاهي بازار کان اوڀر طرف طاهر بازار جي
لڳ ڀڳ هُئي. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي وقت ۾ هِن
نئين شهر ۾ جيڪي ماڻهو اچي ويٺا تن ۾ هڪڙا
’ناهيان‘ هئا. ناهيان سڀ فوج جا ماڻهو هئا ۽ ٻيا
هئا توبن جا ’گوله انداز‘ جن کي پوءِ ’گل انداز‘
ڪوٺيو ويو. چون ٿا ته ’گوله اندازن‘ جو وڏو شهباز
خان هو، جيڪو قنڌار مان آيو هو. ڪي ڪاسي يا ڪاريگر
۽ دڪاندار ۽ واپاري به ضرور شهر ۾ آباد ڪيا ويا،
پر انهن بابت ڪوبه احوال ملي نه ٿو سگهي. ’ديوان
گِدُومَل‘ جيئن خدا آباد مان ٻيڙين ۾ چڙهيو ته
ٻيڙيون اچي حيدرآباد جي اولهه طرف بلڪل حيدرآباد
جي سامهون بيٺيون. گِدُومَل اُتي ئي سُڪونت اختيار
ڪئي ۽ اهڙيءَ طرح ’گِدُو بندر‘ ۾ ’گِدُوءَ جي
ٽنڊي‘ جو بنياد پيو. سنه 1185ع ۾ ميان غلام شاهه
’حضرت سَيد محمد مَڪيءَ‘ جي مزار جي حفاظت لاءِ
ڪچو قلعو ٺهرايو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، جيڪو
حيدرآباد جو قلعو ٺهرايو ان جي پکيڙ طرف وائيز هيٺ
لکجي ٿي.
مٿي لکيو اٿم ته ميان غلام شاهه جي وزير گدومل
حيدرآباد جي اولهه طرف سُڪونت اختيار ڪئي، اُتي
گدوءَ جي ٽنڊي جو بنياد رکيائين. سيد محمد مَڪيءَ
جي مزار جي اُتر طرف گهڻي ايراضيءَ ۾ پکيڙ کي
وڌايو، اُن اتر واري ڀاڱي جو دروازو اڀرندي طرفان
جدا قائم ڪيو ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته انهيءَ
طرف جا بُرج ڏيکارين ٿا ته غالباً ميان غلام شاهه
هتي پنهنجا فوجي دستار کيا. انهيءَ لاءِ ته جيڪڏهن
ڏکڻ طرفان ڪو حملو ٿئي ته اِها فوجي چؤڪي سڀ کان
پهريان دفاع ڪري. ٽڪريءَ اُترئين مُنڍي (في الوقت)
حيدرآباد سينٽر جيل کان اتر- اولهه طرف ميان صاحب
پنهنجي مقبري جي جاءِ ’مُنتخب‘ ڪئي ۽ ان جي بچاءَ
لاءِ چؤڌاري ڪچو قلعو ٺهرايو. ان قلعي جي دروازي
وارا بُرج ڏيکارين ٿا ته اُتي به انهيءَ اتر واري
پاسي جي چؤڪسيءَ لاءِ فوجي چؤڪي قائم ڪئي. ڊاڪٽر
بلوچ صاحب جي راءِ مطابق ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي
وقت ۾ حيدرآباد جي غالباً اِها ئي پکيڙ هُئي.
قلعي جي تڪميل کانپوءِ چوٿين سال سنه 1186 هجريءَ
۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سنڌ جي حاڪم وفات ڪئي ۽
دارالبقا ۾ وڃي آرامي ٿيو. سنڌ جو هي حاڪم ڪردار ۾
باهمت ۽ نيڪ بادشاهه هو، ڪنهن چيو ته ’ميان خُفـﺔ‘
يعني ميان آرامي ٿيو. اُن ئي فُقري مان ابجد جي
حساب موجب ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي وفات سنه 1186
هجري نڪتو. هِن حاڪم کي شهر جي اتر ۾ تيار ڪرايل
ڪچي قلعي اندر دفن ڪيو ويو. سندس پٽ ميان سرفراز
سندس مزار جي مٿان روضو ٺهرايو، جيڪو فَن عمارت
سازيءَ جي لحاظ سان هڪ خاص اهميت رکي ٿو. روضي جي
اندر ڏاکڻي ديوار ۾ محراب مثل دروازي جي مٿان
تاريخ وفات بابت ميان سرفراز جا پيل فارسيءَ جا
اشعار سُهڻي خط ۾ لکيل آهن، جن جي آخري مصرع ’جنات
فِيها خالدا‘ مان هِن نيڪ ڪردار حاڪم جو سال وفات
سنه 1186 هجري نڪري ٿو. سنه 1198 هجري مطابق 1783
عيسويءَ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت ختم ٿي ۽ ٽالپرن جو دؤر
شروع ٿيو. شروع ۾ ٽالپرن جو تخت گاهه به ’خدا
آباد‘ رهيو. ميان غلام شاهه حيدرآباد جو بخت بيدار
ڪري ويو، پر اُن جي بُلند اقبال جو سِتارو حقيقي
معنيٰ ۾ تڏهن روشن ٿيو، جڏهن ٽالپرن جو حاڪم فاتح
سنڌ مير فتح علي خان سنه 1779ع ۾ خدا آباد کي
هميشه لاءِ ڇڏي حيدرآباد کي تخت ۽ طاقت جو مرڪز
بنايو. هِن ٽالپرن جي حاڪم سڀ کان پهريان شهر جي
سِٽاءَ ۽ آباديءَ طرف ڌيان ڏنو. ڪلهوڙن جي تخت
گاهه خداآباد ۾ جيئن وچان سِڌِي بازار هئي تيئن
مير فتح علي خان قلعي جي دروازي سامهون سِڌي بازار
قائم ڪئي.
جيئن ته اڳين آبادي انهيءَ شاهي بازار جي مُنڍ کان
اوڀر- اتر طرف هئي ۽ اها سڄي مسلم آبادي هئي
انهيءَ ڪري شاهي بازار جي اوڀر طرف مسلمانن کي
آباد ڪيائين. شاهي بازار جي اولهه طرف قلعي جي
سامهون غالباً اڳ به ڪجهه مسلمان آبادي هئي، جا
هاڻي اڳتي ’جمُن شاهه جي پِڙ‘ تائين وڌي. ڊاڪٽر
بلوچ صاحب مير فتح علي خان جي آباد ڪيل حيدرآباد
جي آباديءَ بابت وڌيڪ رقم طراز آهي ته ’جمن شاهه
جي پڙتائين‘ مسلمان آباد ڪيائين. البته انهيءَ ٽڪر
۾ ديوان گِدُومل ۽ سندس ڪُٽنب کي جي گدو بندر مان
لڏي آيا ’ميرمحمد خان جي پڙ‘ جي ڀرسان اُڀرندي طرف
جاءِ ڏنائين، گدواڻي گهٽي اِنهيءَ ڪٽنب جي اصلي
جاين جو يادگار آهي. مير فتح علي خان ٽالپر گهڻو
ڌيان ڪاريگرن ۽ ڪاسبين جي آباديءَ تي ڏنو، انهيءَ
لاءِ ته هنر جي ترقي ٿئي ۽ ڪارخانن ذريعي شهر
شاهوڪار ٿئي. مير فتح علي خان ٽالپر واڍا ۽ رازا
خداآباد مان گهرائي انهن خدا آبادي مان گهُرايل
رازن کي ’کاهي روڊ‘ واري زمين تي آباد ڪيو. مير
صاحب فوجي ضرورت لاءِ ’تيورا قوم‘ جا ماڻهو جيڪي
ترارون صاف ڪندا هئا. رَتناڻِي جيڪي خيمه ٺاهيندڙ
يا تنبو ٺاهيندڙ هئا. نال بند ۽ نوبتون نغارا
ٺاهيندڙ بزگر آڻي حيدرآباد ۾ ويهاريا.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب مير فتح علي خان ٽالپر جي شهر
آباد ڪرڻ بابت رَقمطراز آهي ته ’گوله انداز‘ جيڪي
ڪلهوڙن بادشاهن جا ماڻهو هئا تن کي پهريائين شڪ جي
نگاهه سان ڏٺو ويو، جنهن ڪري شهباز خان رُوپوش
رهيو (۽ چون ٿا ته هِن وفات به اتر سنڌ ۾ ڪئي ۽
کيس آدم شاهه جي ٽڪريءَ (سکر) تي دفن ڪيو ويو. چون
ٿا گوله اندازن جو وڏو شهبازخان هو.
پوءِ ميرفتح علي خان گوله اندازن جي
دل جُوئي ڪئي ۽ انهن کي خداآباد مان آڻي حيدرآباد
۾ آباد ڪيو. بندوقون ۽ هٿيار ٺاهيندڙ مِستري،
لوهار توڙي ’خاطوبند‘ ڪاريگر جيڪي هٿيارن جي ڳنن
توڙي عاج ۽ ڪاٺ جي سامان تي جڙاوت جو ڪم ڪندا هئا،
انهن کي آڻي حيدرآباد شهر ۾ آباد ڪيو.
’ڀائي خان‘ جنهن جي نالي چاڙهي سڏجي ٿي اِهو ترارن
ٺاهڻ جو ڪاريگر هو.
مير فتح علي خان حيدرآباد شهر ۾ سڀني طبقن جي
ماڻهن کي اچي آباد ڪيو.
حيدرآباد جو شهر ڪاسبين، ڪاريگرن ۽ ڪارخانن جو
مرڪز بنجي ويو. ڪوري – کٽي- کُهنباٽي- رنگريز- زري
دوز- پاٽولي- زرگر (سونارا) وينجهر- چوڙيگر- ڦڻي
گر- سراز- ڪمانگر- نقاش- لوهار ٺاٺارا ۽ ڪامائي
شهر ۾ ويهاريا.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي راءِ مطابق مٿين سڀني
طبقن مان تعلق رکندڙ ماڻهو مير فتح علي خان ٽالپر
حيدرآباد شهر ۾ آباد ڪيا. انهن ماڻهن کانسواءِ
ٽالپر حڪمرانن پنهنجن نوابن، خدمتگارن، آخوندن ۽
طبيبن کي به موزون جايون سندن حويلين، سَرائن ۽
اوطاقتن لاءِ ڏنيون.
شهر جا خاص حصا ٺاهي شاهي بازار جي ٻنهي پاسي
گهٽين پاڙن، پڙن جي نالن پويان شهر آباد ڪيو.
(الف) شاهي بازار جو الهنديون پاسو ڏکڻ کان اُتر:
قلعي جي دروازي اڳيان وڏو بُرج هو جنهن تان سڌو
شاهي بازر تي توڙي اُلهندي ۽ اُڀرندي پاسن طرف نظر
پوندي هئي. انهيءَ بُرج جي اُلهندي طرف ’مير نصير
خان جو پڙ‘ هو. انهيءَ جي ڀرسان جمعدار ڪوڙي
ناريجي جون حويليون هيون، جتي ناريجن واري مسجد
اڃان تائين موجود آهي. هيٺ اولهه طرف ڀائي خان
لوهار جو پاڙو ۽ پڙ هو جنهن تان ڀائي خان جي چاڙهي
نالو پيو. اِنهيءَ چاڙهيءَ مٿان ٺاٺارن جو پاڙو
هو. مٿي ’اصحابيءَ جي قبر‘ لڳ نال بندن جي مسجد ۽
پاڙو هئا. ’ميرمحمد خان جي پڙ‘ کان اُڀرندي پاسي
’ديوان گدومل‘ وارن جا گهر ۽ سرائون هيون ’جُمن
شاهه جي پڙ وٽ‘ زرگو (سونارا) آباد هئا. ساڳيءَ
جاءِ تي کٽين جو پاڙو هو جيڪي مير صاحبن جا ڪپڙا
ڌوئندا هئا. منجهائن آخر ۾ حسين بخش کٽي هو، جو
هزهائينس حاجي نورمحمد خان وارن جا ڪپڙا ڌوئندو
هو. اتان اتر طرف اڳتي پرور شاهه جو پڙ هو، جنهن
جي ڀرسان خاطُو بندن جو پاڙو ۽ خاطو بندن جي گهٽي
هئي، جيڪا چوڙيگرن جي گهٽي پڻ سڏبي هئي. پاڪستان
بعد اِها ريشمي گهٽي پڻ سڏبي هئي ۽ هاڻي به اِها
گهٽي ريشمي گهٽي جي نالي سان مشهور آهي. جمن شاهه
جي پڙ بعد وِينجهرن جو پاڙو هو، جتي مڻيا موتي
وِنڌيندا هئا. ان جي لڳ يتيم شاهه جي مزار هئي جتي
ميرصاحبن طرفان مسجد جوڙائي ويئي. جيڪا مير غلام
عليءَ جي نالي سان مشهور ٿي. ان جي ڀرسان مرزا لطف
عليءَ جو پڙ ۽ ’بوچالي شاهه جو پڙ‘ هو ۽ انهيءَ پڙ
جي نالي پويان ’بوچالي شاهه جي چاڙهي‘ تي نالو
پيو. ’هيٺ وري پکا پير وارو اوتارو‘ هو، جتي بلوچ
سردارن جي وڏي اوطاق هئي. جُمن شاهه جي پڙ کان وٺي
ڇوٽڪي گهٽيءَ تائين ’خدا آبادي هندو ڀائي بند ۽
ڇوٽڪي گهٽيءَ‘ کان وٺي سري گهاٽ تائين خدا آبادي
هندو عامل آباد هئا. هيٺ اُلهندي طرف ڪاساين جو پڙ
۽ احسان علي شاهه جو اوتارو هئا، جتي ٻاهريان قومي
سردار پڻ اچي اوطاقي ٿيندا هئا.
(ب) شاهي بازار جو اُڀرنديون پاسور ڏکڻ کان اُتر
مير فتح علي خان ٽالپر جيڪا حيدرآباد شهر جي بيهڪ
قائم ڪئي ان ۾ قلعي جي سامهون شاهي بازار کان اوڀر
طرف جيڪا گهٽي اتر- اوڀر طرف وڃي ٿي اُها ’طاهر
بازار‘ هئي انهيءَ تي اِهو نالو نواب سِرائي طاهر
خدمتگار جي نالي تان پيو. سرائي طاهر خدمتگار پڻ
قلعي اندر رهندو هو طاهر بازار کان اندر تي اشرف
بخاريءَ جي مزار وارو محلو هو. اُن جي ڀرسان ’لؤنگ
ڀڳت‘ جي گهٽي واري ايراضي هئي. انهيءَ ايراضيءَ ۾
’صيقل گر‘ تيورا رهندا هئا.
انهن ڦڻي گرن جي ڀرسان نهال شاهه جو پڙ هو ان جي
ڀرسان زري دوزن جو محلو هو. ٽالپرن جي حڪومت جي
خاتمي بعد سال 1875ع ۾ هتي هڪ سؤ ڪاريگر هئا. جيڪي
سون ۽ چانديءَ جي زَريءَ جو ڪم ڪندا هئا هنِ پوئين
زماني ۾ اوستو محمد صالح ۽ اوستو عبدالله زري
دوزيءَ جي هنر جا آخري ڪاريگر ٿي گذريا.
زري دوزن لڳ کُهنباٽي گهٽيءَ وٽ گُهنباٽين جو محلو
هو، جيڪي رڱاوت جو ڪم ڪندا هئا. ان جي ڀرسان
’فقيري جوڻيجي خدمتگار‘ جو پڙ هو، جيڪو هن وقت عام
طور فقير جو پڙ سڏجي ٿو. ان جي ڀرسان ميان يونس
وارن جون حويليون هيون. ميان يُونس جي نياڻي مير
محمد نصير خان جي گهر ۾ هئي ۽ جڏهن مير محمد نصير
خان ڪلڪتي ۾ نظربند هو ته مير صاحب سندس گهر واري
ڏانهن ڪلڪتي مان نظربنديءَ واري حالت ۾ خط لکيا.
اُهي خط ادبي لحاظ سان توڙي خانه داري (گهر جو ڪم
ڪار- گهر جو انتظام) جي تعلقات جي نقطئه نظر کان
وڏي اهميت رکن ٿا. ان بعد نواب محمد خان ٽالپر جي
نالي پويان جيڪا چاڙهي يا ’ٺوڙهي چاڙهي‘ سڏجي ٿي.
ان جي ڏکڻ طرفان رتناڻين جو پاڙو هو جي ’خيمه دوز‘
هئا (طنبؤ ٺاهيندڙ) هئا ۽ مير صاحبن جا طَنبوُ
ٺاهيندا هئا.
حيدرآباد شهر بابت رتناڻي پاڙي بابت سندن ڌنڌي
بابت معلوم ٿيو آهي ته اِهي خيمه ٺاهيندا هئا.
انهن خيمه ٺاهيندڙن مان بهادر خان مشهور ٿي گذريو.
انهن جي ڀرسان ڪمانگرن يا نقاشن جو پاڙو هو.
چاڙهيءَ جي اتر ان نواب صاحب جون سَرائون ۽
اوطاقون هُيون، جتي بعد ۾ جناب قاضي امام علي صاحب
مختيارڪار ۽ (مئجٽريٽ) (مئجسٽريٽ) رهڻ لڳا. ان جي
ڀرسان طبيبن جو پاڙو هو، جن مان وڏو حڪيم محمود
انصاري سندس پٽ محمد مُحسن ۽ حڪيم محمد جعفر ٿي
گذريا. ان کان اڳتي گنج بخش جو پڙ هو، جتي پڻ نقاش
رهندا هئا. ان بعد شيراڻي مُلن جو پاڙو ۽ اڳتي
هاشماڻين ۽ حميراڻين جا پاڙا هئا. ان کان بعد
’ناهين جو پڙ‘ هو، جتي ناهيان رهندا هئا. ناهيان
ڪلهوڙن جي ڏينهن کان فوج ۾ هئا. ناهين جي پڙ جي
اولهه ۾ کٽين جو محلو هو ۽ ان جي اولهه ۾ سانول
شاهه جو پڙ مَڇي هَٽ بازار هئي. انهيءَ بازار ۾
ساٽِي اچي مَڇي وڪڻندا هئا ناهين جي پڙ جي اتر ۾
’امير شاهه بخاريءَ‘ جو پڙ هو ۽ (دينوءَ جو پڙ)
هئا.
دِينوُ شيخ نيروٽي هو ۽ سندس اولاد مان ميرن جو
مشهور خفتي شڪاري ’محمد شينهن مار‘ ٿيو. ان بعد
قاضين ساداتن جو پاڙو هو، جن مان مشهور شاعر فاضل
شاهه ٿيو. انهن جي ڀرسان گوله اندوزن/گل اندازن جو
پاڙو هو. پهريون لفظ گوله اندوز آهي ۽ پوءِ ڦري گل
انداز مشهور ٿيو. انهن گل اندازن هن پوئين دؤر ۾
ميان علي بخش ڊرائينگ جو استاد مشهور ٿيو. گل
اندازن جي اُتر ۾ ڪوري رهندا هئا. انهن جي ياد ۾
ڪورين جو پڙ اڃان تائين مشهور آهي. ان جي اتر ۾
واڍن جو پاڙو هو، انهن جي ياد ۾ واڍن جو پڙ مشهور
آهي. واڍن جي پڙ کان اوڀر طرف خير شاهه جو پڙ ۽
اُتر طرف- سخيءَ جو پڙ هو. ان طرف اهو شهر جو دنگ
هو. ڊومڻ واهه طرف فتح فقير جو مشهور اوتارو هو.
ٽئين نمبر تلاءَ طرف سَراز جو محلو هو.
قلعي جي سِرن ٺاهڻ لاءِ اوڀر طرف مٽي ڪڍي ويئي
هُئي ان کڏ کي ڪانگن کاڌِي ڪري سڏيندا هئا.
اهو نالو چون ٿا ان ڪري پيو جو اُتي ڪا ٻاجهري يا
جُوئر جي پوک هئي جيڪا هاريءَ کان زوريءَ ڪانءَ
کائي ويا.
انهيءَ کاهيءَ جي ڪپ تي بلوچ سردارن جون اوطاقون
هونديون هيون. مرڪزي آباديءَ جي چؤطرف نوابن ۽ خاص
ماڻهن جا ٽنڊا هئا. ’جهانيان پوٽه‘ ساداتن مان
(سيد شاهه وِيڌل) بن سيد حامد ڪَبير بن حُسن
جَهانيانؒ جو اصل (شاهپورجهانيان) (تعلقه مورو)
مان بڙودي طرف هليو ويو هو سو مير صاحبن جي پيغام
تي حيدرآباد آيو سندس پُٽ حامد شاهه هِت وفات ڪئي
اُن ڪري هتي (ٽنڊو جهانيان) آباد ڪري هميشه لاءِ
ويهي رهيو. ٽنڊي جهانيان جي اوريان ڏکڻ طرف گدوءَ
واري رستي کان اتر طرف چانگ قوم مان هڪ مرداڻي
عورت (مائي ماهِڻ) جي نالي پويان (مائي ماهڻ جو
ٽنڊو) مشهور آهي. يونيورسٽيءَ جي اولهه طرف (اميدن
ڀرئي) جي مقبري کان وٺي (ڪليڪٽريءَ) تائين
وزيراعظم نواب ولي محمد خان لغاريءَ جو ٽنڊو(ٽنڊو
نواب ولي محمد) هو. انگريزن جي قبضي بعد اِها
آبادي موجوده ٽنڊي ولي محمد واري جاءِ تي منتقل
ڪئي ويئي. هيٺ طرف مير غلام حسين خان ’ٽنڊو غلام
حسين‘ ٻڌو. قلعي ۽ شهر کان اوڀر طرف مير محمود خان
جي (حويلين) ۽ اوطاقن پويان (ٽنڊو مير محبود) قائم
ٿيو. ان جي اتر طرف حڪيم ۽ وزير (آغا اسماعيل
شاهه) ۽ سندس اولاد جي پاڙي جي نالي پويان (ٽنڊو
آغا) ٿيو.
اُتان موجوده ريلوي کان ڏکڻ طرف محمد يوسف خدمتگار
ٽنڊو يوسف ٻڌو. (ٽنڊي ميرمحمود) جي اولهه ۾ طيب
خدمتگار ٽنڊو طيب ٻڌو. نواب محمد خان ٽالپر جي
نالي پويان ڦليليءَ جي اوڀر طرف ٽنڊو ٺوڙهو مشهور
ٿيو. مير شهداد خان جي ماڻهن الهداد چنڊ، سندس ڳوٺ
نسبتاً پوئين دؤر ۾ ٻڌو.
ٽالپرن جي دؤر ۾ حيدرآباد شهر جو اهو خاڪو هو. سنه
1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو. ان قبضي
حيدرآباد شهر جي درو ديوار کي تبديل ڪيو. حيدرآباد
حڪومت جو تخت گاهه نه رهيو. هتان جا ٽالپر حاڪم
قيد ٿي وڃي ڪلڪتي ۾ پهتا. حاڪمن جي وڃڻ کانپوءِ
نواب ۽ خدمتگار پڻ ڌڪارجي ويا. هتان جا عالم ۽
اديب آخوند ۽ طبيب (ڏُتڙَ) وڃي پيا. پُراڻي آبادي
مان فقط هندو عامل ۽ ڀائي بند اوج کي پهتا. هنن جا
نوان پاڙا وڌيا. ڏکڻ طرف هيرآباد وڌيو. قلعي کي
هڪڙي پاسي کان ڊاهي نيون جايون ٺهرايون ويون.
حيدرآباد جو شهر ريلوي ذريعي ڪراچي، سکر، بمبئي ۽
لاهور سان ڳنڍجي ويو.
هن کانپوءِ 1947ع ۾ پاڪستان ٺهيو. هندن عاملن شهر
خالي ڪيو سندن جاءِ اچي مهاجرن والاري.
1947ع کان پوءِ حيدرآباد جي آدمشماري تمام گهڻي
وڌي (شاهه لطيف آباد) حيدرآباد جو نئون ڀاڱون آباد
ٿيو. ڪوٽڙي بئراج، وڏا ڪارخانا قائم ٿيا. سنڌ
يونيورسٽي حيدرآباد ۾ منتقل ٿي. ريڊيو اسٽيشن ٺهي.
ڪمشنري کاتو وجود ۾ آيو.
مددي ڪتاب:
1. تخفةالڪرام. ميرعلي شيرقانع ٺٽوي.
2. مقالات الشُعراء: ميرعلي شيرقانع ٺٽوي.
3. فتح نامه سنڌ عرف چچ نامون.
4. ڪُل سنڌي ادبي ڪانفرنس حيدرآباد سنڌ ”خُطبه
استقباليه 31 مئي- 1 جُون 1958ع. شايع ڪندڙ مجلس
عامله 18 ڪل سنڌي ادبي ڪانفرنس حيدرآباد سنڌ 1958ع
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ).
هن دؤر جو شاعر سماجي طرح سجاڳ آهي. هُو پنهنجي
سماج جي ناانصافين، هيڻن تي ڏاڍن جي ڏهڪار، انسان
سان انسان جي ناانصافي، سرمائيدارن طرفان پورهيت
جي پگهر جي ڪمائي تي ڌاڙو، زميندارن ۽ وڏيرن طرفان
هارين جي پگهر جي ڪمائيءَ تي قبضي کان خبردار آهي.
هُو ڏسي ٿو ته هڪڙا انسان آهن جي بک ۽ بيمارين ۾
ڪنجهندي ۽ ڪڻڪندي، گندن گهرن ۽ گهٽين ۾ پساهه پورا
ٿا ڪري ڇڏن ۽ انهن جي ڀيٽ ۾ ٻيا انسان آهن، جن کي
سڀ ڪنهن قسم جا سک ۽ سهوليتون حاصل آهن. اهو تفرقو
هن دور جي شاعر جي دل کي بيقرار ڪري ٿو ڇڏي،
تنهنڪري هن نه صرف انهن موضوعن تي طبع آزمائي ڪئي
آهي، پر اهو اهڙي سماج جون ديوارون ڊاهڻ جو به
قائل آهي، جنهن ۾ اهڙو انياءُ هجي.
ڊاڪٽر اياز قادري
رسالو مهراڻ 3-4/1982ع تان کنيل |